ناول جي ليکڪن جو تعارف
سنڌي زبان جي ابتدائي روشن خيال نثر نويسن ۾ گوبند مالهيءَ (گوبند پوهومل کٽر مالهي) جو نالو خاص طور ناول جي صنف ۾ گهڻو مشهور آهي، سندس ناولن ۾ سماجي مسئلن تي تمام سٺا ويچار آيل آهن، ڪردارن ۽ انهن جي جذبن جي اپٽار ۾ به هن نهايت حقيقت پسنديءَ کان ڪم ورتو آهي. “انقلابي سپاهي”، “انقلابي شاهراه”،”پيار جي پياس”، “زندگيءَ جي راه تي”،”شرم ٻوٽي”، “ديسي سيڻ ڪجن”، “پيار جي شڪست”، “چنچل نگاهون”، “عشق ناهي راند”، تمام گهڻا مشهور ناول آهن. “پکيئڙا ولر کان وڇڙيا” گوبند مالهيءَ جو پهريون ناول آهي جيڪو ورهاڱي کان اڳ سنڌ جي رهڻي ڪهڻيءَ جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. 1973ع ۾ ساهتيه اڪيڊميءَ طرفان کيس “پيار جي پياس” ناول تي ايورڊ به ڏنو ويو هو. گوبند جو هڪ ناول “ڀاڀي” مهاراشٽر ۾ درسي ڪتاب طور مقرر ٿيل آهي. سندس انگريزيءَ ۾ لکيل مقالن ۾ Saratchandra: His impact on Sindhi literature وڏي اهميت جو حامل آهي.
گوبند مالهي سنڌ جي ناليواري راڳيءَ ماسٽر چندر جي اباڻي شهر ٺارو شاه ۾ پنجين آگسٽ،1921ع ۾ ڄائو، تازو 10. 02. 2001ع تي ديهانت ڪري ويو آهي. نهايت ڀلو ماڻهو هو، هريءَ چواڻيءَ: “هو “ٺاه گرو” جي لقب سان سڃاتو ويندو هو ڇاڪاڻ ته هند ۾ ڪن اديبن جي وچ ۾ ناٺاهي ٿيندي هئي ته گوبند ئي انهن ۾ ٺاه ڪرائيندو هو. گوبند جو ٻيو وڏو ڪارنامو آهي “ڀڳونتي ناواڻي”، جنهن کي هن ماهر جوهريءَ وانگر گهڙي ٺاهي، سنڌي جڳت کي هڪ مڻيادار گائڪا ڏني.” گوبند هڪ سنڌي فلم “سنڌوءَ جي ڪناري به ٺاهي. ڪلاڪار منڊل جو بنياد وجهندڙ ۽ وائيس پريزيڊنٽ به رهيو. اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا جو پهرين سيڪريٽري پوءِ صدر رهيو.
پوپٽي هيراننداڻي:
جو ادبي ۽ انقلابي حيثيت کي بيان ڪرڻ منهنجي قلم جي طاقت کان مٿي آهي.، ڇاڪاڻ ته هوءَ هڪ ئي وقت تمام سٺي ۽ انتهائي گهڻي مشهور ڪهاڻيڪار، ناول نگار، تنقيد نگار، ڪالم نگار ۽ ايم اي ۽ پي ايڇ ڊي جي شاگردن جي گائيڊ آهي. مختلف صنفن تي هن اٽڪل پنجاه کان مٿي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جيڪي هڪ ئي وقت سنڌي، انگريزي، هندي ۽ گجراتيءَ ۾ آهن. سنڌ توڙي هند جي ليکڪائن مان ورلي ڪو ساڻس برميچي سگهي ٿو.17. 09. 1924ع ۾ حيدرآباد جي عامل خاندان ۾ ڄائي، حيدرآباد مان ميٽرڪ پاس ڪيائين، ورهاڱو ٿيو ته لڏي هند هلي وئي، ۽ اتي ئي ايم اي جي ڊگري ورتائين ۽ پوءِ ڪي سي ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿي. ادب سان گڏ سندس نصابي ڪتاب به لکيل آهن، جيڪي بمبئي، پوني ۽ گجرات يونيورسٽين ۾ ڪورس طور مقرر ٿيل آهن. مزي جي ڳالهه ته پاڻ ميوزڪ ٽيچر به رهي آهي ۽ گهريلو محفلين ۾ ڳائي به وٺندي آهي.
پوپٽيءَ هند توڙي سنڌ جي سماجي حالتن تي نهايت سگهاريون ڪهاڻيون لکيون آهن. هن جون ٻه ڪهاڻيون: “مون توکي پيار ڪيو”۽ “اٻهرو قدم” مون کي ڏاڍيون پسند آهن، جن مان “مون توکي پيار ڪيو” تي کيس انعام به مليو آهي. پوپٽيءُ نثر ۾ جيڪي واهڙ وهايا آهن انهن ۾ سندس تنقيد، لسانيات، شاعري ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي ڪتاب لکيل/ شايع ٿيل آهن. منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق، سندس آتم ڪٿا آهي، جا 1981ع ۾ شايع ٿي، جنهن تي کيس 1982ع ۾ ساهتيه اڪيڊمي پاران انعام ڏنو ويو.”روح سندي رڃ” ، “پڪار”، “سيلاب زندگيءَ جو”، “شاه سنڌي تهذيب جو روح”، “ماڻڪ موتي لعل” سندس مشهور ڪتاب آهن. 16. 12. 2005ع تي بمبئيءَ ۾ پرلوڪ پڌاري وئي.
ڪرشن کٽواڻي:
ڪرشن عيدن داس کٽواڻي، 07. 11. 1927ع تي ڄائو، 11. 10. 2007ع تي پرلوڪ پڌاري ويو. 1978ع ۾ شايع ٿيل ناول “ياد هڪ پيار جي” تي کيس 1980ع ۾ ساهتيو اڪيڊمي انعام ڏنو. هن جا ناول”منهنجي مٺڙي سنڌ”. “ٽڙندڙ بادل”، ۽ ڪهاڻيون “سرحد جي هن پار” (1991)، “امان ابا اڃا ڪونه آيو” (2002)، ضرور پڙهڻ گهرجن. ڪرشن کٽواڻيءَ آخري ڪهاڻي “۽ ليکڪ مري ويو” 2007ع ۾ لکي، جيڪا هن فوت ٿيڻ کان ڪجهه مهينا اڳ لکي هئي. ٻين سنڌي ليکڪن جيان ڪرشن کٽواڻي به پنهنجا اباڻا ڪک ڏسڻ لاءِ سنڌ ايندو هو ۽ پنهنجي مسلمان دوستن سان ملي پراڻين يادن کي تازو ڪري ويندو هو، جنهن کي هن “سرحد جي هن پار” ڪهاڻيءَ ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ سندس پنهنجي گهر ۽ گهٽين، ۽ موهن جي دڙي جي کنڊرن سان گڏ پنهنجي ڌرتيءَ سان هڪ اٽوٽ ناتي جو احساس شامل آهي.
“امان ابا اڃا ڪونه آيو” ناول ۾ هڪ ماءُ حليمان ۽ سندس پٽ عبدل جي پريشانيءَ جي عڪاسي ڪيل آهي، جيڪي شهر ۾ هندو مسلم فسادن دوران گم ٿي ويل پنهنجي گهر جي وڏي جي واپس نه موٽڻ متعلق لکيل آهي.
ايشور چندر:
ڪا وڏي ڄمار نه ماڻي، 30جولاءِ 1937ع تي ڄائو ۽ 13 آگسٽ 1992ع تي گذاري ويو، پر انهن پنجونجاه سالن ۾ هن ٻه سئو کان مٿي ڪهاڻيون لکيون، جيڪي “ٿڌا چپ” ( 1965ع )، “مئل ماڪوڙو” ( 1966ع )، “پنهنجي ئي گهر ۾” ( 1973ع ) “نئين زماني جو ڪوئو” ( 1979ع ) “سخت چهري وارو ماڻهو” ( 1980ع ) “موٽي آيل ماضي” ( 1881ع ) “ست ڪهاڻيون” ( 1983ع ) “ڇوڪرو ڇوڪري” ( 1983ع ) “اندر جو ڄامڙو” (1984) “ساڳيو ئي سوال” ( 1984ع ) “هڪ بيمار غزل” ( 1985ع ) “رٿ” ( 1986ع)، “پر/ شايد” (1987ع )، سندس هڪ ڪتاب انگريزيءَ ۾ Forgotten پڻ ڇپيو آهي. هن جا ٽي ڪتاب ٿڌا چپ ، سخت چهري وارو ماڻهو ۽ اندر جو ڄامڙو سنڌ ۾ پڻ ڇپيا آهن. ايشورچندر جي ڪتاب “اندر جو ڄامڙو” ۾ ڏهه ڪهاڻيون آهن: سخت چهري وارو ماڻهو، اندر جو ڄامڙو، ڪمزور نسن وارو گهر، ٻئي ڏاڪي تي رجندڙ برف، وقت جي انتيءَ بعد، هڪ دلشڪستي شخص جو خط، موٽي آيل ماضي، باهه، ان گهڙيءَ لاءِ . . . ، ملڪيت .
طارق اشرف پاران سندس ڇپايل هيءُ ٻيو مجموعو آهي ، جنهن مان ليکڪ جي معيار ۽ سنڌيءَ ۾ مقبوليت ظاهر آهي . ڪجهه ڪهاڻيون ۽ ناٽڪ ته ريڊيو آڪاشواڻيءَ ۽ ٽيليويزن تان پڻ نشر ٿيا. لڳ ڀڳ اٺاويهه کن ڪتاب شايع ٿيل اٿس، جن مان تيرهن سنڌيءَ ۾، ڏه هنديءَ ۾، ٽي گجراتيءَ ۾، هڪ انگريزيءَ ۽ هڪ مليالم ٻولين ۾ آهن. سندس ڪتابن تي کيس انعام به ڪافي مليا. خاص طور سندس هندي ڪهاڻين جي هڪ ڪتاب جي قدردانيءَ تي کيس راجستان ساهتيه اڪيڊميءَ سڀ کان وڏو انعام به ڏنو. گهريلو سماج متعلق هن جون لکڻيون نهايت اثر ڪندڙ آهن، سندس ڪهاڻيون نفسي / جنسي واسنائن ۽ پيڙائن جي عڪاسي ڪندڙ به آهن، ان ڪري ايشور چندر سنڌي پڙهندڙن ۾ تمام گهڻو مقبول رهيو آهي. هري موٽواڻي پنهنجي خاڪي ۾ لکيو آهي ته: “ايشور چندر اصل سنڌي بلوچي هو، ڪوئٽيا بلوچستان جو، جيئن شيام جئسنگهاڻي آهي، جنهن لاءِ کيس فخر آهي.” ايشور چندر ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي، ورهاڱي کانپوءِ هند لڏي ويو ۽ اتي راجستان جي شهر اجمير ۾ رهيو، ريلوي ۾ نوڪري ڪندو هو.
وشنو ڀاٽيه:
21سنڌي ٻوليءَ جو هي تخليق ڪار اپريل 1941ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو، 15. سيپٽمبر 2011ع تي گذاري ويو. هندستاني سنڌي روزنامي”،۽ هفتيوار”هند واسي” جو سينيئر سب ايڊيٽر به رهيو،”ماهوار ڪونج”، “سپون”، ۽ رچنا” ۾ باقائدگيءَ سان سندس لکڻيون شايع ٿينديون هيون. سندس يارهن کن ڪهاڻين جا مجموعا ۽ هڪ ناول شايع ٿيل آهن. “درد ڀري دل”، “دل جي بستي”، “چندر مکي”، “سوال”، ڪهاڻين جا مجموعا ۽ “رشتن جو انت” ناول شايع ٿيل آهن. جن ڪجهه ڪهاڻيون انساني جنسي خواهشن جي سلسلي ۾ به لکيون آهن. وشنو ڀاٽيا ريڊيو لاءِ ناٽڪ به لکيا، جن ۾ “بيبو او بيبو”، “اک ڦڙڪي دل ڌڙڪي”، “انعام”، “ننڊ نه ڪر نادان”. سندس ڪجهه ڪهاڻيون هندي، گجراتي، تامل، تيلگو، مليالم، ۽ انگريزي ٻولين ۾ ترجمو به ٿيون آهن. 1995ع ۾ اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀيتا بمبئي پاران کيس لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ سان نوازيو ويو.
هريش واسواڻي:
نئين دور جو نمائندو ليکڪ: هريش واسواڻي تاريخ 22. 11. 1984ع تي بلوچستان ۾ ڄائو آهي. ادب ۾ هريش واسواڻي، واسديو موهيءَ جيان، خاص طور شاعريءَ ۾ آزاد نظم واري نئين لهر جو نمائندو سڏبو آهي. سندس لکيل ڪوتا: “پرش وئشيا” نئين دور جي ڪويتا جو سنگ ميل آهي. ساڳيءَ ريت هريش واسواڻيءَ جي ڪهاڻي “گهنٽي” به سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجو منفرد مقام رکي ٿي، جيڪا ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اونداهين مستقبل متعلق نهايت سنجيدگيءَ سان لکيل آهي. “چاليهه چوهتر” سندس ڪهاڻين جي مجموعو آهي. هريش اٽڪل ويهه کن ڪهاڻيون لکيون آهن، ۽ هن جون سڀئي ڪهاڻيون نئين دور جي للڪار جيان پڙهندڙن کي ڇرڪائي ڇڏين ٿيون. هريش جي ٻي مشهور ڪهاڻي آهي: “فقيرياڻي” (1980). سندس ادبي تنقيد جي ڪتاب “چاليهه چوراسي” تي1987ع ۾ کيس ساهتيه اڪيڊمي انعام ڏنو. چاليهن جي لفظ کي اهميت ڏيندي هن پنهنجي شاعريءَ جي مجموعي جو عنوان به “چاليهه ڇاهتر” رکيو آهي. ساهتيه اڪيڊميءَ هند ۽ سنڌ جي ادب متعلق هريش واسواڻيءَ جو ترتيب ڏنل”سنڌي تنقيد” شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ سندس ايڊيٽوريل نوٽ انتهائي اهم آهي. هن جي ڪهاڻين جو آخري ڪتاب “ٻڙي ۽ ٽي ٻڙيون” آهي. سندس گهر واري “اندرا واسواڻي” به ادب سان واڳيل رهي آهي. اڄڪلهه هو آديپور جي ملير ڪالونيءَ ۾ رهائش پذير آهي.
منو تولارام گدواڻي:
منوءَ جي ادبي حوالن کي مون جيترو ڳولهيو آهي، اهو منهنجي همت کي شابس آهي، هند جي ڪيترن ادبي فيس بوڪ فرينڊز: اندرا شبنم پونا والا، ڊاڪٽر ومي سندارنگاڻي، ڪملا گوڪلاڻي، هيري واسواڻي، هيري ٺڪر سان لکپڙه ڪيم پر انهن ليکڪن ڪو جواب ڪونه ڏنو، هند جي سنڌي سائيٽس تي به ڪافي ڳولهيم پر گدواڻي فيملين ۾ به منو تولارام گدواڻيءَ جو نالو نه لڌو.
پوءِ گوپ گولاڻيءَ سان رابطو ڪيم، جنهن به ٻڌايو ته: بيدل مسرور صاحب ، ادل هن اديب لاءَ مونکي ڪابه ڄاڻ ڪونهي 55 19ع کان اڄ تائين مون هڪ ئي گدواڻي لا۽ ٻڌو آهي، هو (مووڪ) ميوزڪ آڊيو ڪمپني جو مالڪ هو، وڌيڪ هيرو ٺڪر يا سندر اگناڻي کان حال ملي سگھندو، ٻئي فيس بڪ تي آهن، مهرباني، توهان جو پنهنجو،گوپ گولاڻي. (ڇهين جون 2013ع)
رڳو واسديو موهي، جواب ۾ لکيو ته: سائين بيدل مسرور صاحب توهانجي ميسيج لاءِ مهرباني. مونکي افسوس اهي ته مونکي به منو تولارام گدواڻي نسبت ڄاڻ ڪانهي . مان فيسبوڪ تي گهٽ ايندو آهيان اِن ڪري جواب ۾ دير ٿي ، معافي طلب آهيان . البت ميل ضرور چيڪ ڪندو آهيان قرب واسديو موهي. (18 جون 2013ع).
ڪيرت چوئـٿرام ٻاٻاڻي:
نوابشاه جي ڳوٺ مورو لاکو ۾ 03. 01. 1922ع تي پيدا ٿيو. بعد ۾ سندس خاندان صابو راهو لڏي ويو. پنجين درجي کان هو پنهنجي ڪلاس جو مانيٽر رهيو، سندس استاد روچيرام ٿارواڻي هو، جنهن منجهنس اڳتي وڌڻ جو ساهس پيدا ڪيو. بس جلدئي کاڌيءَ جا ڪپڙا پائڻ لڳو. ۽ “فارورڊ اسٽوڊنٽ يونين” جو بنياد وجهي شاگردن کي انقلابي سبق ڏيڻ لڳو، ۽ مهاتما گانڌيءَ جي سلوگن: “برطانوي، هند ڇڏي وڃو” تحت، نوابشاه جي روڊن تي ريلي ڪڍيائين، پر گول بازار وٽ تقرير ڪندي کيس اريسٽ ڪيو ويو. 1945ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ پوري سنڌ جي شاگردن کي ڪٺو ڪيو هئائين، جنهن تي مٿس ڪميونسٽن لاءِ ڪم ڪرڻ جو الزام لڳو. سنڌيءَ جي فارسي ۽ ديوناگري لپيءَ واري سلسلي ۾ به ڪافي سرگرم رهيو. گوبند مالهي ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ سان گڏجي “سنڌي ساهت منڊل” جوڙيائين، ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ مظاهرا ڪيائين. سندس گهڻو وقت سياسي ۽ ادبي سرگرمين گذرندو رهيو آهي. ڪيرت ٻاٻاڻي اکل ڀارت سنڌي سڀا جو ارڙهن سالن تائين صدر به رهي چڪو آهي، ۽ سنڌي تشخص، ثقافت ۽ سنڌي هلچل ۾ بهترين ڪردار ادا ڪرڻ تي، ورلڊ سنڌي ڪانفرنس طرفان کيس جي ايم سيد ميموريل ايوارڊ به ڏنو ويو آهي.
ڪيرت ٻاٻاڻي ڪرڪيٽ، والي بال جو سٺو رانديگر رهيو آهي. هو1947ع ڌاري ڪراچيءَ جي هڪ هفتيوار اخبار “صداقت” 2004ع جو ايڊيٽر به رهيو آهي. اصل ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي، خاص طور ادبي ۽ سماجوادي ڪمن ۾ سندس نالو گهڻو مشهور آهي. هن ڪهاڻيون، تنقيد، سوانح ۽ سفرناما لکيا آهن. “اوهان سڀ ننگا آهيو” سندس ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن تي کيس ايوارڊ به مليو. سندس گڏ ڪيل سنڌي لوڪ ڪهاڻيون 1990ع ۾ شايع ٿيون، هن پهرين ڪهاڻي “جليبيءَ جو چور” لکي، جنهن کان پوءِ هن ورهاڱي متعلق “هو” ڪهاڻي لکي، ۽ سندس ٽين ڪهاڻي آهي: “مان اداس ڇو آهيان.” سندس لکيل ٽن ايڪٽن واري ناٽڪ: “ڌرتيءَ جو سڏ” تي کيس ساهتيه اڪيڊمي پاران 2006ع ۾ انعام ڏنو ويو، پر سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيرت جي مشهور ڪهاڻي “محمد رام” آهي.
گنو سامتاڻي:
گني جو نالو اسان پنهنجي پياري طارق اشرف کان ٻڌو، پر ادب ۾ هن جو ايترو گهڻو ڪم ڪيل ڪونه آهي، ۽ ڪهاڻين ۾ به هندي گهڻي استعمال ڪندو هو. پوءِ به هو پنهنجي ڪهاڻين جي مجموعن: “اپراجتا” ۽ “اڀمان” (1965ع) جي ڪري گهڻو مشهور آهي. گني کي1972ع ۾ “اپراجتا” تي ساهتيه اڪيڊمي پاران انعام به مليو هو. 13.07. 1934 ۾ ڄائو، 16. 08. 1997ع تي پرلوڪ پڌاري ويو. سندس آهي.
موهن ڪلپنا :
22 نومر 1930ع تي ڪوٽڙيءَ (سنڌ) ۾ ڄائو ۽ 19 جون 1992ع تي الهاس نگر (ڀارت) ۾ پرلوڪ پڌاري ويو. منهنجي خيال ۾ موهن ڪلپنا پنهنجي لکڻين سبب هند توڙي سنڌ ۾ تمام گهڻي شهرت ماڻي. “آواره”، “جلاوطني”، “پيار جي پڇاڙي”، “درد جو درياه”، “عورت”، “ڪانءُ ۽ سمنڊ” هن جا شاهڪار ناول آهن. ڪهاڻين جا به بيشمار مجموعا شايع ٿيل اٿس، جن ۾ “موهي نر موهي”، “فرشتن جي دنيا”، “پيار ۽ پاپ”، “اها شام” “اٺين ڪٿا” وڌيڪ مشهور آهن. “اها شام” تي 1984ع ۾ کيس ساهتيه اڪيڊمي پاران انعام به ڏنو ويو.آخري ڏهاڙن ۾ هن پنهنجي آتم ڪٿا: “بک، عشق ۽ ادب” لکي، جنهن به تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪئي.