تاريخ، فلسفو ۽ سياست

پرهه جو پيغمبر (جي ايم سيد جون يادگار تقريرون)

ڪتاب ”پرهه جو پيغمبر“ سنڌ جي قومپرست سياست جي امين، ليکڪ، اديب ۽ عالم سائين جي ايم سيد جي يادگار تقريرن جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب مسيح ڪالاڻي آهي.
سائين جي ايم سيد جون هي 16 تقريرون اڳ ۾ مختلف رسالن، اخبارن توڙي ڪتابن ۾ ٽـڙيل پکڙيل هيون، جن کي سھيڙي ڪتابي شڪل ۾ آڻي ڇپائڻ لاءِ جيڪا محنت ۽ جاکوڙ مسيح ڪالاڻيءَ ڪئي آهي، ان لاءِ کيس داد ئي ڏئي سگهجي ٿو. هي تقريرون 1943ع کان 1995ع تائين سائين جي ايم سيد جي سياسي بصيرت ۽ ڏاهپ جو عڪس پيش ڪن ٿيون ته گڏوگڏ هڪ تاريخي رڪارڊ پڻ آهي. جيڪو ايندڙ نسل لاءِ رهنمائي ۽ معلومات لاءِ دروازا پڻ کوليندو رهندو.
  • 4.5/5.0
  • 5761
  • 2464
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جي ايم سيد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پرهه جو پيغمبر (جي ايم سيد جون يادگار تقريرون)

مظلومن قومن جو استحصال

محترم مهمانو! شيخ مجيب الرحمان صاحب، صدر، پاڪستان عوامي ليگ ۽ ان جا معزز ساٿيو!
اسان سر زمين پاڪستان جي ان حصي ۾ اوهان صاحبن کي دل جي خلوص ۽ گهراين مان خوش آمديد چئون ٿا، جنهن کي ”سنڌ“ جي نالي سان ڪوٺيو وڃي ٿو. آءٌ ان جي باري ۾ وڏيءَ انڪساريءَ سان اوهان کي ٻڌائڻ گهران ٿو ته هيءَ سر زمين ڪيترين خصوصيتن جي بناءَ تي ممتاز حيثيت جي مالڪ آهي. اسين هن علائقي جي تاريخ ۽ هتان جي باشندن جي انهن خوبين ڏانهن اوهان صاحبن جو ڌيان ڇڪائڻ مناسب سمجهون ٿا:
سنڌ اها سر زمين آهي، جنهن جون ”فرحت بخش هوائون“، اسان جي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم، عرب ڏانهن گهلندي محسوس ڪيون هيون.
هن برصغير ۾ فقط سنڌ کي ئي ”باب الاسلام“ هئڻ جو شرف حاصل آهي.
دنيا جي هن حصي ۾، اسلامي تبليغ جي سلسلي ۾، سنڌ نمايان پارٽ ادا ڪيو آهي.
سنڌ کي نبي ڪريم صلعم جي ڪيترن اصحابن سڳورن جي ابدي آرام گاهه هئڻ جو شرف حاصل آهي.
سنڌ جي ماٿريءَ کي ڪيترن ئي مذهبي ۽ روحاني عظيم رهنمائن جي جاءِ ولادت هئڻ جي سعادت حاصل آهي، مثلاً: مخدوم بلاولرح، مخدوم نوحرح، ميان مير رح، شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح ۽ سچل سرمست، انهن مان چند بزرگ آهن. ان کانسواءِ، حضرت شهباز قلندررح ۽ سيد محمد مڪيرح جهڙا عالمي شهرت جا مالڪ، هن سڳوريءَ سر زمين ۾ آرامي آهن.
سنڌ جي سر زمين قائداعظم، ملا مبارڪ (ابو الفضل ۽ فيضيءَ جو والد) ۽ سر آغا خان جهڙن تاريخ ساز شخصيتن کي جنم ڏنو آهي.
اوڻويهين ۽ ويهين صديءَ جي سمورين اسلامي تحريڪن ۾، سنڌ نهايت ئي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سامراجي اصطلاح ۾، جنهن انقلابي تحريڪ کي ”غدر“ (1857ع) جي نالي سان ڪوٺيو وڃي ٿو، ان جي شروعات، هندستان جي ٻين سمورن صوبن کان اڳ، سنڌ مان ٿي هئي. انهيءَ انقلابي تحريڪ کان به اڳ، هيءَ ئي سر زمين هئي جنهن سيد احمد بريلويءَ جهڙي مجاهد اعظم کي جهاد شروع ڪرڻ لاءِ پئسا، ماڻهو ۽ هٿيار موجود ڪري ڏنا هئا. اهڙيءَ طرح، بعد جتي سياسي تحريڪن، مثلاً خلافت تحريڪ، هجرت تحريڪ، مسلم ليگ تحريڪ ۽ پاڪستان تحريڪ، انهن مڙني ۾ سنڌ جي سر زمين غير معمولي خدمتون بجا آنديون آهن. انهن مان ڪيترين تحريڪن کي هن سر زمين، جليل القدر صدر ۽ رهنما پڻ پيش ڪيا آهن، مثلاً قائداعظم، سر آغا خان، مسٽر غلام محمد ڀرڳڙي، سر عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد سنڌي، مولانا عبيدالله سنڌي، رئيس جان محمد جوڻيجو ۽ عالي قدر مولانا امروٽي، انهيءَ زمري ۾ اچن ٿا. پاڪسان جي عظيم تحريڪ جي سلسلي ۾ انهيءَ ڌيان ڇڪائڻ جي ايتري ضرورت نه آهي ته سنڌ جون خدمتون ڪيتريءَ اهميت جون لائق آهن. افسوس جو مقام آهي ته اسان پروپيگنڊا ۽ پنهنجي پذيرائيءَ جي سطحي ڳالهين کي ڪا به اهميت ڪا نه آهي، ورنه اسان وٽ اهڙي لٽريچر جو انبار موجود هجي ها، جنهن ۾ تحريڪ پاڪستان جي مهم جي سلسلي ۾ هتان، جي ماڻهن جي عظيم خدمتن ۽ قربانين جي اهم واقعن سان ڀرپور نظر اچي ها. مثال طور: منزل گاهه (سکر) جي تاريخي جدوجهد کي ڏسجي ته ان موقعي تي، مسلم ليگ پنهنجي تاريخ ۾ پهريون دفعو سول نافرمانيءَ جو رستو اختيار ڪيو. هندن ۽ حڪومت جي گڏيل مخالفانه طاقت جو مقابلو ۽ هر طرح جي جسماني ۽ ذهني تڪليفن ۽ عذابن برداشت ڪرڻ سان گڏوگڏ خون جون پڻ ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون.
مسلمانن جي تعليمي سلسلي ۾، سر سيد احمد خان مرحوم جي آواز تي لبيڪ چوڻ وارن مان، علي ڳڙهه کانپوءِ يا ايئن چئجي ته بنگال کانپوءِ، سنڌ جو نمبر آهي. هتان جو تاريخي تعليمي ادارو، ”سنڌ مدرسته السلام“ هتان جي مسلمانن جي تعليمي دلچسپيءَ جي سلسلي ۾ هڪ زندهه يادگار آهي. هن اداري مان مستقبل جو قائد، محمد علي جناح مرحوم جهڙو عاليٰ رتبي وارو شاگرد پڻ تعليم وٺي چڪو آهي.
پاڪستان تحريڪ جي سلسلي ۾، سنڌ ئي هڪ اهڙو علائقو هو، جنهن برصغير هند پاڪ جي تاريخ ۾ سڀني کان اول، هندستان جي ورهاڱي ۽ مسلمانن لاءِ جدا وطن قائم ڪرڻ لاءِ ٺهراءَ پاس ڪيو. اهو ٺهراءَ، لاهور واري تاريخي قرارداد کان به ٻه سال اڳ، سنڌ مسلم ليگ، آڪٽوبر 1938ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ پاس ڪيو هو.
ساڳيءَ ريت، ملڪي ورهاڱي کان اڳ، هندستان جي مڙني قانون ساز ادارن جي تاريخ ۾، سنڌ علائقي جي قانون ساز اسيمبلي ئي هڪ پهريون ادارو هو، جنهن قيام پاڪستان جي مطالبي جي حمايت ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو. اهو ٺهراءُ مون پيش ڪيو هو ۽ مارچ 1943ع ۾ پاس ڪيو ويو هو. ان وقت، پاڪستان جي حمايت ۾ هندستان جي ٻي ڪا به صوبائي قانون ساز اسيمبلي، انهيءَ حد تائين اڳتي قدم کڻي نه سگهي هئي.
هندستان جي ورهاڱي کانپوءِ، نئينءَ حڪومت جي گاديءَ لاءِ سنڌ ئي پنهنجي صوبائي سيڪريٽريٽ جون عمارتون پيش ڪيون ۽ گڏوگڏ هندستان مان لڏي ايندڙ مهاجرن کي وڏيءَ دل سان خوش آمديد چئي. هتان جا مقامي ماڻهو، مهاجرن سان هر هنڌ هڪ سچي انصاف واري جذبي سان پيش آيا ۽ اڄ به هو انهيءَ ئي جذبي سان تعاون ڪندا رهن ٿا.
جيڪڏهن سنڌ جي تاريخي وسعتن جو مختصر جائزو ورتو وڃي ته هيءَ حقيقت ڏسڻ ۾ ايندي، ته هن سر زمين جي ماڻهن، انسانيت جي اعليٰ قدرن تي نه رڳو يقين رکيو آهي، پر هو وڏيءَ مضبوطيءَ سان انهن تي عمل به ڪندا پئي رهيا آهن. مثال طور، امن ۽ رواداريءَ کي ڏسبو ته عصبيت ۽ جارحيت جي عزائم کان پاڪ نظر ايندي. اهڙيءَ طرح حب الوطني، پاڙيسرين سان تعلقات، انصاف، آزادي ۽ ٻيا اهڙا سمورا اخلاقي اصول، جيڪي انسان ذات جي روحاني ۽ دينوي ورثي جو نچوڙ رهيا آهن، تن تي اهل سنڌ هميشه کان عمل ڪندا رهيا آهن. هتان جي ڪيترين ئي اعليٰ روايتن مان هيءَ به هڪ روايت آهي ته اسان پنهنجي مانيءَ جي ڳڀي ۾ ٻين کي ته شريڪ ڪندا رهيا آهيون، پر پاڻ ڪڏهن به ڪنهن ٻئي شخص جي وات جو گرهه نه کسيو آهي.
سنڌ جي تاريخ جو ٻيو روشن پهلو هيءَ آهي ته هتان جا رهواسي، فطري طور جمهوريت پسند رهيا آهن. سمورو اقتدار ڪنهن هڪ شخص جي هٿ ۾ هجي، هر انهيءَ اصول سان هميشه کان نفرت ڪندا رهيا آهن. جيسين ڪنهن جابر، حملي آور، سنڌ کي ڀيلي، قبضي هيٺ نٿي آندو، تيسين ملڪي اقتدار هميشه هڪ کان وڌيڪ ماڻهن جي هٿن ۾ رهيو؛ يعني مقامي قبيلا، جماعتون ۽ برادريون اقتدار ۾ شريڪ رهيون. مثال طور، جنهن دور ۾ فرينچ، ”هڪ شخص“ جي اقتدار کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندا ٿي رهيا، تڏهن هتي، ان کان به اڳ، حڪومت جو سرشتو وسيع بنيادن تي بيٺل هو. ملڪي اقتدار هڪ ئي ”چؤياري“، يعني چئن ڀائرن جي قبضي ۾ هو، ۽ گڏوگڏ ان ۾ مقامي قبيلن کي به شريڪ ڪيل هو. جيتوڻيڪ اڄ ان دور جي حڪومتي سرشتي کي غير مڪمل ۽ گهٽ اهميت وارو تصور ڪيو ويندو، پر پوءِ به ماضيءَ جا رجحان انهن ئي مکڙين جي ابتدائي صورت جو پتو ڏين ٿا، جيڪي اڳتي هلي جمهوريت جي گلن ۽ ٻوٽن جي شڪل ۾ ٽڙيا ۽ ٻهڪيا. جيڪڏهن اسين انهن رجحانن کي اڄوڪي زماني جي حالتن جي روشنيءَ ۾ ڏسنداسون ته اهي اسان کي واقعي قيمتي معلوم نه ٿيندا، پر پوءِ به اهي رجحان هتان جي ماڻهن جي مزاج جي ساخت جو نشان پتو ضرور ميسر ڪن ٿا.
اسان جو علائقو اڪثر ڪري اهڙن ماڻهن سان آباد رهندو آيو آهي، جن جون دليون هميشه حب الوطنيءَ جي عظيم جذبي سان ٽمٽار رهيون آهن. سندن تاريخ، مسلسل جدوجهد جي هڪ اهڙي تاريخ آهي، جنهن ۾ پنهنجي آزاديءَ جي تحفظ ۽ وطن جي ناموس کي بچائڻ لاءِ وقت بوقت ٻاهرين حملي آورن سان مقابلو ڪندا رهيا آهن. بد قسمتيءَ سببان سنڌ جي سر زمين، عالمي تجارتي شاهراه تي هئڻ ڪري وقت بوقت ان تي قبضي لاءِ ڪاهون ٿينديون رهيون آهن. جيڪڏهن هتان جي رهاڪن ۾ اها خوبي نه هجي ها ته پنجن هزارن سالن جي طويل تاريخ ۾، سنڌ پنهنجي وجود جو تسلسل قائم رکڻ ۽ حملن جي مد وجزو ۾ پاڻ کي زندهه رکڻ جي قابل نه رهي ها. هينئر جڏهن ته حب الوطنيءَ جون فطري حدون، تاريخ جي وسيلي ايتريون وسيع ٿي چڪيون آهن جو پاڪستان کي پنهنجي دائري ۾ شمار ڪندي به ان کي نسبتاً وڌيڪ اهميت بخشي آهي. اسان جي ديسواسين جي ڪردار جي اها تاريخي خصوصيت، مصيبتن ۽ آزمائشن جي هر موقعي ۽ مهل تي سموريءَ قوم لاءِ هڪ قيمتي سرمايو ثابت ٿيندي رهي آهي.
عاليجناب شيخ صاحب! اسان جي سر زمين، خوشقسمتيءَ توڙي بدقسمتيءَ جي ڪيترن ئي دؤرن مان گذري آهي. انگريزن، اسان جي صلح پسنديءَ ۽ واعدي وفائيءَ واري عظيم جذبي مان ناجائز فائدو وٺندي، 1843ع ۾، سنڌ تي قبضو ڪري ورتو. قبضي وارن شروعاتي ڇهن سالن جي عرصي اندر، پنهنجي سهوليت خاطر اسان جي تاريخي جداگانه وجود ۽ وقار کي ختم ڪرڻ ۽ آزاديءَ جي احساس کي ناس ڪرڻ لاءِ، سنڌ کي بمبئيءَ علائقي جو پوئلڳ بڻائي ڇڏيو. آخر لمبيءَ جدوجهد کانپوءِ، جنهن ۾ مسلم ليگ، خلافت ڪميٽي، مسلم ڪانفرنس ۽ جميعت اللعلماءَ هند جهڙين تحريڪن اسان جي همت افزائي ڪئي ۽ قائداعظم، مولانا محمد علي ۽ سر آغا خان جهڙن اعليٰ اڳواڻن اسان جي رهنمائي ڪئي، تڏهن وڃي اسين سنڌ کي بمبئيءَ جي غلاميءَ کان ڇوٽڪاري ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿياسون. ان کانپوءِ، ٻن ڏهه سالن جي عرصي اندر، اسين پاڻ کي نئينءَ حڪومت سان ٺهڪائڻ، پنهنجن ڪوششن جي نتيجن کي سهيڙڻ ۽ نئين دور جي مشنريءَ (1935ع جي قانون جي پيداوار) سان پاڻ کي مانوس ڪرڻ ۾ پورا ڪيا. اسين تسليم ڪريون ٿا ته انهيءَ مدت جو زياده عرصو نون تجربن، غلطين ۽ غلطين جي سڌارڻ ۾ گذاري ڇڏيوسين. ليڪن، برصغير جو ٻيو اهڙو ڪهڙو صوبو آهي، جيڪو انهن مرحلن مان نه گذريو آهي يا ڪهڙي صوبي شروع کان ئي سياسي پختگيءَ جي پائدار راهن تي وک وڌائي آهي؟ دراصل، تاريخ جو اهو دؤر مجموعي طور سڄيءَ دنيا لاءِ هڪ غير معمولي قسم هو. پهريائين ته انهن ڏينهن ۾، عالمي جنگ جا انديشا، ڀيانڪ خطرن جي روپ ۾ هر ڪنهن جي دماغ تي ڇانيل رهيا، ۽ ايئن ئي ڏسندي ڏسندي هڪ عالمي جنگ شروع ٿي ويئي، بدقسمتيءَ سان هندستان جي سياسي فضا ۾ اڳيئي مهاسڀائي هندن ۽ مسلمانن، ڪانگريس ۽ مسلم ليگ، ۽ ڪانگريس ۽ برطانوي حڪومت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب، باهه جون چڻگون دکي رهيون هيون. ساڳئي وقت اسان پاڻ، مقامي طور پنهنجن ئي حدن اندر اقتصادي ۽ فرقيوارانه فسادن سان دوچار هئاسون، جي شروع کان ئي قانوني تعطل ۽ اختلافن ڏانهن وٺي ٿي ويا. بهرحال، هيءَ ڳالهه لازمي هئي ته اهي حالتون اسان جي زندگيءَ جي معاملن تي اثر انداز ٿين ۽ اسان کي وڏيءَ ڇڪتاڻ ۾ الجهائي وجهن. ان بعد اسان هڪ بهتر وقت ۽ مضبوط آئيني زندگيءَ جي اميدن سان ٽئين ڏهه سالي طرف نگاهون کنيون. ليڪن، ان کان اڳ، اهو ٽيون ڏهه سالو اسان کي ميسر ٿئي ئي ٿئي، تنهن کان اڳ اسين ”ون يونٽ“ جي بار هيٺ دٻجي وياسين.
اسين نهايت انڪساريءَ سان اوهان صاحبن ۽ سمورن هموطن ڀائرن کي هيءَ حقيقت گوش گذار ڪرڻ چاهيون ٿا ته ”ون يونٽ“ هڪ سوچيل سمجهيل بي رحمانه ۽ ناقابل عمل آئيني چالبازي هئي؛ جا خود انهن مقصدن مان ئي ثابت ٿئي ٿي جي ان جا محرڪ هئا ۽ جن جو اظهار بدنام زمانه، خفيه دستاويز ”ايڪس“ ۾ ڪيو ويو آهي، يا جنهن نموني تيرهن سالن کان هلندو رهيو آهي، ان مان ئي ظاهر آهي.
اسان جي ون يونٽ جي سرشتي کان نفرت، ڪيترن مختلف سببن جي بنياد تي آهي، جن مان فقط چند پيش ڪريون ٿا:

(1) هيءَ سرشتو تيرهن سالن جي عرصي کان مختلف حڪومتن ۽ مختلف قانوني سرشتن هيٺ رهندو آيو آهي. اڄ سڀني اڳيان هيءَ حقيقت ظاهر ٿي چڪي آهي ته ون يونٽ جو سرشتو ڪامياب ثابت نه ٿيو آهي. ان مان جيڪي نتيجا پيدا ٿيا آهن، سي خود ان جي بانين جي اميدن جي بلڪل خلاف ويا آهن.
(2) اهو سرشتو اولهه پاڪستان جي باشندن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌائڻ جو هڪ خاص سبب بڻيو آهي ۽ ان قومي اتحاد جي نشو و نما کي وڏو ضرر رسايو آهي. اسين سچيءَ دل سان سموري ملڪ جي ڀلائي چاهيون ٿا؛ ڇاڪاڻ ته اسين سمورا ان سان محبت ڪريون ٿا ۽ ان جي ڀلائيءَ لاءِ پنهنجين عزيز حياتين قربان ڪرڻ لاءِ پڻ تيار آهيون. اسين هڪ محب وطن جي حيثيت سان چئون ٿا ته ملڪ جي اندروني رنجشن ۽ رقابتن کي وڌيڪ وقت جاري رکڻ ۽ طاقت جي زور سان موجوده انتظامي سرشتي کي قائم رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ، ڪنهن به صورت ۾ دانائپ وارو ڪم نه آهي. هيءَ حقيقت وسارڻ نه گهرجي ته ون يونٽ جي سرشتي هيٺ ملڪي ڍانچي جا ڪيترا جزا پاڻ کي هيسايل، ڪمزور، ڏتڙيل، ناراض، ذهني طور شڪست خورده، بيمار ۽ بي يارو مددگار محسوس ڪري رهيا آهن.
(3) تفصيلوار شڪايتن جي وضاحت کي في الحال هڪ طرف رکندي، ايئن چوڻو پوندو ته ون يونٽ، سنڌ جي ماڻهن جي خودداريءَ جي احساس کي مجروح ڪرڻ سان گڏوگڏ، کين آزاديءَ جي نعمت کان پڻ محروم ڪري ڇڏيو آهي. در حقيقت موجوده صورت ۾ آزاديءَ جي ڪا به معنيٰ ڪا نه ٿي رهي. جڏهن صورتحال هيءَ هجي ته هڪ علائقي جي آزاد شهرين کي اهو موقعو به حاصل نه هجي ته هو فقط پنهنجا ميونسپل معاملا پاڻ هلائڻ جو اختيار رکندا هجن!
(4) ون يونٽ جي سرشتي، بيشمار انتظامي براين ۽ خرابين کي ڦهلائڻ ۾ مدد ڏني آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ اسان جي حڪومت، وڏي پيماني تي ۽ نهايت بريءَ طرح رشوت خوريءَ، لالچ، ڪامورن جي غرور، غير ذميداريءَ، نااهليءَ ۽ طاقت جي غير دانشمندانه استعمال مان پيدا ٿيندڙ براين سببان داغدار ٿي چڪي آهي. ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته بدنصيب سنڌ، ”ننڍڙيءَ ليول جي ڪم عقل ۽ خودسر آفيسرن لاءِ هڪ جنت“ بڻجي ويئي آهي. انهيءَ جو ڪارڻ هيءَ آهي ته هتي مقرر ٿيل ڪارندا، وڏي بيپرواهيءَ سان ڪم ڪن ٿا ۽ ساڳئي وقت عوامي نمائندن جي نظر داريءَ ۽ بازپرس کان محفوظ آهن.
(5) هن نظام جو وجود، جمهوريت جي بنيادي روح کان ٿي انڪار آهي. سنڌ جا باشندا هن سرشتي کي متفقه طور دل سان رد ڪري چڪا آهن.
(6) هن سرشتي هيٺ، سنڌ جي حيثيت انگريزن جي دور واري ”هوم رول“ جي درجي کان به گهڻو هيٺ ڪري چڪي آهي، جنهن جو هنڌ ۽ پاڪ جي ماڻهن، اڄ کان ستر سال اڳ مطالبو ڪيو هو.
(7) هيءَ انتظامي سرشتو خود ويهين صديءَ جي انهن تقاضائن کان ئي انڪاري آهي، جيڪي خوداختياريءَ واري حق جي بنياد تي، سموري طاقت عوام جي حوالي ڪرڻ جو تاڪيد ڪن ٿيون ۽ ان ۾ ڪنهن جي به مداخلت برداشت ڪرڻ نٿيون چاهين.
(8) ون يونٽ جو ٺاهڻ، انهيءَ بنيادي مقصد جي پڻ بلڪل خلاف هو، جنهن مقصد لاءِ هيءَ ملڪ وجود ۾ آندو ويو هو. هيءَ ”صنعت“ لاهور ۾ (1940ع) پاس ڪيل ”قرار داد پاڪستان“ جي لفظن ۽ معنيٰ جي ئي بنهه ابتڙ آهي.
(9) ون يونٽ جي تخليق، 1943ع واري پاڪستان ريزوليشن جي روح کان ئي انڪاري آهي، جيڪو سنڌ جي قانون ساز اسيمبليءَ وڏي اڪثريت سان پاس ڪيو هو.
(10) ون يونٽ جي تخليق، 1947ع واري آزاديءَ جي ائڪٽ، جي لفظن ۽ معنيٰ جي پڻ قطعي خلاف آهي، جيڪو برطانوي پارليامينٽ پاس ڪيو هو ۽ جنهن موجب پاڪستان وجود ۾ آيو.
(11) ون يونٽ جو وجود، اقوام متحده جي بنيادي اصولن جي پڻ ڀڃڪڙي ڪندڙ آهي، جن ۾ ننڍين قومن کي ملڪي مرحلن، زبان، ثقافت ۽ سياسي تحفظ جي بنياد تي خوداختياريءَ جو حق ڏنل آهي.
(12) ون يونٽ، انهن اصولن جي پڻ برخلاف آهي، جيڪي 1930ع ۾، قائداعظم محمد علي جناح طرفان پيش ڪيا ويا هئا.
(13) ون يونٽ جي تخليق، قائداعظم محمد علي جناح طرفان 1930ع ۾ پيش ڪيل، 14 نقطن واري پروگرام کان پڻ انڪاري آهي.
(14) ون يونٽ جي تخليق، هندستان جي مڙني مسلم پارٽين طرفان 1930ع ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس جي انهيءَ مطالبي جي پڻ برخلاف آهي، جنهن جي سنڌ ۽ هندستان جي مڙني مسلم اڳواڻن گڏجي حمايت ڪئي هئي.
(15) ون يونٽ جي تخليق، ”قرارداد مقاصد“ جي معنيٰ ۽ مفهوم کان ئي انڪاري آهي، جيڪو 1949ع ۾، پاڪستان جي پهرينءَ دستور ساز اسيمبليءَ، قائد ملت لياقت علي خان جي صدارت ۾ پاس ڪيو هو. انهيءَ کان علاوه، انهيءَ آئين جي بنيادي اصول جي پڻ ڀڃڪڙي ڪندڙ آهي، جيڪو ان وقت جي اسيمبليءَ منظور ڪيو هو.

آخر ۾، ون يونٽ جي سرشتي جو قائم رکڻ، 1957ع ۾، اولهه پاڪستان جي قانون ساز اسيمبليءَ جي پاس ڪيل ٺهراءَ جي لفظن ۽ معنيٰ جي پڻ خلاف آهي، جنهن ۾ ون يونٽ کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو، ۽ انهيءَ ٺهراءَ جي فائدي ۾ مجموعي طور اولهه پاڪستان جا سمورا چونڊيل ميمبر ۽ مرڪز جا نمائندا متفق هئا.
شيخ صاحب ۽ ٻيا دوستو! اسان انهيءَ برائيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ 1956ع ۾، ٽن ننڍن صوبن جو ”ائنٽي ون يونٽ محاذ“ بنايو. ڪجهه عرصي گذرڻ کانپوءِ، اهو محاذ، ”پاڪستان نيشنل پارٽي“ جي صورت ۾ وڌيو ۽ آخر اڳتي هلي، ”نيشنل عوامي پارٽي“ جي نالي سان ڪوٺجڻ لڳو.
جناب شيخ صاحب! اوهان کي بخوبي معلوم آهي ته اسان ڪيترائي دفعا اوهان جي پارٽيءَ ڏانهن انهيءَ مقصد سان رجوع ٿياسون. اوهان جي اعليٰ مرتبي واري رهنما، جناب سهرورديءَ، ملڪ سان ايوب مارشل لا جي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ، ڪراچيءَ ۾ منهنجي بنگلي تي، جتي هو پاڻ ۽ سنڌ جا ٻيا سمورا ليڊر موجود هئا، اسان جي جائز مقصد جي حمايت ڪئي هئي ۽ واعدو ڪيو هو ته اسان جا علائقا ۽ علائقائي خودمختياري واپس ورائي ڏيڻ ۾ اسان جي مدد ڪندو. ليڪن بدقسمتي چئجي جو هو اڄ اسان وٽ موجود نه آهي.
اسين، اڄ اوهان کي مرحوم جا لائق جانشين سمجهندي، ٻيهر اوهان ڏانهن رجوع ڪريون ٿا ۽ اوهان جي معرفت، اوڀر پاڪستان جي پنهنجن وڏن ڀائرن کي اپيل ڪريون ٿا ته هو پنهنجي مرحوم ليڊر جي واعدي کي ضرور پورو ڪن.
اسين هيءَ حقيقت بلڪل صاف طور واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته 1956ع جو آئين اسان جي لاءِ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه ٿيندو. انهيءَ ڪري ته اهو قطعي غير جمهوري طريقي سان وجود ۾ آيل دستور ساز اسيمبليءَ، تيار ڪيو هو. اسين هيءَ ڳالهه به صاف ڪرڻ چاهيون ٿا ته هڪ نئين قائم ٿيل سياسي جماعت جا ڪي ليڊر، ون يونٽ کي برقرار رکڻ ۽ اوڀر پاڪستان کي ان جي جائز حقن کان محروم ڪرڻ جي نيت سان، اهڙي اثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته جيڪڏهن 1956ع جو آئين بحال نه ڪيو ويو ته چونڊون ٿي نه سگهنديون ۽ پاڪستان ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندو. اسين انهن ماڻهن کي ٻڌائڻ گهرون ٿا ته انهيءَ آئين جي بحالي ئي اهڙا مسئلا پيدا ڪندي، جن کان هو خود بچڻ گهرن ٿا. جسٽس فضل اڪبر، جيڪو دي سينٽرلائيزيشن ڪميٽيءَ جو چيئرمين آهي، تازو علي اعلان چيو آهي ته ننڍن صوبن جا 97 سيڪڙو ماڻهو نه فقط ون يونٽ جي برخلاف آهن پر هو ان کان سخت نفرت ڪن ٿا اهي ماڻهو جيڪي 1956ع جي دستور جا حامي آهن ۽ چاهين ٿا ته 1956ع جي دستور هيٺ چونڊون ٿين ۽ ننڍن صوبن جا ماڻهو ساڳيءَ طرح ون يونٽ جي عذاب هيٺ تڙپندا رهن ته انهيءَ حالت ۾ چونڊن وقت، ماڻهن جي نفرت جا جذبا وڌيڪ ترقي ڪين ڪندا؟ ڇا، هو ايئن سمجهن ٿا ته اوڀر پاڪستان ۾، 1956ع جي دستور هيٺ (يعني مساوات جي بنياد تي نمائندگي ۽ دستور ۾ ترميم لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي شرط سان گڏ) چونڊون ٿين ته ان حالت ۾ چونڊن جي موقعي تي، انتها پسندانه جذبات کي وڌيڪ ڀڙڪائڻ جو هٿ وٺي موقعو پيدا نه ڪندا؟
آءٌ انهن ماڻهن کي هن حقيقت کان ضرور آگاهه ڪندس ته اسلام يا حب الوطنيءَ جي ٺيڪيداري اوهان حاصل ڪا نه ڪئي آهي. آخري ڳالهه هيءَ آهي ته اهي ماڻهو، جن پنهنجي زياده زندگي، برطانوي ملازمت ۾ گذاري آهي، تن کي ايئن نٿو سونهين ته هو قوم جي انهن خادمن تي پٿر اڇلائين، جن برطانوي سامراج سان لڙائي ڪئي ۽ پاڪستان کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ ڪافي تڪليفون ڀوڳيون.
شيخ صاحب، ننڍن صوبن ۽ اوڀر پاڪستان جي مڙني مسئلن جو حل، اسان جي اتحاد ۾ پوشيده آهي.اوهان جي بيانن ۽ اوهان جي سياسي مضبوطيءَ مان ننڍن صوبن جي ماڻهن جي دلين ۾ اوهان جي شخصيت ۽ پارٽيءَ ۾ چڱيون اميدون پيدا ٿيون آهن. مشرقي پاڪستان کي آباديءَ جي بنياد تي نمائندگي ۽ مڪمل طور اندروني خوداختياريءَ (آٽونامي) جا مطالبا؛ سواءِ ڪنهن شڪ شبهي جي اهڙا جائز ۽ درست آهن، جهڙا اسان جا. اسان اوهان سان گڏ هڪ ئي ٻيڙيءَ ۾ سوار آهيون، ان ڪري اوهان سان هر طرح ثابت قدم رهنداسين. اميد آهي ته اوهان به اسان جي نصب العين جي حمايت جاري رکيو ايندا ۽ اسان جو ساٿ هرگز نه ڇڏيندا.
آءٌ اولهه پاڪستان جي ننڍن صوبن ۾ اها ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته زياده کان زياده هم خيال فردن، گروهن ۽ جماعتن تي مشتمل محاذ، وجود ۾ آندا وڃن.
جيڪڏهن پاڪستان جون سموريون هم خيال سياسي جماعتون ڪنهن سمجهوتي تي آماده ٿي وڃن ته ان مان ننڍن صوبن ۾، اسان جي ڪم ۾ وڌيڪ آساني پيدا ٿيندي.
آءٌ وري هڪ دفعو اوهان سڀني صاحبن کي مرحبا چوان ٿو ۽ پنهنجي طرفان يقين ڏياريان ٿو ته اسين اوهان جي قيادت ۾ مڪمل اعتماد رکون ٿا ۽ اوهان جي ذات گراميءَ جي معرفت، پنهنجي اوڀر پاڪستان جي ڀائرن کي دل جي انتهائيءَ گهراين ۽ محبت مان سلام پيش ڪريون ٿا.

(هي تقرير سائين جي ايم سيد، شيخ مجيب الرحمان صدر پاڪستان عوامي ليگ کي ڏنل آجياڻي ۾ 10 آگسٽ 1969ع انٽرڪانٽينينٽل هوٽل ڪراچيءَ ۾ڪئي)