ناول

پيار جو ٽڪنڊو

هي ڪتاب “پيار جو ٽڪنڊو” سنڌي ٻولي جي نامياري ليکڪن گوبند مالهي، پوپٽي هيراننداڻي، ڪرشن کٽواڻي، ايشور چندر، وشنو ڀاٽيا، هريش واسواڻي، منو تولارام گدواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گنو سامتاڻي ۽ موهن ڪلپنا جو سهڪاري ناول آهي، جنهن جو سهڙيندڙ محترم بيدل مسرور بدوي صاحب آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2752
  • 941
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بيدل مسرور
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيار جو ٽڪنڊو

1. پيار جو ٽڪنڊو : گوبند مالهي

ڪونج جنوري 1967ع
..........................

“مان اندر اچي سگهان ٿو؟”
هوءَ پلنگ تي اڌ پاسيري ليٽي آر سان سويٽر مڙهي رهي هئي. هن چوڻ چاهيو، “نه.”
پر نگاهون مٿي ڪرڻ کانسواءِ چيائين، “جي مان چونديس، “نه”، ته نه ايندين؟”
منوهر هڪ فلمي هيرو جيان دروازي وٽ بيٺو هو. ساڄو هٿ چيلهه تي هوس ۽ کاٻي سان در جو تاڪ پڪڙي بيٺو هو. ٻئي هٿ انداز سان هيٺ ڪيائين، ڪنڌ کي لوڏ سان موڙيائين ۽ ناٽڪي ڍنگ سان چيائين،
“مان انڪار کي اِقرار سمجهڻ جو عادي بڻجي چڪو آهيان.” ۽ هو ڪمري اندر گهڙي وڌندو رهيو.
هوءَ بي اختيار سڌي ٿي ويٺي. آر، سئيٽر ۽ اُن پاسيري رکي.
“مان ويهي سگهان ٿو؟”
جواب جي انتظار ڪرڻ کان اڳ ئي هو پلنگ تي ويهي ويو. هوءَ پٺيان سرڪي سوڙهي ٿي ويئي.
“اڄ هيءُ حجاب ڇا جو آهي، سشي؟” هو ناٽڪي انداز سان هن ڏانهن نهارڻ لڳو.
سشيءَ جي ڳلن تي سچ پچ حجاب جي سرخي ملجي ويئي.
هوءَ سوچڻ لڳي، ‘ناري هر غير پرس کان حجاب ڪندي آهي. تون اڄ غير بڻجي ئي نه آيو آهين، بلڪل غير بڻجي ويو آهين.’
پر زبان سان هڪ لفظ به نه چيائين.
هن سشيءَ جي جهڪيل اکين تي نگاهون اٽڪائي، وات مچڪائي چيو،
“سشي، مان توکي پائي رهندس.” هن اِهو جملو خبر نه آهي، ڪائون دفعو دهرايو هو.
سشي دل ئي دل ۾ مرڪڻ کان پاڻ روڪي نه سگهي. ‘پائڻ جي حد تي پهچي، وڃائي وري پائڻ ڪٺن ئي نه، اڻ ٿيڻي آهي.’ وري به دل جي بات زبان تي نه آندائين.
منوهر هيڏي ايندي سوچيندو آيو هو ته سشي کيس ويڻن جي تيرين سان پريشان ڪندي، سندس دل کي گهاءَ مٿان گهاءُ رسائيندي. پر سشيءَ جي خاموشيءَ کيس ششدر ڪري ڇڏيو، گلو گهٽي بي زبان ڪري وڌو. هن سشيءَ کي ڳالهارائڻ ٿي چاهيو. پر نه موضوع سجهيس، نه لفظ اُڪليس. اِن وچ ۾ نڙي ئي نه، چپ به خشڪ ٿي ويس.
سشي هن جي ويجهو ويٺي به دور هلي ويئي هئي. ڪافي دور.
ڪملا نهرو پارڪ ۾ هوءَ منوهر جو انتظار ڪري رهي هئي. بتيون ٻري چڪيون هيون. پارڪ جي چهل پهل گهٽبي گهٽبي ختم ٿي ويئي. هن جو منهن ئي نه، من پريشان، اڃا به وڌيڪ پريشان ٿي رهيو هو. پوءِ به هوءَ ويٺي هئي آس جو پلؤ پڪڙي. جڏهن پارڪ ۾ ڪو بني بشر نه رهيو، تڏهن هوءَ گهٻرائجي اُٿي کڙي ٿي. بس ۾ هن جو هردو ئي روئي نه رهيو هو، هن جي شڪل به روئڻهارڪي ٿي ويئي هئي.
بس مان لهي ڊانوان ڊول من ۽ لڙکڙائيندڙ قدمن سان پنهنجي ڪالونيءَ ڏانهن وڌندي رهي. پل جي هيٺان لنگهي رهي هئي جو پٺيان ڄاڻل سڃاتل ٽهڪ جو آواز ڪن تي پيس. هن پل هيٺان انڌيري مان منهن ورائي ڏٺو. پل ڀرسان نيم انڌيري کي چيري منوهر ۽ نرملا ڪالونيءَ طرف اچي رهيا هئا.
سشيءَ کان ڇرڪ ئي ته نڪري ويو! هوءَ پل جي ديوار سان لڳي بيٺي. گويا پاڻ ئي چور هئي ۽ سنديس ئي چوري پڪڙجڻ واري هئي…….
منوهر ڄڀ سان چپ آلا ڪيا ۽ شرم پرچائڻ سانگي چيو، “اڄ ڇا چانهه جي پيالي به نه ملندي؟”
سشيءَ خود هن جي ڀرسان اُٿي وڃڻ ٿي چاهيو. موقعو ميسر ٿيندو ڏسي، هوءَ بنا دير اُٿي کڙي ٿي ۽ رنڌڻي طرف وڌڻ لڳي.
پٺيان بي اختيار منوهر چئي ويٺو، “ٽي ڪوپ ٺاهج.”
“ٽي ڪوپ!”
سشي رنڌڻي کان ٿورو اوڀرو بيهي رهي.
هن ڪنڌ ڦيري منوهر ڏانهن ڏٺو ۽ هن کان ٽهڪ نڪري ويو.
منوهر وائڙو ٿي ويو.
هن چيو، “مان…… مان ٻه ڪوپ نه پيئندس.” پوءِ هڪ ئي ساه ۾ چيائين، “نرملا جي اچڻ جو وقت ٿيو آهي نه؟”
سشيءَ جو منهن ڪاراٽجي ويو.
منوهر هن جي منهن جو ڦريل رنگ ڏسي ئي ڏسي تنهن کان اڳ هوءَ منهن ڦيري رنڌڻي طرف وڌي ويئي.
سنديس ئي گهر ۾، سنديس ئي سامهون پيار جون رنگوليون ٿيڻ واريون هيون!
رنڌڻي ۾ پهچي هن هڪ ڪوپ جيترو پاڻي اسٽوو تي رکيو. پاڻي به ڪڙهي رهيو هو ۽ هن جي دل به ڪڙهي رهي هئي.
‘هو پاڻ کي آخر سمجهي ڇا ٿو؟ مونکي پارڪ ۾ اچڻ ۽ ترسڻ جو چئي نرملا کي سئنيما ڏيکارڻ وٺي وڃڻ جي گهاءُ رسائڻ مان هن جي دل نه ڍاپي جو منهنجي سامهون ئي منهنجي گهر ۾ هن سان پيار جتائي زخم تي لوڻ ٻرڪڻ ٿو چاهي؟
هيءَ پرشن جي ذات!’
يڪا يڪ رات پل هيٺ ٻڌل لفظ هن جي ڪنن ۾ ٻريا،
“نمي! هفتي ۾ هڪ دفعو ضرور ڪا نه ڪا پڪچر گڏ ڏسنداسين.”
‘هو گڏ پڪچر ڏسندا، کلندا خوش ٿيندا، هٿ هٿ ۾ ڏيئي گهمندا ڦرندا ۽ مان؟ مان هن جو اوسيئڙو ڪڍنديس، روئنديس رڙنديس ۽ اُف نه ڪنديس. مٿان هنن کي چانهه پيارينديس، گڏجڻ مسجڻ جو موقعو ميسر ڪري ڏينديس.’
سشي دل ئي دل ۾ پاڻ تي غصو ڪرڻ لڳي.
‘مان کين گڏجڻ مسجڻ ۽ گهرو پوڻ جو موقعو ميسر ڪري نه ڏيان ها ته ڇا مونکي هيءُ ڏينهن ڏسڻو پوي ها؟ پر… پر مونکي ڇا خبر هئي ته منهنجي ڏسندي ڏسندي منوهر نرملا ڏانهن ڇڪجي ويندو، خاص ڪري جڏهن هن پيار ئي نه جتايو هو، شادي ڪرڻ جو واعدو به ڪيو هو، هڪ دفعو ئي نه، الاهي دفعا……….
هيءَ پرشن جي ذات…!! ‘
هن چانهه ۾ کير وڌو، کنڊ وڌي مگر هن جي دل جي ڪڙاڻ، ڪڙاڻ ئي رهي… زهر جهڙي.
“سشيلا دادي! مان اندر اچي سگهان ٿي؟”
سشيءَ چوڻ چاهيو، “نه.” زبان سان “ها” به نه چيائين. چوڻ جي ضرورت به نه پيس.
منوهر اُتساه سان چيو، “اچ، اچ نرملا.”
رنڌڻي جي دريءَ مان سشيءَ ڏٺو. نرملا لڏندي لمندي منوهر طرف وڌي رهي هئي، چپن تي عجيب مرڪ کڻي ۽ اکين ۾ انوکي چمڪ ڀري.
منوهر ڏسڻ ۾ نٿي آيس پر مرڪ ۽ چمڪ جو سنگم هن جي منهن تي به هوندو. هوءَ پڄري ويئي. پوءِ به چانهه جو ٻيو ڪوپ ڪاڙهڻ لاءِ رکيائين.
“دادي ڪٿي آهي؟” نرملا جو آواز آيو.
“ويهه. دادي رنڌڻي ۾ آهي.” منوهر جو آواز بلند ٿيو.
وري ڪو آواز نه آيو.
سشيءَ سوچيو،
‘پوءِ به ٻئي ڳالهائيندا ئي هوندا. زبان سان کڻي نه، اکين سان. ۽ اکين معرفت دليون بهتر ڳالهائي سگهنديون آهن.’ جلن سان ڪاراٽيل دل جي دونهين جي باوجود هن جي ڳلن تي هلڪي سرخي ڊوڙي آئي. شخصي آزمودي جي سمرتي ساڻ کڻي.
اچانڪ هن جي ڪنن ۾ ٻنهي جي آوازن ۾ پڙاڏو ٿيو، “دادي.”
هوءَ سچ پچ ٻنهي جي دادي رهي هئي. ماسترياڻي.
اٺاويهن سالن جي منوهر کي سرڪاري نوڪري ڪندي بي اي پاس ڪرڻ جو ڪُڏ کنيو هو ۽ کنيائين هسٽري پاليٽڪس، ۽ اوچتو هن جو ڌيان سوشل اِسٽڊيز پاڙهيندڙ ايم اي پاس پاڙيسرياڻيءَ …. ماسترياڻيءَ ڏانهن کڄي ويو. ٽيوشن ڏيندي وٺندي ٻه هم عمر هڪ ٻئي کي پرجهڻ پروڙڻ ئي نه لڳا، پر ٻه دليون نئين سر جوان ٿي ويون ۽ ٻن سالن جي صحبت محبت ۾ بدلجي ويئي. اِن وچ ۾ ساڳيءَ ڪالونيءَ ۾ رهندڙ نرملا يارنهين درجي تائين پهتي. مڇي مانيءَ وارن مائٽن سال بچائڻ سانگي سنجهيئي هن کي ٽيوشن لاءِ سشيلا داديءَ وٽ موڪليو. ۽ … ۽ تفرقو ئي ڦري ويو!
ڪوپن ۾ چانهن اوتيندي سشيلا پاڻ پرڀائڻ سانگي سوچڻ لڳي، ‘ماسترياڻي شاگرد جي پيار کان ٻن وديارٿين جو پيار وڌيڪ سڀاويڪ ۽ سهائيندڙ آهي.’
پر نامراد دل کي ڪا تسڪين نه آئي.
پڄرندڙ من ۽ ٻرندڙ تن سان هن ٻه ڪوپ آڻي هنن اڳيان رکيا.
هو ٻئي پريشان ٿي هڪ ٻئي جو منهن تڪڻ بعد ڏانهس نهارڻ لڳا. منوهر ساهس سنڀالي چيو،
“تون… تون پنهنجي لاءِ چانهه نه کڻي آئي آهين؟”
“مان نه پيئنديس،” سشيلا نرملا جو انگريزي ڪتاب کڻندي چيو، “مونکي مٿي ۾ سور آهي.”
مٿي جي سور لاهڻ لاءِ گهڻا چانهه پيئندا آهن. پنهنجو جواب ٻڌي سشيلا ششدر ٿي ويئي ۽ ڪتاب جا تڪڙا تڪڙا صفحا اُٿلائڻ لڳي.
منوهر چور نگاهن سان نرملا ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ چانهن جو ڪوپ کڻي چپ چاپ پيئڻ لڳو.
نرملا حيران ٿيڻ کان وڌيڪ هراسجي ويئي. هن جو هٿ چانهه ڏانهن نه وڌيو. بنڊ بڻجي ويٺي رهي. منوهر کي به همٿ نه ٿي جو چانهه پيئڻ لاءِ چويس.
کائيندڙ ماٺ جي مهر وري به سشيلا ئي ٽوڙي. چيائين، “ڪالهه وارو انگريزي سبق تو چڱيءَ ريت سمجهيو؟”
نرملا اکيون مٿي ڪري چيو، “هڪ حوالو نه سمجهيم.”
سشيلا سبق اڳ ئي کوليو هو. ڪتاب هن ڏانهن وڌائي چيائين، “ڪهڙو؟”
منوهر جا پت اِن وچ ۾ سنوان ٿي ويا هئا. چيائين، “پهريائين چانهه پيءُ پوءِ ٻڌائينس.”
نرملا گويا ٻڌو ئي ڪونه هن حوالي واريءَ سٽ تي آڱر رکي.
سشيلا جي دل زور سان ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي. جملو هئو: “ايوري ٿنگه اِز فيئر اِن لو ائنڊ وار”. پيار ۽ جنگ ۾ سڀ روا آهي.
سشيلا چوڻ چاهيو، ‘اِهو جملو مونکان وڌيڪ منوهر سمجهائي سگهندء.’ پر چيائين:
“چڱو، تون پهرين چانهه پي وٺ.”
جملو منوهر به پڙهي ورتو هو. هن جي دل به زور زور سان دڪ دڪ ڪري رهي هئي. هن نرملا ڏانهن نهاريو. مگر هوءَ ٻالي ڀولي بڻجي چانهه پي رهي هئي.
سشيءَ جي من ۾ آيو ته جئن گائيڊ مان طوطي جيان اِهو حوالو ياد ڪري ڪالهه ڪلاس ۾ وديارٿين کي ٻڌايو هئائين تئن اڄ به ساڳي رٽ لڳائي. پر الائي ڇو، من اِن ڳالهه تي محڪم نه رهيس. چيائين:
“اڌ صحيح آهي. جنگ ۾ سڀ ڪجهه روا ٿي سگهي ٿو، پيار ۾ نه.”
سشيءَ اِهو سڀ ڪجهه ڪتاب مان اکيون ڪڍڻ کان سواءِ ئي چيو.
پوءِ به منوهر ائين سمجهيو ته هوءَ ساڻس مخاطب هئي. ڳالهه کي درسي سطح تي آڻڻ لاءِ چيائين، نرملا ڪاليج ۾ ٿوروئي آهي جو پنهنجو يا تنهنجو رايو لکي ايندي ته اڌ صحيح آهي، اڌ غلط.”
سشيءَ ڀانءِ ته هن کي ٻڌوئي نه. چوندي رهي:
“جنگ ڌڪار جي پيدائش آهي. ان ۾ سڀ ڪجهه روا آهي. پر پيار؟ اهو ته ڌڪار جو ضد آهي. تنهن کان سواءِ پيار اِنسان جو سٺي ۾ سٺو جذبو آهي. ان ۾ سڀ ڪجهه روا نه آهي. ٿيڻ به نه کپي.”
سشي چپ ٿي ويئي. اکيون مٿي نه کنيائين. پوءِ به ڀانپي ورتائين ته منوهر ۽ نرملا جون نگاهون هڪ ٻئي سان مليون ۽ الڳ ٿي ويون.
هن کي ائين لڳو ته سنديس سامهون جي جوابدارن موجود هئا تن مان هڪ معصوم هو ۽ هڪ گنهگار. گنهگار جو پرواني مان ڀنئرو بڻيو هو، جو هڪ گل کان پوءِ ٻئي گل مٿان ڦيرا پائڻ لڳو هو. ۽ ڇا اُتي بس ڪندو؟ ڪندو بس؟؟
هن جي دماغ ۾ ساڳيو سوال گونجندو رهيو. جواب نه پائي، تهائين بلند ٿيندو ويو، ۽ هن پنهنجو مٿو ڦرندو محسوس ڪيو. هن سمورو ساهس جمع ڪري پاڻ سنڀاليو ۽ جهيڻي آواز ۾ گويا پاڻ سان ڳالهائيندي چيو، “نرملا، اڄ منهنجي طبيعت ٺيڪ نه آهي. تون وڃ. سڀاڻي ٻه ڪلاڪ ٽيوشن ڏينديسانءِ.”
نرملا پنهنجيءَ داديءَ ڏانهن نهاريو. طبيعت جي ناسازي هن جي چهري مان بکي رهي هئي. هن منوهر ڏانهن به نه ڏٺو. پنهنجا ڪتاب سهيڙيائين ۽ سشيءَ جي هٿن ۾ ڍلو جهليل انگريزي ڪتاب کنيائين ۽ چپ چاپ ٻاهر وڃڻ لڳي.
منوهر ڪجهه چوڻ چاهيو. پر لفظ گلي ۾ اٽڪي پيس. هو نرملا کي ٻاهر ويندو ڏسندو رهيو.
هوءَ هلي ويئي، پوءِ به اکيون دروازي تي اٽڪيل رهيس.
سشيءَ ڪرسيءَ جي پٺيءَ تي ڪنڌ لڙڪائي ڇڏيو هو. ڪنڌ مٿي ڪرڻ بنا چيائين، “تون به وڃي سگهين ٿو.”
منوهر کان هلڪو ڇرڪ ڀرجي ويو. پوءِ پاڻ سنڀالي چيائين، “سشي، اڄ توکي ٿي ڇا ويو آهي؟”
لهجي ۾ جا پنهنجپائي هئي، تنهن سشيءَ کي ويتر چڙ ڏياري. شوخ نوع ۾ چيائين، “پاڻ کان پڇ.”
منوهر کي گويا پنهنجي قصور جو پهريون دفعو احساس ٿيو، سو به شايد نرملا جي عدم موجودگيءَ ۾، پر جلد پاڻ تي مڪمل قابو پائي چيائين،
“آءِ ائم ساري. ڪالهه آفيس ۾ اوور ٽائيم ٿي پيو. مون کي سچ پچ ته ڏاڍو ڏک آهي.”
سشيءَ منجهيل من ۽ پريشان دماغ سان به ٻه ڳالهيون پروڙيون: ‘پرش چالاڪيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ جتي اَڏڻ نه چاهيندو آهي تِتي ڇڏڻ به نه چاهيندو آهي.’
دورانديش! هن جي ڪڙهندڙ من بڙ بڙايو.
‘دورانديش منهن جو موچڙو….’ ۽ زبان مان نڪتس، “تون هليو وڃ هتان!” وري چيائين، “مهرباني ڪري.”
منوهر گويا ٻاڏايو، “اعتبار ڪر، سشي.”
سشيءَ ۾ خبر نه آهي، ڪٿان سگهه آئي. ڌڙام سان اٿي کڙي ٿي. اکين مان ٽانڊا برسائيندي چيائين:
“نه ويندين ته مان اوڙو پاڙو ميڙينديس.”
منوهر سچ پچ ته ڊڄي ويو. هن سشيءَ کي رسندو، ڏمربو الاهي دفعا ڏٺو هو پر هن جو ههڙو ڀوائتو روپ هن اڳ ڪڏهن نه ڏٺو هو. ۽ هن جي من ۾ رتي ڀر شڪ نه رهيو ته هوءَ ڪا اوڙو پاڙو ميڙڻ کان گسندي. هو امالڪ اُٿي کڙو ٿيو ۽ ڪنڌ ڦيرڻ کانسواءِ ئي دروازي ڏانهن وڌيو.
سشيءَ تکي آواز ۾ چيو، “وري هت ڪڏهن به نه اچجانء.”
يڪا يڪ هن جي دماغ ۾ هڪ سوال نئين سر گهميو، ‘ڇا پيار ۾ سڀڪجهه روا ٿيڻ کپي؟’
۽ زبان سان هن چلايو، “نه، نه، نه…….”
دماغ ۾ ڦريس، ‘ڪوڙ، حرفت ۽ ڪپت ڇا اِهي پيار جا انگ آهن؟’
هن پيار بابت پڙهيو ۽ پاڙهيو نه معلوم ڪيترا دفعا هو پر آزمودو پهريون ئي هوس.
‘پهريون انگور ئي کٽو نڪتو هو.’ اُڀ گجڻ بعد برسڻ لڳو؛ سشيءَ جي اکين مان اشڪن جون ڌارائون وهي هليون. کٽي انگور مان ڦٽي نڪتل کاريون ڌارائون.
“ڇو، اڄ نرملا ڪانه آئي آهي؟”
اِهو هن جي ماءُ جو آواز هو. مندر مان موٽي ٿي ڏٺي.
سشيءَ جي جيءَ ۾ آيو ته وڃي ماءُ سان لپٽان. هن جي ڇاتيءَ ۾ منهن لڪائي روئان، رڙان ۽…. ۽ هيانءُ هلڪو ڪريان. يڪا يڪ هن کي ياد آيو ته گذريل ٿورن سالن کان هوءَ ماءُ کان وڌيڪ سنديس پيءُ رهي هئي. اِستريءَ کان وڌيڪ پرش رهي هئي. ۽ پرش اڳيان نرٻلتا ڏيکارڻ اڄ سشيءَ کي هرگز منظور نه هو.
هن پاڻ ئي پنهنجا آنسو اُگهيا. ماءُ ٻڇتيءَ ۾ هلي ويئي هئي، ٺاڪرن جي شيوا ڪرڻ لاءِ. سشي اوچي ڳاٽ رنڌڻي ۾ گهڙي ويئي. ماءُ ۽ پنهنجي ڪاڻ چانهه ٺاهڻ لاءِ……..
*