10. پاڻيءَ مٿي جهوپڙا! :موهن ڪلپنا
............................
“موت، جيون جو ارٿ – اظهار!”……. پروفيسر چوي ٿو:
“مرتيو ئي سچ آهي. باقي سڀ مٿيا آهي.”
“وڻ ڇڻي، طوفان جي جهٽڪي سان ڪري پوي ٿو، اهو ڪِرڻ سچ آهي. سمئش! البرڪامئو!”
“مگر زمين جي اندر جو ٻج پيو هو. ان جو وڪاس ٿيو ڪوڙ.”
“اهو ٻج وڌي ٻوٽو، ٻوٽو وڌي وڻ ٿيو، اهو وڌڻ ٿيو ڪوڙ.”
“ان وڻ ميوو ۽ ڇانوَ ڏني. ان جي ٽارين هوا ۾ لڏي جو ترنم ۽ سنگيت پيدا ڪيو، اهو ٿيو ڪوڙ.”
“ان وڻ ۾ ڪي پکي آرامي ٿيا. ان جي ٿڌي ڇانوَ ۾ ڪن آسائش ورتي، اهو آرام ۽ اها آسائش ٿي ڪوڙ!”
“باقي ڪِرڻ ٿيو سچ! ته ڪوڙو آهي اهو سچ.”
“غلط آهي هي پروفيسر! جو آرام ڪرسيءَ تي ليٽي، اوم جي گوري وٺي، شانتيءَ جي تاڻي ليٽيو پيو آهي.”
“هو هڪ عورت جو وڇوڙو سهي نه سگهيو ۽ ڊهي پيو. پيار هن ۾ جيون جو وشواس پئدا ڪري نه سگهيو. هيءُ هڪ نئون ديوداس آهي. جنهن شراب ۾ نه، مگر مايوسيءَ ۽ نااميديءَ جي فلسفيءَ ۾ پاڻ کي ٻڌي رکيو آهي. وري دعويٰ ڪري چوي ٿو ته: “اتهاس ڄاڻي ٿو، ڪنهن به فيلسوفيءَ انسان جي مڪتي نه آندي آهي، بلڪ انسان کي وڌيڪ بيوس بڻائي. وڌيڪ مضبوط ٻنڌنن ۾ جڪڙيو آهي…”
“پروفيسر پنهنجي هڪ خسيس راءِ کي اتهاس جو امر سچ پيو سمجهي. هن صاحب ويد، اُپنشد، گيتا، مارڪس، نيتشي، سارتر سڀ پڙهيا آهن، مگر جيڪڏهين هن اهي سڀ پڙهيا آهن ته هو ان غلط نتيجي تي ڪيئن پهتو آهي؟ هر سٺي ۽ عقلمند ماڻهوءَ، مجبورين اچڻ تي فاقا ڪڍي به، شخصي مفاد پاسيرا رکي نور نچوئي حياتيءَ کي سمجهڻ ۽ سمجهي ان کي سهڻو بنائڻ لاءِ دنيا جي اڳيان پنهنجا آدرش رکيا آهن، ۽ جيڪي آدرش وقت جي اگني پريکيا مان پار پيا آهن، جن تي هلندي انسان لامحدود ترقي ڪئي آهي.”
“هيءُ پروفيسر گنو هٽلر جي هئبتي فلسفي کان هراسجي وڃي ٿو مگر ان جي ٽَڪر ۾ روي بابوءَ جي گيتانجليءَ مان ڪوتا جو هڪ ڇند پڙهڻ مناسب نه ٿو سمجهي. گوتم، گانڌي، مارڪس، لينن ۽ پنڊت جواهر لعل نهرو، انسان کي وڌيڪ ٻنڌنن ۾ جڪڙيو آهي! ڇه!…. هيءَ هڪ جديد چريائي آهي، جنهن جو مقصد جذباتي ڌڌڪو رسائڻ… “
“ڪنهن چاهي هئي هند ۽ پاڪ جي لڙائي؟”
“ڪنهن چيو پروفيسر صاحب کي ته پنهنجي جنني جنم ڀومي تي بمبازي ڪريو؟ ڇو تون صرف جنگي ذهنيت ڏسين ٿو ۽ امن اتحاد ۽ ترقي جي تحرڪ کان منڪر ٿين ٿو؟”
امن، اتحاد ۽ ترقي!
نه اوم!
امن، اتحاد ۽ ترقي!
انسان مري ڪو نه ويو آهي جو ان کي اوم جي ضرورت پوي!
ان کي هزارين سال ٿيا جڏهن وقت جي ڍڳي گاڏيءَ تي چڙهي شانتيءَ اوم سان اتهاس جي ياترا ڪئي هئي. هڪ ڏينهن، شايد ڪروکيتر جي ميدان تي شانتيءَ اوم کي چيو ته هاڻ اسان کي هيءُ سڄو يُگ، هيءَ سڄي سڀيتا بچائڻي آهي، ته صرف هڪ ڪٽنب جي راجائي دعوائن سبب ان جو وناش نه ڪرڻو آهي. تڏهن اوم غصي ٿي جنگ جو ناد وڄايو ۽ هن شانتيءَ کي نهايت بي رحميءَ سان ڪروکيتر جي ميدان تي ڪچلي ڇڏيو. شانتيءَ جي سرير مان ايترو ته رت وهيو هو، جو اڄ به ڪروکيتر جي ان زمين اندران ان رت جو هڪ درياه پيو وهي. جيتري زمين کوٽ، اوتري اندران رت مان لال ٿيل مٽي نڪرندي.
هن يگ کي پنهنجي تجربي ۽ انڀو سان ان شانتيءَ کي اننت ڪال تائين ڪرڻو امر آهي. ڪروکيتر بعد ان اوم يگ يگ ۾ روپ بدلايا آهن ۽ جدا جدا مذهبن جا نقاب پائي ماڻهن کي شانتيءَ خلاف برغلايو آهي. ڪيوبا ۾ وري جنگ جو جهنڊو بلند ڪيو، مگر تاريخ جي هڪ نهايت عقلمند ماڻهو ڪرو شچوف، اوم جي رمز سمجهي دنيا جي تهذيب و تمدن کي جنگ کان بچائي ورتو!
لانگ لِوِ ڪروشچوف! ٿري چيئرس ٽ يو! ڊئم هٽلر! ڊئم بلڊي جانسن! لانگ لِوِ هوچي منه! لانگ لِوِ ويٽ ڪانگ! لانگ لِوِ مارٽن لوٿر ڪنگ! لانگ لِوِ پال رابسن! لانگ لِوِ چارلي چپلن، برٽينڊرسل ۽ اوٿانٽ.
هند ۽ پاڪ جي لڙائيءَ ۾ پنج هزار ماڻهو پاڪستان جا مئا ۽ پنج هزار هندستان جا مئا ته ائين نه چئبو ته دشمن جا پنج هزار ماڻهو مئا… چئبو: اسان جا ڏهه هزار ماڻهو مري ويا! لانگ لِوِ اچاريه ونود ڀائي، وئي وانٽ پيس، ورلڊ پيس! ڪشمير جي سوال تي لڙو نه بلڪ هندستان ۽ پاڪستان ٻئي ملي هڪ ٿي وڃو. لانگ لِوِ هندوز – لانگ لِوِ مسلمس! لانگ لِوِ يونائيٽيڊ انڊيا ۽ پاڪستان.
ششي اٿي کڙي ٿي.
گني ڪنڌ ورائي به نه ڏٺو. سشي آهستي آهستي دروازو کولي ڪمري کان ٻاهر نڪري وئي. مگر سشيءَ جي ان طرح وڃڻ تي هن ائين محسوس ڪيو، هوءَ ڄڻ هن جي سڄي وجود کي ڌوڏي وئي. گنو ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ دريءَ وٽ اچي بيٺو. هيٺان هڪ فقير هٿ ۾ ڪشڪول ۽ ٻئي ۾ لڪڙي کڻي، منڊڪائيندو ڳائيندو ٿي ويو:
“ماٽي ڪهي ڪمڀارسي
تون روندين مئن روءِ
اڪدن ايسا آئيگا
مئن روندون تون روءِ….
گني سوچيو: هي فقير به اها ڳالهه چوي ٿو جا مون سشيءَ کي سمجهائڻ چاهي آهي.
موت آهي جيون جو ارٿ ۽ اظهار……
پهرين انسان مٽيءَ کي ڳوهي پنهنجي سک لاءِ تهذيب جو نرماڻ ڪري ٿو ۽ پوءِ مٽي ان انسان کي ڳوهي ان تهذيب کي ڊاهي ٿي ڇڏي. مگر هن فقير جو آواز ۾ ڇا ميٺاج آهي…..
۽ هو دروازو بند ڪري هيٺ لهي آيو ۽ ان فقير پٺيان هلڻ لڳو. فقير منڊڪائيندو هليو ۽ ڳائيندو هليو. ان طرح جيئن جديد ليکڪ زندگيءَ کي ڪا معنيٰ نه ڏيندا آهن ۽ پوءِ به لکندا رهندا آهن. هنن جو عقل ان طرح منڊڪ منڊي ڪندو آهي. عقل جي منڊڪ ۽ لکڻ ٻئي جاري هوندا آهن.
فقير سڙڪ جي موڙ تي هڪ فوٽ پاٿ تي اچي ويٺو، جتي ٻيا به گهڻا فقير ويٺا هئا. جيئن جيئڻ کي ڪا معنيٰ ڪانهي. تيئن فوٽ پاٿ تي ويهڻ ۽ ڪجهه به ڪرڻ کي ڪا معنيٰ ڪانهي ۽ پروفيسر گنو انهن فقيرن جي پاسي کان فوٽ پاٿ جي ٻني تي ويهي رهيو.
هڪ فقير چيو، “بابو جي، منهنجو پيٽ خالي آهي، ڪجهه ڏي.”
هن ڪنڌ ورائي ان فقير ڏانهن نهاريو.
“هن دنيا ۾ ڪير رهڻو آهي، دنيا مسافر خانو آهي، چئن ڏينهن جي زندگي ڀوڳي پوءِ لڏڻو آهي. ان ڪري ديا ڪريو ۽ موڪش حاصل ڪريو.”
جين پال سارتر!
“هيءَ زندگي ڀوڳڻ لاءِ ملي آهي.” يو آر- ڪنڊينمڊ ٽُ لِوِ! مگر جتي سارتر سوچڻ بند ٿو ڪري، اتان هي فقير سوچڻ شروع ٿو ڪري. ديا ڪريو…
دي ويسٽ لنڊ… ٽي ايس اليٽ! ديا ڪريو ۽ موڪش حاصل ڪريو، يعني هن دنيا جي جي گهڻائيءَ جي لوٽ کسوٽ بند ڪريو، جو مظلوم به انسان آهن، جيئڻ جا طالب ان ۾ موڪش آهي. ان موڪش لاءِ مارڪس ۽ گانڌي ٻه الڳ واٽون ٻڌايون آهن.
هڪ چوي ٿو: دنيا جا پورهيتو هڪ ٿي وڃو ۽ دنيا تي راڄ ڪريو. ٻيو اها ڳالهه بورجئا ڪلاس کي سمجهائي هنن ۾ انسانيت جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ٻئي هڪ ٻئي تي ديا ڪن ۽ هڪ ٿي وڃن. هڪڙا ظلم نه ڪن ۽ ٻيا هٿيار نه کڻن. هڪ هجي سماجوادي سرشتو، جتي نه ظلم هجي ۽ نه لوٽ کسوٽ، سماجڪ برابري ۽ سماجڪ سلامتي هجي.
گنو ان فقير ڏانهن نهاريندو رهيو.
گني جي اهڙي رخ کي همدرديءَ وارو سمجهي ٻيو فقير اچي هن جي پاسي کان ويٺو. زندگيءَ جو اهو روپ سمجهڻ لاءِ گني پڇيو، “چڱو دوست، اهو ته ٻڌاءِ، تنهنجي لاءِ زندگيءَ کي ڪهڙي معنيٰ آهي؟”
اهڙو سوال شايد فقير کان ڪنهن نه پڇيو هو. فقير عجب مان پڇيو، “اوهان ڇا چيو صاحب؟”
گني سوال دهرايو
فقير اکين ۾ پاڻي آڻي چيو، “بابو جي، حالتون سٺيون هجن ها ته مان به شايد اوهان جيان سٺي زندگي ڪاٽي سگهان ها. هينئر در در ڀٽڪان ٿو ۽ زماني جي ڦٽ لعنت کان ٿو… مٿان پوليس جون لٺيون، هميشه ڊپ ۾ گذاريون ٿا. فٽ پاٿ جي زندگي، ذلت، مصيبت، ڊپ، رات جو سمهون ته سپنن ۾ بنگلا ۽ ماڙيون نه ڏسون مگر ڏسون ڄارا ۽ ڪوريئڙا، ڪوئا. اهي جي اسان جي حياتيءَ ۾ آهن.”
هڪ فقير ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو.
هن چيو، “بابو جي، اسان جي ڳالهين ۾ نه اچو، اسان جي جهڙي زندگي آهي، تهڙا اسان جا خيال آهن ۽ اسان جي زندگي ان ڪري اهڙي آهي، جو اسين اهڙين حالتن مان لنگهون ٿا… مگر بابو جي، انهن حالتن کان سواءِ دنيا ۾ ٻيون به حالتون آهن، جن ۾ اسين نٿا رهون، مگر انسان رهي ٿو.”
گنو اٿي کڙو ٿيو، اهڙي ڪٺور سچ جي سامهون هو بيهي نه سگهيو ۽ هو پينٽ جي کيسن ۾ هٿ وجهي هلڻ لڳو.
ڪافڪا ۽ هن فقير ۾ ڪهڙو تفاوت آهي؟
ڪافڪا ڪن حالتن مان گذريو ۽ هن کي نظر آيا چٻرا ۽ ڪاڪروچ!…….. ڪافڪا ڏٺو الو ۽ ڪوريئڙا. مگر هيءُ فقير ڪافڪا کان به وڌيڪ گهرو آهي. ڪافڪا ۽ ڪاموءَ جي ڏٺل ۽ سوچيل حالتن کان سواءِ به ڪي حالتون آحن، جن ۾ هو نه ٿا رهن مگر انسان رهي ٿو!
هي زندگيءَ جو ڪهڙو روپ آهي؟
جتي يورپ جا جديد مفڪر ۽ فنڪار سوچڻ بند ٿا ڪن، اتان هندستان جا فقير اڳتي وڌي ان فڪر ۽ فلسفي ۾ ترميم پيش ڪن ٿا ۽ زندگيءَ جي سهڻي روپ ڏانهن اشارو ڪن ٿا.
اوه، ڊئم ڪامو! ڊئم ڪافڪا! ڊئم ائبسرڊٽي!
حالتن هندستان جي هنن ماڻهن کي فقير بڻايو آهي. يورپ جي جنگي حالتن ۽ سامراجوادي لوٽ کسوٽ ۾ يورپ جي جديد ترين مفڪرن ۽ فنڪارن کي دماغي طور فقير بڻايو آهي! مگر انهن حالتن کان الڳ به حالتون آهن، جتي انسان سکي آهي، جتي انسان آسودو آهي. جتي انسان شانتيءَ جو طرفدار ۽ رکوالو آهي. جئه سوويٽ يونين، جئه سماجواد، جئه شانتي!
پوئين صبح جو گنو ننڊ مان ڇرڪي اٿيو. رات جو هن هڪ اچرج ڀريو خواب ڏٺو. هڪ فوٽ پاٿ تي ڪيترا فقير بيٺا هئا ۽ پنهنجون فيلسوفيون ٻڌائي رهيا هئا. چهرا ڪجهه ڏٺل ۽ ڄاتل هئا. هو وڏي واڪي چلائي رهيا هئا…. سڀ کان الڳ هو ڪافڪا…. پوءِ ڪامو……… پوءِ مارشل پروست…. ڪجهه ڪجهه ڄاتل سڃاتل سارتر، جنهن کي ڪجهه بهتر ڪپڙا پيل هئا.
آڪاش مان ڊيل اسٽار سئٽلائيٽ لنگهي رهي هئي ۽ هڪ هال ۾ جارج برنارڊ شا جي تصويرن جو نيلام ٿي رهيو هو. نيلام لنڊن ۾ ٿي رهيو هو، جنهن جو منظر ڊيل اسٽار آمريڪا جي شهرن ۾ ٿي پهچايو ۽ جتان آرٽ جا شائق واڪ ڏئي رهيا ها ۽ جي واڪ لنڊن جي ان هال ۾ اهي تصويرون نيلام ڪندڙ ٻڌي رهيا هئا.
هاءِ……..
انسان جي هيڏي ترقي ۽ پوءِ به هيڏو وڏو ماتم! جنگ کان ڏڪو ٿا! مگر هٽلر جو انت وساري ٿا ڇڏيو.
انسان زنده آهي. انسان مري نه ٿو سگهي. تاريخ ۾ موت کي ڪا اهميت نه آهي. موت ۾ فرد مرندو آهي مگر يگ جيئندو آهي. مگر اهو فرد به مڪمل طور تي نه مرندو آهي ۽ اهو پنهنجي پيڙهين ۾ زنده رهندو آهي. ان ڪري موت جيون جو ارٿ ڪونهي. جيون جو ارٿ آهي سماجواد ۽ شانتي. شخصي سطح تي من جي پويترتا، اخلاق، تهذيب، قومي سطح تي سماجواد ۽ انترراشٽريه سطح تي سهڪار ۽ شانتي.
گني سوچيو: ڪاش سشي هجي ته مان هن کي پنهنجو نئون تصور ٻڌايان. مان هڪ غلط فلسفي جو شڪار ٿي هڪ جيئري جاڳندي شخص جي وجود کان منڪر ٿيان ٿو. ٺيڪ آهي 36x24x36 بيوٽي ڪُئين جو تصور آهي… مگر مان ان تصور کي قبول ڇو ڪريان؟ ڪاليداس جي ڏينهن ۾ به ساڙهيون والن جي حساب سان وڪامنديون هيون. مگر ڪاليداس والن جي ساڙهيءَ جي مهما نه ڳائي آهي. هماليه جي ان پهاڙ تي الڪاپوري ائين ٿي لڳي. ڄڻ ڪنهن پريتم پنهنجي پريتما کي پنهنجي گود ۾ وهاريو هو ۽ پاسي کان وهندڙ ندي ائين ٿي لڳي ڄڻ ان عورت پنهنجي پريتم جي گود ۾ وهڻ کان اڳ پنهنجي ساڙهي لاهي پاسي ۾ رکي هئي.
او، ميگهه رات!
سشيءَ کي چيو هوم: انسان جي ٻُڌيءَ جي جڳهه تي ڪامپيوٽر ايڏي ته وڏي جڳهه والاري آهي جو چاهيندي به انسان پنهنجي ئي خلقيل ڪامپيوٽر مان ڇوٽڪارو پائي نه سگهندو!
نانسينس!
اها انسان جي ٻُڌي کي شاباس آهي جو اهڙي تخليق ڪري سگهيو آهي.
ڇوٽڪارو ڪنهن کي کپي؟
ڇا هوائي جهاز ڇڏي وري ڍڳي گاڏيءَ ۾ سفر ڪريون؟ وري قاصد کي خط ڏئي چئون ته گهوڙي تي چڙهي پيغام پهچاءِ ۽ هڪ لفافو نه لکون؟ ڀل گهوڙو طوفان مان لنگهي، واهه، نديون اورانگهي ۽ ڪٿي ڪنهن چيتي يا بگهڙ جو شڪار ٿي مري وڃي مگر ڪنهن کي تار نه ڪجي؟
ويچارو غالب! چي:
خاک میں مل جائینگے تم کو خبر ہونے تک
هينئر لنڊن، دهلي، ماسڪو دنيا ڳنڍي پيئي آهي. ڪولڊ لائين، هاٽ لائين سڀ آهن. بس رڳو انساني سمجهه کي تاريخ جي ڪهنن روڳن، مذهب، محدود قوميت ۽ طبقاتي ڀيدن کان مٿي اچڻو آهي ۽ تاريخي انسان ان کي مٿي آڻڻ جي قابل آهي. اسين اها ڳالهه سمجهون ٿا مگر عمل نه ٿا ڪريون.
پاڻيءَ مٿي جهوپڙا مورک اڃ مرن!
سشي تون ڪٿي آهي؟
اچ ته مان توکي زندگيءَ سان پيار ڪرڻ سيکاريان.
منهنجي پياري اچ ته اسين زندگيءَ جي بهتريءَ لاءِ دنيا جي جمهوري ۽ سماجوادي ڌارائن جا طرفدار ٿيون.
اچ ته پنهنجي حياتي دنيا کي بهتر بنائڻ ۾ خرچ ڪريون.
اچ ته پنهنجو جيون سڪيارٿو ڪريون.
*