3. اڇي روشني ست رنگ : ڪرشن کٽواڻي
..........................
ان ڏينهن سشيءَ جي گهران موٽڻ بعد منوهر جي دماغي ۽ دلي ڪشمڪش عجيب هئي. پهرين کيس غصو لڳو هو. سشيءَ کي سندس هيتري بيعزتي ڪرڻ جو ڪهڙو اڌڪار هو. منوهر جي دل پنهنجي آهي، هو ڪنهن کي به ڏيئي سگهي ٿو. سشي ڪير آهي جا سندس هيءُ حق ڇني. ۽ هوءَ آهي به ڇا؟ هڪ ننڍي اسڪول ۾ رواجي ماسترياڻي، جا ٽيوشن ڏيئي آمدنيءَ کي خرچ تائين رٻڙ جيان ڇڪڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. کيس ياد پيو ته سندس هڪ دوست جنهن کي سندس رومانس جي سڻس پيئي هئي، هڪ ڏينهن چرچي ۽ ساڀيا کي گڏيندي چيو هو:
“اڙي متان ڪنهن ماسترياڻيءَ جي ڦندي ۾ ڦاسين! ماسترياڻين جي ذات ئي عجيب اٿيئي. هو مڙسن کي به ائين هلائينديون آهن ڄڻ اهي به سندن شاگرد آهن ۽ هميشه گهڻ ڳالهائو. گهر ۾ ائين ڳالهائينديون ڄڻ ڪلاس ۾ پاڙهي رهيون آهن.”
منوهر ڳالهه چرچي ۾ اڏائڻ چاهي هئي، پر سندس دوست گنڀير هو. هو پنهنجي آزمودي مان چئي رهيو هو. گهٽ ۾ گهٽ هن ائين چيو،
“دنيا ۾ سڀ انسان هڪجهڙا نه ٿيندا آهن. اهڙا قاعدا قانون جڙ شين سان لڳائي سگهبا آهن، نه جيئرن انسان سان” منوهر کلندي چيو هو. پر سندس اندر ۾ ڄڻ ڪنهن چهنڊڙي پائي پڇيو هو، ‘جو تنهنجو دوست چئي رهيو هو سو ڪنهن حد تائين درست نه آهي؟’
‘منهنجي سشي اهڙي نه آهي.’ منوهر پنهنجي من ۾ ڪئين دفعا دهرايو هو ۽ هلندڙ ٽرين ۾ دريءَ ڀرسان ويٺي، دريءَ مان ٻاهر نهاريندي. ماضيءَ جي گهٽنائن بابت سوچيندي، سشيءَ جا ڪئين روپ سندس دل جي اکين سامهون آيا.
ٽيوشن جي پهرين ڏينهن ۾ سشي هچڪندي هئي، شرمائبي هئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته هوءَ ڊڄي به ويندي هئي. سشيءَ جي منهن ۾ احساس جا ڪجهه لڪل، ڪجهه ظاهر طرح طرح جا اهي جذبا ڏسي منوهر دل ئي دل ۾ مرڪندو هو ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيندو هو ۽ سچ ته شاگرد ۽ ماستر جو ناتو ته نه هو هنن ٻن وچ ۾ بي اي جي ڪتابن ۾ ڪيترا اهڙا حوالا ايندا هئا جن ۾ استري پرش جي آدي سنٻنڌ جا پيار ۽ ڪشش جا کليل ذڪر ايندا هئا. اتفاق سان سندن آڱريون ملنديون هيون، يا گوڏا ٽڪربا هئا ته ٻئي سچيت ٿي ويندا هئا. سشيءَ جي اکين ۾ گهٻراهٽ ۽ هيڻائي جاڳندي هئي. پر جيئن هفتا مهينن ۾ بدلجڻ لڳا تيئن سشيءَ جي هچڪ به گم ٿيڻ لڳي.
ان بعد جڏهن ميز هيٺان سندن گوڏا ٽڪرجندا هئا، يا ساڳيءَ ڪتاب کي جهليندي سندن آڱريون گڏجنديون هيون ته ڪير به سرڪي پري ٿي ويهڻ جي ڪوشش نه ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ٻئي چور نگاهن سان هڪ ٻئي ڏي نهاريندا هئا.
منوهر کي اها سشي ڏاڍي وڻندي هئي. جڏهن چوري پڪڙ جي پوڻ تي سندس لوندڙين هيٺان ڳل ڳاڙها ٿي ويندا هئا يا سندس چپ ڦڙڪڻ لڳندا هئا.
نه، سشي عام رواجي ماسترياڻين جيان نه آهي، منجهس ڪجهه آهي جو عام رواجي استرين ۾ نه هوندو آهي.
اهو ڇا آهي؟
پر ڪجهه آهي.
۽ اهو ئي سبب هو جنهن ڪارڻ جڏهن سشيءَ هن کي هلي وڃڻ لاءِ چيو هو ته هو ڪڇي به نه سگهيو هو.
۽ نمو، نرملا؟ نه هن بابت هو نه سوچيندو. هوءَ اهڙي نه آهي جنهن بابت سوچجي. هنن ٻن استرين ۾ هن عورت جا ٻه روپ ڏٺا هئا. هڪ گنڀير، سنجيده، فهميدو؛ ٻيو چلولو، سدا نچندڙ، بيپرواهه ۽ مرد جي سڀاءُ اهڙو عجيب آهي جو ڪڏهن هو عورت جي گنڀير روپ کي پيار ڪرڻ چاهيندو آهي ته ڪڏهين سندس چلولي روپ کي!
شايد اهو ئي سبب هو جو سدا سشيءَ جو گنڀير ۽ ماٺيڻو روپ ڏسندي ڏسندي اوچتو جڏهن هن نرملا جو چنچل ۽ سدا اڇل کائيندڙ روپ ڏٺو هو ته هو پاڻ سنڀالي نه سگهيو هو. اهو روپ برساتي صبح جيان کيس نئون لڳو هو، وڻندڙ لڳو هو ۽ اڻڄاڻائيءَ ۾ هو اوڏانهن ڇڪجندو ويو هو. جتي سشيءَ جي ويجهو پهچڻ ۾ کيس ڪي مهينا لڳا هئا، ۽ ان بعد هوءَ هڪ پرولي هئي اتي نمو ڪن ڏينهن ۾ سندس ويجهو اچي ويئي هئي، ڄڻ ٻالپڻ کان ساڻس گڏ رهي هئي.
منوهر کي اها سانجهي ياد پيئي جڏهين هو تڪڙو تڪڙو بس اسٽئنڊ ڏانهن وڃي رهيو هو. ان ڏينهن هن سشيءَ کي ڪملا نهرو پارڪ ۾ گڏجڻ جو وقت ڏنو هو ۽ کيس اڳئي دير ٿي ويئي هئي. اوچتو هن نرملا کي ڀر واريءَ گهٽيءَ مان نڪرندو ڏٺو. نرملا سندس ويجهو پهچي اکين ۾ شرارت ڀري کلي چيو:
“ايڏو تڪڙو ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو.”
“ڪيڏانهن نه” منوهر پاڻ ڇڏائڻ جي خيال کان چيو.
“ته پوءِ منهنجو هڪ ننڍو عرض قبول پوندو؟”
“چئو نرملا.” منوهر بيهي چيو.
“بِهي ڇو رهيا. هلندي به ته ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون…. ٻڌو گهڻن ڏينهن کان ڪا پڪچر ڪانه ڏٺي آهي. اڄ دل کي کڄي بيٺي آهي. ڇا داسيءَ تي اها مهر ٿي سگهي ٿي؟” نموءَ ڪجهه ناٽڪي ڍنگ ۾ چيو.
منوهر چيو: “نمو پر…..”
نرملا منوهر کي ڪٽيندي چيو:
“مون ناولن ۾ پڙهيو آهي مڙدن جي پر پنهنجي Superiority ڏيکارڻ لاءِ هوندي آهي، سچ ته ان ۾ ڪا به معنيٰ نه هوندي آهي. ٻڌايو ته توهان جي ڪهڙي پڪچر ڏٺل آهي. ڏسو بس به اچي ويئي.”
هو بس اسٽئنڊ جي ويجهو پهتا هئا ۽ نرملا منوهر جي ها نه ٻڌڻ کان اڳ ئي بس ڏانهن ڊڪڻ لڳي هئي.
بس ۾ ٻنهي جا هٿ مليا هئا ۽ ٻنهي هڪ ٻئي جي اکين ڏي گهوري نهاريو هو. سينيما جي اوندهه ۾ نرملا پنهنجو ڪلهو منوهر جي ڇاتيءَ سان لڳائي ڇڏيو هو ۽ وچ وچ ۾ هوءَ چرچا ڪري رهي هئي. انٽرويل ۾ هوءَ ڪڏهن پنهنجي پيالي مان آئيس ڪريم کائي رهي هئي،، ڪڏهن منوهر جي پيالي مان. هڪ ٻه دفعو هن منوهر کي پنهنجي پيالي مان پنهنجي چمچي سان آئيسڪريم کارائي.
هوءَ ائين هلي رهي هئي ڄڻ پيتل هئي.
‘پيار جو پهريون نشو’ منوهر سوچيو ۽ هن فخر محسوس ڪيو جو هو هن ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ ۾ پنهنجي لاءِ پيار جاڳائي سگهيو هو.
موٽندي نمو پنهنجو هٿ ۽ پنهنجن بدن جو سڄو بوجو منوهر مٿان اڇلي ڇڏيو هو. ڄڻ هوءَ بنا آسري هلي ڪانه ٿي سگهي ۽ هوءَ هر هر کلي ٽهڪ ڏيئي رهي هئي. ڄڻ ننڍڙي ٻار کي دل گهريو رانديڪو مليو هو.
رات جو گهر پهچي منوهر پاڻ کي هنڌ تي اڇلي ڏنو هو. هو ان رات بيحد خوش هو. سانجهيءَ جون يادگيريون کيس ڪتڪتايون ڪري رهيون هيون. هن سشيءَ سان گڏ به ڪي سانجهيون اڪيليون گهاريون هيون، پر ڪڏهن به هن پاڻ کي اهڙو هلڪو، اهڙو کلمک ڪونه محسوس ڪيو هو. هن ڪيئن نه نرملا کي هر ڳالهه ۾ وڌاءُ ڪري ٻڌايو هو. پگهار سئو رپيا وڌيڪ ٻڌائي هئائين. ٻين به سڀني ڳالهين ۾ وڌاءُ ڪيو هئائين، ۽ بيوقوف نرملا سڀ تي وشواس ڪندي ويئي هئي. سشيءَ اڳيان ائين نپٽا ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڇا کيس همت ٿئي ها!
۽ جڏهن سشيءَ بي عزتو ڪري کيس گهر مان ڪڍيو هو ته هو رستي تي غصي ۾ سوچيندو آيو هو ته هو وري سشيءَ جي گهر نه ويندو. هو سشيءَ کي ائين وساري ڇڏيندو ڄڻ سشي سندس زندگيءَ ۾ ڪڏهين آئي ئي ڪو نه هئي. هو زندگيءَ ۾ اڳتي وڌي ويندو، پٺيان نه نهاريندو، ڪنهن کي ياد نه ڪندو. پر گهر تائين پهچڻ سان ئي سندس غصو دک ۾ بدلجي ويو هو. هن محسوس ڪيو ته هو سشيءَ تي ناراض نه هو پر ناراض هو پاڻ تي هو…
گنو ٽپ ڏيئي ڀت تي سشيءَ جي پاسي ۾ ٿي ويٺو. ٻئي سمنڊ ڏانهن نهارڻ لڳا. ڇوليون اٿيون ٿي، وري سمهيون ٿي، اٿيون ٿي، وري سمهيون ٿي. افق بيحد سندر هو. ڄڻ ننڍڙي ڳاڙهي ڳٽول ڇوڪري ميرانجهڙي رنگ جو فراق پائي سامهون بيٺي هئي. اوچتو گني سان گڏجڻ ڪري سشيءَ جو من بيحد هلڪو ٿي ويو هو. هوءَ لهرن ڏانهن نهاري رهي هئي. سندس منهن تي مرڪ هئي. گلابي روشني سندس ڳلن تي ليٽيل هئي ۽ سندس اکين ۾ چمڪ هئي. گنو ڪڏهين افق ڏانهن ته ڪڏهين سشيءَ ڏانهن نهاري رهيو هو.
اوچتو سشيءَ بي مطلب ٽهڪ ڏنو. سندس من ان وقت ايترو ته هلڪو هو جو هوءَ ڇويهن سالن جي جوابدار عورت بدران سورنهن سالن جي الهڙ ڇوڪري لڳي رهي هئي. ٻالپڻ وارو نالو تتري ٻڌي سندس ٻالپڻ ڄڻ موٽي آئي هئي. هن گني ڏي نهارڻ بنا، پنهنجي ٽنگن کي لوڏيندي چيو،
“ٻڌاءِ گنا، اڄ ڪالهه ڇا پيو ڪرين؟ ڪٿي رهندو آهين؟ هيترا سال ڪٿي هئين؟ مون ته سمجهيو هو توکي تتري نالو ڪڏهين جو وسري ويو هوندو ۽ سچ پڇين ته مان ان نالي کي وساري ويٺي هئس.”
سشيءَ سمجهيو هو گنو ٽهڪ ڏيندو. گاهي به گاهي ٽهڪ ڏيڻ جي عادت گني ۾ ننڍي هوندي هئي، يا اڳلي جو هٿ پڪڙيندو هو، يا اڳلي جي ڪلهي تي هٿ رکندو هو، پر گني اهڙو ڪجهه به نه ڪيو. گنڀير منهن سان هو افق ڏانهن نهاريندو رهيو. پوءِ هن سشيءَ ڏانهن نهاريندي سڏ ڪيو،
“تتري”
سشيءَ مڙي گني ڏانهن نهاريو ۽ عجب ۾ پئجي ويئي. گني جي منهن تي ايترا ته ڀاوَ هئا جو سشي سمجهي نه سگهي ته ڪهڙو ڀاوءَ وڌيڪ پر ٻل هو.
“ڇو.”
“ڪجهه به نه.” گني ڄڻ جذبات کي دٻائيندي چيو: “سوچيم ڇا انسان ماضيءَ ڏانهن موٽي وڃي سگهي ٿو! پر نه، اهو ممڪن نه آهي، اهو به ممڪن نه آهي ته انسان ماضيءَ جي يادگيرين تي جي سگهي. انسان کي روز کاڌو کپي نه، انڪري انسان کي محنت به روز ڪرڻي پوندي آهي.”
“مون ڪجهه به نه سمجهيو.” سشيءَ روسامي ڀريل آواز ۾ چيو.
“سمجهڻ جي ڪا ڳالهه به ڪو نه هئي.” گني کلي چيو، “ڪڏهين ڪڏهين من جي مطلب ڳالهيون به چوڻ چاهيندو آهي.”
ٻئي ڪجهه دير سانت هئا.
گني چيو: “تو مون بابت سوال پڇيو… سشي زندگي مون لاءِ تمام ڪٺور بڻجي پيئي هئي. ان ڪٺورتا منهنجي سڀاءَ کي اهڙو رکو بڻائي ڇڏيو هو جو ڪڏهين ڪڏهين مان پاڻ کان ڊڄڻ لڳندو هوس… ڀاڀي بيمار هئي ان ڪري اسين توهان سنئون سنڌ ڇڏي نه سگهياسين. ان بعد هڪ ڏينهن گونڊن اسان جو گهر لٽيو. پوري ڏهين ڏينهن ڀاڀيءَ جو مرتيو ٿيو. مان هندستان ۾ آيس ته خالي هٿين ۽ اڪيلو. ان وقت منهنجي عمر تيرهن، چوڏهن سال مس هئي. ۽ ڪنهن به مٽ مائٽ جو مون مٿان هٿ نه هو… اڪيلو، بنا اجهي، بنا پئسي.”
وري سانت ٿي ويئي.
لهرن جو آواز هو. افق ميرانجهڙو ٿي ويو هو. لهرون ڪاريون ٿيڻ لڳيون.
“پر سشي ڏڪر ۾ زمين ۾ چيرون برابر پونديون آهن. زمين سڪي پٿر بڻجي پوندي آهي، پر جڏهين بونديون ڪرنديون آهن ته وري سلا اڀرندا آهن، وري ساوڪ ٿيندي آهي. منهنجي زندگيءَ ۾ به هاڻ تبديلي آئي آهي. اڳئين سال فلاسافيءَ ۾ P.H.D ڪيم هاڻ هت هڪ ڪاليج ۾ پاڙهيندو آهيان.” هو ڪجهه دير سانت رهيو… “بمبئي ۾ رستن کانسواءِ ڪنهن کي سڃاڻان ڪو نه اڄ توسان گڏجي ڏاڍي خوشي ٿي.”
سشيءَ منهن ڦيرڻ بنا ٽيڏين نگاهن سان گني طرف نهاريو. پوءِ دور نهاري ڪجهه سوچڻ لڳي.
“۽ تون ٻڌاءِ تتري، تون اڄ ڪلهه ڇا پيئي ڪرين؟”
سشيءَ هاڻ کليو ڪو نه پر گنڀير نوع ۾ چيائين: “هڪ اسڪول ۾ ماسترياڻي آهيان.”
“ڇا پاس ڪيهءِ؟”
“ايم اي.”
“اڃا شادي ڪو نه ڪئي اٿيئي؟”
سشيءَ مرڪيو پر گنڀير بڻجي مختصر جواب ڏنائين: “نه.”
ٻئي ڪجهه دير سانت رهيا.
گنڀير وايو منڊل کي بدلائڻ لاءِ سشيءَ کلندي چيو: “۽ توکي گهڻا ٻار آهن؟”
“جيترا توکي” گني هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو. “تتري شادي ڪرڻ فرصت کپي… ۽ هن زندگيءَ ۾ اڃا فرصت آئي ئي ڪانهي.”
شاديءَ بابت ڳالهائيندي اوچتو سشيءَ کي منوهر ياد آيو ۽ سندس منهن تي اداس ريکائون ڦهلجڻ لڳيون. هوءَ هت پنهنجو دل لهرن سان ونڊڻ آئي هئي، پر لهرون هيون جي پنهنجيءَ ۾ ئي پوريون هيون ۽ سشي جا چلولي بڻجي پئي هئي وري گنڀير نظر اچڻ لڳي.
سترهن سالن جي ڇوڪريءَ مان ڦري هوءَ وري ستاويهن سالن جي عورت بڻجي پيئي. هن دل ۾ ٿورو درد محسوس ڪيو ڄڻ کيس دل جي تڪليف ٿيندڙ هئي.
“تون ڇا سوچي رهي آهين، تتري؟”
سشيءَ ڇرڪ ڀريو. گني جي لفظن ۾ نرمائي هئي، پيار هو ۽ سشي مڙي ڪجهه دير پاسي ۾ ويٺل مرد ڏانهن نهاريندي رهي. هوءَ سانت هئي، ڪجهه سوچي رهي هئي ۽ هن هڪ نشچو ڪري ورتو. هن سوچيو ته ‘اگر منوهر ٻي ساهيڙي ڪري سگهي ٿو ته ڇا مان ٻيو دوست ڪري نه ٿي سگهان؟’ هن سهج سڀاؤ سان چيو:
“گنل اسان جي گهر هلندين؟ ممي توکي گڏجي ڏاڍو خوش ٿيندي.”
ڪجهه دير بعد ٻئي بس اسٽاپ وٽ بيٺا هئا.
ناريمن پائنٽ کان بس اسٽاپ تائين ايندي صرف سشي ئي ڳالهائيندي آئي هئي. وچ وچ ۾ گنو صرف ڪي سوال پڇي رهيو هو. بس اسٽاپ تي ٻئي سانت هئا ۽ جڏهن بس جي مٿئين ڊيڪ تي ٻئي گڏ اچي ويٺا ته بس گهڻي خالي هئي. بس جي هلڻ جو لوڏو آيو. بس جي هڪ طرف سمنڊ ۽ رات جي اونداهي هئي، ٻئي طرف شهر ۽ هزارين بتيون هيون. ٻئي ڪجهه دير سانت هئا. گني ڳري آواز ۾ چيو:
“سشي هڪ ڳالهه چوان، دل ۾ ته نه ڪندينءَ؟”
“چئه.” سشيءَ ساڄو هٿ مٿي ڪري اڏامندڙ وارن کي ٺاهيو ۽ وري هٿ هيٺ ڪري گوڏن تي رکي ڇڏيائين.
“هيءَ تنهنجي مرده دلي هن کي نه آئڙي، توکي پنج ڇهه سال ماستري ڪندي ٿيا آهن، پر تو ڪڏهن به اڳتي وڌڻ جي ڪوشش نه ڪئي…… ڇا تون ڪڏهين پنهنجي آئيندي بابت به نه سوچيندي آهين؟”
“تنهنجو مطلب مون نه سمجهيو.” سشيءَ تمام جهيڻي آواز ۾ چيو.
گنو سشي طرف نه پر سمنڊ طرف نهاري رهيو هو. هوڄڻ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي رهيو هو: “مثال طور تون M.A بعد P.H.D ڪري سگهين ها. اسڪول ۾ پاڙهڻ ڇڏي ڪنهن ڪاليج ۾ پاڙهڻ لڳين ها. راهه ته ڪڏهن کٽندي ڪانهي ۽ زندگيءَ ۾ انيڪ راهون آهن ۽ سڀ راهون بي انت آهن.”
سشي اڌ ڦاٽل وات سان گني طرف نهاريندي رهي. اها سندس ننڍي هوندي کان عادت هئي. جڏهن به هوءَ اهڙي ڳالهه ٻڌندي هئي، جنهن تي کيس وشواس نه ڄمندو هو ته سندس چپ کليل رهجي ويندا هئا. تڏهين گنو سندس ڪلهي تي ڌڪ هڻي چوندو هو:
“اڙي پڳلي، وات ۾ مڱ پئجي ويهءِ ڇا؟.”
هاڻ به گني اهي ڦاٽل چپ ڏٺا ته سندس منهن تي هلڪي مرڪ تري آئي. شايد کيس ٻالپڻ جي ياد آئي. پر هن سشيءَ جي ڪلهي تي ڌڪ نه هنيو. مرڪندي چيائين:
“سشي، انسان بدلجندي به ڇا بدلجي نه سگهندو آهي.”
سشيءَ ٽهڪ ڏيئي چيو: “ڇا فيلسوفيءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ بعد تون پرولين ۾ئي ڳالهائيندو آهين!”
“خير ڇڏ ان ڳالهه کي، مون کي پهرين جواب ڏي. تون اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪئي. هيئن موٿلو ٿي وهڻ ۾ ڇا اڃا به توکي مزو ايندو آهي.”
هيءَ پڇاڙيءَ واري سٽ گني کي چوڻ جو ڪو خيال ڪو نه هو. پر کيس ان وقت ياد آيو ته ننڍي هوندي راند ۾ جڏهين سشي رسندي هئي ته هڪ هنڌ ويهي رهندي هئي، پوءِ کيس اتان ڪير به اٿاري نه سگهندو هو.
پر سشيءَ کليو ڪو نه. هن گنڀير نوع ۾ چيو:
“سڀ ڳالهيون سڀني لاءِ ممڪن نه ٿينديون آهن.”
گني کلي چيو: “تو ڪوشش ئي ڪٿي ڪئي جو ممڪن ناممڪن جون ڳالهيون ڪري رهي آهين.”
سشيءَ کي جوانيءَ ۾ پهريون دفعو ياد آيو ته سندس ٻالپڻ سچ پچ ڪيتري آنند ۽ مزي ۾ گذري هئي ۽ جوانيءَ ۾ سدا هوءَ پنهنجي زندگيءَ ۾ خال محسوس ڪندي آئي هئي. ڄڻ تازي ٻوٽي کي پورو ڀاڻ نه ملندو هجي ۽ اهو ڌيري ڌيري سُڪندو وڃي. منوهر جي سندس زندگيءَ ۾ اچڻ سان کيس نئين طاقت ملي هئي ۽ کيس انڀؤ ٿيڻ لڳو هو ته سندس هيڻو من طاقت پائي رهيو آهي. ليڪن نرملا جي ميدان ۾ اچڻ سان سندس اندر ۾ جا باهه ٻري تنهن جو تهءُ هوءَ سهاري نه سگهي. هوءَ هيڻي بڻجي پيئي. ڊرپوڪ بڻجي راند جي ميدان تي هوءَ شرط پڄائڻ کان ڪؤ کائڻ لڳي ۽ اڄ گنو، سندس ٻالپڻ جو ساٿي چئي رهيو هو:
“اٿ، اٿي ڊڪ پاءِ” تو ۾ به اها لياقت آهي جنهن جي توکي پروڙ نه آهي.”
سشي سانت ۾ گني ڏانهن نهاريندي رهي ۽ گنو اتساهه ۾ ڳالهائيندو رهيو. هو ايستائين ڳالهائيندو رهيو جيستائين هو گهر پهتا.
ان بعد به روز نه ته هر ٻئي ٽئين ڏينهن گنو سشيءَ جي گهر ايندو هو. سشي P.H.D جي Thesis لاءِ Synopsis لکڻ شروع ڪيا هئا. سندس ميز تي ڪتاب پکڙيا پيا هوندا هئا. رات جو دير تائين ٽيبل ليمپ ٻرندو رهندو هو. اسڪول مان وئڪيشن هئي ۽ ٽيوشن ڏيڻ به هن ڇڏي ڏني هئي. گني هڪ ڏينهن چيو هو:
“ٽيوشن اهي ڏين جن ماستريءَ کي ڌنڌو ڪري سمجهيو هجي. تون سڄي عمر ماستري ٿوروئي ڪندينءَ.”
سچ ته گني سشيءَ جي زندگيءَ کي معنيٰ ڏني. سست سست محسوس ڪندڙ سشي، ٿوريءَ گهڻيءَ هار تي نراس ٿي ويندڙ سشي، هاڻ چست ۽ همت واري بڻي هئي. هڪ منٽ به اجايو ويندو ڏسي سندس من چلائي اٿندو هو. ڪتاب پڙهڻ، نوٽس وٺڻ، ڪڏهين ڪڏهين گني سان گڏ ٻين پروفيسرن وٽ صلاح لاءِ وڃڻ يا رات جو دير تائين ويهي گني سان بحث ڪرڻ، سشيءَ جي ماءُ چانهه ٺاهي ايندي هئي ۽ گنو چانهه پيئندي ڳالهيون شروع ڪندو هو. ڳالهين ۾ ٻئي ايترو مشغول ٿي ويندا هئا جو اوچتو گنو سلسلو ٽوڙي عجب ۾ چوندو هو:
“پر سشي، تنهنجي چانهه ته ٺري ويئي.”
سشي پيالي کي هٿ لائي ڏسندي هئي، چانهه سچ پچ پاڻي جيان ٿڌي هوندي هئي ۽ هوءَ ڀريل پيالو ئي وڃي رنڌڻي ۾ رکي ايندي هئي.
رات جو دير سان جڏهن سشي گني کي دروازي تائين ڇڏڻ ايندي هئي، ته اوندهه ۾ جڏهين هوءَ گني ڏانهن نهاريندي هئي ته کيس ائين لڳندو هو ته ڪنهن دور ديس جو رهواسي سندس سامهون بيٺو آهي، جو ويجهو هوندي به اجنبي آهي. گنو مرڪندو هو، هوءَ عجب مان هن ڏانهن نهاريندي هئي. گنو ڪجهه دير تاڪيد ڪري اوندهه ۾ گم ٿي ويندو هو.
سشي ڄڻ ننڊ ۾ هلندي اندر ايندي هئي ۽ وري ڪتابن سان پاڻ گهيري ڇڏيندي هئي.
هڪ ڏينهن صبوح جو سويل ئي اچي ڪنهن دروازو کڙڪايو. سشيءَ ئي در کوليو. منوهر جي ننڍي ڀيڻ چمپا بيٺي هئي.
سشيءَ کي عجب لڳو. پوءِ تڪڙ ۾چيائين: “اچ، اچ اندر اچ.”
“دادا بي اي ۾ پاس ٿيا آهن، هنن توهان لاءِ مٺائي موڪلي آهي.”
چمپا ميز تي مٺائيءَ جو پيڪيٽ رکيو.
“ويهه چمپا.”
سشي رنڌڻي مان چمپا لاءِ چانهه کڻي آئي ۽ سامهون ڪرسيءَ تي ويهي رهي.
“دادا چيو ٿي ته هو توهان جي ڪري ئي پاس ٿيا آهن، ۽ هو هاڻ ايم اي لاءِ فارم ڀرڻ ٿا چاهين.”
۽ سشي سوچيندي رهي ڇا سچ پچ هؤ ماضيءَ کي ايترو پري ڇڏي آئي آهي. ڪيتريون پراڻيون ڳالهيون لڳن ٿيون اهي، جڏهن هوءَ ۽ منوهر گڏجي پڙهندا هئا. منوهر سان اکيون ملائڻ سندس اکيون سڪنديون هيون، پر تڏهين به جڏهن چمپا موڪلائڻ لڳي ته سشي چئي ويٺي:
”ڪڏهين ڪڏهين ايندي ڪجانءِ چمپا.”
واپس ڪمري ۾ اچي سشيءَ مٺائيءَ جي پئڪيٽ ڏانهن نهاريو. من ئي من ۾چيائين:
“ڇا تو کان وسري ويو منوهر ته مونکي مٺي شيءَ نه وڻندي آهي؟”
هوءَ ميز تي وڃي ويٺي ۽ اڌورا ورتل نوٽس پورا ڪرڻ لڳي.
سشيءَ ماءُ جو آواز ٻڌو.
“سشي هيءَ سڪو ميوو ڪنهن موڪليو آهي.” سشيءَ ماءُ پئڪيٽ کوليو هو.
“منوهر پاس ٿيڻ جي مٺائي موڪلي آهي.”
“پر هي مٺائي ته نه آهي… اوهه… مون سمجهيو، توکي کارا کاڄا ڏاڍا وڻندا آهن نه… پر تو ته هي پئڪيٽ به نه کوليو آهي.”
سشي وڌيڪ پڙهي نه سگهي. هوءَ اٿي وڃي دريءَ وٺ بيٺي ۽ دور دور آڪاس ڏانهن نهارڻ لڳي جتي ٻه پکي اڏامي رهيا هئا، آڪاس ۾ تري رهيا هئا.
شام جو وقت آرتوار جو ڏينهن، منوهر سوچي رهيو هو آرتوار جو ڏينهن سٺو، پر آرتوار جي شام خراب ڪيڏانهن نڪري وڃڻ جي لاءِ من بي چئن هوندو آهي، پر ڪيڏانهن وڃجي اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي. هو سنڀري تيار ٿي ويٺو هو پر اڃا فيصلو ڪري نه سگهيو هو ته ڪيڏانهن وڃي. اوچتو هن ٻاهرئين دروازي وٽ نرملا کي بيٺل ڏٺو. سدائين پنجابي ڊريس يا فراڪ پائيندڙ نرملا اڄ ساڙهيءَ ۾ ٻه ٽي سال وڏي لڳي رهي هئي. منوهر هڪدم فيصلو ڪري نه سگهيو ته هو نرملا کي اندر اچڻ جي نينڍ ڏئي يا پاڻ ٻاهر نڪري اچي. پر نرملا ۾ ذري به هچڪ نه هئي. هوءَ مرڪي رهي هئي ۽ اکين جي اشاري سان منوهر کي ٻاهر سڏ ڪيائين. منوهر ٻاهر نڪتو ته نرملا چيو:
“ڏاڍو سٺو، توهان تيار ويٺا آهيو، اڄ ڪالهه ته ڏسڻ کان به مهانگا ٿي پيا آهن. سڏ ڪري منهن موڙي نٽائي وڃڻ ته ڪير مردن کان سکي. هلو ٿورو پنڌ ڪري اچون.”
منوهر ڏٺو نرملا چڱو سينگار ڪيو هو. خوبصورت ته هوءَ هئي ئي، مٿان وري چپن تي هلڪي لپسٽڪ، وار پٺيان چوٽيءَ ۾ ٻڌل ۽ اکين ۾ هميشه واري مستي. پهريون دفعو منوهر محسوس ڪيو ته نرملا ڇوڪري نه پر عورت هئي.
“توهان ته مون کي پاس ٿيڻ جون واڌايون به نه ڏنيون” گڏ هلندي نرملا چيو.
“آفيس جي ڪمن ۾ اهڙو ڦاٿل هوس، نمو……….”
نرملا ڄڻ کيس ٻڌو ئي ڪو نه: “مان پورو مهينو ناسڪ ناناڻي ويئي هئس. اڃا ٽيون ڏينهن آئي آهيان. توهان کي ته شايد اها به خبر نه هوندي.”
“چمپا ٻڌايو هو.”
“هلو پڪچر تي هلون. پاس ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ مان توهان کي پڪچر ٿي ڏيکاريان توهان ته ڪا نه ڏيکاري.”
منوهر جي من ۾ آيو ته ڪنهن ڪم جو بهانو ڪري انڪار ڪري، پر انڪار ڪرڻ جي منجهس همت نه هئي.
ڪنهن سمي هن سوچيو هو، ‘نرملا هڪ ٻالي ڀولي چلولي ڇوڪر آهي جنهن جي اڳيان ڪوڙ ۽ سچ کي ائين ڦيرائي سگهبو جيئن هڪ بال کي ٻن هٿن ۾ نچائجي’، پر اڄ منوهر ڄاتو نرملا اهڙي ٻالي ڀولي نه آهي.
“ڪهڙي پڪچر تي هلندينءَ.” منوهر بيهي نرملا طرف نهاري چيو.
“بيهو نه، هلندي به سوچي سگهجي ٿو.”
ٻئي بس اسٽئنڊ تي اچي بيٺا.
منوهر ان ڏينهن پهريون دفعو کليءَ روشنيءَ ۾ نرملا کي چڱيءَ طرح ڏٺو. هنن ٻن ٽن مهينن ۾ هوءَ چڱو بدلجي ويئي هئي.
سندس آواز اڳي کان وڌيڪ گهرو ۽ لرزش ڀريو هو. منجهس پاڻ ۾ وشواس به اڳ کان وڌيڪ هو.
“هيءَ پڪچر مان صرف پاس ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ ڪو نه ڏيکاري رهي آهيان. مون هڪ ٻي به فتح حاصل ڪئي آهي ان جي خوشيءَ ۾ پڻ.”
“ڪهڙي جيت؟”
“ڪالهه گهر ۾ مهاڀارت ٿيو هو. مميءَ ۽ ڊيڊيءَ جي مرضي نه آهي ته مان ڪاليج پڙهان، ان بدران هنن منهنجي لاءِ هڪ ڇوڪرو ڳولهي رکيو هو. سٺي آڪهه جو ۽ سيڪريٽريٽ ۾ ڪلارڪ، پڪي نوڪري، پر مون سندن سڀني اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو.”
جنهن انداز ۽ جنهن نموني نرملا هيءَ ڳالهه ڪئي تنهن کي ٻڌي منوهر کلي ڏنو. هن ڇوڪريءَ ۾ ٻيا گڻ هجن يا نه پر هڪڙو گڻ ضرور آهي ته اڳلي جو ڪوماڻيل منهن ۾ خوشي ڀري ڇڏي.
منوهر کلي نرملا جي اڏامندڙ وارن کي ٺاهيندي چيو: “جيت تنهنجي نه ته ٻئي ڪنهن جي ٿيندي….”
نرملا مرڪيو ۽ هن هيٺئين چپ کي هلڪو چڪ پاتو. هن لڪل نگاهن سان ڇپر مٿي ڪري منوهر ڏانهن نهاريو ۽ دل ئي دل ۾ پاڻ کان پڇيائين: ‘منوهر ساڀيا ۾ چئي رهيو آهي يا ٺٺولي ڪري رهيو آهي’، پر کيس ڪو به پڪو جواب نه مليو ۽ هن ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو.
منوهر کلي چيو: “سانت ڇو ٿي ويئينءَ نمو؟”
نمو ڪجهه سوچي رهي هئي. کيس اها بيعزتي ياد پيئي جا سندس بس اسٽئنڊ تي منوهر ڪئي هئي. سندس من ۾ ڪنهن بغاوت ڪئي. هن بس اسٽئنڊ تي منوهر سان گڏجي بيهڻ ڄڻ پنهنجي هار سمجهي.
“اڄ ٽئڪسيءَ ۾ هلنداسين.” هن هڪ عجيب آواز ۾ چيو ۽ منوهر جي جواب پائڻ کان اڳ هڪ ٽئڪسيءَ واري کي اشارو ڪري ٽئڪسيءَ ڏانهن هلڻ لڳي.
منوهر به نرملا جي پٺيان هلڻ لڳو.
*