7. پريم جو چوڪنڊو: منوتولا رام گدواڻي
..............................
نرملا جيئن ئي منوهر جي ڪمري مان سوساڙو ڪري نڪتي، تيئن سڌو رنڌڻي ۾ هلي ويئي. اَچي ڏٺائين ته اسٽو وساڻو پيو هو. هن اسٽو جي سوراخ ۾ سئي هڻي تيلي لڳائي. اسٽو سو ساٽ ڪري ٻرڻ لڳو ۽ ان جي شور سان سڄو رنڌڻو ئي ڀرجي ويو…. مگر وڏو شور هن جي دل اندر هو.
سوچڻ لڳي، هوءَ ٻالي ڀولي معصوم هئي، هن کي ڪا خبر ڪا نه هئي ته منوهر ۽ سشيلا جو آمهون سامهون پيار هو. ايڏو ڍونگ ته هوءَ ڪري ڪانه ٿي سگهي. هڪ دفعو نه، پر ڪيترائي دفعا سشيلا هنن ٻنهي کي گڏوگڏ ٽيوشن ڏيندي هئي ۽ نرملا پنهنجي نوٽ بڪ ۾ نظرن اٽڪيل هوندي به پنهنجي داديءَ جون منوهر سان ڪجهه انوکي پيار جون جهانڪيون ته ڏسندي ئي هئي. ايترو به ضرور هو ته هوءَ اهو ٿيڻ ڏيندي هئي، يعني جيڪڏهن ان وقت سچ پچ پڙهڻ ۾ ڪا مشڪلات کڻي ايندي به هيس، جنهن لاءِ داديءَ کان پڇي سمجهڻ جي درڪار هئي، يا ڏنل سوال لکي پورو ڪيو هوندائين ۽ داديءَ کي ڏيکارڻ جو سمو هو تڏهن به هوءَ ڄاڻي پرجهي پنهنجو منهن ڪتاب ۾ ڦاٿل رکندي هئي، هن کي ان ۾ ڪو حسد ڪو نه ٿي ٿيو مگر رشڪ اوس هئي، جنهن ڪري ته هوءَ ٽيڏين نگاهن سان تنهن هوندي به، هن جي اکين جا ڀير ۽ هٿن آڱرين جو ادائون گهڻي غور سان جاچيندي رهندي هئي.
هينئر ڏينهن آيا هوا جڏهن جواني هن ۾ ڪرموڙي رهي هئي. نه ته ڪو سمهڻ لاءِ پر جاڳي اٿڻ لاءِ. برابر هوءَ الڙ هئي، ايستائين جيستائين ڪه استري پرش جو سنٻنڌ آهي. مگر جوانيءَ جي امنگن واري دور ۾ هوءَ پرويش ڪري چڪي هئي. جيڪڏهين منوهر ۽ سشيلا پاڻ ۾ ڪجهه عجيب طرح جي پيار سان ڳالهائيندا ٻولائيندا يا موڙا مچڪا ڏيندا هئا ته انهن کي ڏسي خبر ناهي ته ڇو هوءَ پنهنجي شرير ۾ ڪجهه عجيب طرح جي روبڪاري محسوس ڪندي هئي. سچ ته ائين آهي ته ان ئي پيار وچان سشيلا پنهنجي شاگرد؟ منوهر کي خوش رکڻ ۽ هن جي دل بهلائڻ خاطر نرملا کي هن سان گڏجڻ مسجڻ ۽ گهرو پوڻ جو موقعو ميسر ڪري ڏيندي هئي ته ڀلي هو ان کيڏوڻي سان پاڻ کي ريڌل رکي، ۽ سمجهي ته سشيلا جي ڪارڻ ئي هن کي ههڙا کيڏوڻا نصيب ٿين ٿا…ليڪن ويچاريءَ کي سپني ۾ به نه هو ته ڪو هو ان کيڏوڻي تي ايترو ريجهي ويندو جو ماڳهين کيڏوڻي ميسر ڪندڙ کي ڀلائي ڇڏيندو. اهائي ته حالت منش جي ٿي ٿئي جو هن سنسار ۾ اچڻ بعد جهڙن تهڙن رانديڪن ۾ ئي مست ٿيو وڃي ۽ انهن مڙني رانديڪن جي مالڪ کي ڪڏهن ياد به نه ڪري. ترڪڻ بازي ته آهي ئي، تنهن ۾ ڪو شڪ ڪونهي.
ائين ڪڏهن ڪين چئبو ته منوهر جو نرملا ڏانهن ڇڪجي ويو، تنهن لاءِ ڪو فقط منوهر تلاهي هو، مگر نرملا پاڻ کي ڇڪجڻ ڏيندي هئي ۽ گهڻو ڪري هر وقت هوءَ اهڙي انداز ۾ پيش ٿيندي هئي جو آخر به منش منوهر لاچار ٿي ويندو هو. اهو درست آهي ته پهريون قدم پرش ٿو کڻي پر اهو ڪنهن سوچيو ئي ڪونهي ته ان کان اڳي جو مبهم ۽ ڇپيل قدم استري ٿي کڻي سو ڪيترو نه ٻلوان ۽ خطرناڪ ٿيندو آهي. ڪڇ به هجي مگر نرملا کي اهي پنهنجا قدم صاف هري آيا. دل تي تري آيا ۽ باربار چڀڻ لڳا. ٺيڪ آهي ته منوهر آويزن جو جواب نرملا ڏنو پئي مگر نرملا جي نخرن ۽ نازن جي وراڻي ته منوهر وڌيڪ ڀرپور ٿي ڏني. پهرين ته ائين هو جڏهن منوهر چانهه جي پيالي ڏانهن نرملا کي صرف اشارو ڪري چور نگاهن سان نرملا ڏانهن نهاري، پاڻ چانهه جو پيالو کڻي چپ چاپ پيئڻ لڳو تڏهين نرملا حيران ٿيڻ کان وڌيڪ هراسجي ويئي هئي. جڏهن هن جو هٿ چانهه ڏانهن نه وڌيو ۽ بنڊ بڻجي ويٺي رهي، تڏهن منوهر کي به همت نه هئي جو چانهه پيئڻ لاءِ چوَيس. ڪيڏو نه حجاب در حجاب آهي. سمجهه ۾ ئي ڪو نه ٿو اچي. بس اسٽئنڊ تي جا بيعزتي منوهر هن جي ڪئي هئي. سا وري تازي ٿي اڀري.
ڀلا شاديءَ جي پروپوزل به ته پهرين منوهر ئي نرملا اڳيان رکي هئي، ڇو ته ٻيو ڪين ته به پنهنجيءَ داديءَ سان ايتري گستاخيءَ جو ساهس هوءَ ڪيئن ٿي ڪري سگهي، جيتوڻيڪ پنهنجي سڄي اڀياس ۾ کيس اهو ئي خيال اچي کٽڪيو ته پيار ۽ جنگ ۾ سڀ روا ڪيئن آهي.
جڏهن بس اسٽاپ تي منوهر پريان ئي ايندي نرملا کي چيو هو ته ڪاري عينڪ پائڻ سان اکين جو بچاءُ به ٿيندو آهي ته سونهن به وڌي ٻيڻي ٿيندي آهي. ته هن جي منهن تي خوشيءَ گاڏڙ حياءُ هلي آيو هو ۽ اتيئي کيس چئي ڏنو هئائين ته جيڪڏهين ڪا ڇوڪري سهڻي نه به آهي ته ميهار ملندي سهڻي ٿيو وڃي. هوءَ اهڙي وسوڙل هئي جو جڏهن منوهر سشيلا نسبت سوال وڌس ته هيءَ منجهي پيئي ته هن جي گڏجڻ سان داديءَ جي حاضريءَ يا غيرحاضريءَ جو واسطو ته آهي، پر هنجي اداسي يا خوشيءَ جو ان سان ڪهڙو تعلق آهي. وري جڏهن سشيلا هن کان منوهر سان گڏ پڪچر وڃي ڏسڻ جي باري ۾ شڪي آڏي پڇا ڪئي ته هوءَ پنهنجي اڳيان آيل انيڪ ڌاڳن کي ٺيڪ جڳهه تي اُڻي نه سگهي هئي، پر تڏهن به ته کيس اها پر پڪتا ڪا نه ٿي هئي ته پرش هڪ ڀونر مثل آهي، جو هن ۽ هن گل جو واس وٺندو آهي؛ اهو ڪڏهن هڪ گل تي ٺهريو آهي يا ڪنهن هڪ ئي اڪتفا ڪئي اٿس؟ ڪاش! هنن سڀني ڳالهين جو مرم هوءَ هوند ان وقت سمجهي ها! ته اڄ هن جل پچ جو احساس ڇو ٿئيس ها!
“ڪيئن چانهه ۾ اڃا دير آهي؟” اڃا به نرمائش سان آواز آيو.
“اجها کڻي ٿي اچان.” نرملا اوٻاڪ ماري جواب ڏنو.
نرملا چانهه کڻي منوهر جي اڳيان ٽپائيءَ تي رکي آئي، تنهن وچ ۾ منوهر برش ڪري وار سنواري چانهه لاءِ تيار ٿيو ويٺو هو. نرملا اڃا پيالي مان هٿ ڇڏايو ئي مس هو ته منوهر ڦڙتي سان نوڙي نرملا جي ٻانهن کي ٻنهي هٿن سان پڪڙي ورتو. هڪ هٿ ته اصل ڪڇ وٽان جيئن پختو ڦٻي وڃي، پر تنهن هوندي به نرملا اهڙي ڇوهه مان جهٽڪو ڏنو جو منوهر جا هٿ نڪري ويا ۽ نرملا تڪڙو تڪڙو ڪمري کان ٻاهر نڪري ويئي. خود منوهر دنگ رهجي ويو. هن نٿي ڀانيو ته نرملا ڪو ايڏو رساهو ڪندي.
هن ڪيو ئي ڇا هو؟ جڏهن پيار جي پڙ ۾ پير ٿو پائجي تڏهن سارو مستقبل کڄي اچي ٿو اکين کي اوڏڙو ۽ سڀني آشائن جو آڪار ساڪار ٿي ٿو بيهي. پيار جي پهچ جڏهن ڇيهه وڃي ڪري ته ان اڳيان ٻيون آسائون ته تڇ آهن. جڏهن نرملا کي هن هر ڳالهه ۾ وڌاءُ ڪري ٻڌايو هو ته تڏهن هوءَ اهڙي الهڙ هئي جو سڀ تي وشواس ڪندي ويئي هئي. موقعي تي جيڪو مناسب ڳالهه ڪري ته اها هن جي لياقت ليکبي آهي. واستو ۾ اهو سندس چلولو، چنچل، سدا نچندڙ ۽ سدا اڇل کائيندڙ ۽ بي پرواهه روپ ته هو! جنهن کيس لاچار ڪري وڌو جو هڪڙي گل تي اجايو پورو ويٺو به ڪين هو ته ڇڪجي ٻيئي ڏي ويو. بانولي، ايترو نٿي سمجهي ته اهو ئي روپ کيس برساتي صبح جيان نئون ۽ وڻندڙ لڳو جو جتي سشيءَ جي ويجهو پهچڻ ۾ کيس ڪي مهينا لڳا ها، اتي هيءَ هن جي ويجهو ڪن ڏينهن ۾ اچي وئي هئي. اها نرملا ئي ته آهي جنهن “ننڍو عرض، ننڍي مهر.” وغيره وغيره لفظ ناٽڪي ڍنگ ۾ چئي ته کيس وڪوڙي پڪچر ۾ گهلي وئي هئي جو هو سشيلا سان واعدي شڪني ڪري ويٺو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو سشيلا دير دير تائين ڪملا نهرو پارڪ ۾ هن جو انتظار ڪندي ڪندي پريشان ٿي وئي هئي.
منوهر کي وويڪ جو چڪ پيو ته هو ان سانجهيءَ جو برابر گنهگار هو جو هڪ بيوس ڇوڪريءَ نه، نه خود پنهنجي ماسترياڻيءَ کي وقت ڏيئي، ان جي رتيءَ ڀر جو به پرواهه نه ڪري هڪ وات ڳاڙهيءَ ڇوڪريءَ سان روانو ٿي هليو ويو. اڄ هو سشيلا جي قابليت کي داد ڏيڻ لڳو جڏهن هن محسوس ڪيو ته سشيلا اهو سورهن آنا سچ چيو هو ته “ايوري ٿنگ از فيئر ان لو ائنڊ وار” جو اڌ صحيح آهي ۽ اڌ غلط. جڏهن هن کي درسي سطح تي آڻڻ لاءِ چيائين تڏهن سشيلا ڪهڙي نه فلسفانه وياکا ڪئي هئي،
“جنگ ڌڪار جي پيدائش آهي جنهن ڪري ان ۾ سڀ ڪجهه روا آهي، پر پيار! اهو ته ڌڪار جو ضد آهي. تنهن کانسواءِ پيار انسان جو سٺي ۾ سٺو جذبو آهي، ان ۾ سڀ ڪجهه نه روا آهي ۽ نڪي ٿيڻ کپي. جنگ هڪ تموگڻي وهنوار آهي جنهن ۾ ته اهو ئي کٽندو جيڪو تامشي ڪرم چوٽ چاڙهي چلندو. اتي تامش جي چٽا ڀيٽي آهي. اهو هڪ اونداهو پاسو آهي، جنهن ۾ جيڪڏهن ڪو مجبورن پئجي به وڃي ته هن کي تموگڻي سڀاوَ ۽ وسيلا اپنائڻا ٿا پون. مهاڀارت جي پڌر ۾ ڪرشن ڇا نه ڪيو هو. هن کي نه فقط ڪرم يوگي، پر آدرشي ڪري به نه ٿا مڃون.
هوڏانهن پيار، پيار هڪ نرمل، ڪومل، پويتر ۽ ستوگڻي وهنوار نه، بلڪ سنٻنڌ آهي، جنهن ۾ ڪاميابي تڏهين ئي حاصل ٿي سگهندي جڏهن ستوگڻ چوٽ چاڙهبو. تنهنڪري ان ۾ ڪا نيتي آهي، مريادا، انسانيت آهي، ڪا پرمپرا آهي ان لاءِ… جيڪڏهين سشيلا ڀانپي سگهي ٿي ته جو ڀونر هڪ گل کان ٻئي گل مٿان ڦيرا پائڻ لڳو هو. سو ڇا اتي بس ڪندو؟….. ته نرملا ايترو اڄاڻ هئي؟
چانهه ٺري برف ٿي ويئي ۽ منوهر ان ڏانهن نهاريو به ڪين هو. هو پنهنجن خيالن ۾ ئي ٽٻ، اٿي کڙو ٿيو ۽ ڪپڙا سنڀرڻ لڳو. نرملا کي به ڪو چين ٿوروئي هو: هن ور ور ڏئي پئي پردي جي وٿيءَ مان ڏٺو ته منوهر ڇا ڪري رهيو آهي. جيئن ئي هو تيار ٿي ٻاهر نڪتو ته نرملا ٻانهن کي ٻنهي هٿن سان قابو پڪڙي پڇيو..
“اڄ سويل ئي ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟”
منوهر ٻانهن ڇڏائڻ جي ڪرڻ لڳو پر نرملا لڙڪي پيس. هوءَ ائين در جي چانئٺ تائين گهلجي وئي جڏهن هن کي هٿ ڇڏڻو ئي پيو ۽ منوهر ٻاهر نڪري هليو ويو.
اهو ئي سمنڊ جو ڪنارو ۽ ڀنل واري، جيڪا جيئن وئي رات وِلندي تيئن اها به وئي ٿڌي ٿيندي. گنو پنهنجي ڇاتيءَ ۾ سشيءَ جي سر کي لڪائي ان واريءَ تي ڳچ دير تائين ليٽيو رهيو. جڏهن هن محسوس ڪيو ته هن جي ڇاتي آلي ٿي وئي آهي ته هو ڇرڪ ڀري اٿيو ۽ تنهن سان گڏ سشيلا جو سر به کڄي مٿي آيو. هن چنڊ جي روشنيءَ ۾ چٽو ڏٺو ته هوءَ روئي نه، مگر گونگا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي. هن سامهون سمنڊ ڏي نهاريو. سيتل چانڊاڻ تي سمنڊ به سيتل ٿي ويو هو. هوا سيتل، لهرون سيتل، ساري فضا سيتل. اتان نظر کڻي وري جي سشيءَ ڏي نهاري ته ان جو شرير سيتل، ابرو سيتل، اکيون سيتل، پلڪون سيتل ۽ اهي موتين مثل چلڪندڙ ۽ جرڪندڙ لڙڪ سيتل؛ يعني اهي نهايت ڌيمي اکين مان اڀري اچن، ٻنهي اکين مان اڀري اچن. ٻنهي اکين سان هڪ وقت، هڪ ئي انداز ۾، ٻاهر نڪري ڌيمي وهي هلن ۽ ائين اشڪبار لهي وڃي، جيڪا شايد سڪڻ جي نه آهي. مٿي گول سشي هئي ۽ هيٺ…..!
گنو ڪجهه دير ڳالهائڻ کان قاصر رهيو مگر هن جي اندر ۾ هڪ طوفان بپا ٿي ويو هو. هو سوچڻ لڳو،
سشي جڏهن ننڍڙي هئي تڏهن هن کي بيهه جي ڪچري گهڻي وڻندي هئي ۽ پنهنجي طوطلي زبان ۾ ان کي تتري ڪري گهرندي هئي. اڄ اها تتري وڏي ٿي آهي ۽ هڪ ٻٽيهر جي ڀر ۾ آئي آهي، چونچ ۾ چونچ ملائڻ ٿي چاهي تڏهن هن جو ساٿي بيرحميءَ سان هٽي پري ٿو ٿئي. هن پنهنجي جيون ۾ ڪي سڌانت جوڙيا هئا، جن مان گهڻا هن واٽ اٽوٽ ۽ اٽل هئا. گنو پنهنجيءَ ان بي رخيءَ کي انهن جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ لڳو. سشيلا چوي ٿي،
“مون کي تنهنجو پيار گهرجي، شادي نه گهرجي.” ٿي سگهي ٿو ته ان لاءِ هن جي من ۾ سچائي آهي (Mechanics of Love) پيار جي ينترڪا جي اصولن موجب اهو هن کي اهو ممڪن نه لڳو. پيار بنا شادي ٿي سگهي ٿي مگر شاديءَ بنا پيار هن بلڪل ڪو ورلي ٻڌو هو. پوءِ هو انهن هڪ ٻن مثالن ۾ پاڻ ڳڻائي نٿو سگهي؟ کيس پاڻ ۾ شڪ هو يا سشيلا ۾؟ جواب جو انتظار هوس.
اندر جي سڀا ۾ رڳو مجرو ڪين ٿيندو آهي پر سوڀيا جو سير به هوندو آهي. جڏهن ننڍا هوندا هئا ته آسمان تي ستن رنگن واري انڊلٺ ڏسي هو ٻئي هٿ هٿ ۾ ڏيئي نڪري پوندا هئا. ڇا لاءِ؟ اهو ڏسڻ لاءِ ته انڊلٺ جون پڇڙيون ڪٿي ٿيون وڃي سنگم ڪن. ائين ته ڪينهي ته جئن سرسوتيءَ جو ترويڻيءَ ۾ هڪ خيالي سنگم آهي. تيئن هن جو؟ ڀلا آخر هئن ڪڏهن ڪٿي لٿو؟ افق تي انڌارو ڏسي جڏهن ننڍڙي سشي نراس ٿي روئڻ لڳندي هئي تڏهن گنو ئي ته کيس پرچائيندو هو.
“چري روئڻي! اوندهه ڪٿي آهي؟ سامهون ڏس! روشني ڪانهي؟ او هتي! “
“پوءِ ڇو کيس اها روشني نٿو ڏيکاري؟”
ڇرڪي ٿو ته ڳالهه مان ڳالهوڙو نه ٿي پوي؟ گني جي خيال مطابقت شاديءَ ڪرڻ لاءِ فرصت کپي، ته پوءِ جڏهين زندگيءَ ۾ شرڪت ملي ٿي وڃي تڏهين ڇا شادي زبردستيءَ مٿان سر تي اچي ڪڙڪندي….
پوءِ چاهنا هجي يا نه؟
اهي سڀ سوال هنجي ذهن ۾ گهمڻ لڳا.
اهو پاڻ ئي هو جنهن سشيلا جي جيون ۾ ورهين جي سستيءَ بعد هڪ چستي آندي هئي. گني ٻڌايو هوس ته راهه ڪڏهن کٽندي ڪانهي. زندگيءَ ۾ انيڪ راهون آهن ۽ سڀ راهون جي انت آهن ته پوءِ انهن انيڪ راهن ۾ هڪ اها راهه ڪا نه آهي ڇا؟ پاڻ ئي ته سشيءَ کي ٻڌايو هئائين ته انسان بدلجندي، سڀ بدلجندو آهي. تڏهين گهٽ ۾ گهٽ هن کي سشيلا تي وشواس ڪرڻ گهرجي ته جيڪي هوءَ چئي يا گهري رهي آهي، سا به هڪ شدني آهي. هن جي ئي چوڻ تي سشيلا ٽيوشن ڏيڻ ڇڏي ڏني هئي. سست محسوس ڪندڙ سشي، ٿوري گهڻيءَ هارجي نراس ٿي ويندڙ سشي، هاڻي چست ۽ همٿ واري بڻي هئي. هوءَ گني سان گڏ اڀياس ۾ ايترو ته محو ٿي ويندي هئي جو هن جي چانهه ئي ٺري پاڻي ٿي ويندي هئي. هن کي سشيلا جي زندگيءَ ۾ معنيٰ بخش هئي گني پنهنجو سنٻنڌ ايستائين محدود رکيو جنهن ڪري پاڻ ۾ ويجهي هوندي ۽ ويجهي بيهندي به سشيلا هن کي ڪنهن دور ديس جو اجنبي ڀائيندي هئي. ان ڪري گني کي وشواس ٿيڻ جو سبب هو ته سشيلا جيڪي ڪجهه حجت رکي گهريو هو، سو گهڻي سوچ ويچار بعد هو.
هن جي سامهون سشيلا ويٺي هئي. رات ڳپل گذري چڪي هئي ۽ آخر گني کي ئي چوڻو پيو،
“سشي! هينئر هلڻ گهرجي، ماڻهين کي تنهنجي انتظار ۾ ننڊ ئي ڪانه آئي هوندي.”
سشي پنهنجي خوابي دنيا ۾ گهمي رهي هئي ۽ هن خوابي لحضي ۾ ئي وراڻيو،
“هلو”! ائين چئي هوءَ اٿي ۽ ٻئي ڄڻا ڪپڙا ڇنڊي هلڻ لڳا.
**
سشيءَ جي ماءُ اٿي در لاٿو. جيئن ئي سشي اندر گهڙي ته گنو کانئس موڪلائي هليو ويو. ڪيتري دير تائين هنڌ تي سشي پاسا اٿلائيندي رهي. گني جي طرفان ته حال کيس نراسائي هئي، خاص ڪري جڏهن هن کي اهو کٽڪيو پئي ته دروازي تي ڇڏڻ ويل هر دم گنو اهو ئي تاڪيد ڪندو هوس ته اڀياسيءَ کي صرف پنهنجي اڀياس جو ئي خيال ڪرڻو آهي ۽ ٻيا سڀ خيال پاسيرا ڪري ڇڏڻا آهن.
تنهنڪري هن جو خيال وري به هڪ وار منوهر ۾ وڃي اٽڪيو.
منوهر کي اڃا هوءَ وساري نه سگهي هئي، ڇو ته هن کيس شادي ڪرڻ جو واعدو ڏنو هو، هڪ دفعو ئي نه الاهي دفعا. ڪيترا دفعا هن پاڻ منوهر کي نرملا ڏانهن مائل ٿيل ڏٺو هو… بلڪ منوهر کي ائين به پڪڙيو هئائين ته هو هن کي در گذر ڪري نرملا کي اڳرو ڪندو هو… پر ته به ايترو هن ڏٺو هو ته منوهر ڪڏهن ساڻس بي وفاداريءَ جو دم نه ڀريو هو. اهو ئي سبب هو جو هن جي شرمائڻ تي منوهر “آءِ ايم ساري” وغيره چئي عذر معذرات ڪئي هئي، پر تڏهن کيس من ۾ آيو هو ته پرش جتي اڏڻ نه چاهيندو آهي تتي ڇڏڻ به نه چاهيندو آهي. تنهنڪري جيتوڻيڪ پڇاڙيءَ تائين منوهر گويا ٻاڏائيندو رهيو ته به سشيلا هن جو اپمان ڪري ئي ورتو. ان وقت هن جو اهڙو ته ڀوائتو روپ ٿي ويو هو جو منوهر کي وڌيڪ ڳالهائڻ جو نڪو ساهس ٿيو نڪو موقعو ئي مليو.
هن کي هڪ وار وري به وشواس جاڳيو ته:
“برابر مون ئي کيس چئي ڏنو ته وري نه اچج پر منهنجو منو ايتري ۾ اهڙو پراڻو ٿي ويندو جو مون کي پرچائڻ به نه ايندو.”
جيئن ئي کيس پاس ٿيڻ جي خبر پيئي ته پنهنجي ڀيڻ هٿان مٺائي ڏياري موڪليائين ۽ ان پئڪيٽ ۾ وڌائين کارا کاڄا. جيڪي هن کي خبر آهي ته مونکي گهڻو وڻندا آهن ۽ مٺي شيءَ مون کي نه وڻندي آهي. اهو پرچائڻ جو نمونو آهي؟ بلڪ وڌيڪ! جو هن منهنجي پسندگين جو به ويچار رکيو آهي. منش آهي. نيٺ به جذبي وهيڻو: ڪنهن وقتي جذبي هيٺ جيڪڏهين ڪو ڪڇ ڪري ٿو وجهي ۽ هن جو ڪو پڪو ارادو ائين ڪرڻ جو نه آهي ته پوءِ هو پوريءَ ڦٽڪار جي مستحق نه آهي. انهيءَ جو مطلب ته پڇتاءُ طور منوهر کي نرملا جي پچر ڇڏي ڏيڻ گهرجي ته هن جي سچائيءَ جي سڌ پئجي وڃي ها؛ مگر هن ائين ته بلڪل نه ڪيو. تنهن ڏينهن هن پاڻ قبول ڪيو ته نرملا سان گڏ گهمڻ نڪتو هو، جنهن کان موڪلائي پوءِ ئي مون وٽ آيو هو. وري هن جي من ۾ ودروهه جاڳيو،
“سو ته صرف مونکان دريافت ڪرڻ آيو هو ته مون سندس مٺائي ڇو اڃا ڪين چکي آهي. پر کيس خبر ئي ڪيئن پئي ته مون هنجا موڪليل کاڄا اڃا نه کاڌا آهن. پڪ ئي پڪ اها ان نرملا ڇوريءَ جي شرارت آهي ڇو ته هوءَ جڏهين مون وٽ آئي هئي، تڏهين ساڻس جل وچان اهڙي ڳالهه ڪڍي ويٺي هيس. چئبو ته واقعي هوءَ منهنجي کير ۾ مک وجهڻ تي سندرو ٻڌي بيٺي آهي. جيئن ڪ ان ڏينهن اسڪول ۾ گليءَ به چيو هوم. اهڙيءَ طرح خبر ناهي ته ڇا ڇا چئي به هن منوهر کي مون ڏانهن بدظن ڪيو هوندو. ڪهڙي نه ناخلف ڇوڪري آهي؟ پاس ٿي آهي ته ان جو فقط هوءَ ٻڌائڻ به ڪا نه آئي اٿم، جيتوڻيڪ اهو منهنجي ٽيوشن جو نتيجو آهي؛ ۽ هوڏانهن منوهر جي سعادتمندي ٿي ڏسان جو هن نه رڳو مون کي مٺائي موڪلي پر اهو به مڃي ٿو ته هو منهنجي ڪري ئي پاس ٿيو آهي؛ ۽ جيئن ئي کيس معلوم ٿيو ته مان اها مٺائي نٿي کاوان ته هڪدم مون وٽ لنگهي آيو. سڀاويڪ ان لاءِ ته جيڪو هن نسبت غير اٿم سو ڪڍي ٻاهر ڪريان ته هو انهن جي هوند مون کي سمجهاڻي ڏيئي غلط فهميون دور ڪري. اهو به هڪڙو سرچاءَ جو طريقو نه آهي؟ پر هي ودروهي هن هڪ دفعو باهوڙي اٿيو آهي ته سنئون نٿو ٿئي.
هن جو اهو چوڻ ڪيترو واجبي هو ته هن جي پيار مان موڪليل مٺائيءَ جو مان اپمان ڪريان ۽ پوءِ به اها مت رکان ته جنگ ۾ سڀ ڪجهه روا آهي. پر پيار ۾ نه. آءٌ ڏسان ٿي ته مون ۾ ودروهه گهڻو گهرو ٿي ويو آهي، جو هن جي پيار فقط ڳنهندي ئي مون کي اهڙي بخيلي وٺي ويئي، جو مان ان حقيقت کان ئي انڪاري ٿي ويس ته مون هن سان ڪڏهن پيار ئي نه ڪيو هو.
ڪهڙو نه سفيد ڪوڙ؟
پوءِ مان ان پاپ جو ڪيتو ڪين ڀوڳينديس؟
نه رڳو ايترو مگر باهه وچان مان اتس ايترو اتاولي پئجي ويس جو اٽلندو هن تي الزام رکيم ته هو مون سان بي فضيلتو هلي رهيو آهي ۽ بيوقوف آهي. هو هڪ غير پرش جي حيثيت ۾، پنهنجي من ۾ ڪا پنهنجائپ جي ڀاونا، ڪو پنهنجائپ جو حق کڻي مون وٽ آيو آهي. واقعي مون هن کي پيار ڪيو ۽ هن جي پيار جي طالبو رهيس، تنهن ۾ جيڪڏهين هو ڪا پنهنجائپ جي ڀاونا يا حق کڻي آيو، ته اها منهنجي ئي طلب رهي! اها به حقيقت آهي ته مون منجهه ودروهه جون ڀاونائون هيون…
۽ ودروهه ڪنهن سان؟ منوهر سان،
ته پوءِ ان ۾ شڪ ئي ڪهڙو رهيو ته منهنجي لاءِ هو اهميت وارو آهي، چاهي ٻاهران مان ڪيترو به کڻي چوان ته هو ايتري اهميت جي لائق نه آهي ۽ پاڻ کي غير واجبي اهميت ڏيئي رهيو آهي.
ان ۾ به ته سچ ئي ڀريل آهي ته اهي کاڄا جيڪڏهين ثابت رکي ڇڏيا هئم ته سڌيءَ يا اڻسڌيءَ طرح هو منهنجي ذهن ۾ رهيو. جي مون هن جا کاڄا زمين تي ڪري اڇلايا ته هن جي اهم کي ڪهڙي چوٽ رسايم؟ هن جي سڪ جنهن کي غلطيءَ وچان اهم به کڻي چئون… انهن کاڄن ۾ ڀريل هئي. جيڪا منهنجي انهيءَ ئي زمين تي ڦهڪائڻ ….. انهن ۾ قائم رهي، ويتر مون طرفان گويا اها مانيتا ٿي ته مون برابر انهن کاڄن کي سڪ ڀري سوغات سمجهيو هو. وري جي منهنجي طرف کان روايتون بدلجي سگهجن ٿيون ته منوهر جي طرف کان به ائين ٿي سگهي ٿو. مان جي چاهيان ٿي ته هو اهي منهنجون ارڏايون برداشت ڪري ته مون کي به سمجهڻ يا در گذر ڪرڻ جڳائي. مان اها هن جي سهن شيلتا چوان يا هن جو بنيادي در ۽ پيار چوان جو هيتري اپمان هوندي به هو مون وٽ وري اچڻ لاءِ التجا ڪرڻ لڳو.
افسوس! ان خود بخود آڇ کي به مون ڪهڙي نه بيدرديءَ سان ٺڪرائي “نه” جو نار ڪري چاڙهيم” سشيلا کي هاڻي تسلي ٿي چڪي هئي ته هوءَ منوهر جا کاڄا پيرن هيٺ لتاڙي پينهين پڻي ڪري سگهي ٿي مگر جيترو باريڪ آهي پيسجي ويندا اوتري زياده سڪ انهن ۾ ڀريل هوءَ پنهنجي دل اندر محسوس ڪندي، جيئن روهيءَ ۾ پيٺل ڪنهن اَوشڌيءَ سان ٿيندو آهي.
کاڄا ته ڇا، پر هن منوهر سان تعلق رکندڙ هڪ هڪ چيز نشٽ ڪري ڇڏي. انيڪ شامن جون شاهديون ڍير لڳائي جلائي ڇڏيون… پر ذهن ۾ حق ڄمائي ويٺل سمرتيون ڇا، ائين جلي سگهنديون آهن؟ هن کي ان جو چٽو احساس ٿيڻ لڳو ته هوءَ هيلتائين غلط ڏسائن ۾ سوچيندي رهي آهي ۽ غلط ئي ڪندي رهي آهي. هن منوهر سان پيار ڪيو، ان ۾ ڪا غلطي ڪا نه هئي پر ان کان پوءِ جيڪي جنهن نموني ڪيائين، سو سراسر غلط هو، تنهنڪري اڄ هوءَ دکي هئي. منوهر جي پهرين پنهنجائپ ۽ پنهنجائپ جي به حد ته اها هئي جڏهن هو سندس سرير جي گهرج کڻي اڳيان آيو هو. تحقيق هن جي پيار ۾ واسنا هئا ۽ واسنا ۾ به هڪ ڪامنا هوندي آهي. سشيلا اها مانگ اَسويڪار ڪئي ۽ دليل اهو ڏنائين ته شاديءَ کان اڳ اهو واجب نه آهي ڇو ته نرسنديهه، هر ڪامنا لاءِ وقت ٿيندو آهي. ڇهائن ۾ پاڪيزگي ٿي سگهي ٿي، پر تنهن لاءِ ڪي شرط آهن. ٽرمس ۽ ڪنڊيشن ڪليئر آهن.
شاديءَ جو ٻنڌن به استريءَ لاءِ سماج کي تنهنڪري لازمي قرار ڏيڻو پيو جيئن اهو سنٻنڌ نرمل، پويتر، اِسٿر، سريشٺ، سنگم، سک، ميهه ۽ سورگي رهي. ڪي ڪنڊون نه ٺهن. وواهه سنسٿا اتينت اتم آهي، تڏهن اسان ۽ حيوان ۾ باقي فرق ئي ڪهڙو رهيو؟ برابر خود پيار ۾ هڪ سوتنتر ڀاو آهي، پيار هڪ سوتنتر فيصلو آهي. مگر نه ته ملن پيار يا ڪو واسنا ڀريل پيار. اهو غلط آهي ته اڄ تائين ڪنهن آتمڪ سوتنترتا ڪا نه ماڻي آهي؛ جي ائين هجي ته سيتا ۽ مندو دريءَ جا نالا صفح هستيءَ تان ميٽجي وڃن ها. ائين به برابر آهي ته اڄ ڪالهه بلڪل جزوي حالتن ۾ شادي ملي ويندي آهي، پر پيار ڪو نه هوندو آهي، ۽ ائين سماج لاءِ استري زندهه رهجي ويندي آهي پر پنهنجي لاءِ استري مري ويندي آهي. ليڪن اهڙين سٿيتن کي مٽائڻو آهي، ڇو ته انهن جا ڪارڻ ڪريتا ۽ ڪنيتا هوندا آهن. سماج نٿي چاهي ته خود مرد به ڀونر ٿيندا وتن ٻين پٺيان ڦرندا جنهن بعد ته ٻيو ڪو سوال ئي ڪو نه اٿندو. پتني ورت کي به ايتريائي اهميت آهي جيتري پتي ورت کي. اها ته هيڪاري گهڻي گورو جي ڳالهه سمجهي ويندي، جيڪڏهين ساري سنسار ۾ فقط ڀارت اڪيلو ديس رهجي وڃي، جتي شاديءَ جو پراچين سرشتو ائين ئي قائم آهي. واسنا کي جنهن نگاهه سان ڏٺو ٿو وڃي، سا برابر هڪ وئيشا ئي ٿڌو ڪندي؛ پر پيار ڪو صرف واسنا نه آهي، اهو ته ان جي بلڪل تري وارو حصو آهي. اهو سوچيندي سشيلا کي من ۾ آيو ته هوءَ منوهر کان انهن غلطين لاءِ معافي گهري! جو هن پنهنجا هي خيال هن کي ٿڌي سيني ڪين ويهي ٻڌايا ۽ ان جي بجاءِ ڏمرجي هن کي بيمانو ڪري ڪڍيو.
سشيلا کي نيڻن ۾ ننڊ ڪا نه هئي. هوءَ تارا تڪيندي رهي. هن ڏٺو ته آسمان ۾ تارا ٽم ٽم ڪري رهيا هئا. جڏهن هيڏن سٿول آڪارن ۾ به ٽم ٽم ٿي ٿئي، ته انسان جي زندگي ڪيئن نه ٽمٽائيندي؟ هن جي ڏٺي ڏٺي ڪيترا تارا ۽ نکشتر هڪڙي کان ٻيءَ ڪنڊ تي وڃي پهتا هئا. جيڪڏهين هيئن تارا منڊل بدلجي ٿو ته هن سنسار ۾ ڇا نه ٿو بدلجي سگهجي؟ گهڻي دير سان مس اک لڳس ۽ بلڪل چِرڪو هنڌ ڇڏيائين ته به مٿو گهوماٽيل هوس. بس، تڙتڪڙ ۾ سنڀري اسڪول هلي وئي؛ هن جي منهن تي اداسي ۽ نراسائيءَ جو سنگم هو.
منوهر گهران رسي نڪتو ۽ باغ ۾ ڇٻر تي اچي سمهي پيو. هن سوچيو ته واسنا ڀريا پيار کي جڏهين سوتنترتا ملي ٿي تڏهين هي حال ٿا ٿين. منش وچ ۾ لٽڪيل رهي ٿو، پيار نڪري ٿو وڃي ۽ باقي وڃي ٿي واسنا رهي. پيار جو جيون سک ميه تڏهين ٿو ٿئي، جڏهين ان ۾ واسنا کي مناسب درجو مليل آهي، ۽ اهو آهي گرهست جيون، ڪوڙ، حرفت ۽ ڪپت ڪنهن به صورت ۾ پيار جا انگ ڪين آهن. مان جي ڪوڙ نه ڳالهايان ها ته اڄ هي مهاڀارت نه ٿئي ها. ڇوڪريءَ جو پهريون حياءُ جڏهن ڀڄي ٿو پوي، تڏهن بدلجي هوءَ هڪ عورت بڻجي ٿي وڃي. منوهر کي ان جو پورو انڀو مليو هو جڏهن هڪ آرتوار شام جو نرملا ٺهي سنڀري هن وٽ آئي هئي ۽ پڪچر تي هلڻ لاءِ مجبور ڪيو هئائينس. ڪنهن سمي جو هن سوچيو هو ته نرملا هڪ ٻالي ڀولي ۽ چلولي ڇوڪري آهي، جنهن جي اڳيان ڪوڙ ۽ سچ کي ائين ڦيرائي سگهبو جيئن هڪ بال کي ٻن هٿن ۾ نچائجي، پر تنهن وقت هو ڄاڻي ويو ته نرملا اهڙي ٻالي ڀولي نه آهي. اڄ ته وري هوءَ اهڙي چست ٿي وئي آهي جو مون سان جنگ ڪرڻ ٿي چاهي. انسان کي صحيح سوچڻ کان صرف ڏک نه روڪيندو آهي، پر انتظار ۽ اوسيڙي ۾ به اها حالت وڃي ٿيندي آهي ۽ سڀني کان وڌيڪ ته غصي جي حالت ۾ تنهنڪري ته سياڻو وڪيل پنهنجي مخالف کي پهرين چڙ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. چري نرملا ايترو به نٿي سمجهي ته مون کيس چيو هو ته: “هن، وچن ۽ ڪرم سان فقط تنهنجو آهيان” ته ننڊ جي اوسٿا انهن سڀني کان مٿي آهي. هو ائين سوچيندو رهيو ۽ پوءِ آفيس جو ٽائيم ڏسي ريسٽورنٽ مان ٿيندو وڃي بس ۾ چڙهيو.
آفيس ۾ اڳيان گهڻو ئي ڪم پيل ڏٺائين مگر اڄهيس ئي نه! ڪڇ وقت ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ وڃايائين ۽ ڪڇ فائيلن کي اٿلائڻ ۾. من ڪو نه لڳس ۽ آخر مٿي جي سور جو بهانو ڪري، موڪل وٺي ڪاليج ۾ آيو. هن به ايم اي ۾ داخلا ورتي هئي، پر هن جا ڪلاس شام جو لڳندا هئا. ڏينهن واري ڪاليج ۾ هن جو ڪهڙو دوست پڙهندو هو، جنهن فلاسافيءَ ۾ ايم اي کنئي هئي. ڪيترا ڀيرا جڏهن هن کي ڪا ويدنا ٿي هئي ته هن سان گفتگو ڪندي اها هلڪي ٿي ويندي هيس. ڪاليج ۾ ايشور چندر جي پڇا ڪيائين ته معلوم ٿيس ته هن جو ڪلاس هلي رهيو هو. هو ڌيري ڌيري ڪلاس ۾ لنگهي وڃي ايشور جي ڀرسان ويٺو.
منووگيان جو فرجو (Period) هو ۽ پروفيسر پيار جو منووگيان سمجهائي رهيو هو:
“پيار هڪ وسيع لفظ آهي. پيار آهي من جو لاڙو ڪنهن به ٻئي ڏانهن، هن جي من سان سنٻنڌ هئڻ سبب. اهو سنٻنڌ شڌ، سندر، مڌر ۽ نرمل هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ناتو ٻن منن جي وچ ۾ آهي، ته به ائين ڪو نه چئبو ته اهي چيتن هجن. جنهن کي پيار ڪجي، سو جڙ به ٿي سگهي ٿو. مگر پيار ڪندڙ هميشه چيتن هوندو آهي. چاهي اهو منش هجي يا پسون! ڇو ته پيار ڪرڻ به چيتنتا جي هڪ علامت آهي. پيار جي ڀاونائن جا گهڻا ڀاڳ ۽ اپڀاڳ آهن، جن مان ئي ان جي گڻ جي پروڙ پوي ٿي. ماتا، پتا، ڀاءُ، ڀيڻ، پتي، پتني، اتيادي! ڪئين اهڙيون ڀاونائون آهن. بنيادي ريت اهي پويتر ۽ نرمل آهن. دڪاندار به گراهڪ کي پيار ڪندو آهي. عام طرح اهو شڌ نه هوندو آهي ڇو ته ان ۾ آپسوارٿ جو مادو وڌيڪ آهي. در حقيقت عشق معنيٰ به پيار ئي آهي پر چالو ٻوليءَ ۾ ان جي معنيٰ واسنا ڀريل وڃي ٿي آهي. اهڙي ويڌن “پريم” شبد سان به ٿي آهي. ائين هلندي پريم گويا پيار جي هڪ شاخ ٿي ويو آهي. ٻن مخالف جنسن جو، پريم آد جڳاد کان هلندو آيو آهي ۽ اهو شفي (Positive) ۽ نفي (Negative) جي سببان آهي. جڏهن ان پريم جي پرسنگ ۾ ٽي اداڪار اچن ٿا ته اهو ٽڪنڊو بڻجي پوي ٿو. اهڙن ٽڪنڊن جا ٻه مکيه ڀاڳ آهن، هڪڙي ۾ پرش ٻه ۽ استري هڪ، مگر ٻئي ۾ استريون ٻه ۽ پرش هڪ ٿيندو آهي. هر هڪ جا ٽي اُپڀاڳ آهن: هڪ ۾ هڪ پرش هڪڙيءَ استريءَ کي پريم ڪري ۽ ٻي استري ساڳئي ئي پرش سان پريم ڪري ائين ٻئي ڀاڳ جا به آهن. اهڙيءَ طرح پريم جو چوڪنڊو ٿيندو آهي، جنهن ۾ چار ڪرمچاري ٿا اچن. ان جا ٽي مکيه ڀاڱا آهن: هڪڙي ۾ هڪ پرش ته ٽي استريون، ٻئي ۾ ٻه پرش ۽ ٻه استريون، ٽئين ۾ ٽي پرش ۽ هڪ استري. انهن ۾ هر هڪ جا اپڀاڳ………”
اتي گهنڊ لڳو ۽ پروفيسر ليڪچر بند ڪري هليو ويو. منوهر پنهنجي دوست ايشور چندر سان گڏجي ٻاهر آيو ۽ ڪاليج جي باغ ۾ ئي ويهي ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ لڳا. ان مان هن کي سڌ پئي ته اهو ليڪچر ڏيڻ وارو گنو ئي هو، جنهن لاءِ نرملا کيس ٻڌايو هو ته سشيلا جو ننڍپڻ جو ساٿي آهي، جنهن سان ڪافي دير تائين گڏ گهمندي آهي ۽ ٻڌڻ ۾ آيو ته هن سان افيئر اٿس. ٻنهي دوستن کي ان پيار جي وشيه تي سوچ ڪندي هڪ مشڪلات آئي. ٻئي اٿي گني وٽ آيا ۽ پنهنجو مسئلو پيش ڪيائون:
“توهان جڏهن ٽڪنڊي وغيره جي ورگي ڪرڻ جو ذڪر ڪيو. تڏهين اهو توهين فرض ٿا ڪريو ته هڪڙو پريم ٿو ڪري ته موٽ ۾ پيار ٻيءَ ڌر جو پائي به ٿو، مگر حقيقتن ڏٺو ويو آهي ته بعضي فقط هڪ طرف جو پريم هوندو آهي ۽ ٻئي طرف کان جواب (Response) نه ملندو آهي…..”
“ها، اهو الڳ پر سپر پريم جو باب آهي، جنهن حساب سان ٽڪنڊي خواهه چوڪنڊي جا ڪئين ڀاڳ ۽ اُپڀاڳ ٿي ويندا، جن جو وستار ڪنهن خلاصي وقت ۾ توهان کي سمجهائي سگهندس.”
“ائين به ته ٿي سگهي ٿو جو مثال هڪڙي استري هڪ پرش جو ڦيرو ڏسي پنهنجو پريم لوڏي وجهي ۽ ائين وچ ۾ ئي جهلي ته هوءَ اوڏانهن وڃي جتان پورو جواب ملي..”
“ڇو، ائين به ٿي سگهي ٿو ته ٻيو پرش هن کي مترتا وارو رشتو بتائي ۽ پهرين پرش جو موٽ شڪي هجي ته اها استري ڪيئن نه بدظن ٿيندي. وڏي ڳالهه ته ان کي پريم جو ٽڪنڊو ڪوٺيون يا نه، ڇاڪاڻ ته پريم جا ڌاڳا ٽٽي پيا آهن.”
“ته اهو چئبو ته ان استريءَ جو پريم ڪنهن خاص پرش سان نه، پر هڪ عدد پرش سان آهي، يا هن پهرئين پرش سان پيار ئي نه ڪيو هو يا اهو سڀ ڪجهه ڪنهن ٻئي مقصد جو واهڻ هو؟ توهين کولي سمجهائيندا”
“اهي ٻئي انومان درست آهن. اهي باريڪيون به مان توهان کي ٻئي وقت ٻڌائيندس. اشارو ڏيئي ٿو ڇڏيانوَ ته ناريءَ ۾ روپ ۽ جوانيءَ کان پوءِ به ڪجهه اهڙو رهجي ٿو وڃي جنهن جي پرش کي ضرورت ٿئي ٿي؛ اڀلاکا آ، بلڪ بک لڳي ٿي، جيڪو هر نرليپ ڀاوَ سان ناريءَ وٽان چاهي ٿو:” ايترو چئي گنو هليو ويو. واقفيت ڪرائيندي ئي گني کي ائين لڳو ته اهو ساڳيو منوهر آهي جنهن نرملا سان نئون پريم رچائي سشيلا کي نراس ڪيو هو.
هوڏانهن ٻئي دوست ڪيتري وقت تائين هڪ ٻئي سان ڳالهائيندا گهر ڏي موٽيا. منوهر پنهنجي گهر اچي. بنا ڪنهن ڳالهائڻ جي ڪپڙا بدلائي پلنگ تي ليٽي پيو. نرملا چپ چاپ ماني ڏيئي ويس، جا هو کائي وڃي سمهيو.
*