سنڌ، بلوچستان ۽ پختونستان جي آزادي
اوهان ننڍي کنڊ ۾ آزاديءَ جا علمبردار رهيا آهيو. اوهان ان وقت پختونستان جي اوچن جبلن ۾ برطانوي سامراج کي للڪاريو هو، جڏهن ان جي حڪومت مٿان سج ڪڏهن به نه لهندو هو. پر اهو اوهان جي شاندار جدوجهد، بي مثال قربانيءَ ۽ لازوال ايثار جو نتيجو آهي جو اڄ ان سامراج تي سج اڀري ئي نه ٿو. سامراج خلاف هيءَ عظيم ۽ اذيت ناڪ جنگ، اوهان سادگيءَ، سچائيءَ، ايمانداريءَ ۽ بي ڊپائيءَ جي مجسم تصوير بنجي وڙهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اوهان اڄ جي دنيا ۾ سچائيءَ ۽ سادگيءَ جي تصوير آهيو. اوهان ننڍي کنڊ جي سياست ۾ سچائي، سادگي، بيڊپائيءَ ۽ عدم تشدد جي زرين اصولن کي نه صرف متعارف ڪرايو، پر ان تي پاڻ به عمل ڪيو ۽ گڏوگڏ پنهنجي قوم کان به عمل ڪرايو. ان ڪري ئي مون کي يقين آهي ته اڄوڪيءَ سموري دنيا ۾ مهاتما گانڌيءَ جا حقيقي جانشين اوهان ئي آهيو ۽ هيءَ دنيا، جيڪا اڄ بارود جي ڍير جي مٿان بيٺي آهي ۽ جنهن جي ڦاٽڻ جي ڊپ کان ڪروڙين مائرون ۽ معصوم ٻار، امن جي آس ۾ دنيا جي اڳواڻن ڏانهن واجهائي رهيا آهن، انهن کي دائمي امن ۽ لازوال مسرتون، صرف عدم تشدد جي اصول تي عمل ڪرڻ سان ئي ملي سگهن ٿيون، جنهن جي شارح هن دؤر ۾ صرف اوهان جي ذات آهي. اوهان عدم تشدد جي ذريعي ننڍي کنڊ جي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي ان ڪري ئي ننڍي کنڊ جي ماڻهن اوهان کي پيار ۽ عقيدت مان ”سرحدي گانڌي“ جو تاريخي خطاب ڏنو آهي.
عزت ماب!
آزاديءَ جي جدوجهد جي نتيجي ۾ هن خطي جي قومن کي گوري انگريز کان ته نجات ملي ويئي، پر انهن کي حقيقي حق ۽ آزاديون نه ملي سگهيون، ڇاڪاڻ ته انگريز ويندي ويندي پنهنجي ازلي ۽ ابدي وفادارن کي هن خطي جي ماڻهن جي ”اڇي ڪاري“ جو مالڪ بنائي ويو. اهو ئي سبب آهي جو انگريز جي نڪري وڃڻ کان پوءِ اوهان جي جدوجهد ختم نه ٿي آهي پر اوهان کي مظلوم قومن جي نجات لاءِ نئين سر جدوجهد ڪرڻي پئي ۽ مختلف مرحلن تي مختلف قسم جي غلامين کان هتان جي عوام کي ڇوٽڪارو حاصل ٿيو.
پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌي، بلوچ ۽ پختون قومن کي ”ون يونٽ“ ذريعي پنجابي استحصالي سامراجين جي غلاميءَ ۾ جڪڙيو ويو پر اها اوهان جي ئي جدوجهد هئي جنهن جي نتيجي ۾ اسان کي ون يونٽ کان ڇوٽڪارو نصيب ٿيو. ون يونٽ خلاف اوهان جي مدبرانه ۽ دليرانه جدوجهد ۽ ان جي نتيجي ۾ ون يونٽ جي خاتمي، اوهان کي هن خطي جي مظلوم قومن جي امام ۽ حقيقي سردار جو درجو ڏيئي ڇڏيو آهي ۽ مظلوم قومن جي ماڻهن کي اوهان جي شاندار ماضيءَ کي ڏسندي اهو يقين آهي ته مستقبل ۾ به اوهان جي عظيم ۽ بي لوث قيادت ۾ قومن جي آزاديءَ جي جيڪا به جدوجهد هلندي. اها يقينن ڪامياب ٿيندي، ڇاڪاڻ ته اوهين حقيقي معنيٰ ۾ مظلوم قومن جي ڪشتيءَ جا ناخُدا آهيو.
جناب والا!
اوهان هن عمر، بيماريءَ ۽ پيريءَ جي عالم ۽ اسان جي نماڻي دعوت تي هتي رونق افروز ٿي اسان کي جيڪو اعزاز بخشيو آهي، ان لاءِ اسان جون پيشانيون، اوهان جي شخصيت جي عظمت جي محرابن ۾ شڪراني جا سجدا ادا ڪن ٿيون ۽ آئون پنهنجي رفيقن، پوئلڳن ۽ سموريءَ سنڌي قوم پاران اوهان کي ڀليڪار چوان ٿو:
اي که آمدنت باعث سعادت ما
(توهان جو اچڻ اسان لاءِ نيڪ بختيءَ جو سبب آهي)
۽ دعا ڪريان ٿو ته:
عمرت دران بادکه تادور مشتري،
ما ازم توبر خوريم و تواز عمر برخوري.
(جيسين تائين ستارن جي گردش باقي آهي، تيستائين زندهه هجو! توهان عمر جو ڦل کائيندا رهو ۽ اسان اوهان مان فائدو حاصل ڪندا رهون.)
آقائي محترم!
اوهان جهڙي عظيم شخصيت جي شايان شان استقبال ڪرڻ کان اسان قاصر آهيون، ان جو ڪارڻ اهو آهي ته اسان مظلوم ۽ غلام قوم جا فرد آهيون.
پاڪستان جي 39 ساله تاريخ ۾ اسان مسلسل جبر ۽ ڦر لٽ جو نشانو بنايا ويا آهيون. اسان جي جداگانه سنڌي قومي وجود کان انڪار ڪيو ويو آهي. سنڌ ملڪ جي جاگرافيائي حدن کي گهٽايو ويو آهي. اسان کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ٻاهرين ماڻهن کي سنڌ ۾ آباد (ڪالونائيز) ڪيو پيو وڃي. هندستان جي ورهاڱي وقت سنڌ ۾ غير سنڌين جو تعداد ٻه لک هو، جيڪو ان وقت ڪل آباديءَ جو پنج سيڪڙو هو، جڏهن ته اڄ اهو انگ وڌي 98 لک ٿي ويو آهي ۽ جيڪو ڪل آبادي جو 48 سيڪڙو آهي. مجموعي طرح هر سال سنڌ ۾ ست لک ماڻهو ٻاهر کان اچي آباد ٿين ٿا. اسان کي پنهنجي قومي وجود جي شناخت کان محروم ڪرڻ لاءِ اسان جي جداگانه قومي تشخص کي ڪچليو ويو آهي. اسان جي ديس کي، جيڪو دنيا جي تاريخ ۾ پنجن هزارن سالن کان وٺي هڪ ملڪ جي حيثيت ۾ موجود پئي رهيو آهي، غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙي، برابريءَ جي حق کان محروم رکي، هڪ وڏي ۽ جارحيت پسند صوبي ( پنجاب) جي هٿ هيٺ رکيو ويو آهي، اسان جي قديم ۽ پنج هزار سال پراڻي زبان جي وجود کي ختم ڪرڻ لاءِ ان جي ترقيءَ جي راهن ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون ويون آهن. ان کي قومي زبان جو درجو نه ڏنو ويو آهي، اسان کي انسانيت جي درجي کان ڪيرائڻ لاءِ اسان جي محبت واري دين کي محدود ڪري نفرت جي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. سنڌي قوم کي سنڌ جي آمدنيءَ کان محروم ڪرڻ لاءِ اسان جي ديس جي پيداواري ذريعن، ڪسٽم، ايڪسائيز ڊيوٽي، انڪم ٽيڪس، ڪارپوريشن ٽيڪس، سيلز ٽيڪس، ملڪي ۽ ٻاهرئين واپار وغيره کي مرڪز جي ڪنٽرول ۾ ڏيئي. سموريءَ قوم کي مفلس ۽ نادار بڻايو ويو آهي. اسان جي انڊسٽريز، کاڻن ۽ سمورن اهم کاتن ۾ ملازمتن تي ڌارين کان قبضو ڪرايو ويو آهي. ٻئي طرف سنڌو درياهه ۽ ان سان لاڳاپيل درياهن جي پاڻيءَ تي غاصبانه قبضو ڄمائي، سنڌ جي زمينن کي بٺ بڻايو پيو وڃي ۽ اسان جو لاتعداد بنجر زمينون، جن کي آباديءَ لائق بنائڻ جي دڙن ۽ ڪلر جي نذر ٿي چڪيون آهن ۽ انهن جي سڌاري لاءِ مخصوص ڪيل رقم ون يونٽي دور ۾ هضم ڪئي وئي. ان وقت ۽ اڄ به سنڌ جي اجازت کانسواءِ پنجاب ۾ ڪيترائي ڊيم بنايا ويا آهن ۽ بنايا پيا وڃن. سنڌ مان لڀندڙ معدنيات، ڪوئلي، گيس ۽ تيل وغيره تي قبضو ڪري، انهن مان حاصل ٿيندڙ سموري آمدني اسان کان کسي وئي آهي.
سنڌ وطن ۾ جيترا به ڪارخانا آهن، انهن مان 95 سيڪڙو تي غير سنڌين جو قبضو آهي. ڪارخانن، کاڻين ۽ ٽرانسپورٽ ۾ 95 سيڪڙو ملازمتون غير سنڌين کي ڏنيون ٿيون وڃن. سموريون بئنڪون مرڪز جي تحويل ۾ ڏئي، پئسي تي هڪ مخصوص ٽولي جو ڪنٽرول مضبوط ڪيو ويو آهي. فوج ۾ هڪ سيڪڙو به سنڌي نه کنيا ويا آهن. ٻئي طرف هندستان ۽ افغانستان جي موهوم ۽ مصنوعي خطري جو هل هلائي، سامراجي طاقتن کان بي انداز هٿيار حاصل ڪري پنهنجي ماڻهن کي سکيا ڏياري، اسان جي غلاميءَ لاءِ ڪم آندو ٿو وڃي. خارجي معاملن ۾ اسان کي ڪو به حصو نه ڏنو ويو آهي. مجموعي طرح 80 سيڪڙو آمدني سنڌ مان وصول ڪرڻ جي باوجود سنڌ تي ٻه سيڪڙو به خرچ نه ٿو ڪيو وڃي.
مسلم قوم جي نعري جي آڙ ۾ سنڌي قوم کي 21 سيڪڙو نمائندگي ڏئي، اقليت بنائي، 46 سيڪڙو نمائندگي رکندڙ وڏي ۽ جارح صوبي جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. ان حالت ۾ اسان جي آواز کي غير موثر بنائڻ لاءِ اخبارن، رسالن، ڪتابن ۽ اظهار لاءِ ٻين ذريعن کي جن وسيلي سنڌي شعور وڌي سگهي ٿو، محدود ۽ مسدود ڪيو ويو آهي. هر اها ڳالهه جيڪا سنڌي قوم جي مفاد لاءِ ڪئي وڃي، ان تي اسلام دشمني، ملڪي سلامتيءَ جي خلاف ۽ صوبائي تعصب جا الزام لڳائي دٻايو وڃي ٿو.
اها ته آهي اسان جي معاشي ۽ ذهني حالت، ٻئي طرف جسماني طور پاڪستان جي پوريءَ تاريخ ۾ پنهنجي ديس کي زنجيرن ۾ سوگهو ڪري ٻڌل رکيو ويو آهي. آئون 24 سالن کان قيد ۽ نظر بند آهيان. ڪوڙا، گوليون، ڦاسيون ۽ ٻيون اذيتون اسان جو مقدر بنجي ويون آهن. منهنجي قوم جي بهادر پٽن ۽ غيرتمند نياڻين کي پنهنجي عمرين جو هڪ بهترين حصو جيل خانن ۽ اذيت گاهن ۾ گذارڻو پيو آهي. منهنجي تحريڪ(جيئي سنڌ تحريڪ) جي بهادر فرزندن کي فوجي درندن منهنجي اکين آڏو گولين جو بک بنايو ۽ کين ڌاڙيل ۽ چور جي لقبن سان نوازيو. اڄ به سنڌ جا فرزند جيلن ۾ سڙي رهيا آهن. سموري پاڪستان جا سياسي قيدي آزاد ڪيا ويا آهن. پر ان آزادي جو سج مون لاءِ ۽ منهنجي ڌرتيءَ جي فرزندن لاءِ اڃا اڀريو نه آهي. ويجهي ماضي ۾ سنڌي قوم جي گهرن تي جهازن رستي بمباري ڪئي ويئي. ڳوٺن ۽ فصلن کي باهيون لڳايون ويون، معصوم ٻارن ۽ عورتن کي هفتن تائين پاڻي ۽ خوراڪ کان محروم رکيو ويو. قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندڙ ماڻهن جي مٿان پوليس ۽ فوج جون ٽرڪون چاڙهيون ويون. ان صورتحال ۾ اسان محسوس ڪريون ٿا ته اسان تي اسان جا ڀائر نه پر ڪو غير ملڪي ۽ غير قومي سامراجي حڪومت ڪري رهيو آهي.
جڏهن ته غير ملڪي سامراج به اسان سان ايئن نه ڪيو، هن وقت وري اسان کي جمهوريت جي نالي تي بيوقوف بڻائي، پنجاب جي بي رحم اڪثريت جي ماتحت رکيو ويو آهي. جيڪا اسان کي ڏينهون ڏينهن ٿورائيءَ ۾ تبديل ڪرڻ ۽ اسان جي قومي تشخص کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ تي بضد آهي. ان حالت ۾ 40 ورهين جي تجربي جي روشني ۾ آئون ان نتيجي تي پهتو آهيان ته هتان جو حڪمران ٽولو ”صم، بکم“ انڌي ٻوڙي ۽ گونگي، جي منزل تي پهچي ويو آهي. اهو نه ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ۽ نه سمجهڻ لاءِ تيار آهي. ان ڪري آئون ان نتيجي تي پهچي چڪو آهيان ته رياست جو موجوده ڍانچو تبديل ڪري، قومن کي آزاد ۽ خودمختيار بنائي، اڪثريت جي ظلم کان، نجات ڏياري وڃي ۽ ان مقصد جو حصول موجوده آمرانه ۽ غير جمهوري حڪومت جي دؤر ۾ وڌيڪ ممڪن آهي. بنسبت ان غاصب چونڊيل جمهوري حڪومت ۾، جيڪا منظم منصوبي بنديءَ هيٺ اسان کي ريڊ انڊين بنائي سگهي. آئون سمجهان ٿو ته هن آمرانه ۽ غير جمهوري صورتحال کي دنيا جي قومن جي عدالتن ۾ چئلينج ڪري سگهجي ٿو. هن وقت اسان کي ۽ ٻين سمورين مظلوم قومن کي اميد ۽ سهارو صرف اوهان جي ذات جو آهي ۽ اوهان بخوبي مختلف طريقن سان پنهنجو ڪيس دنيا جي قومن آڏو پيش ڪري انهن جي مدد سان هن ظالمانه اشڪنجي مان مظلومن کي ڇوٽڪارو ڏياري سگهو ٿا.
اوهان ڀارت ۽ افغانستان ۾ اها حيثيت رکون ٿا جو انهن کي مظلوم قومن جي مدد لاءِ متحرڪ ڪري سگهو ٿا. جيڪڏهن فلسطين ۽ ڏکڻ آفريڪا جي آزاديءَ لاءِ آواز بلند ڪري سگهن ٿا ته اسان لاءِ ڇو نه ٿا آواز اٿاري سگهن. اسان گذريل پنجن هزارن سالن کان بر صغير هنڌ جو تهذيبي، لساني ۽ وطني حيثيت سان حصو رهيا آهيون. اشوڪا، وڪرماجيت ۽ اڪبر ننڍي کنڊ (هند) کي متحد رکڻ لاءِ جيڪي تاريخي ڪوششون ڪيون هيون، تن کي انگريزن سامراجي مقصدن لاءِ ٻه ٽڪر ڪري تاريخ جي عمل جي خلاف فيصلو ڏنو ۽ موجوده دور ۾ هن رياستي ڍانچي ۾ اسلام جي موهوم پرچار وسيلي شري ڪرشن، مهاتما ٻڌ، ڪبير، شاهه عنايت، معين الدين اجميري، شاهه لطيف، بلا شاهه، رحمان بابا، غلام فريد، شاهه باهو، مست توڪلي ۽ گرو نانڪ جي سموري ايڪتا جي ڪوشش جي نفي ڪئي پيئي وڃي ۽ انسان کي صالح ۽ غير صالح بدران مصنوعي شريعتن ۽ مذهبي قانونن جي نالي ۾ ورهايو پيو وڃي. انسانن کي هن قرآني آيت ”ان الذين آمنوا هادواو النصاريٰ والصائبين من آمن باالله واليوم الاخر و عمل صالحاً، ولا خوف عليهم ولاهم يحزنون“ جي خلاف مذهبن جي نالي ۾ ورهائي اتحاد انسانيءَ کي نقصان پهچايو پيو وڃي.
جناب والا!
آخر اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جنهن جي پاداش ۾ اسان کي مختلف طريقن سان محڪوم ۽ غلام بنائي، پنهنجي وطن ۾ ريڊ انڊين جي درجي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي؟ پاڪستان جي اڪثريتي جارحيت اسان کي ايترو تنگ ۽ مجبور ڪيو آهي جو هاڻي اسان سموريون اميدون ختم ڪري، سر سان ڪفن ٻڌي، اوهان جي قيادت ۾ قومي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪريون.
اسان عدم تشدد جا قائل آهيون.
محبت اسان جو مذهب آهي پر ايتري قدر ته لٽيو ڦريو ويو آهي، جو هاڻي اسان جو نعرو آهي ڀيڄ ڀٽائي!
۽ اسان جي منزل آهي سنڌ،بلوچستان ۽ پختونستان جي مڪمل آزادي.
(هي تقرير 17 مارچ 1986ع تي خان عبدالغفار خان جي اڳيان پيش ڪئي هئي)