سنڌ ۽ بلوچستان جا مسئلا
اسلام عليڪم: آءٌ اوهان جي سنڌي ڀائرن طرفان، اوهان ڏانهن، محبت جو پيغام عرض رکڻ لاءِ حاضر ٿيو آهيان!
هيءُ موقعو هڪ نهايت اهم ۽ غالباً تاريخي موقعو آهي. آءٌ پنهنجي لاءِ هيءُ هڪ وڏو اعزاز تصور ڪري رهيو آهيان، جو اوهان مون کي ياد فرمايو آهي ۽ موقعو ڏنو آهي ته اوهان سان گڏجان ۽ اوهان جي خدمت ۾ پنهنجو نقطه نظر عرض رکان. آءٌ سمجهان ٿو ته اوهان ان طريقي، هيءَ اعزاز سڄيءَ سنڌ کي بخشيو آهي. اها سنڌ، جا اوهان جي تمام ويجهي ۽ ايامن کان پاڙيسري سر زمين آهي.
هيءَ هڪ تاريخي حقيقت آهي ته سوَ ها سالن کان، اوهان ۽ اسان جي قسمت هڪجهڙي، بلڪ ايئن چئجي ته گڏيل پئي رهي آهي. تاريخ جي هر دؤر، اڳتي قدم وڌائڻ کان اڳ، اوهان ۽ اسان ٻنهي درين جي دروازن ٿي هڪ ئي وقت ڪڙو کڙڪايو آهي. انهيءَ قديمي خصوصيت سببان، هن وقت به هيءَ صورتحال موجود آهي ته تاريخ جو ڪو به شاگرد جيسين ٻنهي علائقن جي تاريخ کي هڪ ئي وقت پنهنجي سامهون نه رکندو، تيسين هو ٻنهي مان ڪنهن به هڪ جي تاريخ کي سمجهي ئي ڪين سگهندو.
اڃا به وڌيڪ حقيقت جي نگاهه سان ڏسبو ته اوهان ۽ اسان جي مفادن جي ايتري قدر هڪجهڙائي پئي رهي آهي، جو جڏهن اوهان جي طرف جي هڪ خاندان، سنڌ کي پنهنجن هٿن ۾ ورتو، تڏهن سنڌ جي عوام نه فقط ان کي پنهنجو حاڪم تسليم ڪيو، پر خود انهيءَ جي حمايت ۾ گڏجي لڙڻ پڻ گوارا ڪيو ۽ جيسين ڪنهن ٻاهرئين غنيم چڙهائي نه ڪئي، تيسين هن جي حڪومت قائم رهندي آئي. غالباً، اوهان هيءَ حقيقت تسليم ڪرڻ فرمائيندا ته هن سر زمين جي ماڻهن ايتري رواداري، ٻيءَ ڪنهن به ٻاهرينءَ طاقت جي فائدي ۾ ڪا نه ڏيکاري آهي. اوهان کي معلوم آهي ته جڏهن ارغونن، سنڌ ۾ داخل ٿيڻ چاهيو، تڏهن اسان، اوهان جي برادرانه مهمان نوازيءَ جو فائدو وٺندي، پنهنجون فوجون اوهان جي علائقي ۾ موڪليون هيون ته جيئن ارغونن سان اوهان جي سر زمين تي لڙي، کين سنڌ ڏانهن قدم وڌائڻ کان روڪيو وڃي. اسان جي فوج جو سپهه سالار، اسان جو قومي هيرو، نواب مبارڪ خان عرف دولهه درياهه خان هو.جيڪڏهن انهيءَ اهم موقعي تي اوهان جون همدرديون، اسان سان شامل حال نه هجن ها ته جيڪر اسان جي اها مهم ڪڏهن به ڪامياب ڪين ٿي سگهي ها.
بهرحال اسان، اوهان جي ٽالپرن سان ايتري قدر پنهنجي خلوص ۽ محبت جو ثبوت ڏنو، جو اهڙو ٻيو مثال اوهان کي، اسان جي تاريخ ۾ ڪٿي به نظر ڪين ايندو اسان جي تاريخ جو خاص نچوڙ هيءُ آهي ته جڏهن به زماني جي حالتن اسان جي مٿان ٻين کي مسلط ڪيو آهي. تڏهن اسان هڪدم تلوارون سنڀالي، آخري دم تائين مقابلو ڪندا رهيا آهيون ۽ اهڙن موقعن تي هميشه انهيءَ انتظار ۾ رهيا آهيون ته اجهو اڄ نه ته سڀان، زمانو ضرور پاسو بدلائيندو ۽ سنڌ جو شير وري اٿي کڙو ٿيندو!
اسين سواءِ ڪنهن فخر جي هيءَ دعوا ڪريون ٿا ته جيڪڏهن اسان ۾ اها صلاحيت نه هجي ها ته پنجن هزارن سالن جي طويل عرصي کان پنهنجي مخصوص روايتن، ثقافت ۽ پنهنجيءَ زبان کي ڪيئن قائم رکندا اچون ها؟
اسان ۽ اوهان ٻنهي ڌرين جي برادرانه محبت سان ڀرپور تعلقات جو هڪ خوشگوار پهلو هيءُ به آهي ته اوهان جي علائقي جي ماڻهن جي هڪ چڱي خاصي عنصر، اسان جي سر زمين کي پنهنجو وطن بنايو آهي. اسان جا اهي ڀائر، اسان جي معاشري ۾ اهڙيءَ ريت ٺهڪي ويا آهن جو اسان ٻنهي ۾ ڪو به فرق ڪو به اختلاف، اڄ تائين پيدا نه ٿيو آهي. در حقيقت، اسان ٻنهي ڌرين هڪٻئي جي چڱين چيزن کي، پنهنجو ئي ورثو ڄاتو آهي. اسان مان ڪنهن به اڄ تائين، اها ڪوشش نه ڪئي آهي ته برتريءَ جو احساس جتائي، خود پنهنجي خلاف نفرت جي جذبي کي ڀڙڪائي. اسان کي، اوهان جي ڪيترين ئي چيزن مان حاصلات ٿي آهي، مثلاً اوهان جي رزميه شاعريءَ ۽ بهادريءَ جي قصن ڪهاڻين مان، اوهان جي غيرتمنديءَ مان، جنهن جو تصور دنيا جي ڪيترين همعصر سوسائٽين ۾ اڻلڀ آهي، اوهان جي مهذبانه روايتن مان، جهڙوڪ: مهمان نوازي، جنگي قانون، پناهه وٺندڙ کي سام ڏيڻ، در تي هلي آيا دشمن سان سهڻو سلوڪ ڪرڻ ۽ پاڙيسريءَ سان مدد ۽ همدردي ڪرڻ، وغيره، وغيره. مطلب ته اهي سموريون خوبيون، جي اوهان جي قومي وقار ۾ شامل آهن، اسان نه فقط انهن جو احترام ڪيو آهي، پر ساڳئي وقت انهن کي پاڻ ۾ جذب ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪندا پئي رهيا آهيون.
مون کي هن ڳالهه جو ڪافي احساس آهي ته اسان اوهان جي انهن احسانن جو پورو حق ادا ڪري نه سگهيا آهيون. ليڪن، اسان انهيءَ ڳري ٻوجهه کان پاڻ کي آجي ڪرڻ لاءِ ڪي قدر ڪوشون ضرور ڪيون آهن. اهي هن طرح آهن ته اسان جو پنهنجي سسئيءَ جي ذريعي، اوهان سان عشق ۽ محبت جو هڪ لافاني رشتو قائم ڪيل آهي. اوهان خراج عقيدت جي هن ادائگيءَ جي طريقي کي ڀل ڪيترو ئي غير اهم تصور فرمايو، پر آءٌ اهو عرض ڪندس ته خدا جي مڙني عنايتن مان محبت جو جذبو، جيڪو انسان ۾ وديعت ڪيو ويو آهي، سڀني کان وڌيڪ اهميت واري عنايت آهي، ۽ جيڪو خراج اهڙيءَ جنس جي صورت ۾ ادا ڪيو وڃي، ان کان وڌيڪ خراج هڪ انسان، ٻئي انسان جي خدمت ۾ پيش نٿو ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته محبت جي جنس، هڪ اهڙي جنس آهي جا دائمي به آهي ۽ غير فاني به. بقول هڪ فارسي گو شاعر جي، ”حسن بي بنياد باشد، عشق بي بنياد نيست.“
مون کي اڄ هن ڳالهه تي فخر آهي ته مان سسئيءَ جي وطن مان پنهونءَ جي وطن ڏانهن محبت جو پيغام کڻي آيو آهيان! مون کي معلوم آهي ته اڄ ڀنڀور برباد آهي، مون کي اها به خبر آهي ته اڄ درياهه جو رخ اتان بدلجي چڪو آهي، پر محبت اها چيز آهي جا نڪي ته ڪڏهن برباد ٿي آهي ۽ نه وري ڪڏهن ڪو ان جو رخ ئي بدليو آهي! انهيءَ ڪري، محبت جو اهو رشتو، هن وقت به پنهنجيءَ جاءِ تي قائم آهي ۽ اڳتي به هميشه قائم رهندو. هن وقت ضرورت فقط انهيءَ ڳالهه جي آهي ته اسين ان کي محسوس ڪريون، ان کي جلا بخشيون ۽ زندگي جي هڪ حقيقت طور، ان جو احترام ڪريون!
منهنجا عزيز ڀائرو! اسين اڄ، ون يونٽ جي نحوست جي پاڇي هيٺ گڏ ٿيا آهيون. آءٌ هينئر عرض ڪري چڪو آهيان ته قدرت اسان ٻنهي ڌرين جي قسمتن کي هڪٻئي سان سلهاڙي ڇڏيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسين پاڻ کي ون يونٽ جي هڪ ئي زنجير ۾ جڪڙيل ڏسي رهيا آهيون.
ون يونٽ جو تجربو، شروع کان ئي ناڪامياب ۽ تباهي آڻيندڙ ثابت ٿي چڪو آهي. جنهن طريقي سان ون يونٽ کي ننڍن صوبن جي مٿان مڙهيو ويو ۽ پوءِ تيرهن سالن تائين هلايو ويو، خود ان مان ئي ظاهر آهي ته هيءَ ڪو اهڙو ڪارنامو نه آهي جو اسين دنيا جي اڳيان پنهنجي تدبر، پنهنجي حب الوطنيءَ، پنهنجي جمهوريت جي جذبي يا پنهنجن اهلڪارن جي ديانتداريءَ کي ثابت ڪرڻ لاءِ، هڪ دليل يا مثال طور پيش ڪري سگهون. سچ ته ايئن آهي ته اسان جا سمورا مقصد ۽ اعليٰ قدر، ون يونٽ سببان مجروح ٿي چڪا آهن.
اصل ۾، انهيءَ منصوبي جو بنياد ئي غلط سوچ ۽ بدديانتيءَ تي رکيو ويو هو. اوهان کي ”ايڪس دستاويز“ جي حقيقت معلوم آهي ته انهيءَ ۾ بلڪل رازدارانه نموني جن مقصدن جي نشاندهي ڪئي ويئي هئي، خاص انهن ئي مقصدن جي سر انجاميءَ لاءِ ون يونٽ کي بنايو ويو. اهو مخفي دستاويز، اسان جي موجوده مرڪزي وزير داخله، سردار عبدالرشيد، وڏيءَ ڪوشش سان ڳولي، هٿ ڪري، اسيمبليءَ جي اڳيان رکيو هو ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ سموري راز کي فاش ڪري ڇڏيو هو. ان کانپوءِ، جن لائينن تي ون يونٽ جي سرشتي کي هلايو ويو، ان مان فقط انهن ئي مقصدن جي آبياري ٿيندي رهي آهي.
آءٌ خود حيران آهيان ته ملڪي استحڪام کي زور وٺائڻ لاءِ اهو ڪهڙو طريقو عمل ۾ آنيو ويو جو صدين کان قائم ٿيل علائقائي سرحدن کي، جن جي تحفظ جي ضمانت خود پاڪستان جي بنيادي ٺهراءَ ۾ ڏنل هئي، تن کي ختم ڪري، ملڪ جي سموري مغربي حصي کي، هڪ وسيع چراگاهه جي صورت ۾ آڻي، نوڪر شاهيءَ جي بکايل ڍڳن کي ڇيڪ ڇڏيو ويو، ته جيئن هو لاپرواهيءَ سان چرندا، جمهوريت، قاعدي قانون ۽ مقامي ماڻهن جي دلي خواهشن ۽ نيڪ تمنائن کي وڏيءَ بيدرديءَ سان پنهنجن کرن هيٺ لتاڙيندا ۽ ناس ڪندا رهن. انهيءَ افسوسناڪ صورتحال کان ڪو به انڪار ڪري نٿو سگهي؛ ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اها صورتحال پيدا نه ٿئي ها ته موجوده حڪومت کي اها ضرورت ئي محسوس نه ٿئي ها ته نوڪر شاهيءَ کان سندن ذاتي ملڪيتن جا انگ اکر طلبي ها. اسان کي قبول ڪرڻو پوندو ته صدر، آغا محمد يحيٰ خان، جي حڪومت جي چڱن ڪمن مان هڪ اهو به وڏيءَ اهميت لائق آهي.
جيستائين جمهوري قدرن جو تعلق آهي ته انهن جو نڪي ون يونٽ بنائڻ وقت ڪو لحاظ رکيو ويو ۽ نڪي ون يونٽ کان پوءَ انتظامي ڪاروبار ڏانهن ڪو توجهه ئي ڏنو ويو. مثال طور، اوهان کي اهو واقعو ياد هوندو، جيڪو لاهور ۾ ٿي گذريو هو. هڪ سرڪاري آفيسر، مغربي پاڪستان جي اسيمبليءَ هال ۾ گهڙي ويو ۽ وڃڻ سان ئي اسيمبليءَ جي هڪ ميمبر کي ٽاءِ کان جهلي، ڌڪو ڏيئي، سخت بدشد لفظ ڳالهايا. ويچاري ميمبر روئندي، سڏڪا ڀريندي، اسيمبليءَ اڳيان دادرسيءَ لاءِ التجا ڪئي. اسيمبليءَ انهيءَ مظلوم ميمبر جي سموري روئداد ٻڌي، ٺهراءَ پاس ڪيو ته انهيءَ آفيسر کي نوڪريءَ اتان ڊسمس ڪيو وڃي. پر نتيجو اهو نڪتو ته حڪومت، آفيسر کي ڊسمس ڪرڻ بدران خود اسيمبليءَ جي انهيءَ ٺهراءَ کي ئي ڊسمس ڪري ڇڏيو ۽ اهڙيءَ ريت، دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريو ته مغربي پاڪستان کي ڪهڙي نموني جي جمهوريت سان نوازيو ويو آهي!
حقيقت ۾، انهيءَ مسئلي جو توجهه لائق پهلو هيءُ آهي ته جڏهن خود ون يونٽ جي مرڪز ۾، هڪ عوامي نمائندي جو اهڙو عبرتناڪ حشر ٿيندو هجي، ته پوءِ هيٺين سطح تي، يعني ڊويزن ۽ ضلعن ۾ غريب عوام سان ڪهڙا ناحق ٿي رهيا هوندا!!
ون يونٽ جي مڙني براين مان، سڀ کان وڏو نقصان، قومي اتحاد کي پهتو آهي. اوهان ڏسي سگهو ٿا ته مغربي پاڪستان ۾، نفاق، نفرت ۽ شديد اختلاف ڪيتريءَ حد تائين پيدا ٿي چڪا آهن؟ اوهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته اهڙيءَ افسوسناڪ صورتحال جو ملڪي اتحاد ۽ سالميت جي بنيادي مقصد تي ڪهڙو اثر پئجي رهيو آهي؟ جڏهن اوهان ملڪ جي هڪ خاص عنصر هٿان، ٻين مڙني عناصرن کي بدگمانين ۽ بد دعائن جو نشانو بنائيندا، ته اهڙيءَ حالت ۾، اوهان جي خيال ۾، سموريءَ حڪومت جي صحت، مضبوطيءَ ۽ واڌاري جي ڪا اميد به رکي سگهجي ٿي؟
اسين ماڻهو، جن ون يونٽ جي مخالفت ڪئي هئي، شروع کان ئي اها ڳالهه محسوس ڪري رهيا هئاسون ته پاڪستان جو وجود اسان جي خوشگوار خوابن جو تعبير آهي؛ جيڪڏهن پاڪستان مضبوط آهي ته سڀ سلامت آهيون ۽ پاڪستان کي طاقتور بنائڻ جو فقط اهو ئي هڪ طريقو آهي ته ملڪ ۾ اهڙو انتظام هجي جو وفاق ۾ شامل ٿيندڙ هر علائقو، ايئن محسوس ڪري ته سندس وجود پنهنجيءَ جاءِ تي محفوظ آهي ۽ سندس حقن جو احترام ڪيو پيو وڃي. هو آزاديءَ جي نعمتن ۾ برابريءَ جي ليول تي شريڪ آهي ۽ کيس اهو اختيار آهي ته هو پنهنجي علائقي جو اندروني ڪاروبار، پاڻ هلائيندو رهي. جڏهن اسين ايئن چئي رهيا هئاسون تڏهن ان وقت به انساني فطرت جون تقاضائون، اسان جي سامهون هيون. اسان ڄاتو ٿي ته انسان جي اها ئي فطرت آهي ته هن جي محبت ۽ وفاداري، فقط انهيءَ حالت ۾ ئي حاصل ڪري سگهجي ٿي، جڏهن هن جي دل جي رضامنديءَ جو خيال رکيو وڃي. هن کي يقين ڏياريو وڃي ۽ هو خود ايئن محسوس ڪري ته آءٌ انهيءَ ڪم ۾ برابريءَ جي بنياد تي شريڪ آهيان.
اسان جي طرفان ون يونٽ جي مخالفت فقط حب الوطنيءَ جي جذبي، يعني پاڪستان سان وفاداريءَ جي بنياد تي ٻڌل هئي. اسان ايئن نٿي چاهيو ته ون يونٽ جي ڪري، پاڪستان جي سالميت کي ڪو خطرو لاحق ٿئي. اسان جي دلي خواهش هيءَ هئي ته پاڪستان اندروني جهڳڙن ۽ رقابتن جو خواه مخواه آکاڙو نه بنجي ۽ اسان وٽ اهڙو انتظامي سرشتو رائج نه ڪيو وڃي، جنهن سببان بکايل ڪامورا شاهي، پاڪستان جي استحڪام کي اندران ئي اندران، اڏوهيءَ جي روپ ۾ چهٽي، ناس ڪري ڇڏي. ڪامورا شاهيءَ متعلق اهو اڻٽر امڪان انهيءَ ڪري ڄاتو ٿي ويو ته اولهه پاڪستان جو انتظامي ڍانچو، ايتري قدر وسيع ٿي رهيو هو، جو ڪامورا شاهيءَ تي عوامي نمائندن جو ڪنٽرول ٿيڻ ناممڪن هو. اسان جي اها مراد هئي ته پاڪستان کي ڪنهن به اهڙيءَ ڇڪتاڻ ۾ نه وڌو وڃي جو، جن عظيم مقصدن خاطر وجود ۾ آندو ويو هو، اهي پورا ڪري نه سگهجن.
پر، ٿيو ايئن جو الٽو اسان جي نيڪ نيتيءَ ۾ شڪ آڻي، اسان جي خلاف غلط بيان بازين ۽ جڙتو پروپئگنڊائن جو سخت طوفان کڙو ڪيو ويو. اسان جي خلاف ڪيئي شرمناڪ الزام لڳايا ويا. اسان کي ”وطن غدار“ جي لقب سان نوازيو ويو، نظر بندين ۽ ٻين آزمائشن ۾ وڌو ويو ۽ آخر سواءِ ڪنهن نياءَ جي جيلن ۾ اڇلايو ويو. ايئن چئجي ته ”ڏهه – سالا اصلاحات“ اسان جي حق ۾ ”ڏهه – ساله انتقام“ جي روپ ۾ ثابت ٿيا، ته انهيءَ ۾ ڪو به مبالغو نه ٿيندو.
سرڪاري مشينريءَ جي ايترين ڪرم فرمائين کان علاوه، ملڪي اخبارن اسان جي نقطئه نظر کي شايع ڪرڻ کان هڪ طرف انڪار ڪري ڇڏيو ته ٻئي طرف انهن ئي ساڳين اخبارن پاڻ کي انساني بنيادي حقن تقرير ۽ تحرير جي آزادانه پيشڪش جو علمبردار چوائيندي، ڪو به عار محسوس ڪو نه ٿي ڪيو. اسان کي هٿ وٺي ذهني تشدد جو شڪار بنايو ويو ۽ اسان تي جيڪي الزام لڳايا ٿي ويا، تن ۾ لوڻ مرچ ملائي، انهيءَ حد تائين به چيو ويو ته زندگيءَ جي پوئين گهڙيءَ هوندي به پنهنجي پياري وطن سان بيوفائي ڪري، انهن طاقتن جا ايجنٽ بنجي ويا آهيون، جن سان لڙندي، اسان پنهنجي حياتيءَ جو وڏو حصو خرچ ڪيو هو. افسوس جو مقام آهي ته مخالفن اڃا به ٻه قدم اڳتي وڌي، اسلام سان اسان جي ذهني ۽ روحاني وابستگيءَ کي به مشڪوڪ ڄاڻايو. اها نازيبا حرڪت، هن حقيقت ڄاڻندي به ڪئي ٿي ويئي ته دنيا جي هن حصي (سنڌ) ۾، اسلام جي اشاعت، اسان جي بزرگن جي ئي ذريعي ٿي هئي ۽ هن وقت به اسان جي زندگي جي هر رخ تي مذهب جو ئي روح ڇانيل آهي.
اسان اهڙو ڪو به گناهه ڪو نه ڪيو هو، جنهن جي پاداش ۾ اسان تي ايتري قدر ظلم ڪيا وڃن، انسان، انسان سان بي رحميءَ جو سلوڪ ته ڪري سگهي ٿو، پر ايتري قدر مسلسل نه ۽ نڪي خدا ترسيءَ کان ايتري حد تائين بي نياز رهي!
اسان کي جنهن ڳالهه خاص طور ذهني تڪليف پهچائي، اها هيءَ هئي ته اسان جي نيت، اسان جي حب الوطنيءَ ۽ ايماني جذبي متعلق فيصلو، انگريزن جا اها اڳوڻا نمڪخوار ملازم ڪندا ٿي رهيا، جن جو پنهنجو ماضيءَ هيءُ هو ته جڏهن اسان، سندن آقائن سان لڙهي رهيا هئاسون ۽ انهن کي پنهنجي وطن مان لوڌي، هڪالي ڪڍڻ جون ڪوششون ڪري رهيا هئاسون، تڏهن اهي ساڳيا انگريزن جا نمڪخوار نوڪر، انتهائي ضمير فروشيءَ سان، پنهنجن آقائن سان وڏيءَ وفاداريءَ جو عملي ثبوت پيش ڪندا ٿي رهيا. غالباً، اهڙن ماڻهن لاءِ، انهيءَ راهه اختيار ڪرڻ کانسواءِ، ٻيو ڪو چارو به ڪو نه هو. هنن پوءِ، ”ون يونٽ جي.... ٻار“ کي، جائز اولاد ثابت ڪرڻ جي مقصد سان، ان جو هڪ خانداني شجرو پڻ تيار ڪري ورتو، جو هيٺين ريت هو:
اسلام
/
پاڪستان
/
ون يونٽ
انهيءَ شجري تيار ڪرڻ جو خاص مقصد هيءُ هو ته جيڪڏهن ڪو شخص، ون يونٽ جي مخالفت ڪري ته ان کي آسانيءَ سان ”اسلام دشمن“ لقب لڳارائي، اسلامي دائري مان خارج ڪري سگهجي. يعني آٽي مان گهوٻاٽو مراد ورتي وڃي!
ڪنهن ناجائز ٻار کي ايڏي مقام ڏيڻ جي اهڙي ترڪيب يورپ ۾، جاگيرداري دور جي اليگزينڊر ڇهين نالي پوپ کي به ذهن ۾ ڪا نه آئي هئي.
جيڪي ماڻهو يورپ جي ”نشاط-ثانيه“ واري دور جي تاريخ کان واقف آهن، انهن کي معلوم آهي ته اليگزينڊر ڇهون، ڪيترن ئي ناجائز ٻارن جو پيءُ هو. هو، انهن سان بيحد محبت ڪندو هو، پر انهيءَ هوندي به هن ڪڏهن به ايئن ڪين ڪيو ته ناجائز اولاد جي حق ۾ مذهب کي استعمال ڪري. هن ۾ ايتري شائستگي هئي ۽ هن پنهنجي مذهب جو ايتري قدر احترام ٿي ڪيو. هن پنهنجن ٻچن جي مفاد ۽ مذهب، مادي ۽ روحاني معاملن کي هڪٻئي سان ملائي، دنيا جي سامهون اهڙي کچڻي پيش ڪا نه ڪئي. بهرحال، اهو ماضيءَ جو ذڪر هو. هن وقت اسين انهيءَ خيال ۾ هئاسون ته تيرهن سالن جي تلخ تجربن بعد، انهن ماڻهن جو هوش ضرور ڪنهن صحيح ٽڪاڻي تي آيل هوندو ۽ هو سواءِ ڪنهن ٽال مٽول، حجت ۽ انڪار جي قلبي وسعت ۽ حقيقت پسنديءَ کان ڪم وٺندي، ون يونٽ جهڙيءَ عظيم غلطيءَ جي تلافي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا هوندا، ته جيئن:
گذريل عرصي جا سمورا زخم مڙي اچن،
گذريل سموريون تڪليفون ۽ تلخ يادگيريون وسري وڃن ۽ اولهه پاڪستان جي مڙني هاڪن جي وچ ۾ باهمي اعتماد ۽ خوشنوديءَ واري فضا بحال ٿي وڃي ۽
اسان جو عزيز وطن پاڪستان، انهن سمورين تڪليفن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري، جيڪي اندروني اختلافن، رقابتن ۽ علائقائي ڇڪتاڻ سببان، عام منظر تي اچي چڪيون آهن.
پاڪستان کي اسان سڀني ۾ وڏيون اميدون آهن، اهي اميدون بلڪل جائز آهن ۽ اهي فقط انهيءَ صورت ۾ پوريون ٿي سگهن ٿيون. جڏهن اسان سڀني جو پاڻ ۾ اتحاد ۽ محبت جي عملي صورت، عام منظر تي اچي.
پر، مون کي اهو ڏسي بيحد ڏک پهتو آهي ته ون يونٽ جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ جيڪي تجويزون اڄڪلهه پيش ٿي رهيون آهن، تن مان اها ڳالهه ثابت ئي ڪا نه ٿي ٿئي ته اسين اڄ به پنهنجي تدير، سچائيءَ، حب الوطنيءَ، حقيقت پسنديءَ، معاملي فهميءَ ۽ جرات کي عملي صورت ۾ آڻڻ لاءِ تيار ٿي چڪا آهيون، يا اسان جي سوچ جي گهرائيءَ ۾، ملڪي استحڪام ۽ اتحاد جي طرفداريءَ جو اعليٰ جذبو ڪم ڪري رهيو آهي. مثال طور، آءٌ انهيءَ مسئلي متعلق پيش ٿيل چند تجويزن تان پردو هٽائڻ چاهيان ٿو، ته جيئن هر هڪ محب وطن ماڻهو، حقيقت کان واقف ٿي، ڪنهن صحيح نتيجي تي پهچي سگهي.
هڪ مڪتبه خيال وارن جي هيءَ تجويز آهي ته پهريائن 1956ع وارو آئين زندهه ڪيو وڃي، يعني ”مساوات“ جي بنياد تي اسيمبلي قائم ڪرائي وڃي، جنهن ۾ هڪ گروهه اهڙن ميمبرن صاحبن جو به قدم رنج فرمائي اچي، جيڪو جرڳن جي بنياد تي ڊپٽي ڪمشنرن جو چونڊيل هجي ته جيئن مهل سر، ون يونٽ جي مسئلي جي باري ۾ پراڻن سياسي واپارين کي ٻيهر سوديبازي ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ۽ جيستائين اهڙا انتظامات مڪمل نه ٿين، تيسين ون يونٽ جي مسئلي کي گندي ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ، ڪنهن سردخاني ۾ اڇليو وڃي.
ٻئي مڪتبه خيال وارا، هن تجويز تي زور ڏيئي رهيا آهن ته جيئن اسان جن زخمن ۾ وڌيڪ لوڻ ٻرڪڻ جي نيت سان، موجوده انتظاميه کي وڌيڪ اختيارات سان نوازيو وڃي. يعني جنهن انتظاميه، هيءَ سموري باهه لڳائي آهي ۽ جنهن کان خود ذاتي ملڪيتن جا انگ اکر (گوشواره) طلبيا پيا وڃن، انهن جي ئي گرفت ۽ اڳئين کان به وڌيڪ جڪڙيل رهجي.
ٽئين مڪتبه خيال وارن، هيءَ نسخو تجويز فرمايو آهي ته ون يونٽ جي سرشتي هيٺ رخميل ماڻهن جي ڦٽن تي، ”ليفٽيننٽ گورنرن جي مرهم پٽي ڪئي وڃي.“
اهڙيءَ ريت، سياسي طبيبن جو هڪ چوٿون گروه، شروع کان ئي زبردست سرجريءَ (وڍ – ٽڪ) جو قائل آهي. هيءَ گروه چاهي ٿو ته اسان جن علائقن کي اندروني طور وڍي، سنڍيون سنڍيون ڪري، هر هڪ سنڍيءَ کي ”رياست“ جو لقب ڏيئي، الڳ گورنر، الڳ وزارت ۽ الڳ سيڪريٽريٽ جي ڳري بار هيٺان دٻائي رکجي. انهيءَ علاج جي ترڪيب پٺيان خطرناڪ دشمنيءَ جو مهلڪ جذبو، ڪارفرما نظر اچي رهيو آهي.
اهي چوٿين گروه وارا سيلسي طبيب، حق پلئه وجهڻ درڪنار، مورڳو سخت سزا ڏيڻ چاهين ٿا ۽ اها ئي سزا تجويز ڪئي پئي وڃي ته اسان جن علائقن کي هر صورت ۾ اندروني طور ٽڪرا ٽڪرا ڪيو وڃي. انهيءَ حالت ۾، اسان جا پاڻ ۾ هڪٻئي سان اندروني تعلقات، اسان جي ثقافت، اسان جي زبان، اسان جي تاريخ ۽ اسان جي گڏيل مفادن کي ڇڙوڇڙ ڪري، ڪک – پن وانگر هوا ۾ واءُ وکر ڪيو وڃي، ته جيئن اسان جي علائقائي اندروني يڪشتي ۽ سياسي گرمجوشي آهستي، آهستي، بنياد کان ئي ٽٽي، ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي.
منهنجو هيءُ اندازو آهي ته جن دماغن مان اهڙيون کلم کلا انتقامي بدلي وٺڻ جون تجويزون پيش ڪيون وڃن ٿيون، اهي دماغ سالم نه آهن؛ بلڪ ايئن چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو ته اهڙا دماغ، هر چڱيءَ چيز جي ساڃهه پاڻ مان وڃائي چڪا آهن. بهرحال، پوءِ به مون کي اها ئي اميد آهي ته اهڙن غير سالم دماغ ماڻهن جو تعداد، فقط آڱرين تي ڳڻڻ جيترو هوندو، جي پاڻ کي ايتري افسوسناڪ حد تائين ڪيرائي، اهڙي زهريلي سوچ جا عادي بنجي چڪا هجن.
آخر ۾، هڪ ٻيو به طريقو آهي، ۽ اهو ٻين تجويز بازن جي ڀيٽ ۾، غالباً زياده چالباز ثابت ٿيو آهي. انهيءَ طبقي جي هيءَ منشا آهي ته ون يونٽ کي هٿ لائڻ بجاءِ، زونل فيڊريشن جي مضبوط لفافي ۾ وجهي، ضايع ٿيڻ کان بچايو وڃي، ته جيئن اڳوڻا ساڳيا مقصد، جيڪي ون يونٽ ٺاهڻ جا خاص محرڪ هئا، آئينده به فيڊريشن جي ذريعي حاصل ڪبا رهجن.
افسوس جي جاءِ آهي ته ڪنهن به پارٽيءَ ۾ ايتري ذهني ديانتداري ۽ اعليٰ حوصلو نه رهيو آهي ته هوءَ، علي اعلان ايئن چئي ڏئي ته جيڪي غلطيون، 1955ع ۾ ڪيون ويون هيون. انهن کي دل جي خلوص ۽ ايمانداريءَ سان درست ڪيو وڃي. ته جيئن 1955ع کان وٺي اڄ تائين ، تيرهن سالن جي طويل عرصي کان زخميل دلين ۾ ٻيهر محبت پيدا ٿئي ۽ هڪٻئي ڏانهن صحيح اعتماد ۽ ڀروسي جي صورت، نئين سر قائم ٿي وڃي.
آءٌ پنهنجي طرفان صاف طور ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن اڃا تائين انهن ماڻهن ۾ ڪو صحيح عقل نه آيو آهي ته ڀل نه اچي، پر ڪم از ڪم اسين اڄ، اڳئين کان وڌيڪ باخبر ٿي چڪا آهيون.
اسين اڄ، هر چالبازيءَ جي تهه، ان جي نتيجن ۽ خطرن کان پوريءَ ريت آگاهه ٿي چڪا آهيون. ڇاڪاڻ ته زماني جي گردشن، اسان کي گهڻو ڪجهه سيکاري ڇڏيو آهي.!
منهنجا عزيز ڀائرو! آءٌ اڄ علي اعلان هيءَ حقيقت ٻڌائڻ گهران ٿو ته اسين ڪک پن نه آهيون جو ڪير اسان کي هوا ۾ اڇلي، واءُ وکڙ ڪري سگهي. اسان جو ملڪ ٽن مضبوط ٿنڀن تي بيٺل آهي: (1) اوڀر پاڪستان، (2) پنجاب ۽ (3) اسين ٽيئي سرحدي علائقا: پاڪستان جي عظمت ۽ سر بلنديءَ کي چمڪائڻ ۽ مضبوط رکڻ ۾، اسان ٽنهي جو هڪجهڙو حصو آهي، جيئن ته.
اوڀر پاڪستان کي تعليم، سياسي سجاڳي ۽ ملڪي ملازمتن ۾ اڳرائي حاصل آهي ۽
اسان ٽنهي سرحدي علائقن(سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد) جي ايراضي ٻئي سموري پاڪستان جي ايراضيءَ کان وڌيڪ آهي. اسان جي ايراضي ٻه لک، ٽي هزار چورس ميلن ۾ آهي ۽ باقي پاڪستان هڪ لک، ست هزار چورس ميل آهي.
نقشي ڏانهن نهاريو ته ايئن ڏسڻ ۾ ايندو ته اسان کي گويا اهو اعزاز حاصل آهي ته اسين پاڪستان کي پنهنجيءَ گود ۾ جهليون بيٺا آهيون. دفاعي حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان اسان غير معمولي اهميت حاصل آهي ۽ اسين پنهنجي عزيز وطن جي سرحدن جا نگهبان آهيون.
اسان وٽ زرخيز ماٿريون ۽ اهڙا پهاڙ موجود آهن، جن ڏانهن جيڪر پورو توجهه ڏنو وڃي ته بيشمار معدني دولت حاصل ڪري سگهجي ٿي. اسين هڪ عظيم تمدن جا محافظ آهيون. اسان جي هنر، فن ۽ ڪلچر جي سڄيءَ دنيا ۾ شهرت آهي. اسان جي هنر ۽ فن جون ڪيتريون چيزون، يورپ ۽ آفريڪا جي نشستگاهن جي زينت بنيل آهن ۽ اسان جي پوشاڪ جون ڪيتريون چيزون، دنيا جون حسينائون وڏي فخر سان استعمال ڪري رهيون آهن. اسين انڊس، گنڌارا ۽ ڪوشان جهڙين عظيم تهذيبن جا وارث آهيون ۽ انهيءَ ئي سببان اسان جي تاريخ کي پنجن هزارن سالن جي قدامت حاصل آهي!
منهنجا ڀائرو! اوهان پاڻ ئي انصاف ڪريو ته هوا ۾ واءُ وکڙ ڪرڻ لائق ڪک، پن، ايتريءَ اهميت ۽ الاهي عنايت جو ايترو بوجهه ڪهڙيءَ طرح پنهنجن ڪلهن تي کڻي سگهن ٿا؟
اسان جي هيءَ دعوى آهي ته اسين ”ننڍا صوبا“ نه آهيون. اسان کي ”ننڍا صوبا“ ڪوٺڻ، هڪ وڏي غلطي آهي. آءٌ اڄ، انهيءَ غلط بيانيءَ جي پر زور ترديد ڪريان ٿو.
منهنجا عزيز ڀائرو! انهن باهمي جهڳڙن ۽ فسادن هوندي به اسين سمورا پاڪستاني آهيون. اسين سڀيئي ملڪ جا خدمتگذار آهيون. اسين ملڪ جا شهري آهيون ۽ ملڪ جا جانباز سپاهي آهيون. اسان جو هيءَ عزم آهي ته ملڪ خاطر، اسين پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪنداسين، ته جيئن ملڪ جي سالميت ۽ ان جو وقار ۽ ناموس، دنيا جي قومن ۾ قائم ۽ دائم رهي.
اسين پنهنجي لاءِ فقط ايترو چاهيون ٿا ته اسان جن صوبن کي اصلوڪيءَ صورت ۾ بحال ڪيو وڃي، ته جيئن پنهنجن اندروني معاملن جو انتظام اسين پاڻ هلائي سگهون، اسان جو اهو حق، سواءِ ڪنهن ديرمدار ۽ ٽال مٽول جي فوراً تسليم ڪيو وڃي.
معزز حضرات! آءٌ پنهنجي گذارش ختم ڪريان، ان کان اڳ اوهان اهو ضرور چاهيندا ته آءٌ تنظيمي معاملن متعلق به پنهنجن خيالن جو اظهار ڪريان. سڀ کان اول، آءٌ اوهان جي خدمت ۾ هيءُ مبارڪ پيش ڪندس ته اوهان پنهنجي صوبي ۾ متحده محاذ قائم ڪيو آهي، جنهن جو نتيجو هيءَ آهي ته مان اڄوڪي مجلس ۾ بلوچستان جي سوسائٽيءَ جو لب و لباب پنهنجن اکين سان ڏسي، بيحد مسرت محسوس ڪري رهيو آهيان. مون کي معلوم آهي ته انهيءَ ڪوشش ۾ اهو ئي جذبو محرڪ آهي، جنهن کان اسان متاثر ٿي، سنڌ ۾ متحده محاذ قائم ڪيو آهي. ساڳيءَ طرح، اسان جا سرحدي ڀائر به پنهنجي صوبي ۾، اهڙي محاذ قائم ڪرڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪري رهيا آهن. آءٌ اوهان کي يقين ڏريان ٿو ته اوهان بلڪل صحيح لائين تي سوچيو آهي. اڄ جي زماني ۾ جيڪڏهن اتحاد نه آهي ته طاقت نه آهي ۽ جيڪڏهن طاقت نه آهي ته پوءَ ڪير به ڪنهن جي ٻڌڻ نٿو چاهي.
هاڻي رهيو آئيندي جو سوال، ان متعلق منهنجي هيءَ راءِ آهي ته جڏهن هي ٽيئي محاذ گڏجي ڪم ڪن، تڏهن سندن وچ ۾ وفاقي طريقي جو تعلق پيدا ڪيو وڃي ته جيئن ٽيئي محاذ، هم آواز بنجي، پنهنجا جذبات مشرقي پاڪستان جي ڀائرن ۽ ٿي سگهي ته اولهه پاڪستان جي ڪن سياسي پارٽين جي خدمت ۾ پيش پيش ڪيا وڃن. مون کي خوشي آهي ته اوڀر پاڪستان جي قريباً سڀني سياسي پارٽين، اسان جي مطالبي کي ڌيان سان ٻڌندي، پنهنجي ”نڪات“ ۾ شامل ڪيو آهي. آءٌ انهيءَ سلسلي ۾ سندن نهايت ئي شڪر گذار آهيان ۽ منجهن اها ئي اميد رکان ٿو ته هو اسان سان آخر دم تائين تعاون ڪندا رهندا. منهنجي هيءَ به دلي تمنا آهي ته سندن مڙني جائز مطالبن جي تڪميل جو پڻ خاطر خواه بندوبست ٿي وڃي.
آءٌ، پنجاب جي سياسي قيادت کان نااميد نه آهيان. مون کي يقين آهي ته چرڪي يا سگهي، هو ءَ به ضرور هڪ ڏينهن اسان جي همدردي ڪرڻ لاءِ آماده ٿيندي ۽ انهيءَ همدرديءَ کي دل جي انتهائيءَ ڪشادگيءَ سان ڪم آڻيندي.
حضرات! اوهان جي حق ۾ منهنجي هيءَ دلي دعا آهي ته شال اوهان جي تنظيم زياده کان زياده وسيع ۽ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ طاقتور ٿيندي رهي ۽ اوهان جا اهي ڀائر، جيڪي اڃا تائين پنهنجي شموليت متعلق سوچي رهيا آهن، اهي به جلد اوهان جي حلقي ۾ شامل ٿي وڃن!
اوهان مون کي معاف ڪرڻ فرمائيندا، جيڪڏهن آءٌ اوهان جي خدمت ۾، هيءُ مشورو پيش ڪريان ته جن ڀائرن اوهان جي صوبي ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي يا اوهان جي وطن کي پنهنجو وطن بنايو آهي، انهن کي اوهان بلوچستان جي سوسائٽيءَ جو هڪ جزو تصور فرمايو. انهيءَ ڳالهه ۾ ڪڏهن به نه الجهو ته هو ڪٿان آيا آهن. مطلب ته هر اهو شخص، جيڪو بلوچستان جي سر زمين تي آباد آهن. ان کي بلوچستاني سمجهيو وڃي ۽ بلوچستان ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ ڪنهن به قسم جي فرق کي برداشت نه ڪيو وڃي. سڀني کي هڪجهڙا حق حاصل هجن ۽ سڀني سان ساڳيو سلوڪ اختيار ڪيو وڃي. ٻين لفظن ۾ اوهان جو ”اپروچ“ محبت تي هجي، نه نفرت تي. نفرت جو جذبو انسان جي بد ترين ڪمزوري آهي، جنهن مان مڙني انساني قدرن ۽ اعليٰ مقصدن کي وڏو ڇيهو رسي ٿو.
آخر ۾ آءٌ، ٻيهر دعا لاءِ هٿ کڻندي، هنن لفظن سان پنهنجي عرضداشت ختم ڪريان ٿو ته الله تعاليٰ اوهان کي ڪاميابي عطا فرمائي، ته جيئن اوهان نه فقط پنهنجي صوبي لاءِ، پر سموري ملڪ لاءِ طاقت ۽ فخر جو باعث ثابت ٿيو.
(هي تقرير سائين جي ايم سيد ڪوئيٽا – بلوچستان متحده محاذ جي مرڪزي آفيس جي افتتاحيه موقعي تاريخ 5- آڪٽوبر 1969ع تي ڪوئيٽا ۾ ڪئي).