تاريخ، فلسفو ۽ سياست

پرهه جو پيغمبر (جي ايم سيد جون يادگار تقريرون)

ڪتاب ”پرهه جو پيغمبر“ سنڌ جي قومپرست سياست جي امين، ليکڪ، اديب ۽ عالم سائين جي ايم سيد جي يادگار تقريرن جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب مسيح ڪالاڻي آهي.
سائين جي ايم سيد جون هي 16 تقريرون اڳ ۾ مختلف رسالن، اخبارن توڙي ڪتابن ۾ ٽـڙيل پکڙيل هيون، جن کي سھيڙي ڪتابي شڪل ۾ آڻي ڇپائڻ لاءِ جيڪا محنت ۽ جاکوڙ مسيح ڪالاڻيءَ ڪئي آهي، ان لاءِ کيس داد ئي ڏئي سگهجي ٿو. هي تقريرون 1943ع کان 1995ع تائين سائين جي ايم سيد جي سياسي بصيرت ۽ ڏاهپ جو عڪس پيش ڪن ٿيون ته گڏوگڏ هڪ تاريخي رڪارڊ پڻ آهي. جيڪو ايندڙ نسل لاءِ رهنمائي ۽ معلومات لاءِ دروازا پڻ کوليندو رهندو.
  • 4.5/5.0
  • 5761
  • 2464
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جي ايم سيد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پرهه جو پيغمبر (جي ايم سيد جون يادگار تقريرون)

سنڌو ديش جو قيام

عزيز دوستو!
اوهان سان شام ملهائڻ ياقوتي کائڻ جي برابر آهي. ههڙن موقعن تي ضروري ٿئي ٿو ته ڪجهه ٻڌجي ۽ ڪجهه ٻڌائجي.
مون اوهان کي 4 مارچ 1973ع تي آگاهه ڪيو هو ته سگهو ئي وقت اچڻ وارو آهي، جڏهن ممڪن آهي ته اوهان تي وڏين جوابدارين جو بار پوي. ان لاءِ اوهان کي تيار ٿيڻو آهي. صرف صالح ۽ لائق ماڻهو ان امتحان مان ڪامياب ٿي نڪرن ٿا. جيل ۾ وڃڻ، لٺيون جهلڻ، سولو ڪم آهي، پر جوابداريءَ جو بار سنڀالڻ اولوڪو آهي. ان ڪم جي سر انجاميءَ لاءِ اوهان کي مخلص ڪارڪنن جو گروهه پيدا ڪرڻو پوندو. جي ڪارڪنن سنڌ جي سياسي، سماجي، اقتصادي مسئلن کي پوريءَ طرح سمجهي سگهن ۽ پنهنجي ذهن صاف ڪرڻ بعد هم خيال دوستن جو تعداد وڌائين.
اوهان کي هيٺين مسئلن تي غور ۽ فڪر بعد صحيح نتيجن تي پهچڻو آهي:

1). قومي نظرئي جي مختلف تصورن جي معلومات حاصل ڪرڻ بعد هڪ نظرئي کي قبول ڪرڻو آهي.
آئون غور، فڪر ۽ تجربي بعد هن نتيجي تي پهتو آهيان ته سنڌ جا رهاڪو زبان، ڪلچر، تاريخي روايات، سياسي ۽ اقتصادي مفاد جي بنياد تي جدا قوم آهن ۽ قومن جي حق خوداراديءَ جي آڌار تي سندن سياسي، اقتصادي ۽ ڪلچر آزاديءَ، خوشحالي ۽ ترقيءَ لاءِ پاڻ فيصلا ڪرڻ جا حقدار آهن.
2). سنڌو ديش: برصغير پاڪ ۽ هند ۾ هزارن ورهين کان جدا تاريخي ملڪ رهيو آهي ۽دنيا جي ٻين ملڪن وانگر کيس پنهنجي مستقبل جي فيصلي ڪرڻ جو هرڪو حق آهي.
3. سنڌي زبان: قديم زماني کان سنڌ جي زبان سنڌي رهي آهي. اها پاڪستان ۾ سڀ کان زياده جهوني ۽ شاهوڪار زبان آهي. ان ڪري ان کي ملڪ جي سرڪاري ۽ قومي زبان بنجڻ جو هرڪو حق آهي.
4. ملڪي آئين: آئين سازيءَ جي مسئلي کي سمجهڻ لاءِ پهرين هن ڳالهه جو فيصلو ڪرڻو پوندو ته آئين هڪ قوم جي بنياد تي ٺاهيو وڃي ٿو، يا چئن قومن جي بنياد تي، پهرئين نظرئي مطابق سنڌي اقليت ۾ ٿي، ٻئي اڪثريت واري صوبي جي ڪثرت جا محتاج ٿي پوندا. ٻئي نظرئي مطابق ڪو به آئين سنڌين جي رضامندي کانسواءِ ٺهي نه سگهندو.

(الف) هڪ قومي نظرئي جي آڌار تي اڪثريت وارو صوبو (پنجاب) سندس تعداد، پئسي، ملٽري ۽ سول سروس جي آڌار تي سنڌ تي حاوي رهندو، جنهن ڪري سنڌ جي پئسي، وسيلي، سنڌ تي حڪومت ڪندو.
(ب) ان نظرئي جي آڌار تي سنڌ جي پيدائش، زمين، ڪارخانن ۽ نوڪرين تي ٻين صوبن جي رهاڪن جو استحصال رهي سگهندو.
(ت) هڪ قومي نظرئي جي آڌار تي نظرئي پاڪستان، اسلامي آئين، مضبوط مرڪز جي چنبي مان سنڌي نڪري نه سگهندا.
(ث) ان نظرئي جي آڌار تي ٻين صوبن جا رهاڪو هن صوبي مان پيسا ڪمائي، ٻاهر کڻي، صوبي جي معيشت کي نقصان پهچائي سگهندا.
(ج) ان نظرئي جي آڌار تي ٻاهرين مٽا سٽا، واپار، بئنڪن، ريلوي، پوليس، ٽيليگراف، ريڊئي، ٽيليويزن، کاڻين ۽ اقتصادي ادارن تي مرڪزي حڪومت جو قبضو رهندو.
(ح) ان نظرئي جي آڌار تي دفاع، پرڏيهي معاملن ۽ ڪرنسي کانسواءِ ٻين کاتن تي به مرڪز کي اختيار هوندو.
(خ) ان نظرئي جي آڌار تي مرڪزي اسيمبليءَ ۾ سنڌين کي ساري پاڪستان جي آباديءَ جي لحاظ کان نمائندگي ملندي.
(د) ان نظرئي جي آڌار تي مرڪزي حڪومت جي نوڪرين ۾ سنڌين کي هن وقت وانگر صرف هڪ سيڪڙو نوڪريون ملنديون.
(ذ) ان نظرئي جي آڌار تي سول سروس مرڪزي حڪومت جي هٿ هيٺ رهڻ ڪري صوبائي خودمختياري بيڪار بڻجي ويندي.
(ر) ان نظرئي جي آڌار تي ملڪ جي قوم زبان، غير ملڪي اردو زبان ٿيندي.
(ز) ان نظرئي جي آڌار تي ملڪ ۾ مذهب ۽ سياست گڏيل رهندا.
(س) ان نظرئي جي آڌار تي ڀر وارن ملڪن سان مخاصمت جي پاليسي جاري رهندي.
(ش) ان نظرئي جي آڌار تي ٻين صوبن جي ماڻهن کي سنڌ ۾ ڪالونائيز ڪرڻ جي ڇوٽ رهندي.
(ص) ان نظرئي جي آڌار تي سوشلزم پوريءَ طرح رائج ٿي نه سگهندي.

[b] (5) سنڌي ڪلچر:
[/b]سنڌ کي گذريل چئن هزار ورهين جي تاريخ آهي. جنهن جي بنياد تي هن پنهنجو قومي ڪردار ۽ ڪلچر ٺاهيو آهي. اهي سندن قومي ورثا آهن. انهن کي وساري، نون آيل ماڻهن جي ڪلچر ۾ مٽائجڻ سنڌين لاءِ پاڻ وسارڻ جي برابر ٿيندو.

[b]سامراجي مفاد جو استحصال:
[/b]سنڌين کي ان ڳالهه بابت ذهن صاف ڪرڻا آهن ته اهي ڪهڙا مستقل مفاد آهن، جي سندن استحصال ڪن ٿا. ٿوري غور بعد پتو پوندو ته مهاجر پنجابي مستقل مفاد سندن سياسي آزادي سلب ڪيو ويٺا آهن، سندن اقتصادي ذريعن تي قابض آهن، سندن ڪلچر تي غلبو ڪري ويا آهن. ان جي سدباب لاءِ ويچار ڪرڻو اٿن.

[b]قومپرستي ڇا کي چئجي ٿو؟
[/b]مٿي چئي آيو آهيان ته اسان سنڌين جي جداگانه قوم کي مڃون ٿا. پر ڏسڻو آهي ته سنڌي قومپرستيءَ جي بنيادي متا ڪهڙا آهن؟ منهنجي نظر ۾ اهي هيٺيا ٿي سگهن ٿا:

(الف) سنڌ جي جدا ملڪ ۾ ويساهه رکڻ.
(ب) پاڪستان هڪ ملڪ نه آهي، بلڪه چئن جدا ملڪن جو مجموعو آهي، ان ۾ اعتماد رکڻ.
(ت) سنڌي وطن، زبان،ڪلچر، تاريخي روايات، سياسي ۽ اقتصادي مفاد جي بنياد تي جدا قوم آهن.
(ث) سنڌي جدا قوم جي حيثيت ۾ پنهنجي مستقبل بابت فيصلي ڪرڻ جو حق رکن ٿا.
(ج) سنڌي قومپرستيءَ جي راه ۾ رڪاوٽون، نظريه پاڪستان اسلامي نظام حڪومت، مضبوط مرڪز ۽ پاڪستان جا مجموعي مفاد آهن.

[b](8) سيڪيولر نظام حڪومت:
[/b]ساري دنيا ۾ حڪومتي نظام سيڪيولر بنيادن تي ٻڌل آهي، پر هتي پاڪستان ۾ هڪ سامراجي مستقل مفاد عوام جو توجهه ملڪ جي حقيقي مسئلن کان هٽائڻ لاءِ اسلامي نظام حڪومت جو راڳ اچاري رهيا آهن. ان جو مقصد عقل جي عيوض مذهب جي نالي ۾ ملا جي اٿارٽيءَ هيٺ حڪومت هلائڻ آهي. جي ملا گهڻي قدر سرمائيدار ۽ حاڪم جا ايجنٽ ٿي ڪم ڪن ٿا.

[b](9) صحيح جمهوريت ڇا آهي؟
[/b]صحيح جمهوريت ۾ هيٺين ڳالهين جو هئڻ ضروري آهي.
(الف) ان ۾ هڪ قوم جو ٻيءَ قوم تي سندس اڪثريت، قابليت، تشدد، پئسي ۽ هنر جي آڌار تي تسلط قائم نه رهندو.
(ب) جنهن ۾ هڪ گروهه يا طبقو ٻئي گروهه يا طبقي جو اقتصادي استحصال ڪري نه سگهي ۽ ملڪ جي جملي ماڻهن کي هڪ جهڙا حق ۽ موقعا حاصل هجن.
(ت) جنهن ۾ شاهوڪار، ڪارخانيدار، ملا ۽ پير کي سياست ملڪ ۾ دست اندازي ڪرڻ تي بندش هجي.

[b](10) سوشلزم ڇا آهي؟
[/b]ان جو مقصد ملڪ جي جملي پيداواري ذريعن، ورهاست ۽ پئسي تي عوامي حڪومت جو تسلط هئڻ آهي. جا ان تسلط کي ماڻهن جي مجموعي مفاد لاءِ ڪتب آڻيندي. ان ۾ شخصي ۽ طبقاتي استحصال جا رستا بند ڪيل هوندا آهن. ان جو بنياد زماني جي حقيقتن ۽ عقل جي آڌار تي ٿئي ٿو. مذهبن ۾ شخصي ۽ طبقاتي مفاد کي بچاءُ ڏنل آهي. جنهنڪري سوشلسٽ معاشري جي حصول ۾ رڪاوٽ پوي ٿي. اسلامي سوشلزم ٿيندو ئي نه آهي.
(11) اسلامي آئين ۽ اسلامي نظام حڪومت:
ملڪ جو آئين معاشري جي حالتن جي آڌار تي هلايو وڃي ٿو. تنهنڪري اسلامي آئين يا اسلامي نظام حڪومت ٿيندا ئي ڪو نه آهن. جيڪي ماڻهو اهڙي گفتگو ڪن ٿا، سي يا ته ڌوڪيباز آهن يا ته بيوقوف آهن.
(12) سنڌو ديش جي معنيٰ ڇا آهي؟
سنڌو ديش جي معنيٰ سنڌو طاس جي موجوده سنڌ ملڪ واري ايراضي آهي. ان ملڪ هزارن ورهين کان پنهنجي علحده حيثيت قائم رکي آهي. سنڌ ۽ سنڌو ديش ۾ تفاوت هي آهي ته سنڌ ۾ ساري انڊس ويليءَ وارو ملڪ اچي وڃي ٿو، پر سنڌو ديش ۾ صرف موجوده سنڌ جي ايراضي آهي. جيئن بينگال جي معنيٰ اڀرندو ۽ الهندو بنگال آهي ۽ بنگلاديش جي معنيٰ صرف اڀرندي بنگال وارو آزاد ملڪ آهي. سنڌو ديش نالي وٺڻ مان اسان جو مقصد ان خطه زمين جي سياسي آزادي، اقتصادي خوشحالي ۽ ڪلچرل ترقي ٿئي ٿو، جا هن وقت صوبي سنڌ تي مشتمل آهي.
(13). سنڌي قوم جي تڪميل:
اها حقيقت آهي ته سنڌ جا رهواسي علحده قوم سڏائڻ جا حقدار آهن. پر ان ڳالهه کان به انڪار ڪري نٿو سگهجي، ته هڪ فعال، باغيرت ۽ يڪجهت قوم بنجڻ لاءِ جنهن قومي عصيبت جي ضرورت ٿئي ٿي، سا اڃا سنڌ جا رهاڪو پوريءَ طرح پيدا ڪري نه سگهيا آهن. ان جي راهه ۾ رڪاوٽون آهن، تن جي دور ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻي پوندي. مثلاً پير، وڏيرو ۽ غلام صفت مڊل ڪلاس جي اڪثريت ان ۾ رڪاوٽون آهن.
(14). پاڪستان ۽ سنڌ:
سنڌ پاڪستان کانسواءِ رهي سگهي ٿي، پر پاڪستان جو سنڌ کان سواءِ قائم رهڻ مشڪل آهي. پاڪستان جي قيام جو مدار حڪمران طبقي جي سنڌ سان برتاءُ تي آهي. جيڪڏهن سندن موجوده ذهنيت ۾ تبديلي آڻي، سنڌ ۽ سنڌين جي قومي وجود کي تسليم نه ڪيو ۽ سنڌين کي سندن واجبي حق نه ڏنا، ته دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان کي قائم رکي نه سگهندي.
(15). پاڪستان جون موجوده سياسي پارٽيون:
پاڪستان ۾ موجوده سياسي پارٽيون سواءِ “جيئي سنڌ” ۽ “خدائي خدمتگار” جي سڀ آل پاڪستان جماعتون آهن. اهي بنيادي طرح نظرئي پاڪستان جي آڌار تي ٺهيل آهن. جنهن ۾ سنڌ ۽ ٻين صوبن جي جداگانه حيثيت جو انڪار ڪيل آهي. انهن ۾ سنڌي قومپرست جو داخل ٿيڻ، سنڌ جي موت جي وارنٽ تي صحيح ڪرڻ جي برابر آهي.
(16). حڪومتن جي پاليسي:
سنڌين کي هر حڪومت جي پاليسي رکڻ لاءِ ڪي ڪسوٽيون مقرر ڪري، ان مطابق فيصلو ڪرڻو پوندو. منهنجي نظر ۾ هيٺيون ڳالهيون آهن، جن جي آڌار تي اوهان حڪومتن جي پاليسيءَ بابت راءِ ظاهر ڪري سگهو ٿا:
نظرئي پاڪستان ۾ اعتماد رکندڙ حڪومت، سنڌين کي ڪڏهين به فائدو پهچائي نه سگهندي.
مضبوط مرڪز ۾ اعتماد رکندڙ حڪومت سنڌ جي دشمن ٿيندي.
اسلامي آئين يا اسلامي نظام حڪومت ۾ مڃيندڙ سرڪار سنڌ لاءِ هاڃيڪار ٿيندي.
اصولن تي هلڻ جي بجاءِ اقتدار جي قيام کي ترجيح ڏيندڙ حاڪم سنڌ جا خيرخواه ٿي نٿا سگهن.
سنڌين جي جدا گانه قوم ۽ سنڌو ديش جي آزاديءَ جي اصولن کان انڪار ڪندڙ حڪومت، سنڌ دشمن شمار ڪري سگهجي ٿي.

(17). سنڌين لاءِ مفيد خارجا پاليسي:
ٻاهرين ملڪن مان آمريڪا اسرائيل تان بار جهڪو ڪرائڻ خاطر پاڪستان کي ڀارت سان ويڙهائڻ گهري ٿي. آمريڪا هٿيارن جي نيڪال لاءِ جنگجويانه پاليسيءَ جي حامي آهي. آمريڪا روس جي دشمنيءَ خاطر پاڪستان جي مهاجر پنجابي مستقل مفاد تسلط قائم رکڻ جي حامي آهي. چين، ڀارت جي طاقت کي ايشيا ۾ ڪمزور ڪرڻ لاءِ، ڀارت دشمني اختيار ڪئي آهي. انهيءَ ڪري پاڪستان جي معاملي ۾ هو آمريڪا جي پوئلڳيءَ ۾ هلي ٿو. تنهنڪري سنڌين لاءِ ڪنهن به حڪومت جي آمريڪا ۽ چين سان دوستي، سنڌي حقوق لاءِ نقصانڪار ٿيندي. ڀارت، روس، افغانستان، ايران ۽ عرب ملڪن سان دوستي سنڌي مفاد وٽان آهي.
(18). پئن اسلامزم:
هيءُ نظريو فرسودو ۽ بيڪار بنجي چڪو آهي. آئيندي مختلف ملڪن سان تعلقات سيڪيولر بنيادن تي پيدا ڪرڻ گهرجن. انهيءَ نظرئي ۾ اعتماد رکڻ سان اڻ سڌيءَ طرح سنڌين کي مهاجر پنجابي مستقل مفاد سامراج ۽ انهن جي مددگار آمريڪا ۽ چين سامراجين جي سازشن ۾ ڦاسائڻ جي برابر ٿيندو.
(19). سياسي اخلاق:
سياست ۾ جهڙيءَ طرح اصول مقرر ڪرڻ ضروري آهن، اهڙيءَ طرح انهن اصولن تي عمل ڪرڻ به لازمي آهي. جي ماڻهو شخصي اخلاق برقرار رکي نٿا سگهن، انهن کان اصولي يا سياسي اميد رکڻ، ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي. ابن الوقتي ۽ ڦرڻي گهرڻي پاليسي عارضي طور ڪن شخصن کي وقتي فائدو ڏئي سگهي ٿي. ليڪن اهڙي پاليسي قومن ۽ ملڪن جي دير يا مفاد لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندي.

(20). ذهني قابليت ۽ صلاحيت:
ڪي به افراد، گروهه يا قومون حڪومت هلائڻ جون اهل ٿي نه سگهنديون، جيڪڏهن انهن ۾ ذهني صلاحيت پيدا نه ٿي آهي. انهيءَ کانسواءِ حاصل ڪيل اقتدار پآڻيءَ جي ڦوٽي جي مثل آهي، جو هوا جي جهوٽي سان ختم ٿي سگهي ٿو. تنهنڪري جيڪڏهن اوهان پنهنجي ملڪ جا وارث ٿيڻ گهرو ٿا، ته سياسي اخلاقي ۽ ذهني صلاحيت جا حامل ٿيو.

(21). سياستدانن جا قسم:
هڪڙا پرئڪٽيڪل پاليٽيشن آهن، جي سياست عمليءَ ۾ اعتماد رکندي، عارضي ڪاميابي يا اقتدار جي حصول لاءِ اصولن کي قربان ڪن ٿا. ٻيا آئڊيلسٽ سياستدان آهن، جي ملڪ ۽ قوم جي مجموعي مفاد لاءِ ڪي اصول مقرر ڪري، ان مطابق هلن ٿا ۽ بين کي ان تي هلڻ جي ترغيب ڏين ٿا. انهن وٽ عارضي ڪاميابي يا اصولن کي قربان ڪرڻ بعد اقتدار جو قيام بي معنيٰ شيون آهن.
اهي ۽ ٻيا اهڙا سوال آهن، جن بابت اوهان کي ذهن صاف ڪرڻا پوندا. بجاءِ ان جي جو اوهان ٻاهر نڪري حڪومت جي پاليسيءَ يا ڪن پارٽين جي فائدي يا مخالفت لاءِ ڪم ڪريو. بهتر ايئن آهي ته شاگرد برادريءَ جي ذهنن صاف ڪرڻ واسطي، سندن تعليم ۽ ترغيب لاءِ وقت صرف ڪيو. اوهان کي دعوت ڏجي ٿي ته 12 شاگردن جا گروپ هفتي کن لاءِ موڪل وٺي، ملڪي مسئلن، سياسي نظرين ۽ اخلاقي ڳالهين جي وچ ۾ تميز حاصل ڪرڻ لاءِ مون وٽ سن ۾ اچي، ڪچهري ڪري، تربيت حاصل ڪن.

(هي تقرير سائين جي ايم سيد 31 مارچ 1973ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو ۾ ڪئي)