ناول

پيار جو ٽڪنڊو

هي ڪتاب “پيار جو ٽڪنڊو” سنڌي ٻولي جي نامياري ليکڪن گوبند مالهي، پوپٽي هيراننداڻي، ڪرشن کٽواڻي، ايشور چندر، وشنو ڀاٽيا، هريش واسواڻي، منو تولارام گدواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گنو سامتاڻي ۽ موهن ڪلپنا جو سهڪاري ناول آهي، جنهن جو سهڙيندڙ محترم بيدل مسرور بدوي صاحب آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2752
  • 941
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بيدل مسرور
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيار جو ٽڪنڊو

4. ٻيو دفعو : ايشور چندر

ڪونج اپريل 1967ع
.........................

ٽئڪسيءَ ۾ ويهڻ بعد ڪجهه دير لاءِ ٻنهي ڪجهه ڪو نه ڳالهيو. ڳچ وقت بعد نرملا چيو:
“منو چپ ڇو آهين؟……. ڪجهه ڳالهاءِ نه……”
“ڇا ڳالهايان؟”
“ڪجهه به…….! جيڪي توکي وڻي……!”
پر منوهر وري به چپ رهيو. تڏهن ڪو نه ڪو سلسلو جوڙڻ جي خيال کان نرملا چيو،
“سشي داديءَ جا ڪهڙا حال آهن؟”
“خبر ناهي………!”
“خبر ناهي؟……. منو تون شهر ۾ آهين يا جهنگ ۾؟…. سچ ٻڌاءِ!…….. توکي سڀ خبر هوندي………”
“ڇا جي؟”
“ته……… ته……….، نه منو! توکي ضرور خبر هوندي.”
عجب مان منوءَ هڪ دفعو نرملا ڏانهن نهاريو. منوهر جي ان نهار مان نرملا کي لڳو ته هن جيڪي ڪجهه منوهر کي ٻڌائڻ چاهيو ٿي، تنهن جي شايد منوهر کي سچ پچ ڄاڻ ڪا نه هئي، ان ڪري ٿورو آهستي راز ڀرئي آواز ۾ نرملا چيو، “ناسڪ مان اچڻ بعد ڪالهه پهريون دفعو مان سشي داديءَ وٽ ويئي هئس…”
“…. پوءِ به مون کان پڇي رهي آهين ته سندس ڪهڙا حال آهن؟”
“اهو ته ائين ئي کڻي پڇيو هوم،” ساعت رکي نرملا وري چيو،
“ٻڌو اٿم، اڄ ڪالهه سشي داديءَ جا ڪنهن سان افيئر پيا هلن.”
“ڪنهن سان؟” نرملا ڏٺو ته اهي لفظ چوندي منوهر جي چهري ۾، آواز ۾ ڪو به فرق نه آيو هو. نرملا وري چيو، “….. ڪو ننڍپڻ جو ساٿي اٿس شايد چون ٿا، سشي اڄڪلهه ڪافي ڪافي دير تائين ان سان گڏ گهمندي رهندي آهي.”
“هون!” منوهر هون ائين ڪئي، ڄڻ ان ڳالهه سان سندس ڪو خاص واسطو ڪو نه هئو. ڪجهه دير لاءِ وري ٻئي چپ ٿي ويا.
ٿوري دير بعد منوهر چيو، “نمو! تو پنهنجن مائٽن جي مرضي ڇو نه رکي؟”
“مرضي!…… منو! تون اهو سوچ ته منهنجي زندگيءَ تي ٻئي ڪنهن جو ڪهڙو حق آهي. ٺيڪ آهي….. ‘فرض’ جهڙو هڪڙو چست ۽ سهڻو ‘لفظ’ هنن سماج وارن کي ملي ويو آهي ۽ هميشه انهن ‘فرض’ لفظ کي Exploit پئي ڪيو آهي…..!”
منوهر ٿورو بور ٿيڻ لڳو، اِن ڪري چيائين،
“نمو! مونکي لڳي ٿو ته مهيني ٻن ۾ تون ڪافي بدلجي ويئي آهين. شايد سڀاءَ جي لحاظ کان به! اڳي تون اهڙيون ڳالهيون ڪو نه ڪندي هئيئن!”
ان ڳالهه جو نرملا ڪو به جواب ڪو نه ڏنو.
ڪجهه دير بعد نرملا وري چوڻ شروع ڪيو،
“منو! اڄ مان هڪڙو مزيدار تجربو ڪرڻ ٿي چاهيان….!”
“ڪهڙو؟”
پنهنجي پرس مان ٻه لالي پاپس ڪڍي نرملا چيو،
“منو! تون هيءَ لالي پاپ ڪجهه دير چوسڻ بعد منهنجي چپن تي گهماءِ مان به ائين ئي ٿي ڪريان….. ۽ پوءِ مان احساس کي ڀوڳڻ ٿي چاهيان، مان ڏسڻ ٿي چاهيان ته ائين ڪرڻ کان پوءِ هڪ ٻئي جي چپن جي مٺاس ۾ ڪهڙو مزو ٿو اچي!”
منوهر کي اهو سڀ عجيب عجيب لڳو. پر تڏهن به هن ائين ڪيو.
ڪجهه دير بعد نرملا چيو، “توکي ڪيئن لڳو؟”
منوهر چيو، “منهنجي منهن ۾ لپ اسٽڪ جو عجيب عجيب سواد ڦهلجي ويو آهي.”
تڏهن هلڪو ٽهڪ ڏئي نرملا چيو، “…….. ۽ منهنجي منهن ۾ تماڪ جي بدبوءِ ڦهلجي ويئي آهي…… منو! تون سگريٽ ڇڪيندو آهين ڇا؟ مون ته توکي ڪڏهن ڇڪيندي ڪو نه ڏٺو آهي.”
“ها! ڪڏهن ڪڏهن ڇڪيندو آهيان…. پرسشيءَ جي سامهون ڪڏهن به نه ڇڪيو اٿم.”
“ڇو، سشيءَ کان ڊڄين ٿو؟”
“نه، ڊڄڻ جهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي. پر سشيءَ جي سامهون ايندي ڪڏهن ڪڏهن، مان هن جي اڳيان پنهنجو پاڻ کي “شاگرد” محسوس ڪرڻ لڳندو هوس ۽ تڏهن پنهنجو پاڻ کي مان هڪ کوکلي آدرش جي آڪٽوپس ۾ جڪڙيل محسوس ڪندو هوس…. هاڻي ته خير ائين ڪونهي…. ڊئم اٽ!……. هاڻي نمو! ڪڏهن ڪڏهن مان سوچيندو آهيان ته سماج ڪهڙا نه عجيب عجيب ٻنڌن جوڙيا آهن ۽ انهن مٿان آدرشن جو ليبل لڳائي ‘هئنڊل وٿ ڪيئر’ جهڙي وارننگ ڏيئي ڇڏي آهي.”
تڏهن نرملا چيو، “منو! مان سمجهان ٿي، اڄ پڪچر جو پروگرام ڪئنسل ڪيو وڃي. هل، ڪنهن پارڪ ۾ ڪجهه دير گڏ گذاريون. اڄوڪي شام مان ائين ئي وڃائڻ نه ٿي چاهيان.”
۽ پوءِ هن ڊرائيور کي ٽئڪسي روڪڻ لاءِ چيو.
پارڪ ۾ بينچ تي وهندي نرملا چيو، “منو! توکي هڪ ڳالهه ٻڌايا. پر قسم کاءُ، ڪنهن کي نه ٻڌائيندين…!”
“ٻڌاءِ….!”
“ڪالهه مان سشي داديءَ جي گهر ويئي هيس….. پاس ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ تو کيس ڪجهه موڪليو هو ڇا؟”
“ها!”
“ڇا موڪليو هئس؟”
“نمڪين کاڄا!”
“هون!” ۽ هڪ هلڪو ٽهڪ ڏيئي نرملا چيو، “پر سشي داديءَ اهي اڃا ڪو نه کاڌا آهن!”
“ڇو؟”
“منو! مون کي لڳي ٿو ته سشي دادي اڄڪلهه ڪجهه ڪجهه ائبنارمل ٿيندي ٿي وڃي. چيائين پئي مان اهي کاڄا رکي ڇڏينديس، تيستائين، جيستائين انهن ۾ ڪي ڪينئا (سرا) نه پيا آهن….. ۽ پوءِ جڏهن اهڙي حالت ايندي، تڏهن هوءَ هڪ هڪ کاڄو کڻي، ان مان هڪ هڪ ڪينئو ڪڍي ماريندي.”
“هون!” منوهر به هڪ هلڪو طنزيه ٽهڪ ڏنو ۽ چيائين،
“اهو ٻيو ڪجهه ڪونهي. اڪيلائپ جو احساس ۽ ان سان ودروهه آهي.”
“پر منو! هوءَ اڪيلي ڪٿي آهي؟ ساڻس هو سندس ننڍپڻ جو ساٿ گنو جو وٽس ايندو ويندو آهي.”
“خير، ڊئم ديم، نمو! ڪنهن ٻئي ٽاپڪ تي ڳالهاءِ. سشي، سشي، سشي، مان هميشه ئي سشيءَ بابت سوچڻ ۽ ڳالهائڻ پسند نه ٿو ڪريان… آءِ وانٽ سم ٿنگ نيو….. مونکي حياتيءَ ۾ ڪجهه ‘نئون’ کپي، ڪجهه ‘نئون’…”
تڏهن نرملا چيو، “چڱو ڀلا! ٻڌاءِ ڪهڙي ٽاپڪ تي ڳالهايون.”
“ڪهڙي تي به!… چڱو اهو ٻڌاءِ، ناسڪ ۾ ڪهڙو خاص شغل هو تنهنجو؟”
تڏهن خوشيءَ مان اڇل کائي نرملا چيو، “اهو منو! تو سٺي ياد ڏياري… منو! اتي به شام ڏاڍي وڻندڙ ٿيندي آهي. مان اتي روز نديءَ ڪناري هلي ويندي هئس. اتي زالن ۾ مون هڪ عجيب ڳالهه ڏٺي. هو پپر جي پننن تي ڏيئا ٻاري پاڻيءَ ۾ وهائي ڇڏينديون آهن… توکي ڇا ٻڌايان منو! پاڻيءَ ۾ پپر جي پنن تي ترندڙ اهي ڏيئا انگلش پڪچرس جي سامونڊي لڙاين جو احساس ڪرائيندا آهن. ۽ تڏهن منو! مان چاهيندي هئس ته ڪاش اهي ڏيئا ورهين يگن تائين جلندا رهن.. مون، ياد ناهي ڪٿي پڙهيو هو، منو! ته انسان جون اکيون جوت جون بُکيون ٿينديون آهن ۽ جي اها جوت يگن تائين جلندي رهي ته هوند انسان جي هڪ بک مٽجي وڃي…!”
تڏهن ڳالهه کي مذاق ۾ اڏائيندي هڪ ٽهڪ ڏيئي منوهر چيو،
“۽ مان مڃيندو آهيان ته اکين جي بک کان وڌيڪ انسان جي پيٽ جي بک پر ٻل ٿيندي آهي ۽ انسان کي جي اناج گهربل انداز ۾ ملي وڃي ته…..”
نرملا مذاق سمجهي ويئي. ان ڪري پاڻ به مذاقي انداز ۾ چيائين،
“ها…. پوءِ اهو اناج ڀلي آمريڪا يا روس يا آسٽريليا مان ايندو هجي…. ۽ اکين جي بک مٽائڻ لاءِ جوت جي نالي تي گهڻائي اليڪٽرڪ بلب ته آهن ئي..!”
ٻئي ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳا.
ٿوري دير لاءِ ٻئي چپ رهيا. ان بعد منوهر چيو، “نمو! اٿي، هاڻي هلون!”
“ڇو؟”
“دير ٿي ويئي آهي… ۽ مون کي اڃا ڪنهن ٻئي هنڌ به وڃڻو آهي. ڪو خاص ڪم اٿم.”
هڪ ٽهڪ ڏيئي نرملا چيو، “اوهه منو! يُو سِلي! پرشن جي جا حالت شاديءَ کان پوءِ ٿيندي آهي، سا حالت تنهنجي هينئر ئي ٿي ويئي آهي. هن عمر ۾ تو ۽ مون جهڙن کي ڪو ‘ٻيو ڪم’ هئڻ ئي نه کپي. بس پاڻ ۾ گڏجڻ ۽……….!”
تڏهن ڦڪو مرڪي منوهر چيو، “مان ڪوشش ڪندس، جيئن پاڻ کي اهڙين حالتن سان ٺهڪائي سگهان…. چڱو، اٿي هلون!”
هڪ عجيب ادا سان نرملا چيو، “اوهه نو! تون پاڻ پنهنجن هٿن سان مون کي اٿار….!”
نرملا جي ننگين ٻانهن ۾ هٿن جون آڱريون کپائي منوهر کيس پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو. هلندي هلندي منوهر چيو، “نمو! سِليوِليس بلائوز ۾ تنهنجون ٻانهون ڏاڍيون سٺيون ٿيون لڳن. تون هميشه ائين رهندي ڪر. سچ ته نمو! اسپنچ جهڙيون تنهنجون اگهاڙيون ڀرپور ٻانهون ڏسي ڪڏهن ڪڏهن منهنجي دل ٿيندي آهي ته تنهنجي ٻانهن ۾ چڪ پائي تنهنجي ڀرپور ٻانهن جو ماس ڪڍي کائي وڃان.”
اکيون پوري، چپ گول ڪري نرملا چيو، “ڀلي کاءُ! جڏهن ميهار سهڻيءَ لاءِ پنهنجي سرير جو ٽڪرو قربان ڪري سگهي ٿو ته سهڻي به پنهنجي ٻانهن جو ماس ڏيئي سگهي ٿي….”
جواب ڏيڻ بدران هن نرملا جي ڪمر ۾ ٻانهن وڌي. کيس لڳو ته نرملا جي ڪمر ڪافي گرم هئي.
نرملا کان موڪلائي، منوهر سڌو سشيءَ جي گهر آيو. دروازو کليل هو. هن ڏٺو ته سشي چپ چاپ ويٺي هئي. ڪجهه ڪتاب سندس ڀر ۾ رکيا هئا ۽ پاڻ اکيون ٻوٽي وات سان ننهن ڪٽي رهي هئي.
سشيءَ جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ منوهر چيو، “مان اندر اچي سگهان ٿو؟”
سشيءَ کان هلڪو ڇرڪ نڪري ويو. اکيون کولي هن دروازي ڏانهن نهاريو. منوهر کي اتي بيٺل ڏسي کنَ… ٻِن لاءِ هوءَ ٽٻيءَ ۾ پئجي ويئي. هن سوچيو ته منوهر اندر اچڻ لاءِ صرف پڇيو آهي، پر هو بنا اجازت جي اندر هليو ئي ايندو. پر منوهر اتي بيٺو رهيو. تڏهن سشيءَ سهج ڀاءَ سان چيو، “اچ، اچ، اندر اچ!”
منوهر اندر وڃي چپ چاپ ڪرسيءَ تي ويهي رهيو.
سشيءَ ئي پڇيو، “ڪٿان پيو اچين؟”
“نرملا گڏ هئي، گهمڻ نڪتا هئاسين، کانئس موڪلائي سڌو تو وٽ هليو آيو آهيان.”
اداس لهجي ۾ سشيءَ چيو، “مونکي اڄ ڪيئن ياد ڪيو اٿيئي؟”
“اڳئين دفعي تو مون کي اوڙي پاڙي ميڙڻ جي ڌمڪي ڏيئي ڪڍي ڇڏيو هو. اڄ مان پاڻ کي ان جي لائق بڻائي آيو آهيان ته اهڙيءَ ڪنهن به حالت جو مان مقابلو ڪري سگهندس.”
ڦڪو مرڪي تڏهن سشيءَ چيو، “…….. مان اهڙي ٻاراڻي ڪرڻ واري ناهيان، هاڻي مان پنهنجو پاڻ ۾ ايڏي همت رکان ٿي ته جي مان چاهيان ته توکي پنهنجي هٿن سان ڌڪو ڏيئي ٻاهر ڪڍي سگهان ٿي. پر افسوس.. مان ائين به نه ڪنديس. مهمان ۽ ميزبان جي ڪن روايتن ۾ اڃا منهنجو وشواس آهي.”
جواب ڏيڻ بدران منوهر چپ چاپ سشيءَ جي اداس چهري ڏانهن نهارڻ لڳو.
تڏهن وري سشيءَ چيو، “ها ٻڌاءِ! ڪيئن آيو آهين؟”
“….صرف توکان اهو پڇڻ، ته پاس ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ موڪليل منهنجا نمڪين کاڄا تو ڇو نه کاڌا آهن؟”
ٿوري دير لاءِ سشيءَ منوهر جي اکين ۾ نهاريو ۽ پوءِ چيائين، “منهنجي مرضي…..!”
“تنهنجي معنيٰ تو کي اهو سٺو ٿو لڳي ته پيار مان موڪليل ڪنهن جي سوکڙيءَ جو تون اپمان ڪرين… ۽ پوءِ تون شايد ان فلسفي سان به سهمت ٿي وڃين ته جنگ ۽ پيار ۾ سڀ روا آهي………!”
“پيار………… پيار……… پيار……… ڇا جو پيار؟ ڪنهن جو پيار؟ ڪنهن سان پيار؟…… ۽ سڀ کان پهرين ڳالهه ‘ڇا’ پيار؟ پيار جهڙو جي سو ڪالڊ (So Called) لفظ آهي… ته پيار مون توسان ڪڏهن نه ڪيو آهي… تون اهو ڇو ٿو ڀلجين ته تون منهنجو شاگرد ٿي رهيو آهين…. ۽ هڪ شاگرد کي ان حد تائين نه پهچڻ کپي. ڊونٽ مِس بِهيو! ڊونٽ بي سِلي!”
ساعت رکي سشي ڄڻ سهڪندي چيو، “اڄ ٻيو دفعو هڪ غير پرش جي حيثيت ۾ پنهنجي من ۾ ڪا پنهنجائپ جي ڀاونا، ڪو پنهنجائپ جو حق کڻي تون مون وٽ آيو آهين… ۽ هاڻي ڪڏهن ڪڏهن مان سوچيندي آهيان ته شاديءَ جي تنهنجن ڪوڙن واعدن کي مان ڇو سچ سمجهي ويٺس!”
ساڌارڻ لهجي ۾ منوهر چيو، “مون منو وگيان ۾ ڪٿي پڙهيو آهي ته جنهن انسان جي من ۾ ودروهه جي ڪا ڀاونا هوندي آهي ۽ جنهن سان هو ودروهه ڪرڻ چاهيندو آهي، اهو جي سامهون نه هوندو آهي ته ڪي شخص پنهنجا ننهن وات سان ڪٽي، من جي ان ودروهه کي ٿڌو ڪندا آهن… ۽ اڄ جڏهن مان آيس تڏهن تون شايد مون بابت ئي ڪجهه سوچي وات سان ننهن ڪٽي رهي هئيئن!”
تڏهن هڪ طنزيه ٽهڪ ڏيئي سشيءَ چيو، “ائين تون پنهنجو پاڻ کي غير واجبي اهميت ڏيئي رهيو آهي. تون هروڀرو ايڏي اهميت جي لائق ناهين….!”
“منهنجي وجود لاءِ اها اهميت ڇا گهٽ آهي ته منهنجن موڪليل کاڄن ۾ ڪينئان پئجي وڃڻ جي لنبي عرصي تائين تون انتظار ڪندينءَ ۽ جيستائين تون اهو انتظار ڪندي رهندينءَ، تيستائين سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح مان تنهنجي ذهن ۾ هوندس!”
تڏهن ڪاوڙ مان اٿندي سشيءَ چيو، “جيڪڏهن اهو سڀ تنهنجي اهم کي خوش ٿو ڪري ته مان تنهنجي ان اهم کي چوٽ به هڻي سگهان ٿي.”
۽ ڪاوڙ مان مٺيون ڀيڪوڙيندي تڪڙي تڪڙي هوءَ ٻئي ڪمري ۾ وئي ۽ کاڄن جو باڪس منوهر جي سامهون ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيائين، کاڄا سڀ زمين تي ڦهلجي ويا.
هلڪو سهڪندي سشيءَ چيو، “…..۽ هاڻي مون کي لنبي عرصي تائين ڪنهن به ڳالهه جو انتظار ڪرڻو نه پوندو!…..!”
منوهر چپ چاپ سڀ ڏسندو رهيو. سشي ڄڻ ٿڪجي ڦان ٿي ڪرسيءَ تي ويهي رهي. منوهر چتائي سشيءَ ڏانهن نهاريو. ڏٺائين، سشيءَ جي اکين ۾ ڪجهه ڳوڙها تري آيا هئا.
ٿڌي آواز ۾ منوهر چيو، “پوءِ هاڻي؟”
“هاڻي تون هتان هليو وڃ!”
“ايتري ۾ تون ‘مهمان ۽ ميزبان’ جي روايت ڀلجي وئيئن؟”
“ها، ائين ئي روايتون بدلجنديون آهن.”
ڪرسيءَ تان اٿندي منوهر چيو،”وري ڪڏهن اچي سگهان ٿو؟”
“نه..!”
“ڪڏهن به نه؟”
“چيم نه! نه، نه، نه!!”
آهستي آهستي منوهر دروازي ڏانهن وڃڻ لڳو، ويندي ويندي زمين تي ڪريل کاڄن تي سندس پير پئجي ويو. ڪجهه کاڄا ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا. ويندي ويندي هڪ دفعو وري منوهر کاڄن ۾ چتائي نهاريو. کيس لڳو ته جي اڃا به ڪجهه ڏينهن هو سشيءَ وٽ نه اچي ها، ته پڪ ئي پڪ کاڄن ۾ ڪينئان (سرا) پئجي وڃن… ۽ پوءِ شايد کيس وري هن طرح سشيءَ وٽان بي عزتو ٿي نه نڪرڻو پوي ها.
…….. ۽ چانئٺ تائين ايندي ايندي کيس لڳو ته سشي سڏڪا ڀري روئي رهي هئي.
*