تاريخ، فلسفو ۽ سياست

پرهه جو پيغمبر (جي ايم سيد جون يادگار تقريرون)

ڪتاب ”پرهه جو پيغمبر“ سنڌ جي قومپرست سياست جي امين، ليکڪ، اديب ۽ عالم سائين جي ايم سيد جي يادگار تقريرن جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب مسيح ڪالاڻي آهي.
سائين جي ايم سيد جون هي 16 تقريرون اڳ ۾ مختلف رسالن، اخبارن توڙي ڪتابن ۾ ٽـڙيل پکڙيل هيون، جن کي سھيڙي ڪتابي شڪل ۾ آڻي ڇپائڻ لاءِ جيڪا محنت ۽ جاکوڙ مسيح ڪالاڻيءَ ڪئي آهي، ان لاءِ کيس داد ئي ڏئي سگهجي ٿو. هي تقريرون 1943ع کان 1995ع تائين سائين جي ايم سيد جي سياسي بصيرت ۽ ڏاهپ جو عڪس پيش ڪن ٿيون ته گڏوگڏ هڪ تاريخي رڪارڊ پڻ آهي. جيڪو ايندڙ نسل لاءِ رهنمائي ۽ معلومات لاءِ دروازا پڻ کوليندو رهندو.
  • 4.5/5.0
  • 5761
  • 2464
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جي ايم سيد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پرهه جو پيغمبر (جي ايم سيد جون يادگار تقريرون)

آزاد پاڪستان ۾ آزاد سنڌ

آءٌ سنڌ جي عوام طرفان اوهان سڀني آيلن جو شڪريو ادا ٿو ڪريان، جي هن قديم مهراڻ جي ماٿري ۾ پاڪستان جي سياست تي غور فڪر ڪرڻ ۽ نئين ترقي پسند جماعت ٺاهڻ لاءِ اچي ڪٺا ٿيا آهيو. هيءَ سر زمين سنڌ ۽ ان جو مکيه شهر ڪراچي پاڪستان جي نوزائيده رياست ۾ مکيه جڳهه والاري ٿو.
هيءَ ئي اها جاءِ آهي جتي پاڪستان ۾ رهندڙ مختلف قسم جي ماڻهن جي قسمت جا فيصلا ٿيڻا آهن. انهيءَ ئي جاءِ تان عوام جو آواز پوري زور سان ظاهر ٿيڻ گهرجي. جيئن نئين آئين ٺاهڻ وقت سندن موجوده حالت ۾ مستقبل ۾ ايندڙ نسلن لاءِ انصاف ۽ جمهوري مساوات جو خيال رکيو وڃي.
دوستو! سنڌين جون بي نظير تاريخي روايتون رهيون آهن. تنهنڪري اها سندن فطري خواهش هئڻ گهرجي ته هو سندن مستقل جي روشن ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪن. خصوصاً ان حالت ۾ جڏهين ان بابت کين خطري جا آثار نظر اچي رهيا هجن.
سنڌ قديم سڀيتا جو مرڪز رهي آهي، موهن جو دڙو ان جو ثبوت آهي. ڪيئي نسل، ڪيئي عقيدا هتي مليا جليا، ڪيئي لاها چاڙها ڏٺائين ليڪن باوجود ان جي هزارها سالن کان هن جي علحده ۽ جداگانه هستي قائم پئي رهي آهي. دراوڙن، آرين، سامي نسل وارن ۽ منگولن جي ملاوت جا نشان آسانيءَ سان هتي لڀي سگهندا، ليڪن انهيءَ کان وڌيڪ هتي جدا جدا مذهبن ۽ فلاسافين جي ميلاپ جا آثار ملي سگهندا.
ٻڌ ڌرم جيتوڻيڪ هندستان جي وچ ۾ جنم ورتو ليڪن وڌيو ويجهيو هتي. ”تعليم نروان“ جا اثر اڃا باقي هئا ته اسلام هتي پير پاتو. اسلام صرف ان ۾ ”اثبات“ جو اضافو ڪيو. ويدانيت ۽ وحدانيت هن ئي زمين تي هڪ ٻئي سان روشناس ٿيون. جيڪڏهين هندو يوگين وحدانيت جي اثر هيٺ بت پرستيءَ کان ڪناره ڪشي ڪئي ته مسلمان درويشن سنياس ۽ راڳ کي تصوف جو جذبو بنايو. هندو مسلم ڪلچر هتي مليا. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شعر مان جو شاهه ولي الله دهلويءَ جو همعصر ۽ سندس شاگرد محمد معين ٺٽويءَ جو دوست هو. ان جو ثبوت ملي سگهي ٿو. اهڙي اتحاد جو مقابلو هندستان جو ٻيو ڪو به حصو نه ڪري سگهندو. هي سڀ سنڌين جو ماضي رهيو آهي، جنهن کي بد قسمتيءَ سان گڏيل چند مهينن کان مخصوص خطرا سامهون ٿي رهيا آهن. ساري بر صغير هندستان ۾ نهايت افسوسناڪ فرقيوار فساد واقع ٿيا ۽ سنڌ به انهن واقعن کان محفوظ نه رهي آهي.
پر دنيا ڄاڻي ٿي ته هتي به سنڌي سپوتن سندن امن پسنديءَ ۽ فراخدليءَ جو ثبوت اهڙي تاريڪ دور ۾ به ڏيکاريو، جيڪڏهن انهيءَ بدامنيءَ جي دور ۾ اسان جا هندو ڀائر مجبور ٿي ملڪ ڇڏي ويا، ته انهن غير اسلامي ۽ بي انصافيءَ جي ڪارنامن لاءِ سنڌي مسلمان جوابدار ڪو نه هئا. بلڪ انهن سنڌي قوميت ۽ ان جي گڏيل ڪلچر جو اظهار ڪندي، سندن هر طرح مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
سنڌي تاريخ جي گهڻن ئي دورن مان لنگهندي، ڪيترن ماڻهن جي تصادم جو ميدان رهي آهي. ايران، يونان، عرب، افغانستان ۽ دهليءَ جي مغل شهنشاهيتن هن ملڪ تي تسلط ڄمائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪي وقت اهڙا به آيا، جو ظاهري طرح سندن بخت جو ستارو هميشه جي لاءِ لٿل ڏسڻ ۾ پئي معلوم ٿيو، پر تاريخ شاهد آهي ته انهن سارين مشڪلاتن مان پار پئي، سنڌ هميشه پاڻ جهليندي رهي. سنڌي بهترين پاڙيسري ٿي رهڻ جا ڪوڏيا آهن، پر ڌارين جو بي انصافانا ۽ آمرانه تسلط گهڻي وقت تائين برداشت ڪري نه سگهيا آهن.
ٻاهرين کان بهترين ڳالهين حاصل ڪرڻ کان ڪڏهن عار نه ڪيو اٿن. پر پنهنجو علحده وجود ۽ هستي ختم ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به تيار نه هئا. قومي جذبو ۽ آزاديءَ جي خواهش اسان جي روايت جو مکيه جزو پئي رهيا آهن.
دوستو! معاف ڪندا جو اوهان جو وقت سنڌين جي هن مختصر احوال ڏيڻ لاءِ ورتو اٿم. پر آءٌ سمجهان ٿو ته پاڪستان جي تعمير ۽ مضبوطيءَ جي سوالن تي غور ڪرڻ لاءِ سندس مختلف رياستن جي باشندن جي احوال کان واقف ٿيڻ نهايت ضروري امرآهي. اهڙين ڳالهين کي صوبائي تنگ نظري يا انتشار پسنديءَ سان تعبير ڪرڻ نهايت غلط ٿيندو. قوميتن جي قديم ورثن ۽ آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ڪوششن کان انڪار ڪرڻ تاريخي حقيقتن جو انڪار ٿيندو. جڏهين پاڪستان جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ ايماندارانه ۽ جمهوري طريقي سان حاصل ڪرڻ جو ارادو اٿئون، ته هن طرح مختلف قوميتن جي وطن پرستيءَ کي انهيءَ لاءِ مانع نه سمجهڻ کپي بلڪ باهمي عزت ۽ مساوات جي جذبي مان جدا صوبائي قوميتن کي هڪ گڏيل ملڪ ۾ هڪ ٻئي جي فائدي لاءِ ملائي مضبوط بنائي سگهون ٿا.
ساري ارتقائي دور ۾ عالمگير برادري، وحدت خيال ۽ عمل انسان جو منزل مقصود رهيو آهي. سڀئي مذهبي، سياسي، اقتصادي جدوجهد انهيءَ مقصد جي حصول جا ذريعا پئي رهيا آهن. تاريخ جا ورق انهيءَ ڪوشش جي واقعن سان ڀريل نظر ايندا.
ماڻهو بنياد ۾ ننڍن ڪٽنبن ۾ ورهايل هئا. ڪٽنب گڏجي قبيلا بنيا جي آهستي آهستي ٿي، قومن جي صورت اختيار ڪرڻ لڳا انهيءَ سندن اتحاد لاءِ جاءِ رهائش، ڪلچر، زبان ۽ اقتصادي مفاد بنيادي جزا بنيا. انهيءَ ئي نقطه نگاهه کان يورپ جا رهاڪو ڪئٿولڪ ۽ پروٽيسٽنٽ فرقن جي خيال کي قطع نظر ڪري، قومن ۾ ورهائجي ويا.
13 سؤ سال اڳ سر زمين عرب مان هڪ آواز نڪتو هو جنهن انسان ذات جي جدا قومن کي بنا تميز، رنگ، نسل ، ملڪ ۽ زبان جي هڪ عالمگير برادريءَ ۾ ڪٺي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿوري وقت گذرڻ بعد خود انهيءَ پيغام ۾ ويساهه رکندڙ مسلمان به وري مٿين قسمن جي قومي گروهن ۾ ورهائجي ويا. اسلام جو آواز صرف بطور آئيڊيل جي رهجي ويو. ملڪ ۽ ماڻهن جي ضرورتن ۽ حقيقتن انهيءَ خواب جو تعبير ٿيڻ نه ڏنو. جيڪڏهن اسلام ڪن بنيادي اصولن جو حامل آهي ته اهي انسان ذات جي عالمگير برادريءَ ۽ وحدت خيال ۽ عمل جا آهن.
ليڪن عالمگير برادري انساني سوسائٽي جي مختلف قوميتن ۽ پنگتي انصاف ۽ سياسي مساوات رائج ٿيڻ کان اڳ ٺهڻ نهايت مشڪل سوار آهي.
اسلام سياست ۽ اقتصاديات کي مذهب کان جدا ڪرڻ نٿو گهري بلڪ هو ماڻهن مان مصنوعي اوچ نيچ جا فرق مٽائڻ، ظلم ۽ ڏاڍائي کي ختم ڪرڻ جو پيغام ڏئي ٿو. ان آزادي، مساوات ۽ اخوت جو سبق سيکاريو. ان جو جهاد انسان ذات جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ نئين سوسائٽي بنائڻ جو هو.
اسلام دين فطرت آهي جو ماڻهن جي وچان مصنوعي ويڇا ۽ نفرت دور ڪري کين محبت جي ڏوريءَ ۾ پوئڻ جو مقصد سامهون رکي ٿو. ان ڪري مخصوص گروهن يا مذهبن جي هڪ هٽي نه آهي سچي مسلمان بنجڻ لاءِ انسان کي ارتقائي دورن مان لنگهي وحدت خيال ۽ عمل ڏي پهچڻو آهي. اها نعمت صرف نالي جي مسلمان گهر ۾ جنم وٺڻ يا ظاهري مذهبي رسمن جي ادا ڪرڻ سان حاصل ٿي نٿي سگهي. صحيح زندگي گذارڻ ئي حقيقي مسلمان ٿيڻ جي نشاني آهي. شرابين، زانين، ظالمن، ڦورن، راشين، نفرت جي پوئلڳن ۽ ڊڪٽيٽرن جي ٽولي کي جن جي ساري زندگي اسلامي تعليمات جي خلاف هڪ کليل بغاوت آهي. اسلامي قوم جي نالي سان سڏڻ ڪيتري قدر صحيح ٿيندو. اهو هر ذي عقل سمجهي سگهي ٿو.
اهو نهايت آسان امر آهي ته پاڻ کي مسلمان سڏائجي. پر ان اوچي درجي جي پد تي پهچڻ لاءِ وڏي محنت ۽ ڪشالي جي ضرورت آهي.
مسلمان درويش ۽ فيلسوف خود اها حقيقت محسوس ڪري چئي ويا آهن ته ”اي خدا، اسان کي مسلمان ڪري مارج.“ جيڪڏهن اخلاق ۽ علمي اوج تي رسڻ جي باوجود هنن انهيءَ مسلماني معراج تي پهچڻ جي هام نه هنئي، ته پوءِ اهو ڪيتري قدر صحيح ٿيندو ته ڪن بد ترين ماڻهن جو گروهه غريب عوام کي ڌوڪو ڏيئي، پنهنجي طبقاتي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ انهن کي ۽ پاڻ کي گڏيل قوم سڏائي.
حقيقت ۾ هي پارسي مقولو انهيءَ ڳالهه تي پوري روشني ٿو وجهي ته
”مسلمانان در گور، مسلماني در ڪتاب“
مسلمانن جي انهيءَ تنزل لاءِ ڪي تاريخي اسباب هوندا، پر مکيه سبب هندستان جي مسلمانن لاءِ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي زبان ۾ پيش ڪريان ٿو:
”هندستاني مسلمان جي ذهن ۾ سندس شخصيت بنسبت هڪ وهمي تصور ويٺل آهي، جنهن جو عملي دنيا ۾ وجود ئي ڪو نه آهي. اسان ڪنهن زماني کان هڪ اهڙي اسلامي جماعت جو نالو وٺي رهيا آهيون، جنهن بابت نه اسان جي ذهنن ۾ ڪو صحيح نقشو آهي ۽ نه اها دنيا ۾ ڪٿي وجود ۾ آهي. اسان پاڻ کي هڪ اهڙي خيالي دنيا ۾ محدود ڪري ڇڏيو آهي، جو نه رڳو اسان ٻين اسلامي ملڪن جي تاريخ سندن ترقي ۽ آزاديءَ لاءِ جدوجهد کان غير واقف رهجي ويا آهيون. پر خود پنهنجي ملڪ ۾ به اسان اڳيان ڪو مقرر ٿيل جهڙا مسلم ملڪ پاڻ کي جدا قومن جي صورت ۾ ، زبان، وطن، ڪلچر جي بنيادن تي شمار ڪن ٿا. جيڪڏهن ڪڏهن به هو هڪ ٿيڻ قبوليندا ته ان لاءِ بنيادي اصول سياسي برابري ۽ حق خودارادي ۾ وفاقي صورت جا هوندا. انهيءَ ڳالهه کي اهو اسلامي تعليمات خلاف نٿا سمجهن. اسلام جيتوڻيڪ عالمگير برادريءَ جو سبق ڏئي ٿو. ليڪن هو قومن جي وجود کان انڪار نٿو ڪري.
قوم گڏيل ماحول، زبان، مالي گهرجن جي بنياد تي ماڻهن جي ارتقائي منزل جو فطري درجو آهي.
اسلام البت قومن جي وچ ۾ انسانذات ۾ تفرقي ۽ نفاق پيدا ڪرڻ جي ڳالهين کان منع ڪري ٿو. اهو ايئن نٿو گهري ته قومي، نسلي، ڏاڍائي ڪري وڏيون ۽ ترقي يافته قومون ننڍين ۽ پٺتي پيل قومن جا حق غضب ڪن.
نئين پاڪستان رياست ۾ سنڌي، پٺاڻ، بلوچ، پنجابي ۽ بنگالي مٿي ذڪر ڪيل بنياد تي جداگانه قوميتون آهن، جي پنهنجي حقن جي حفاظت ڪندي، پاڪستان جي تعمير ۽ مضبوطيءَ لاءِ حصو وٺي سگهن ٿيون.
ليڪن اهڙي سهڪار لاءِ کين سندن ڪلچر ۽ اقتصادي ترقيءَ لاءِ اندروني آزاديءَ جو يقين ڏيارڻ ضروري آهي. ڪا به مرڪزي حڪومت ملڪ کي مضبوط ڪري ترقي وٺائي نه سگهندي، جنهن جا وفاقي حصا سدائين مرڪزي حڪومت تي قابض ٽولي جي دست درازين کان نالان ۽ ان جي ظلم کان بچڻ لاءِ ڪشمڪش ۾ مشغول هوندا.
انهن حقيقتن کي سامهون رکندي عوامي جماعت جو انهن بنيادي اصولن تي وجود ۾ اچڻ پاڪستان لاءِ نيڪ فال آهي. انهن اصولن کي تسليم ڪرڻ بعد ملڪ جا اندروني خطرا، جي ننڍن پٺتي پيل صوبن کي وڏن ترقي يافته صوبن کان، يا غريبن کي شاهوڪارن کان رهن ٿا، سي نه رهندا ۽ هرڪو صوبو يا طبقو اطمينان سان ملڪ جي ڀلائيءَ لاءِ باهمي سمجهوتي سان ڪوشش ڪندو رهندو.
صوبن کي اندروني آزادي ڏيڻ لاءِ مسلم ليگ جي هيٺين پاس ڪيل ٺهراءَ (23 مارچ 1940ع) تي، جو پوءِ ”پاڪستان ٺهراءَ“ جي نالي سان مشهور ٿيو. عمل ڪرڻ لازمي آهي:
”(ٺهراءَ جو حصو ٽيون) ٺهراءُ ٿو ڪجي ته هن آل انڊيا، مسلم ليگ جو غور شده رايو آهي ته هن ملڪ ۾ ڪو به آئيني مسودو لائق عمل ٿي نه سگهندو يا مسلمانن کي قابل قبول نه ٿيندو، جيستائين اهو هيٺين بنيادي اصولن تي نه ٺاهيو ويو آهي، جيئن جاگرافيائي طور هڪٻئي سان گڏيل خطا اهڙيءَ طرح ملائي، ضروري ڦيرين گهيرين سان ٺاهيا وڃن جو مسلمان اڪثريت وارن حصن جهڙي طرح اتر مغربي هندستان کي جدا آزاد ۽ خود مختيار رياستن ۾ آندو وڃي.“
اها هڪ وڏي تاريخي ڌوڪيبازي ٿيندي، جيڪڏهن مسلم ليگ طاقت ۾ اچڻ بعد پنهنجا واعدا ۽ ٺهراءَ وساري ڇڏي، جن جي آڌار تي مختلف صوبن جي رهاڪن پاڪستان حاصل ڪرڻ لاءِ رضامندي ڏيکاري، مدد ڏني هئي.
پاڪستان جي سڀني صوبن مان سنڌ کي ٻاهران آيل ڦورو ٽولن ۽ وڏن ماڻهن جي چراگاهه طور ڪتب آڻڻ ۽ ان جي سياست اقتصاديات ۽ ذهني ورثن تي تسلط ڄمائڻ وڏي افسوس جي ڳالهه آهي جنهن کي هتي جا رهاڪو خوشيءَ سان برداشت ڪري نه سگهندا.
ٻاهران ستائجي آيل غريب مهاجرن جي مدد لاءِ سنڌ جا رهاڪو پنهنجي قديم روايات مهمان نوازيءَ ۽ سخاوت موجب هٿ ڊگهيرڻ ۾ ڪڏهن به ڪوتاهي نه ڪندا. انهن ٻاهران آيل ماڻهن جو فرض آهي ته هو ماضيءَ کي وساري، سنڌي قوم جو جزو ٿي سنڌي ڪلچر ۽ زبان اختيار ڪن ۽ سنڌ جا مفاد پنهنجا مفاد ڪري سمجهن. کين فاتح يا چونڊيل قوم قبول ڪرڻ لاءِ سنڌي ڪڏهن به تيار نه ٿيندا. جڏهن سنڌي مسلمان پاڪستان حاصل ڪرڻ لاءِ 1938ع کان ڪوشش شروع ڪئي، جا هنن لاهور واري ٺهراءَ کان گهڻو اڳي شروع ڪئي هئي ته ان مان سندن مراد انگريزي سامراج ۽ هندو طبقاتي مفاد کان سنڌي عوام جي آزادي ۽ خوشحالي حاصل ڪرڻ هئي ۽ نه ٻيءَ غلاميءَ ۾ ڦاسڻ جي هئي.
1945ع کان وٺي آءٌ ۽ اسان جي خيال جا سنڌي، انهيءَ خطري کان ڊڄندا رهياسين ته متان هندو طبقاتي مفاد جي چنبي کان نڪري مسلم طبقاتي مفاد جي تسلط هيٺ نه اچي وڃون. اسان هن ڳالهه جو کليل اظهار پي ڪيو ته اسان آزاد پاڪستان ۾ آزاد سنڌ ڏسڻ گهرون ٿا. انهيءَ راءِ جي اظهار ڪرڻ سان اسان سنڌي عوام جي ترجماني ڪري رهيا هئاسون خود سنڌ جي ڪٽر مسلم ليگين اهو سودو ڪرڻ نٿي گهريو ته هڪڙي جي غلاميءَ مان نڪري ٻين جي غلاميءَ ۾ گرفتار ٿين.
اها ڳالهه تسلي بخش ٿي نه ٿي سگهي ته هندن جي طبقاتي غلاميءَ مان نڪري مسلمان طبقن جي غلاميءَ هيٺ اچجي غلامي نيٺ غلامي آهي، پوءَ اها ڪنهن جي به هجي جيستائين اها قائم آهي تيستائين اهو هر هڪ قوم جي جنم جو حق ٿئي ٿو ته انهيءَ بند کان آزاد ٿيڻ لاءِ ڪوشش ڪري.
جيڪڏهن اسان اڄ سنڌين کي پاڪستان جي ابتدائي دور ۾ خوفزده ۽ ناراض ڏسون ٿا ته اسان کي نهايت باريڪ بينيءَ ۽ منصفانه طور ان جي اسبابن معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي بجاءِ ان جي ته بنا سمجهه ۽ ويچار جي ان کي صوبائي تنگ نظريءَ جو بهتان مڙهي، پٺن پويان اڇلائي ڇڏجي اهو طريقو هڪ نئين برپا ٿيل رياست کي جنهن ۾ جدا جدا ٻولين ۽ طريقه زندگي وارا ماڻهو رهن ٿا، مضبوط ڪرڻ ۽ ترقيءَ تي رسائڻ جو نه آهي، انهن قوميتن جي گڏيل امداد صرف ايماندارانه طور تي سندن اختلافن کي تسليم ڪري حل ڳولڻ سان حاصل ڪري سگهبي، نه تلوار وانگر انهن حقيقتن کان منهن ڇپائڻ سان اڄڪلهه ڪي ماڻهو ايئن چئي رهيا آهن ته جنهن صورت ۾ پاڪستان مسلمانن جي رياست آهي ان ڪري ان جي مفاد وٽان اها ڳالهه ٿيندي ته ان جي حڪومت وحداني طريقي جي هجي ۽ ان جو نظام صوبائي حدن ۽ تفاوتن کي ختم ڪري، بنايو وڃي.
جيتوڻيڪ اهڙي قسم جو تجربو دنيا جي ڪنهن به حصي يا خود مسلمان ملڪن ۾ به ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي، ليڪن بحث خاطر اسان سوال پڇنداسون ته آيا پاڪستان صحيح طور تي مسلماني رياست ۽ اسلامي اصولن تي هلندڙ ملڪ آهي؟
ان جو جواب صاف پيو آهي ته جنهن صورت ۾ ان ۾ پيغمبر جي ٻڌايل آئڊل سوسائٽيءَ جو وجود قائم ڪو نه ٿيو آهي ته پوءَ هن کي اسلامي اصولن تي هلندڙ ملڪ ڪيئن سڏي سگهجي ٿو؟ انهن شخصن مان ان سوسائٽيءَ جي ٺهڻ جو امڪان ڪو نه آهي. جن جا ذاتي ۽ طبقاتي مفاد عام ماڻهن جي مفاد کان جدا آهن.
هي جي رشوت خوري، ظلم، ڏاڍائي جا ڪم پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ وجود ۾ آيا آهن تن جي اسلامي روح سان تعبير ڪئي وڃي، ته صاف معلوم ٿيندو ته اسلام جي سهڻي نالي ۾ ٺڳن ۽ ظالمن جو گروهه عوام کي ڌوڪي ڏيڻ لاءِ اسلام جو نالو وٺي رهيو آهي.
دوستو! اسان هڪ عبوري (پاتڻي) دؤر مان گذري رهيا آهيون. جيتوڻيڪ حڪمران طبقو صحيح حقيقتن تي غور فڪر ڪرڻ جو ارادو نٿو رکي، ليڪن عوام ۾ سندن مشڪلاتون ۽ ڏاکڙا بيداري پيدا ڪري رهيا آهن. انهن کي پاڪستان سان وفاداري ڌارڻ جي تلقين ڪئي وڃي ٿي، ليڪن حڪمران طبقي کي معلوم هئڻ گهرجي ته عوام سان انصاف ۽ مساوات جي برتاءُ کانسواءِ صرف چند شخصن مان سندن وفاداريءَ جي توقع رکڻ نه مناسب آهي ۽ نه ممڪن.
اسان کي هينئر ئي هن ڳالهه تسليم ڪرڻ کان پاسو نه ڪرڻ گهرجي، ته اسان جي نوزائيده رياست کي گهڻن مشڪلاتن ۽ تڪليفن جو مقابلو ڪرڻو آهي. ان مان کيس ڪڍڻ لاءِ صبر ۽ استقلال جي ضرورت آهي ان کانپوءِ ئي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ امڪان پيدا ٿي سگهندو.
ليڪن اسان کي هينئر ئي پنهنجي لائح عمل بابت ذهن صاف ڪرڻا پوندا ته ڪهڙي قسم جي سوسائٽي هتي برپا ڪرڻ گهرون ٿا.
هن ڳالهه کان ته ڪنهن کي به انڪار نه هئڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ جمهوري حڪومت قائم ٿيڻ گهرجي. جنهن ۾ سڀني رهواسين کي هڪ جهڙا حق ۽ موقعا ملڻ گهرجن. صحيح جمهوريت تيستائين قائم ٿي ڪين سگهندي، جيستائين ماڻهن کي راءِ جي اظهار ڪرڻ ۽ جماعت سازيءَ جي آزادي نه هوندي. جنهن ۾ عوام سندن مفاد سان واسطي رکندڙ مسئلن تي آزاديءَ سان راءَ جو اظهار ڪري سگهن.
ليڪن صرف پارليامينٽري جمهوريت ڪو گهڻو فائدو پهچائي نه سگهندي. جيستائين اقتصادي طرح ان کي عوام جي فائدي لاءِ ڪتب نه آندو ويو آهي. اسان جي پارٽي جيڪڏهن واقعي عوام جي ڀلي لاءِ ڪم ڪرڻ گهري ٿي، ته کيس کليءَ طرح سوشلسٽ سوسائٽي قائم ڪرڻ لاءِ اعلان ڪرڻ گهرجي. اها ئي ڳالهه صحيح طور تي اسلامي احڪامن پٽاندر ٿي سگهي ٿي. اهو سوشلزم ئي آهي جو غريبن کي حق پلئه وجهائي سگهندو ۽ ملڪ جي پيداوار جي ذريعن کي باضابطه منصوبن ماتحت اسان جي پوئتي پيل ملڪ جي ترقي لاءِ ڪتب آڻي سگهندو. هن وقت اسان جي جملي ملڪيت چند نوابن، زميندارن ۽ سرمائيدارن جي هٿن ۾ محدود ٿيل آهي جي ان کي ذاتي مفاد لاءِ ڪتب آڻي، عوام کي غربت جي حال ۾ رکيو ويٺا آهن غربت کي تڙي ڪڍڻ لاءِ موجوده غير مساوي ملڪيتن جي شڪل کي بدلائي استعمال غرضي بند ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن اسان موجوده حالتن کي ڪافي وقت تائين رهڻ ڏنو، ته عام ناراضگي ۽ تڪليفون خوني انقلاب ذريعي انهن کي بدلائڻ لاءِ رستو ڳولينديون. هن وقت ڪو به ملڪ دنيا جي انقلابي هوائن کان محفوظ نه آهي، تنهنڪري دانشمندي جي تقاضا اها آهي ته عوام جي ناراضيءَ جا ڪارڻ دور ڪريون.
اسان کي خبر آهي ته موجوده حاڪم طبقي جا ماڻهو اهڙين تجويزن کي ناپسنديءَ جي نظر سان ڏسن ٿا ۽ انهن جو اهو مشغلو ٿي ويو آهي ته اهڙن خيالن جي ظاهر ڪندڙن کي غدار قوم ۽ اسلام جو دشمن، ڪميونسٽ وغيره جا لقب ڏئي عوام کي سندن خلاف برغلائڻ جي ڪوشش ڪن. پر کين ياد رکڻ گهرجي ته ملڪي سياست سدائين جذباتي ۽ تعصب جي اصولن تي هلائڻ مشڪل ڳالهه آهي.
اسان جا اهي ليڊر هر وقت اهو راڳ ڳائيندا رهن ٿا ته اندروني يا بيروني طرح اسان جو ملڪ سخت مشڪلاتن ۾ ڦاٿل آهي اهڙي حالت ۾ ته پاڻ اهو وڌيڪ ضروري آهي ته هن وقت سوچ ۽ ويچار سان ملڪ جي سياست کي هلايو وڃي، جيئن ان جا بنياد پخته پاين تي رکي سگهجن، ڪيترو وقت اسان انهي ڏکين ڏينهن کي منهن ڏيڻ بدران، ٽاريندا رهنداسون؟
اسان جي پارٽي عام طرح جي پارٽين مان نه آهي جن جو مقصد چونڊون لڙي، سازشون سٽي، طاقت هٿ ڪرڻ پئي رهيو آهي.
اسان جي جماعت جو ملڪ ۽ عوام جي ڀلي جي اصولن تي بنياد ٻڌل آهي. انهن مقصدن جي حصول لاءِ اسان عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پوءِ ان لاءِ ڪهڙي به قرباني ڏيڻي پوي. عهدن جي طلب، اقتدار جو حصول، اسان جي روايات جي خلاف آهي. اهي انهن کي نيبهه هجن، جن جو گذارو انهن ڳالهين تي هوندو ۽ انهن کانسواءِ سندن زندگي تلخ ٿيو ٿي پوي. اسان جو عوام سان واسطو آهي، سندن خادم آهيون سندن آڌار تي سندن حالت بهتر ڪرڻ لاءِ ڪمرڪشي اٿئون. اسان هر هڪ ان ماڻهو ۽ گروهه کي مدد ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. جن جو عوام لاءِ هڏ ڏکندڙ هوندو پر اسان عوام جي دشمن ۽ خود مطلب سياستدانن جي سختيءَ سان مخالفت ڪندا رهنداسون، پوءِ کڻي هو ڪيڏيءَ به پوزيشن وارا هوندا.
اسان گذشته جدوجهد جي اختلافن کي ڀلائي ڇڏيو آهي. اسان کي ڪنهن جي خلاف شخصي شڪايت نه آهي، کڻي اسان کي انهن هٿان ڪيترا به نقصان پهتا هجن، اسان وٽ عوام جي ڀلي جو مقصد شخصن کان مٿي آهي، انهيءَ مقصد سان هيءَ جماعت ٺاهي خدمت ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا.
دوستو! آخر ۾ وري به اوهان صاحبن جي ڪراچي آمد جو شڪريو ادا ٿو ڪريان، ۽ مون کي اوهان جي ذات ۾ اميد آهي ته جماعت جو دستور العمل تيار ڪرڻ ۽ پروگرام بنائڻ سان اوهان ملڪي عوام جي زندگيءَ لاءِ هڪ نئين سياسي دور جو آغاز ڪندا.

(هي تقرير سائين جي ايم سيد پاڪستان عوامي جماعت منعقده ڪراچي ڪنوينشن 8-9-10 مئي 1948ع تي افتتاح ڪندي ڪئي. هن ڪنوينشن جي صدارت سرحدي گانڌي خان عبدالغفار خان ڪئي.)