تاريخ، فلسفو ۽ سياست

پرهه جو پيغمبر (جي ايم سيد جون يادگار تقريرون)

ڪتاب ”پرهه جو پيغمبر“ سنڌ جي قومپرست سياست جي امين، ليکڪ، اديب ۽ عالم سائين جي ايم سيد جي يادگار تقريرن جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب مسيح ڪالاڻي آهي.
سائين جي ايم سيد جون هي 16 تقريرون اڳ ۾ مختلف رسالن، اخبارن توڙي ڪتابن ۾ ٽـڙيل پکڙيل هيون، جن کي سھيڙي ڪتابي شڪل ۾ آڻي ڇپائڻ لاءِ جيڪا محنت ۽ جاکوڙ مسيح ڪالاڻيءَ ڪئي آهي، ان لاءِ کيس داد ئي ڏئي سگهجي ٿو. هي تقريرون 1943ع کان 1995ع تائين سائين جي ايم سيد جي سياسي بصيرت ۽ ڏاهپ جو عڪس پيش ڪن ٿيون ته گڏوگڏ هڪ تاريخي رڪارڊ پڻ آهي. جيڪو ايندڙ نسل لاءِ رهنمائي ۽ معلومات لاءِ دروازا پڻ کوليندو رهندو.
  • 4.5/5.0
  • 5761
  • 2464
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جي ايم سيد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پرهه جو پيغمبر (جي ايم سيد جون يادگار تقريرون)

دنيا کي تباهيءَ کان بچائـڻو آهي

ڀينرو ۽ ڀائرو
جيئي سنڌو ديش!!
آئون اڄ پنهنجيءَ زندگيءَ جا 88 سال پورا ڪري 89 سال ۾ پير رکي رهيو آهيان ۽ اوهان سڀ هيڏي وڏي تعداد ۾ سنڌ جي راڄڌاني، ڪراچيءَ ۾ منهنجي سالگرهه جي موقعي تي اچي گڏ ٿيا آهيو. ان لاءِ آئون اوهان جو دل جي گهراين سان شڪر گذار آهيان.
گذشته زماني تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته منهنجو ۽ منهنجي خاندان جو دنيا جي قديم تهذيب جي مالڪ سر زمين سنڌ سان واسطو هئڻ سبب مون کي فطري طور پنهنجي مادر وطن سان بي انتها محبت رهي آهي ۽ ان لازوال محبت جي ناتي ئي مون کي سنڌ جي سياست، سنڌ جي ڀلائيءَ، خوشحاليءَ ۽ آزاديءَ وارن معاملن ۾ دلچسپي وٺڻي پئي آهي. ان واٽ تي هلندي انگريز سامراج کان وٺي پنجاب سامراج جي سنڌ تي موجوده تسلط تائين، مون مختلف وقتن تي جيلن ۽ نظربندين ۾ گهاريو آهي ۽ حڪمران ۽ سنڌ مخالف ماڻهن جا الزام ۽ طعنا برداشت پئي ڪيا آهن.
اسان تي الزام، آندا جڳ جيئڻ جا!
هن صديءَ جي ابتدا ۾ مون سنڌ کي بمبئي پرڳڻي سان لاڳاپيل ڏٺو، جيڪو لاڳاپو يا الحاق تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ اڳ نه رهيو هو. سنڌ (بمبئي پرڳڻي) جي گاديءَ جو هنڌ بمبئي ۾ هجڻ ڪري نهايت پري هو، جنهن تائين پهچڻ لاءِ سمنڊ، ڪڇ جو رڻ ۽ راجستان جو پٽ لتاڙڻا پيا ٿي. انگريزن پنهنجن سامراجي ۽ تجارتي مفادن کي آڏو رکي، بمبئيءَ کي هر طرح ترقي وٺائڻ ۽ مضبوط بنائڻ پئي چاهيو. ان ڪري سنڌ کي مڪمل طرح نظر انداز ڪيو پئي ويو. اها معلومات حاصل ٿيڻ بعد محسوس ڪيو ويو ته سنڌ جو بمبئي سان لاڳاپو غير فطري هو ۽ سنڌ جي ان کان آزادي لازمي هئي. ان ڪري اسان سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ لاءِ جدوجھد شروع ڪئي ۽ وڏيءَ جدوجهد بعد 1936ع ۾ وڃي سنڌ، بمبئيءَ جي محڪوميءَ مان آزادي حاصل ڪئي. پر ڏٺو وڃي ته اسان کي انهيءَ آزاديءَ لاءَ تمام وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي. سکر بئراج جي قرضن واري سوال تي سنڌي هندن جي مفاد پرست مٿئين ڪلاس جي مخالفت ۽ انگريزن جي مفادن سان ٽڪراءَ سبب اسان کي هندستان جي ڪجهه اهڙين بنياد پرست جماعتن کان مدد حاصل ڪرڻي پئي، جن جي اثر کان اڃا تائين نڪري نه سگهيا آهيون ۽ مستقبل ۾ الائي ڪيترو وقت ان اثر هيٺ ڀوڳڻو پوي.
هندستان هڪ برصغير هو، جنهن جي مختلف علائقن جي آبهوا هڪ ٻئي کان مختلف هئي ۽ ان ۾ مختلف نسلن، ٻولين ۽ مذهبن جا ماڻهو رهندا هئا، ان جي ڪن حصن ۾ هندن جي ۽ ڪن ۾ مسلمانن جي اڪثريت هئي. ڪٿي پوک، بارش تي ٿيندي هئي ۽ ڪٿي جديد آبپاشي نظام موجود هو. ڪن علائقن جي آبادي گنجان ۽ ڪن جي مختصر هئي. ڪن قومن جو دراوڙ نسل سان واسطو هو ۽ ڪي آريا نسل مان هيون، برصغير هندستان ۾ هندو مذهب کي مڃيندڙ دراوڙ، آريا ۽ ٻين نسلن جا ماڻهو ڪثير تعداد ۾ رهندا هئا، پر ان جي باوجود مسلمان (عربن، مغلن ۽ افغانن وسيلي) ان جي ڪافي حصن تي پنهنجو قبضو ۽ اقتدار قائم ڪري ورتو هو،اڳتي هلي انگريزن مسلمانن کان قبضو ڇڏائي، سڄي هندستان تي پنهنجو تسلط ڄمائي ورتو. قديم دور ۾ هندستان کي متحد رکڻ لاءِ مهاراجا اشوڪ، وڪرماجيت ۽ شهنشاهه اڪبر به ڪوششون ڪيون هيون، پر اهي ڪا خاص ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهيا. پر انگريزن پنهنجي سامراجي قبضي دوران هندستان کي متحد رکڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. اڳتي هلي هندستان کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ٿيون ۽ تحريڪون هليون، جن جي نتيجي ۾ انگريزن کي رضا خوشيءَ يا مجبوريءَ سان هندستان کي آزادي ڏيڻي پئي.
سنڌ، تاريخ جي هڪ وڏي عرصي تائين آزاد ۽ خودمختيار ملڪ رهي آهي ۽ خود انگريزن سنڌ کي هڪ ملڪ جي حيثيت ۾ محڪوم بنايو هو. پر جيئن آئون مٿي ڄاڻائي آيو آهيان ته سنڌ تي اجتماعي قبضي ڪرڻ کانپوءِ انگريزن سنڌ کي جبري طور بمبئيءَ سان ملائي ڇڏيو، ان ڪري اسان مجبورًا سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ واري جدوجهد وقت ڪن بنياد پرست جماعتن (مسلم ليگ وغيره) کان ڪن اهڙن شرطن کي قبول ڪندي، مدد حاصل ڪئي هئي، جن اسان جي مستقبل کي اونداهو ڪري ڇڏيو. انهن شرطن ۾ هڪ مسلم ليگ جو ”مسلمانن جي جداگانه قوم جو نظريو“ هو، جنهن موجب ملڪن جي جمهوري حق ۽ سندن جداگانه قومن واري حيثيت ختم ٿي وئي ٿي. ٻيو شرط ”جداگانه چونڊن جو سرشتو“ هو، جنهن موجب مذهب کي سياست ۾ گڏڻ، مسلمانن کي مذهب جي بنياد تي جدا قوم مڃڻ ۽ اسلامي شريعت جي نفاذ جهڙيون بدعتون قبول ڪرڻيون پيون ٿي. مٿان وري بدقسمتي اها، جو باوجود سيڪيولر روايتن جي حامي ۽ ترقي يافته هجڻ جي انگريزن پڻ پنهنجي سامراجي مفادن خاطر مذڪوره بدعتن جي مڃيندڙ جماعت (مسلم ليگ) جي سرپرستي ڪئي. نتيجي طور هڪ طرف هندن جي مفاد پرست مٿئين ڪلاس جي مخالفت سبب اسان کي سکر بئراج جي قرضن جي سوال تي گورنر جي مخصوص اختيارن جو شڪار ٿيڻو پيو ته ٻئي طرف تاريخ جي منافي ”مسلم قوميت“ جي نظريي مڃڻ سبب، سنڌ جي جداگانه قومي حيثيت ختم ٿي وئي، جنهنڪري اڳتي هلي اسان کي وڏين مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پيو ۽ پاڪستان جي نالي ۾ ”پنجاب سامراج“ جي غلاميءَ ۾ رهڻو پيو. جنهن غلاميءَ مان جند ڇڏائڻ لاءِ مسلسل جدوجهد ۾ مصروف آهيون، پر اڃا آزادي حاصل نه ڪري سگهيا آهيون.
هن وقت گذريل ٻن مهاڀاري لڙاين جي نتيجن کانپوءِ اسان ڏسي رهيا آهيون ته دنيا کي ”نئين ورلڊ آرڊر“ (New World Order) جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي. هن وقت تائين جمهوريت، سوشلسٽ ملڪن جو بلاڪ، سرمائيدار ملڪن جو بلاڪ ۽ اقوام متحده پنهنجا تصور وڃائي چڪا آهن. ڪميونزم جا داعي ملڪ، قومپرستيءَ جي لهر آڏو پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري چڪا آهن. جڏهن ته سرمائيدار ملڪ، اقوام متحده تي مڪمل طور اثر انداز ٿي، دنيا تي پنهنجي هڪ هٽي (Monopoly) قائم ڪرڻ جي شروعات ڪري چڪا آهن. پر بدليل عالمي حالتون، ان ڳالهه جي بالڪل مخالفت ۾ آهن. جتي سوويت يونين جهڙي مضبوط عالمي قوت، حالتن ۽ تضادن جي سٽ نه سهي، پنهنجو وجود وڃائي چڪي آهي، اتي هي سرمائيدار ملڪ ڪهڙيءَ طرح دنيا جي مختلف حصن ۾ پنهنجون هٿ ٺوڪيون حڪومتون قائم رکي، باقي بچيل غلام ملڪن کي آزادي حاصل ڪرڻ کان روڪي سگهندا؟
سنڌ ملڪ ۽ سنڌي قوم، اقوام متحده جي ستر سيڪڙو ميمبر ملڪن ۽ قومن کان آباديءَ، ايراضيءَ ۽ پيدائش ۾ وڌيڪ ۽ اڳڀري آهي. اها آخرڪار ڏنڊي ۽ غلط نظرين جي زور تي ڪيترو وقت غلام رهي سگهندي؟ جتي برونائي، بحرين ۽ مالديپ جهڙا ننڍڙا ۽ جيتامڙا ملڪ، آزاد ملڪن جي حيثيت ۾ اقوام متحده جا ميمبر آهن، اتي سنڌ اڃا وڌيڪ عرصو غلاميءَ هيٺ رهي، ناممڪن آهي!
هينئر نيو ورلڊ آرڊر جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ اقوام متحده جا ڪيترائي ملڪ ان ”نيو ورلڊ آرڊر“ ۾ شامل سمجهيا وڃن ٿا. معلوم هجڻ گهرجي ته اقوام متحده جي موجوده جوڙجڪ، ٻن مهاڀاري لڙاين جي تباهڪارين جي نتيجي ۾ ڪئي وئي هئي ۽ ان ۾ بنا ڪنهن ڳڻ ڳوت جي، حالتن جي مد نظر ابتدا ۾ دنيا جي چئن وڏين طاقتن ۽ بعد ۾ پنجين طاقت چين کي ”ويٽو پاور“ ڏنو ويو هو، جنهن موجب ڪن ملڪن کان اقوام متحده جو ميمبر بنايو ويو ٿي ۽ ڪن ملڪن کي ان جي ميمبر شپ کان محروم رکيو ويو ٿي. پر اها اقوام متحده هن وقت هڪ غير موثر ۽ ناڪاره ادارو بنجي چڪو آهي. در حقيقت ان ۾ ويٽو پاور چند مخصوص ملڪن کي ڏيڻ بدران ملڪن جي چند ”وڏن گروپن“ جهڙوڪ: سوشلسٽ ملڪن جي گروپ، سرمائيدار ملڪن جي گروپ، روحاني پسمنظر رکندڙ ملڪن جي گروپ، ڪثير آباديءَ واري ملڪن جي گروپ (Thickly populated countries) ۽ گهٽ آباديءَ وارن ملڪن جي گروپ (Irid countries group) کي ڏيڻ کپي ها. هن وقت اقوام متحده تي پنجن خاص ملڪن يعني آمريڪا، برطانيا، فرانس، چين ۽ رشيا (سوويت يونين جي ٽٽي وڃڻ واري حالت ۾) جي هڪ هٽي قائم آهي ۽ ڪيترا وڏا ملڪ جهڙوڪ: هندستان، انڊونيشيا ۽ بنگلاديش، جن جي آدمشماري ڪروڙن ۾ آهي، ويٽو جي پاور کان محروم آهن. ان کانسواءِ اقوام متحده جي موجوده جوڙجڪ موجب، جنهن صورت ۾ ان جي اختيارن تي ملڪن جي گروپن بدران ”مخصوص ملڪ“ قابض آهن. ان ڪري نون آزاد ٿيل ۽ پوئتي پيل ملڪن کي دنيا جي هن سائنسي ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ واري ترقي يافته دور ۾ ڪيترين ڳالهين ۽ ترجيحن کان محروم رکيو ويو آهي. ان ڪري، موجوده تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ عالمي حالتن کي مد نظر رکي، هن وقت مناسب اهو ٿيندو ته اقوام متحده جي موجوده جوڙجڪ کي تبديل ڪري، ان کي پنجن ”مستقل مفاد“ ملڪن جي قبضي (ويٽو پاور جي لحاظ کان) مان ڪڍي، مٿي ڄاڻايل ”ملڪن جي پنجن گروهن“ سوشلزم جو پس منظر رکندڙ ملڪن جي گروپ، سرمائيداري نظام هيٺ هلندڙ ملڪن جي گروپ، روحاني پس منظر رکندڙ ملڪن جي گروپ، ڪثير آبادي وارن ملڪن جي گروپ (Group of thickly populated countries) ۽ گهٽ آباديءَ وارن ملڪن جي گروپ (Group of thinly populated countries) جي نظرداريءَ ۾ ڏنو وڃي. اقوام متحده جي ان نئين جوڙ جڪ کي عمل ۾ آڻڻ کان اڳ، دنيا جي سمورين محڪوم قومن - ملڪن کي آزادي ڏياري، کين آزاد ڇڏيو وڃي ته اهي پنهنجيءَ خواهش ۽ سوچ پٽاندر مٿي ڄاڻايل ”ملڪن جي گروپن“ مان ڪنهن جا به ميمبر بنجي، بعد ۾ نئين جوڙجڪ واري اقوام متحده جي ميمبرشپ حاصل ڪن.
ان سان گڏ، انگريزن ۽ سندن حوارين جي مفادن وٽان قائم ڪيل غير فطري ملڪ پاڪستان توڙي هندستان جي جوڙجڪ به نئين ٿيڻ گهرجي، جنهن موجب سنڌ، بلوچستان، پختونخوا ۽ سرائيڪي ديس کي آزاد ملڪن جي حيثيت ڏئي، کين اهو موقعو (Chance) فراهم ڪيو وڃي ته انهن مان هر ملڪ افغانستان، عراق، ايران، ترڪي، شام، فلسطين، مصر، اردن ۽ ٻين عرب ملڪن تي مشتمل ”روحاني پس منظر رکندڙ ملڪن جي گروپ“ ۾ شامل ٿيڻ چاهي ٿو يا هندستان، بنگلاديش، سريلنڪا، ڀوٽان، نيپال ۽ برما تي مشتمل ملڪن واري گروپ ۾ شامل ٿيڻ جو خواهشمند آهي. اهڙيءَ صورت ۾ آزاديءَ بعد سنڌي ماڻهو پنهنجي مرضيءَ سان ڪنهن به گروپ ۾ شامل ٿيڻ جو حق محفوظ رکن ٿا.
منهنجي خيال ۾ هن وقت دنيا جنهن جنگ ۽ ائٽمي تباهڪاريءَ جي خطري کان بچڻ گهري ٿي ۽ دائمي امن، اتحاد، ڀائيچاري ۽ بقائيءَ باهميءَ (Co-existance) جي جنهن ضرورت کي محسوس ڪري رهي آهي، ان کي صرف ۽ صرف مٿي ڄاڻايل تجويز موجب ممڪن بنائي سگهجي ٿو.
اڄوڪيءَ منهنجي سالگرهه جي موقعي تي مون وٽ هر قسم جي استحصال، خطري ۽ غلاميءَ کان آزاد سنڌ ۽ دنيا لاءِ اهو ئي عالمي پيغام آهي، جنهن کي پنهنجي سمجهه ۽ فهم موجب اوهان جي آڏو پيش ڪرڻ جي جسارت ڪئي اٿم.
جيئي سنڌو ديش! جيئي عالم انسانيت!

(هي تقرير سائين جي ايم سيد پنهنجي 89هين سالگرهه جي موقعي تي 17 جنوري 1992ع ۾ ڪئي)