ناول

پيار جو ٽڪنڊو

هي ڪتاب “پيار جو ٽڪنڊو” سنڌي ٻولي جي نامياري ليکڪن گوبند مالهي، پوپٽي هيراننداڻي، ڪرشن کٽواڻي، ايشور چندر، وشنو ڀاٽيا، هريش واسواڻي، منو تولارام گدواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گنو سامتاڻي ۽ موهن ڪلپنا جو سهڪاري ناول آهي، جنهن جو سهڙيندڙ محترم بيدل مسرور بدوي صاحب آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2752
  • 941
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بيدل مسرور
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيار جو ٽڪنڊو

2. ٻڏندڙ سورج، افق جي روشني : پوپٽي هيراننداڻي

ڪونج فيبروري 1967ع
..............................

سشيلا ڇوڪرين کي انگريزيءَ ۾ مضمون لکڻ لاءِ ڏنو. مضمون جي وشيه هئي If I were a boy (مان جيڪر ڇوڪرو هجان ها) مضمون لاءِ ٻه فرجا (Periods) مقرر ٿيل هئا.
هونئن سشيلا پهرين پاڻ مضمون جي وشيه تي بحث ڇيڙيندي هئي. ڇوڪرين کان ڪي ننڍا وڏا سوال، ۽ هوءَ کين مضمون جي پئرگراف شروع ڪرڻ جي طرز به ٻڌائيندي هئي. پوءِ ٻئي پيريڊ ۾ ئي ڇوڪريون مضمون لکڻ شروع ڪنديون هيون. پر اڄ سشيلا شاگردياڻنين کي سڌو ئي چيو ته “مضمون لکو؛ ڏسان ڇا ٿيون لکو.”
پاڻ مٿي ڊيز (Dice) تي پيل ڪريسيءَ تي ويهي سامهون کليل دريءَ مان نهارڻ لڳي. دريءَ مان ته ڪجهه به نظر ڪو نه ٿي آيو. صرف هڪ مڪان جي ڀت هئي اتي. پر سشيلا جي من روپي ڪُنَ ۾ ويچار تيزيءَ سان ڦري رهيا هئا. سندس اکيون سامهون نهاري رهيون هيون مگر سندس من پٺيان ڏسي رهيو هو.
آرتوار جو ڏينهن هو. منوهر کيس هئنگنگ گارڊن (Hanging Garden) وٺي آيو هو. “ناز ريسٽارنٽ” جي پهرئينءَ ماڙ تي ڪنڊ ۾ پيل ميز جي چوڌاري پيل ڪرسين مان ٻن تي ويهي ڪافي پي رهيا هئا. اوچتو منوهر گنڀير ٿي چيو، “توکي پيو سڏي.”
سشيءَ پٺيان نهاريندي پڇيو، “ڪير؟”
اتي ڪنهن کي نه ڏسي هن سوالي نگاهه سان منوهر ڏانهن نهاريو.
منوهر مشڪي هٿ سان اشارو ڪندي چيو، “هيءُ.”
سامهون هڪ ڊگهو وڻ هو. ان جون ٽاريون لڏي رهيون هيون.
اڳيان پٺيان……… اڳيان پٺيان…..
منوهر انهن جيان پنهنجي ٻانهن لوڏيندي چيو، “هيءُ وڻ ٻانهون لوڏي هٿ جي اشاري سان توکي پيو سڏي چوي: هيڏي آءُ………. هلي آءُ………. هيڏي آءُ…….. هلي آءُ…….. پر تون مونکي ڇڏي وٽس متان وڃين!”
سشيلا جي من مان خوشيءَ جي هڪ لهر اٿي ۽ سندس چهري تي چمڪندڙ مشڪ بڻجي ويهي رهي.
اتان اٿي هو ٻئي باغ ۾ آيا ۽ اچي لان تي ويٺا. سندن پٺيان ۽ پاسي کان گلن سان ڇانيل ٻوٽن جون قطارون هيون.
هڪ ڀونئر گل تان اٿي سشيءَ جي ويجهو آيو ۽ پوءِ دور اڏامي ويو.
منوهر پنهنجو وات سشيءَ جي ڏائي ڪن جي ويجهو آندو ۽ اکيون بند ڪري، ڪنڌ ڦيرائي، ڀونئر جي گونجار جو نقل ڪندي ڳائڻ لڳو،
“تون………..اون………تون……اون…..” ائين ڪندي سندس چپ سشيءَ جي ڪن کي ڇهي ويا.
سشيءَ جي من ۾ پيار جو هڳاءُ ڀرجي آيو. سندس اکين ۾ خمار هو ۽ ساري شرير ۾ هڪ عجيب جهرجهري ڦهلجي رهي هيس. هن پنهنجو سر منوهر جي ڪلهي تي رکي ڇڏيو. منوهر سندس چيلهه جي چوڌاري ٻانهن ورائي. سشيءَ ڀانيو ته سرڳ هيٺ لهي آيو آهي………
اڳيان ئي بينچ تي ساوتري ويٺي هئي. هوءَ ڇوڪري هئي ۽ ڇوڪرو بڻجڻ جي تمنا ڪڏهن به ڪونه ڪئي هئائين. ڪاپيءَ تي اڌ سٽ لکي هوءَ هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳي. پنهنجي داديءَ جي منهن تي رنگين پڙدا لهندا چڙهندا ڏسي، هوءَ ڏاڍي دلچسپيءَ سان هن جي چهري کي ڏسي رهي هئي. سشيلا کي پنهنجو پاڻ سان مرڪندو ڏسي، هن ڀرسان ويٺل ڪملا کي ٺونٺ هنئي. ڪملا اڌ صفحو لکي چڪي هئي. وڌيڪ ڇا لکبو، سو کيس سجهوئي نه پئي. اکين ئي اکين ۾ ساوتريءَ جي ڳالهه سمجهي هوءَ به سشيلا ڏانهن نهارڻ لڳي. پوءِ ٻئي گڏجي کلڻ لڳيون.
اوچتو سشيلا سامهون نهاريو. ڪملا ۽ ساوتريءَ کي کلندو ڏسي، هن پاڻ سنڀاليو. ڪلهن تان ساڙهيءَ جو پلئهُ ورائي هوءَ سڌي ٿي ويٺي.
ٻيءَ کن ۾ کيس ياد آيو ته مان ماسترياڻي آهيان.
هن ساوتريءَ ڏانهن گهور ڪري نهاريو. پر سندس اکين مان غصو ته ٽپڪيو ئي ڪين. ڪملا ٻي ڇوڪريءَ تان ڏسي هڪ سٽ وڌيڪ لکي ورتي پر ساوتريءَ پنهنجي ڪاپيءَ ۾ صرف هڪ ننڍڙو ليڪو رهڙيو.
سشيلا ڊيز تان هيٺ لٿي ۽ ڪلاس ۾ چڪر ڏيڻ لڳي. هر هڪ بينچ وٽ هڪ ٻه سيڪنڊ ترسي هوءَ دريءَ وٽ اچي بيٺي ۽ هيٺ نهارڻ لڳي. هيٺ، بس اسٽاپ وٽ هڪ ڇوڪرو ڇوڪري هڪ ٻئي جو هٿ پڪڙي، لوڏائي رهيا هئا. ڇوڪرو ڇوڪريءَ جي منهن ۾ نهاري ڪجهه چئي رهيو هو ۽ ڇوڪري هر گهڙيءَ ڪنڌ پٺيان اڇلي ٽهڪ ڏيئي رهي هئي.
سشيلا سوچي رهي هئي ته ‘ڪاليجي جيون ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڪيئن نه البيلا مستانا ٿي پيا گهمن کلن! جڏهن مان ڪاليج پڙهندي هيس تڏهن منهنجي ساهيڙي راڌڪا ۽ هو ڪارو ارجن ڪيئن نه پاڻ ۾ پيا گڏجندا ۽ گهمندا هئا! راڌڪا ته هن پٺيان جنسي چري هئي. شام جو ارجن سان پڪچر تي وڃڻو هوندو هوس ته صبح کان وٺي سندس اکين مان رس ٽپڪڻ لڳندي هئي! ۽ هوءَ سندري؟ چوندا ڪاري ڪوئل هئس پر سندس ڳائڻ پٺيان هرڪو مست هو. ڇا ته ڳرائي هوندي هيس! پر موهن کي ڏسندي ئي ڪهڙي نه چلولي ٿي پوندي هئي! ڳالهه ٻڌڻ کان اڳ ئي پيئي کلندي هئي.’
‘هڪ ڏينهن ڪلاس سان گڏ جُهو تي پڪنڪ ڪرڻ ويئون هيوسين. سڀ سمنڊ جي ڪناري تي ليڊر گيم (Leader Game) ڪري رهيا هئا. مون کي اچي اڃ ستايو. سو لنگهي ويس Palm Grove هوٽيل ۾ هال جي ڪنڊ ۾ پيل سوفا تي سندري ۽ موهن ويٺا هئا. ٻئي هڪ ٻئي ۾ اهڙا گم هئا جو مونکي ڏٺائون به ڪين!
گهر موٽيس منهنجي اڳيان هر گهڙيءَ اهو ئي نظارو پئي ڦريو! ان وقت مان پاڻ کي ڪهڙي نه اڪيلي اڪيلي محسوس ڪرڻ لڳيس! ‘
‘هو چريو ساجناڻي منهنجي پٺيان پيو ڦرندو هو. پر منهنجي دل تي ڪنهن مرداني شخصيت جو پاڇوئي ڪين پيو! ‘
‘هاڻي ته منوهر جي کلڻ ڳالهائڻ، اچڻ وڃڻ، اٿڻ ويهڻ، سڀ جا منهنجيءَ دل ڄڻ فوٽا کينچي ورتا آهن. صرف فوٽا ئي هجن ها ته به ٺيڪ، هنجي ته هر هڪ ادا منهنجي دل تي اڪرجي ويئي آهي. الائي هاڻي ڇا ٿيندو؟’
سشيءَ جي چهري تي اداسي پنهنجا پر پکيڙي ويهي رهي. هوءَ دريءَ واري جاري تي ٺونٺ رکي ڳٽي تي هٿ رکي ڏنگي ٿي بيهي رهي. ساوتري وري به ڏانهس نهاري ڪملا جي ڪلهي کي ڇهي، ڪنڌ لوڏي چيو،
“تَه ته ……. ته ته…….. ويچاري اسان جي دادي!”
رسيس ملي. سشي ڪرسيءَ تي ويهي پنهنجو ڪنڌ ڪرسيءَ جي پٺيءَ تي رکيو ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيائين. گلي اچي سندس ڀرسا ويٺي: “ائي، تنهنجي اها نمو آهي نه؟ تنهنکي نه ٿي چوين ته اسڪول جي فنڪشن تي ڊانس ڪري؟”
سشي پنهنجي اندر ۾ ئي گهمي رهي هئي. هن سوال ٻڌو ئي ڪين. گليءَ کيس ٿيلهو ڏنو. “اڙي، مائي! هيئن ڪنڌ ڇو لڙڪايو اٿيئي؟ ڪهڙي خيال ۾ گم آهين؟ اسڪول ۾ پئي وسين يا اسپتال ۾؟”
“نڪو اسڪول ۾ نه ئي وري اسپتال ۾. هيءَ ته ڪنهن جي من ۾ وسي رهي آهي.”
ڪلان جي ان چرچي جو مطلب سڀني ڪو نه سمجهيو پر ٽهڪ سڀني گڏجي ڏنو. گليءَ کي سشيءَ تي تاءُ آيو. هن ڳالهه بدلائڻ لاءِ سشيءَ کي ڌونڌاڙيندي چيو، “ٻڌين ٿي ڙي! پنهنجي نرملا کي چؤُ ته هڪ Solo Dance تيار ڪري وٺي. ماستر کان سکندي ته آهي ئي، هونئن سندس مائٽ مڃيندا ئي ڪين. تنهنجي چوڻ کي ڏسي مڃي ويندا.”
ڪلان وچ ۾ ڍيڪ ڏنو. “پر خبر اٿيئي ته فنڪشن تي ايڊيوڪيشن منسٽر ڪو نه ٿو اچي؟ ان ڪري ائگريڪلچر منسٽر چتروال کي عرض ڪيو اٿن.”
“چتروال اچي يا ٻڪروال. فرق ڪهڙو پوندو؟ وزير پاڻ ٿورو ئي ٿو ڳالهائي؟ جيڪي سندس سيڪريٽري لکي ڏيندو سو ئي اچي ٻوليندو. پنهنجو ڪم اسم پيش ڪرڻ سان ڪين؟” گليءَ گوڏي تي هٿ رکي سمرٽن لاءِ سشيءَ ڏانهن نهاريو.
سشيءَ چيو، “سياستدانن جو شاگردن سان ٿوروئي پيار رکيو آهي؟ هنن جو مطلب پنهنجي عهدي سان آهي اسڪول ۽ ڪاليج به کين نينڍون ڏئي خوش رکي ويٺا آهن ۽ موٽ ۾ هو سندن ڪاروبار ۾ دخل ڏيئي کين جنتا کان ڇڏائي ويٺا آهن. تعليم جو ٿيو الهه واهي. نه بگاڙو وڃي سگهي ۽ نه ويچارو سڌارو اچي سگهي.”
گليءَ کلي چيو، “تنهن ڏينهن ٻڌم ته ڪامرس ڪاليج جي شاگردن پنهنجي سالياني اُتسوءَ ۾ ڊفينس منسٽر کي گهرايو هو. ڳالهه آهي ڪ کل آهي؟ ڪجا ڪامرس ڪجا ڊفينس!”
ڪلان پنهنجيءَ ڄاڻ جو ثبوت پيش ڪندي چيو، “ڇو؟ ائين ته نه چؤ. واپار مان پئسا ڪمائبا تڏهن ته وڙهڻ لاءِ هٿيار ٺهندا؟ پر تعليمي سنسٿائن جي جشن ۾ شامل ٿي اچي تقريرون ڏجن. اهڙو رواج پنڊت جواهر لعل ئي شروع ڪيو هو. هو يونيورسٽين جي ڪنووڪشن تي ويندو هو ۽ شاگردن کي وڃي صلاحون ڏيندو هو.”
“جواهر لعل نهروءَ جي ته ڳالهه ئي ٻي هئي. هو نه شاعر هو نه فيلسوف، پر سندس شخصيت شاعراڻي هئي ۽ سندس ويچار فيلسوفاڻا، هن جي تقرير تي هن جي شخصيت جي ئي ڇاپ پيل هوندي هئي. ان ڪري شاگردن کي هن وٽان ڪنهن نه ڪنهن قسم جو خزانو ملي ئي ويندو هو. ٻيو ته نهروءَ ۽ شاگرد جو رشتو صرف تقرير تائين محدود نه هو. تقرير کان اڳ ۽ پوءِ به شاگرد ۽ نهرو هڪ ٻئي کي ويجهو هئا پر هنن وزيرن ۽ شاگردن جو پاڻ ۾ ڪو به سنٻنڌ ڪونهي. تقرير ختم ٿي، وزير گم ٿيو. پوءِ نه تو ڏٺي سهڻي نه مون ڏٺو ميهار.”
گليءَ سشيءَ جي پٺيءَ تي ڌڪ هنيو، “سشيءَ جي ٻچي! بحث کي هميشه گنڀيرتا ڏانهن گهلي وڃين! اڙي ميهار جي سکي! منهنجي سوال جو جواب ڏنئهُ؟”
ڪلان معنيٰ ڀري مرڪ مرڪندي چيو، “نمو ڊانس ڄاڻي اها ڳالهه شايد وڻيس ئي نه ٿي. ڇا ڪري ويچاري؟ اچي جواهر لعل کي جهليو اٿس.”
سشيءَ ۽ گليءَ جون نگاهون ازخود ملي ويون. گليءَ ڪلان کي ڌماڪائيندڙ نوع ۾ چيو، “ڇوڪري! نهروءَ لاءِ ائين ڳالهائبو آهي؟ زبان جي ڪئنچي اهڙي گهرگهلي ڇو ٿي پئي اٿيئي ڙي؟”
گهنڊ لڳو. سڀ ٽڙي پکڙي پنهنجي پنهنجي ڪلاسن ڏانهن هلڻ لڳيون. گليءَ سشيءَ جي تمام ويجهو لنگهندي ڀڻڪندي چيو، “نموءَ کير ۾ مک وڌي آهي ڇا؟”
سشيءَ ڪو جواب ڪو نه ڏنو. صرف هڪ لنبو ساهه کنيائين.
گليءَ ڏانهنس هڪ همدرد نگاهه اڇلي هلي وئي.
سشيءَ کي فري پيرڊ هيو. هوءَ وري به خيالن جي دنيا ۾ کوهجي وئي.
‘پريم ائين آهي جهڙو پارو. سندس ترل چمڪ ڪهڙي نه موهيندڙ آهي! پر هڪ وار جي هارجي پيو ته پوءِ ميڙي گڏ ڪرڻ ئي مشڪل! ته ڇا منهنجو پيار سچ پچ هارجي پيو آهي؟’ سشيءَ جون اکيون آليون هيون.
‘منو مونکي ڪيترو نه چاهيندو هو! هو مونکي پيار ڪندو هو ته مان جيئري هيس، نه ٿو ڪري ته منهنجي زندگي ختم ٿي ويئي. اهي کن، جن ۾ پيار ڀريل هو، گذري ويا! پر زندگي ته کن جي ئي ٺهيل آهي! ۽ هر هڪ پل پنهنجو پاڻ ۾ سميٽيل هڪ زندگي آهي. هڪ زندگيءَ جو خاتمو اچي ٿو ته ٻيءَ زندگيءَ جو جنم ٿئي ٿو. ڪالهه واري زندگي خوشيءَ جي اوجلتا کڻي چمڪي رهي هئي ۽ سڀان جي زندگي غم جي دونهي سان ڪاراٽيل بڻجندي. ائين ڄمڻ کان مرڻ تائين جيڪو مفاصلو آهي، ان کي طئه ڪندي اسين گهڻيئي زندگيون جيئون ٿا ۽ گهڻيئي موت مرون ٿا.’
اسڪول مان موٽندي نرملا بس اسٽاپ وٽ بيٺي هئي. سندس ساهيڙي اُشا رستو ڪراس ڪري رهي هئي ۽ هيءَ ان ڏانهن ئي نهاري رهي هئي.
“اس ۾ هميشه ڪاري عينڪ پائڻ گهرجي….” آواز ٻڌي نرملا وائڙي ٿي وئي.
منوهر سندس ڀرسان اچي بيٺو. “ائين ڪرڻ سان اکين جو بچاءُ به ٿيندو آهي ته سونهن به وڌي ٻيڻي ٿيندي آهي.”
نرملا جي منهن تي خوشيءَ گاڏڙ حياءُ هلي آيو. هن منوهر ڏانهن پيار سان ڏٺو ۽ چيو، “جيڪا سهڻي نه هجي سا ڇا ڪري ڀلا؟”
“ائين ته ڪا به ڇوڪري سهڻي ناهي. جڏهن ميهار مليس تڏهن ته سهڻي ٿئي.”
نرملا جو من نچڻ لڳو. هوءَ من ئي من ۾ گنگنائڻ لڳي، “لڙهندي وڃان لڙ لهرن ۾…..”
منوهر ڏانهس نهاري مشڪي رهيو هو. نرملا چيو، “اڄ آفيس ۾ ڪو نه ويو آهين؟”
“ويو آهيان پر هينئر لنچ ٽائيم آهي.”
“ته ڇا لنچ (Lunch) کائڻ بدران چڪر لڳائيندو آهين؟”
“لڳائيندو ناهيان پر هينئر لڳايان ٿو.”
نرملا پنهنجي ساڄي هٿ سان وارن کي ٿورو لساڙيو ۽ ڏائي سان وارن مان هڪ چڳ ڪڍي ان سان کيلڻ لڳي. هن کي ارمان ٿي رهيو هو ته ‘اڄ گلابي ڊريس ڇو نه پائي آيس؟ ان ۾ ڪهڙي نه سٺي لڳان ها! ٻاهر ڪڍيم به، پر پوءِ الائي ڇو، اندر رکي ڇڏيم.’ هن وري چنيءَ جو هڪ پلئهُ جهليو ۽ هڪ هٿ سان ان جي ڪنڊ پڪڙي ٻئي سان ان کي آڱرين تي ويڙهڻ لڳي.
منوهر هن ڏانهن مٿي کان پيرن تائين نهاريو. پوءِ سندس ڪلهي تي هٿ رکي پڇيائين، “تنهنجي دادي گهر ويئي؟”
“الائي، مون ڏٺو ڪين.” نرملا ائين ته چئي وئي پر پوءِ پڇتايائين، “ناحق ائين چيم، چوانس ها، ها ويئي هلي.”
“اڇا! ڀلا جڏهن تو کيس ڏٺو تڏهن ڪيئن ٿو لڳي، خوش خوش يا اداس اداس؟”
نرملا منجهي پيئي، ‘اسان جي گڏجڻ سان داديءَ جي حاضريءَ يا غير حاضريءَ جو واسطو آهي، ڪين هن جي اداسي ۽ خوشيءَ جو به ان سان ڪو تعلق آهي؟’
هوءَ جيستائين سوچي ڪو جواب ڏئي تيستائين منوهر “چڱو” چئي هليو ويو.
نرملا جي اکين ۾ جيڪا پيار جي لهر اٿي هئي، سا موٽي ويئي. ‘صرف هڪ ٻه سوال ئي پڇڻ آيو هو؟ ۽ سو به داديءَ جي باري ۾؟’ هاڻي منجهند جي اس ڄڻ ته کيس کائڻ پئي آئي. بس لاءِ ترسيل ماڻهن جي قطار به نهايت لنبي ٿي ويئي هئي. نرملا اوٻاسيون ڏيڻ لڳي.
شام جو نرملا سويل ئي آئي هئي. سشي به هن لاءِ ترسي ئي ويٺي هئي. ميز ڏانهن هلندي ئي هن نرملا جي ڪاپي کنئي. ڪاپي کولي کيس سوال ڏيکاري چيائين، “هن جو جواب لک، ته مان ڏسان”
نرملا ڪنڌ هيٺ ڪري لکڻ شروع ڪيو. سشي کيس چتائي ڏسڻ لڳي:
“نمُو! منوءَ سان ڪهڙي پڪچر ڏسي آئينءَ؟”
نرملا وسي ٿي ويئي.
سشيءَ ڄاڻي واڻي پنهنجو منهن ڪتاب ۾وجهي ڇڏيو هو.
نرملا ڏانهنس ڊپ ۽ شڪ واري نگاهه سان ڏسندي چيو، “هان؟”
سشيلا منهن تي اٻوجهائي پکيڙي مٿي نهاريو ۽ هڪ دفعو اکيون ڇڀيندي، همٿائيندڙ مشڪ مشڪندي چيائين: “ڪهڙي پڪچر ڏٺئه؟”
نرملا هٻڪندي چيو، “ممتا توهان کي ڪنهن ٻڌايو؟ منوهر؟”
سشيءَ ڪنڌ مٿي کڻڻ بنان ئي چيو: “ڇو ڀائي؟ پڪچر ڏسڻ ۾ ڪهڙي چوري آهي؟ تون ٻڌائين يا هو ڳالهه ته ساڳي آهي.”
“مونکي ڏاڍي وڻي. جيڪر ٻيو دفعو به ڏسان.”
“اڇا؟” چئي سشيءَ سندس ڪاپيءَ ۾ نهاري، هن جي لکيل هڪ لفظ جي هِجي سڌاري.
پڪچر سٺي هئي يا خراب، ان ڳالهه ۾ ته سشيءَ جي ڪائي دلچسپي نه هئي. منوهر کيس گڏجڻ لاءِ چئي نرملا سان گڏ پڪچر ڏسڻ هليو ويو هو، ان پيڙا پهچائيندڙ ڳالهه جي سڻس هوندي به سشيءَ وري به نموءَ جي واتان اهو ڪؤڙو سچ ٻڌڻ ٿي چاهيو. جيئن امتحان ۾ ڪنهن ٻالڪ جو حساب غلط ٿي پوندو آهي ۽ هو پوءِ ڪلپنا ڪرڻ لڳندو آهي ته شل جادو ٿي پوي ۽ منهنجو حساب صحيح نڪري پوي، تيئن سشي به اڻ وڻندڙ سچ کي قبول ڪرڻ کان هٽڪندي اها ڪلپنا ڪرڻ لڳي ته شل اهو سچ ڪُوڙ ٿي پوي!
يا شايد انسان جي سوکيم، هن کي دک جي ڪؤڙاڻ چکڻ جي چاهنا ٿيندي آهي، ائين جيئن ڪن ڪن ماڻهن جي ذائقي کي ڪريلي يا موريءَ جي سواد وٺڻ جي خواهش ٿيندي آهي.
سشي پنهنجي خيالن جي وهڪري کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر هر هر سندس نگاهون دروازي ڏانهن کڄي ٿي ويئون.
‘متان اچي؟’
‘برابر مون ئي کيس چئي ڏنو ته وري نه اچج پر منهنجو منو ايتري ۾ اهڙو پرائو ٿي ويندو جو مون کي پرچائڻ به نه ايندو؟’ آس نه هوندي به هڪ پاڳل اميد کيس هر هڪ آهٽ تي سچيت ڪري ٿي ڇڏيو. در تي کڙڪو ٿيو. سشي ٽپ ڏيئي اٿي. کير وارو ٻه رپيا اڌارا وٺڻ آيو هو. پئسا ڏيئي سشيءَ ڪاپيءَ تي ڪجهه لکيو. پينسل جو گورو ڀڄي پيو! سشي ميز تي رکيل ڇريءَ سان پينسل گهڙڻ لڳي.
هوءَ پنهنجوپاڻ سان خفي ٿي رهي هئي پر پاڻ تي ضابطو رکي چيائين: “نمو! اڄ اچ ته نئون سبق شروع ڪريون!” نرملا جي اڳيان انيڪ ڳالهين جا ڌاڳا هئا. انهن کي اڻي ٺيڪ جڳهه تي وهاري ڪينءَ پڙهي! ٻانهون مٿي کڻي ڪر موڙيندي، آڱرين مان ٺڪاءَ ڪڍيائين ۽ چيائين:
“بس دادي! مان ٿڪجي پيئي آهيان، سڀاڻي پڙهنديس، سڀاڻي پڪ گهڻو گهڻو پڙهنديس.”
نرملا هلي ويئي.
سج جا ڪرڻا وڌيڪ ڊگها ٿي رهيا هئا، پر سشيءَ جي من ۾ اوندهه هلي آئي هئي! هوءَ گهٻرائجي ويئي. جهڙو تهڙو چوٽو ڪري. ڪُنجي پاسي واريءَ کي ڏيئي هوءَ ٻاهر آئي، ۽ اچي بس ۾ چڙهي. ڪنڊيڪٽر سندس ڀر ۾ آيو، ته پئسا ڏيندي هن چيو: “چوپائي……. نه، ان کان به ٿورو اڳتي……..چڱو، ميرين ڊرائيور جي ڏي.”
بس مان لهي هوءَ پنڌ ڪرڻ لڳي. ناريمن پائنٽ کان ڪجهه اڳيان، ٿلهي تي ويهي رهي. من جي ٻوساٽ ڄڻ سندس ستيا ئي ڪڍي ڇڏي هئي.
سامهون واري بلڊنگ جي شيشي جي در درين تي سج جا سونهري ڪرڻا پئجي رهيا هيا. سڄو مڪان ٻهڪي رهيو هو. ڄڻ خواب ۾ ڏٺل راجمڪاريءَ جو سونو محل هو. گهڙيءَ پل ۾ آسمان جو رنگ مٽجي ڳاڙهو ٿي ويو! اولهه دشا ڳاڙهي ساڙهي پهري، سوني پينگهي تي ڪرمچي رنگ جي پلش جي چادر وجهي ان ۾ سج کي جهولائي رهي هئي.
سج هيٺ گسڪڻ لڳو. هيٺ سمندر جون لهرون هيون ۽ مٿي آڪاش ۾ سونيون روپيون ليڪون! سشي وسمئه جي عالم ۾ کوهجي ويئي!
اوچتو ڪنهن کيس مخاطب ٿي چيو؛ “معاف ڪجو اوهين مونکي سڃاڻو ٿا؟”
سشيلا جي زبان مان حيرت ڀريو آواز نڪتو، “اڙي گنا گلو تون؟ ڪٿان اچي ٽيڪيو آهين؟ هيڏو وڏو ڪڏهن ٿئين ڙي؟”
“۽ تون؟ دل ۾ دڪ دڪ ٿي رهي هئي…. متان ڪا بمبئيءَ جي ميم هجي؟… ڳالهايان ته ٿو پر ٽڪڻ تي پراڻي سينڊل جي ڪاٺ جي کڙي نه اچي ٺڪاءُ ڪري! پر من پپيهڙو ٻولي رهيو هو ته آهي پڪ اسان جي تتري!” سشيءَ کي سچ پچ پراڻو سينڊل پيو هو. هوءَ سنڀري ته گهران نڪتي ئي ڪو نه هئي. پر گني جي ائين چوڻ تي کيس بنهه لڄ ڪانه آئي.
گني جو گهر به شهدادپوري پاڙي ۾ ئي هو، سشيءَ جي گهر جي لڳو لڳ. سشي چئن سالن جي هئي پر اڃا ٻاتي هئي. گني ماءُ کان ضد ڪري بيهه جي ڪچري گهرندي هئي،
“مون ٿي تتري ٿپي…. تتري ٿپي…..” وڏي ٿي چوٿين درجي تائين اچي پهتي پر گني ماءُ کيس “تتري” ئي سڏيندي هئي!
“تتري”! چئي سشي سمنڊ جي اڳيان وڌندڙ ڇولين جي مستيءَ سان ڀريل هڪ کليل ٽهڪ ڏنو.
“تو به ڪمال ڪيو آهي! ههڙو سنهڙو سڪل ڪوڪلو هئين، هاڻي ته صوفي ٻير بڻجي پيو آهين!”
“اڇا!” ٻئي چلولن ٻارن جيان ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳا.
اوندهه ڦهلجڻ لڳي هئي. پر جتي سج ٽٻي ڏني هئي اتي اڃا روشنيءَ جو شعاع ڦٽي رهيو هو.
سشيءَ کي ياد آيو…… ٻئي ننڍڙا هئاسين. انڊلٺ نڪتي هئي.
گني چيو، “هل ته ڏسون ته انڊلٺ جون پڇڙيون ڪٿي آهن؟” هٿ هٿ ۾ ڏيئي ٻئي هلندا وياسين.
اوندهه اچي ٿي… مان روئڻ لڳيس… گنو پرچائڻ لڳو،
“چري! روئڻي! اوندهه ڪٿي آهي؟ سامهون ڏس، روشني ڪانهي؟ او ………. هتي!”
*