9. تلاش! : گنوسامتاڻي
هو خط پورو ڪري اٿيو. ٿڪاوٽ من جي الجهن! هئمليٽ جي الجهن!! هن سمهڻ چاهيو. بٽڻ دٻائي بتي وسائي. اوچتو هو ڇرڪي ويو. ٻئي پل ۾ ئي هن بتي ٻاري ڇڏي.
انڌڪار ۽ روشني، سئچ آف، سئچ آن، سيڪنڊ جو کيل اڳيان انسان، ڀڳوان، هڪ چنتا، هڪ ڊپ.
سورهين صديءَ جو هئمليٽ ويهنءَ صديءَ جي انسان جي اڳ ڪٿي هو.
شيڪسپيئر ۽ پوءِ آئنسٽائين وچ ۾ پيدا ٿيل سموري فلسوفي گيان، ٻڌي سميٽجي هڪ اڻوءَ ۾ سمائجي، ڀيانڪ رفتار سان، هنسا سان، شڪتيءَ جو اوتار بڻجي، هر چيز جو وناش شروع ڪري ڇڏي هو.
ڪلا – ڪوڙ، گيان – ڪوڙ، ڀاؤ- ڪوڙ، من- وگيان- ڪوڙ، پيار- ڪوڙ، انسان – ڪوڙ.
سچ! هَي ارجن! مان آهيان اچ، مون ۾ سمائجي وڃ.
وناش ڪر. وناش ڪرڻ تنهنجو ڌرم آهي، ڪرم آهي. اڇا منهنجي آهي. منهنجي اڇا بنا ڪجهه نه ٿو ٿئي. اُٿ، جاڳ، اٿ.
تانڊؤ، وناش جي ليلا، کيل، ايشور جي اڇا، وناش، ايشور جي اڇا، ڪوڙ، ايشور- ڪوڙ.
۽ وشال- وراٽ روپ صرف هڪ اڻؤ اڻو، نيگيٽولي چارجڊ، پازيٽولي چارجڊ، اڄ وڌيڪ منجهيل آهي. وڌيڪ ڪامپليڪس آهي.
شيڪسپيئر وٽ ڪويتا هئي، سنگيت هئو؛ چاهنا هئي، اڄ جي شيڪسپيئر جي چاهنا اخبار جي اشتهارن ۾، ٽيليويزن ۾، نئلان جتين ۾، پوسٽرن ۾ قيد آهي.
ڪامپيوٽر جي گڻت – وديا جي فارمولن ۾ ئي انسان جي ٻُڌيءَ جو اظهار آهي. استريءَ جي سندر سرير کي اڄ ڪويتا ۾ اظهار نه ٿو ملي. ليڪن ٽيپ جي انچن ۾ ئي ان کي ظاهر ڪيو وڃي ٿو: 136 انچ x 125 انچ x 136 انچ. بيوٽي ڪئين، مس ورلڊ، او! ڪاليداس…………….
رات گذري ويئي. گذري ئي ويئي. ڪٿي گذري رات؟
خط هو موڪلي سگهيو.
ان رات ئي فيلسوفيءَ جو پروفيسر، ڊاڪٽر گنو، فيلسوفيءَ جي گرنٿن جي گرفت مان مڪت بڻجي، هڪدم اوچتو، شنڪا ۽ اوشواس جي وايو منڊل ۾ بيٺو هو. دشا- هيڻ، اهم- بنا پاڻ وڃائي، اَواڪ.
رستا انيڪ آهن. رستا انيڪ هئا.
پوءِ به هو اڄ تائين ماضيءَ ڏانهن ويندڙ رستو پڪڙي وڌندو رهيو هو. وڌي، اتي اچي پهتو هو، جتي اتهاس جا، وقت ۽ مڪان جا ٻنڌن ٽٽل هئا. دشائون کوئجي ويون هيون. “پاڻ” غائب هو. ۽ عجب اهو هو جو ان ئي منزل تي مستقبل جو رستو شروع ٿي ٿيو. مستقبل جي رستي جي شروعات تي، ورتان جو انسان کڙو هو. گنو کڙو هو. ڪير هو گنو؟ گنو ڪير؟ هو خود ئي ڇا ڄاڻي سگهيو هو؟
اتهاس بنا،
وقت بنا،
مڪان بنا،
وشواس بنا،
شنڪا بنا،
ڊپ سان، چنتا سان، هنسا سان،
ٽٽل، اڻڄاتل، وڃايل، انسان، ڪير ڄاڻي، ڪنهن کي، ڪوئي؟ ۽ ڀلا ڇو؟
گنو ڪير؟ سشي ڪير؟ ڪير، ڪير؟
ڪنهن ڪيو پيار ڪنهن سان؟
ڪير ٿو ڪري پيار ڪنهن سان؟
دياليءَ جي سنيهه جي راهه آخرين ڇيڙي تي، سشي.
ماضي ڇڪجي، کينچجي مستقبل ۾ سمائجي ٿو وڃي. وهندڙ نديءَ جو پل پل بدلجندڙ پاڻي.
… …. …
“سشي”
شام، سج لهڻ ۽ رات ٿيڻ جي وچ وارو وقت، سنجها، سشيءَ هڪدم اٿي بتي ٻارڻ لاءِ هٿ وڌايو.
“رهڻ ڏي، سشي” گني جي آواز ۾ شام جي اداسي هئي.
سشي ويهي رهي.
“ائين سٺو ٿو لڳي.”
سشيءَ هن ڏانهن نهاريو.
“ٻاهر هن ڪمري ۾ ۽ اندر من ۾ جيڪا سمانتا آهي نه، سٺي ٿي لڳي.”
سشيءَ اٿي بتي ٻاري ڇڏي.
ڄڻ ‘ڪجهه نه’ مان هر چيز روپ – آڪار پائي جاڳي اٿي.
ڪتاب، شيلف، ڪرسي، ٽيبل، پلنگ، بسترو، (بسترو؟ من ۽ ٻاهر ننڊ؟ يا صرف جاڳندي سمهڻ)
گني جو ڌيان سشيءَ ڏانهن کڄي آيو. هن کي لڳو؛ اڄ سشيءَ، چوپاٽيءَ واري سشيءَ وٽان ساندهه ٽي ڏينهن ۽ راتيون ڊوڙندي، ڀڄندي، هڪدم دور هلي وئي هئي. مک هن جو شانت هو؛ ڪنن جي والن ۾ نرتيه هو؛ مستڪ تي لڳل تلڪ ۾ چندرما هو، اکين ۾ سنڌيا – ديپ هئا؛ بلائوز ۾ تاڻ هو؛ ساڙهيءَ ۾ راڳڻي هئي. ماڊرن آرڪيٽيڪچر وانگر، ائسٿيٽڪ ۽ فنڪشلزم (Aesthetic and Functionalism) جو ملاپ.
سشي واپس اچي ڪرسيءَ تي ويٺي. ويهندي، هن جي سرير جي حرڪت، ٽيبل جي ڪناري وٽ رکيل هڪ ڪتاب پاڻهي، هيٺ ڪري پيو. سٽڪ، ڪتاب سشيءَ کي ڇهي، ڪرسيءَ سان ٽڪرجي زمين تي ڪري پيو. سشيءَ هيٺ جهلي ڪتاب کنيو. مرڪي، گني ڏانهن نهاري چيائين، “ڪلچر ۽ ماڊرن مئن.” ڪتاب جو ٽائيٽل. وقت جو ٽائيٽل.
“تو، سشي، پيار گهريو هو؟”
“تو غلطي ڪئي هيم!”
“غلطي ڇو؟”
“ڪير ٿو ڪنهن کي پيار ڪري ڀلا؟”
“سشي.”
“هرڪو پنهنجو پاڻ کي، پنهنجي اهم کي پيار ڪندو آهي.”
“پر اهم رهيو ڪٿي آهي، سشي! رهيو ڪنهن جو آهي، ٻڌاءِ؟”
“اهم رهي نه رهي، اهم قائم رکڻ جي ڪوشش ته آهي نه،”
“نسڦل.”
“نسڦل، تڏهن ته چوان ٿي؛ غلطي ڪيم.”
گني جو نظرون ٽيبل مٿان لڳل، ٻرندڙ بتيءَ ۾ اٽڪي، اجهامي، درشٽي هيڻ بڻجي ڄمي ويون. ڪجهه پلن بعد هو اٿيو. انهن ئي خالي نگاهن مان هن سشيءَ ڏانهن نهاريو. سشيءَ ڏانهن نهاريندي ئي هن جي درشٽي موٽي آئي، هن جا ٻئي هٿ سشيءَ جي ڪرسيءَ جي ٻنهي ٻانهن تي جهڪي آيا. هن جو بدن جهڪي آيو. هن جو آواز جهڪي آيو. ڀڻ جي ڀڻ جي سطح تي لهي آيو: “ٿئنڪ يو، سشي، ٿئنڪ يو.”
سشيءَ جو اپلڪ نگاهون.
نه.
اچرج انهن ۾ ڪونه هو. نه،
ڊپ انهن ۾ ڪو نه هو. نه،
ڄاڻڻ جي جڳياسا انهن ۾ ڪا نه هئي.
هو، هو، هو هڪ ڀاوُ- اڀمان جو.
“ڇوٽڪارو؟”
گنو ان مدرا ۾ بيٺو رهيو. هن جو ڌيان سشيءَ جي اکين ۾ نه، ليڪن اکين جي ٻه- ڪنڊي کي، ٽڪنڊو بڻائيندڙ مستڪ تي لڳل، ديپ جيان جلندڙ، اکين جيان جاڳندڙ تلڪ ۾ هو.
“ڇوٽڪارو جيون جو وردان آهي، سشي! مڪتي چئُه، نرواڻ چئُه سشي! فريڊم چئُه.”
“وقت کان، اتهاس کان ڪٿي ڀڄندين، تون؟ مڃ کڻي، گنا، يو آر ڪنڊيمڊ ٽ يو.”
گنو سڌو بيٺو. هن جي ڀرن ۾ تناؤ کينچجي آيو. هن جي چپن جي ڪنڊن وٽ بيوسيءَ ۾ نااميديءَ جو احساس هڪ وڪڙ وٺي بيٺو.
“ان فيلسوفيءَ کي مان ڄاڻان ٿو. پر مان اهو به ڄاڻان ٿو، اتهاس ڄاڻي ٿو، ڪنهن به فيلسوفيءَ انسان جي مڪتي ويجهي نه آندي آهي، بلڪ انسان کي وڌيڪ بيوس بڻائي، وڌيڪ مضبوط ٻنڌنن ۾ جڪڙيو آهي.”
“ويد؟”
“ويد به.”
“اپنشند؟”
“اپنشند به.”
“گيتا؟”
“گيتا به.”
“مارڪس؟ نيتشي؟ سارتر؟”
“سڀني، سشي! سڀني.”
“ڀڳوان؟”
گنو اڻ لکو مرڪيو،
“هڪ ڏينهن پوائي انسٽيٽيوٽ ۾ مون ڪامپيوٽر ڏٺو هو. انسان ئي ان کي جنم ڏنو آهي، ليڪن لڳو هوم، انسان جي انيڪ مسئلن جي حل جو آڌار، مدار ان تي ايترو ته آهي، انسان جي ٻڌيءَ جي جڳهه ان ايتري ته والاري آهي، جو چاهيندي به، انسان، پنهنجي ئي خلقيل ڪامپيوٽر مان ڇوٽڪارو نه پائي سگهندو.” گنو ذرا رڪيو. “لڳيم ٿو، خود ڀڳوان پنهنجي ئي سرشٽيءَ مان مڪتي چاهي ٿو، پر پائي نه ٿو سگهي.”
“ته؟”
“ته؟”
“ڇا؟”
“ڇا؟”
“سوال آهي.”
“صرف سوال آهي.”
“جواب ڪٿي آهي. ڪهڙو آهي؟”
“جواب ڪٿي آهي، سشي، جواب ڪهڙو آهي سشي؟” گني جو آواز ٽٽڻ لڳو هو؛ ڀاوءُ ٽٽڻ لڳو هو، لفظ ٽٽڻ لڳا هئا؛ لهجو ٽٽڻ لڳو هو؛ معنيٰ ٽٽڻ لڳي هئي؛ ۽ سشيءَ کي لڳو، هو خود ٽٽي ويو هو. ۽ سشيءَ کي ويچار آيو.
“ڪلچر ۽ ماڊرن مئن” جو هيٺ ڪريو هو، ان کي هيٺ ئي رهڻ ڏئي ها، مٿي نه کڻي ها. پر پوءِ به ٽيبل تي، شيلف تي، آسپاس رکيل انيڪ ڪتابن جي هڪ هڪ صفحي مان، هڪ هڪ سٽ مان، هڪ هڪ لفظ مان هڪ پڙاڏو، انيڪ، اڻ ڳڻيا پڙاڏا چيخن سان، گاڏيءَ جي ڪوڪن جيان، بمن جي ڌڪاءَ جيان ڦهلجي ويا؛ جواب ڪٿي آهي؟ سشي، جواب ڪهڙو آهي، سشي؟
ڪير هو؟ سشيءَ سوچيو،
ڪير هو، جنهن چيو، سنسار اسار آهي؛ جيون مايا آهي، مٿيا آهي، ڪرم ڪريو، ڦل جي اڇا نه رکو؛ سچو سک پرلوڪ ۾ ئي آهي؟
Nihilist، سشيءَ سوچيو.
ڌرم نسڦل، ڀڳوان اسڦل، ۽ پريم – ڀڳتي؟ منوهر؟ گنو؟ هڪ پيار بستري تي جاڳيو، ڦڪو، سمهي پيو. ٻيو پيار چوپاٽيءَ تي سمنڊ ۾، چمين ۾، لڙڪن ۾ ٻڏي ويو.
“ته؟”
“ته؟”
“ڇا؟”
“ڇا؟”
“سوال آهي.”
“سوال آهي.”
“جواب ڪٿي آهي، ڪهڙو آهي؟”
“جواب ڪٿي آهي، سشي، جواب ڪهڙو آهي سشي؟”
۽ پڙاڏا……….. ۽ پڙاڏا….. سٽڪ. ‘ڪلچر ۽ ماڊرن مئن’ هيٺ ڪري پيو. مٿي کڄي آيو. مٿي کنيو ويو. سچ پچ ڇا کڄي آيو مٿي؟ جواب ڪهڙو آهي…………….. ڪٿي آهي……………… سشي…………….. سشي.
۽ ستن اٺن ڏينهن بعد گني جي گهر، گني جي منهن ۾ جو سشيءَ نهاريو، ته هن کي ڪرو کيتر ۾ ڏيکاريل ڀڳوان جو وارٽ روپ ياد اچي ويو. هن جي نراڙ تي پيل پيچيده ريکائون ڳڻت- وديا جي ڪنهن مشڪل حساب جيان لڳي رهيون هيون.
حل! سشيءَ جي سمجهڻ لاءِ جارڊيل بئنڪ جي دوربينيءَ جي ضرورت هئي.
هن مک منڊل تي جيٽ جهاز جو ڇڏيل غبار ڦهليل هو. هن جي چپن جي ڀيڪوڙ ڄميل، ٿڌي، ڏڪندڙ جيليءَ جي ڦڙ ڦڙاهٽ هئي. فيوز بلب، ڪار جي خالي، جليَل پيٽرول ٽانڪي. سگريٽ جو ٻرندڙ فلٽر، ڇا ٿيو آهي، توکي؟ هئڙو حال ڇو بڻائي رکيو اٿيئي پنهنجو؟ طبيعت ته ٺيڪ آهي نه تنهنجي؟ نه، سوال هڪ به هن نه پڇيو. وهنواري سوال ته صرف مريادا رکڻ لاءِ آهن. من ۾ هنجي ڪجهه ٻيو ئي هو. گهرو. پريشان، چنتن، ڀريو. ان جو اظهار ڪيئن ٿئي؟ هڪ اکنڊ شانتي. اوم شانتي، اوم شانتي، اوم شانتي.
موت، جيون جو ارٿ – اظهار.
ڪار تيز رفتار، اڃا به تيز، بريڪ ڪٿي آهي؟ ڪهڙي ضرورت آهي بريڪ جي؟ سمئش (Smash). موت!!
آلبيئرڪامو- سمئش، اجنبي، سمئش، ارٿ هيڻ جيون موت- جيون جو ارٿ، شانتي، اوم شانتي، هر ڀاشا جو آخرين شبد، انادي شبد، من- ٻڌي، ڀاؤ – ويچار جي آخرين سيما، اوم شانتي.
سشيءَ تڏهن اکين سان ڳالهايو،
هٿن جي ڇهاءَ سان ڳالهايو.
هٿن جي جڪڙ- گني ۽ سشيءَ جي ڪجهه پل مضبوط بڻجي،
آهستي آهستي، پگهر ۾ ڳڙندي، ڍلي ٿي، ٽٽي پئي.
“سشي”
“هون”
“هو ڏس، سامهون، هوڏانهن.” بالڪنيءَ جي سامهون ڀت تي پوسٽر لڳل هئا
‘دان ڏيو، رت جو’ ‘دان ڏيو، سون جو’، ‘پيدائش وڌايو.’
هند پاڪ جي جنگ ڇڙي چڪي هئي.
“سشي.”
“هون”
“ٻڌو هوم، دان آتما جي سڌيءَ لاءِ ٿيندي آهي، من جي شانتي لاءِ ٿيندو آهي.”
“هون”
“اڄ پر، دان جو مطلب ڦري ويو آهي. دان ڏيو ته انسانن کي دشمن سڏي ماريون. دان ڏيو ته گهرن کي ناس ڪريون، ڪارخانا ختم ڪريون، دان ڏيو.”
شانتي.
“سشي”
“هون”
“لفظن جي آتما مري چڪي آهي. سرير وقت جي دٻاءَ هيٺ ٽٽي پيو آهي.”
شانتي.
“سشي.”
“هون.”
“پيار تو چاهيو هو. پيار لفظ ۾ آتما هئي، ڀڳتي هئي، وشواس هو، ٻليدان هو. اڄ پيار ۾ خون سان داغدار بسترا آهن، ٽٽل گلا آهي، مرڻينگ دم جي بيماريءَ جون چميون آهن.”
شانتي.
“سشي”
“هون”
“هڪ ديش هو، سنڌو. منهنجي جنني جنم ڀومي. مون کان خون جو، سون جو دان گهريو ٿو وڃي، سنڌوءَ جي جل کي خون ۾ بدلڻ لاءِ.
شانتي.
“سشي”
“هون”
“ديش- ڀڳتي ڇا آهي؟ قومون ڇا آهن؟ ڌرتي ماتا جي هر حصي جو خون – کنڊن؟”
بم، هواباز بامبرس، بمبازي، خون، موت، موت، موت، شانتي، اوم شانتي.
گني جي ئي گهر.
سشي ڪافي ٺاهي کڻي آئي، پيالو هٿ ۾ کڻي، مٿي ڪري، کلي چيائين،
“ٽ يوئر هيلٿ ائنڊ هئپينيس.”
گني جي اکين ۾ پل ڀر لاءِ جلندڙ سگريٽ جو شعاع ٿيو ۽ پوءِ ان تي رک مڙئي آئي.
“ائنڊ ٽُ يوئر سول.”
“مري ويل آتما؟”
“نه، وڃايل آتما.”
“ڪنهن جي؟”
“يگ جي”
“او. ڪي.”
“او. ڪي.”
“ڪافي پيءُ.”
“ها تون به پيءُ.”
“ڪافي اڄ جو امرت”
“ڪوڙو، تکو.”
“زهر؟”
“زهر.”
“پيئون؟”
“پيئندا ئي رهون ٿا.”
“زهر آهي، زهر جو علاج.”
“زهر آهي، امرت جي تلاش.”
“هلا هل. نيلڪنٺ.”
“امرت. تلوتما.”
“ساگر – منٿن.”
“من جو ساگر، وقت جو ساگر، منٿن، چنتن.”
“امرت ملندو؟”
“نٿو ڄاڻان.”
“آتما ملندي.”
“نه ٿو ڄاڻان.”
“پيار ملندو؟”
“نه ٿو ڄاڻان.”
“ته ڇا؟”
سوال، سوال، سوال.
جواب ڪٿي آهي، سشي، جواب ڪهڙو آهي، سشي؟ اهو به هڪ سوال.
سوال کٽن ٿا. لفظ ٽٽن ٿا ۽ پوءِ پڙاڏا، پڙاڏا، ۽ پوءِ ڪجهه به نه.
شونيه، موت، شانتي، اوم شانتي، اوم شانتي. اوم…………