الوداعي تقرير
آءٌ توهان سڀني جو شڪر گذار آهيان جو توهان منهنجي 92هين سالگرهه تي اچي شريڪ ٿيا آهيو. مون کي اهو احساس آهي ته اڄ سنڌ مختلف اندروني ۽ بيروني سازشن جي آماجگاهه بڻيل آهي ۽ هرڪا ڌر سنڌ جي وسيلن کي ڦٻائڻ ۽ ان جي حالت کي وڌيڪ سقيم بنائڻ لاءِ سرگردان آهي.
عزيزو! جڏهن به ڪا قوم، پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجن وسيلن کان لاتعلقي ۽ بيپرواهي اختيار ڪندي آهي ته ان قوم جي سر زمين، ثقافت، ٻولي، اقتصادي وسيلا ۽ اقتدار اعليٰ سازشن جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ اهو ئي ڪجهه اڄڪلهه سنڌ سان ٿي رهيو آهي.
آءٌ عمر عزيز جو تمام وڏو حصو، سنڌي قوم جي وسيلن ۽ سنڌ جي اقتدار اعليٰ تي ڌارين جي قبضي خلاف وڙهندو ۽ ڦورن ٽولن جي مڪروهه ارادن ۽ سازشن کي ناڪام بنائڻ لاءِ جدوجهد ڪندو آيو آهيان. اها جدوجهد اڃا به جاري آهي ۽ جاري هندي. پر ان لاءِ لازمي آهي ته سنڌي قوم هن لاتعلقيءَ ۽ بيپرواهيءَ واري روش کي ختم ڪري ۽ پنهنجيءَ ڌرتيءَ ۽ ان جي وسيلن تي پنهنجي مالڪيءَ جي دعويٰ لاءِ، مستقل مزاجيءَ سان اڳتي وڌي جدوجهد ڪري، ڇو ته آزادي ۽ انصاف، ڪڏهن به پنڻ وسيلي ۽ بيپرواهي سان پلئه نه پوندا آهن. جيڪڏهن توهان منهنجي ڳالهه ٻڌي ۽ ان تي ايمان آڻي، عمل ڪيو ته آءٌ پنهنجي شعور جي روشنيءَ ۾ يقين سان چوان ٿو ته سنڌ ۽ سنڌي قوم، هن مشڪل وقت مان ضرور پار پئجي ويندي.
اوهان مان گهڻن پڙهيو هوندو ته رسول ڪريم صلعم، مڪي جي پهاڙ تي چڙهي عربن کي اهو چيو ته “پهاڙ جي هن طرف وڏو لشڪر اوهان کي ڳڙڪائڻ لاءِ تيار بيٺو آهي جيڪڏهن توهان منهنجيءَ ان ڳالهه کي سچ سمجهو ٿا ته پوءِ منهنجي چوڻ تي هلو، نجات اوهان جو مقدر آهي.“
آءٌ به اڄ سن جي هن جابلو ۽ اتاهين ڌرتيءَ تان اوهان کي پڪاريان ٿو ته جيڪڏهن توهان ايندڙ خطرن ۽ طوفانن جي ان ادراڪ ۽ احساس کي پنهنجي دل ۾ ايئن محسوس ڪيو، جيئن مون محسوس ڪيو ۽ ڏٺو آهي ته پوءِ توهان ڪامياب ۽ ڪامران هوندؤ. ٻيءَ صورت ۾ غافل، ڪاهل ۽ لالچي قومن فردن جو انجام تاريخ جي صفحن ۾ عبرتناڪ ٿيندو آهي. منهنجي دعا آهي ته شال، سنڌي قوم اهڙي انجام سان دوچار نه ٿئي ۽ سنڌ سدائين آزاد ۽ خوشحال ملڪ رهي!
ڪڏهن سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي،
ڪڏهن موڙ تنهنجا نه مرجهائجن!
(اياز)
عزيزو! هيءُ ڊگهو بحث آهي ته قومون ڪيئن ٺهنديون ۽ ڊهنديون آهن ۽ نسل ڪيئن هڪ ٻئي ۾ ضم ٿيندا ويندا آهن. ان جي باوجود آءٌ هن موقعي تي، سنڌ ۾ مستقل آباد اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي ايترو چوندس ته هيءَ ڌرتي، مختلف مذهبن، نظرين ۽ تهذيبن جو خوبصورت گلدستو رهي آهي. قدرت توهان کي پنهنجي ماتر ڀوميءَ کان ڌڪجڻ کانپوءِ هڪ اهڙي سر زمين جي گود نصيب ڪئي آهي، جيڪا پيار، محبت، رواداريءَ ۽ ڀائيچاري جو مثالي مرڪز رهي آهي. ان ڪري توهان کي تاريخ جي ان سونهري موقعي جو فائدو وٺي هتي جي اصلوڪن رهاڪن سان کير کنڊ ٿي، هتي جو حصو ٿي وڃڻ گهرجي.
آءٌ هن موقعي تي جيئي سنڌ جي ڪارڪنن کي چوڻ چاهيان ٿو ته وڏي ماڻهپي، ليڊري، خسيس مفاد پرستيءَ ۾ گروهه بازيءَ کان بالاتر ٿي، سنڌ ۽ سنڌي قوم جي آزاديءَ ۽ ڀلائيءَ لاءِ پاڻ کي “ذرو” بنائي ڇڏيو. اسان جي قوم تحريڪ جون روايتون صوفيانه رهيون آهن. اسان وٽ تاج، تخت، لشڪر، سپاهه دولت، دٻدٻي، نمائش ۽ ڏيکاءَ جي حيثيت ذري برابر به نه رهي آهي.
آئون هن وقت عمر جي اهڙيءَ منزل تي آهيان جو ان کي چراغ سحري چئي سگهجي ٿو. پوءِ به مون نه همت هاري آهي، نه منهنجي ارادي ۾ ڪا ڪمي آئي آهي ۽ نه ئي مون اميد جو دامن هٿ مان ڇڏيو آهي. منهنجي جدوجھد ته جنمن جي جدوجھد آهي. جنمن تائين جاري رهندي ۽ مون کي اسان جي هڪ قومي ڪارڪن جو هيءُ شعر ڏاڍو اتساهه ڏياريندو آهي ته:
وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو.
ختم اونداهه ٿي ويندي، چنيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو.
(جمن دربدر)
آئون هڪ ڀيرو وري اوهان جو ٿورو مڃان ٿو ۽ سنڌ جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جي دعا ڪريان ٿو.
غلام مرتضيٰ سيد
(هي تقرير سائين جي ايم سيد 17-جنوري 1995ع تي پنهنجي 92 هين سالگره جي موقعي تي سن ۾ ڪئي. جيڪا سندس زندگيءَ جي آخري تقرير ثابت ٿي.)