ناول

پيار جو ٽڪنڊو

هي ڪتاب “پيار جو ٽڪنڊو” سنڌي ٻولي جي نامياري ليکڪن گوبند مالهي، پوپٽي هيراننداڻي، ڪرشن کٽواڻي، ايشور چندر، وشنو ڀاٽيا، هريش واسواڻي، منو تولارام گدواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گنو سامتاڻي ۽ موهن ڪلپنا جو سهڪاري ناول آهي، جنهن جو سهڙيندڙ محترم بيدل مسرور بدوي صاحب آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2752
  • 941
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بيدل مسرور
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيار جو ٽڪنڊو

8. ٿيان يا نه ٿيان! : ڪيرت ٻاٻاڻي

‘ڪونج’ جنوري 1968ع

گنو لئبريريءَ مان من وگيان جا ڪتاب ڪڍائي اچي پنهنجي روم ۾ ويٺو. ڪتابن کي هيٺ مٿي اٿلايائين پر من نه لڳس. سندس متا، جن کي سالن کان دل ۾ سانڍي رکيو هئائين. سي کيس اڌ ڀت ڀاسڻ لڳا هئا. تازو ڪلاس ۾ پريم جي مهما ۽ ينتر (Mechanics)، ٽڪنڊن ۽ چوڪنڊن تي هڪ لنبو ليڪچر ڏيئي آيو هو، پر اندر ئي اندر ۾ پاڻ تي کلي رهيو هو، سندس من ئي انهن اصولن جي تائيد ڪرڻ يا گواهي ڏيڻ کان ودروهه ڪري رهيو هو.
ڇا هو جيڪي چئي آيو هو، سو اڄ ساڳي دل جي گهرائي ۽ وشواس سان محسوس ڪري رهيو هو؟
ڪداچت نه.
کيس ته ائين لڳو هو ته هن گويا درسي ڪتاب تان تيار ٿيل هڪ ٽيپ چاڙهي ڇڏي هئي، جا 45 منٽ گول ڦيرا پائي، هڪ گٺل ۽ آتمارهت ڀاشڻ اوڳاري بند ٿي ويئي هئي.
اڄ سندس اندر خالي خالي هو. هڪ کنڊهر جيان! هن جي اندر جوڙيل هڪ عمارت جي ٽٽڻ جا پڙلاءَ اچي رهيا هئا. جيڪا عمارت ڏهن سالن کان کڙي ڪئي هئائين، سا بنياد کان ڌڏي رهي هئي. ڪامون ڪِري رهيون هيون، ٿنڀا ٽٽي رهيا هئا، ديوارون لڏي رهيون هيون. ڪٿي ڪو جذبو سر هيٺان دٻيو پيو هو، ڪٿي ڪو وشواس ڪنهن ڪام هيٺان چٿجي ويو هو.
ڪالهه رات وارو واقعو سندس ذهن تي هڪ عجيب ڪيفيت ٺاهي بيٺو هو.
جيئن نه اوچتي ڌڌڪي سبب ڪڏهن دل ۽ دماغ تي سن طاري ٿي ويندو آهي. گني جي حالت هوبهو ساڳي هئي. ڪالهه رات اهڙو طوفان آيو هو، جنهن جو هو ڪڏهين تصور به نه ٿي ڪري سگهيو. هڪ استريءَ پنهنجو جسم سندس اڳيان ائين کڻي ڦٽو ڪيو هو گويا ان ديهه کي ڪا قيمت ئي ڪا نه هئي، ان کي ڪن سنسڪارن جا ٻنڌن ۽ ليڪا ڪو نه هئا. اها ديهه ڄڻ ڪن مريادائن ۽ روايتن ۾ جڪڙيل ڪا نه هئي… ۽ اگر جڪڙيل هئي به ته اهي صدين جون روايتون ۽ سالن جون مريادائون هڪ ئي ڇڪ سان ٽڪرا ٽڪرا ٿي، اتي سمنڊ ڪناري سندس آسپاس ٽڙيون پکڙيون پيون هيون.
هڪ استريءَ جي سپرش، گرم سواسن ۽ مٺين کيس لرزش ۾ آڻي ڇڏيو هو. سڀاويڪ هو. سريرن جو ان نموني هڪ ٻئي ۾ لپٽجي وڃڻ رت کي ضرور لرزش ۾ آڻيندو، نه آڻي ته اسڀاويڪ آهي. پوءِ به گني جو وهنوار سڀاويڪ نه هو. اهڙي موقعي تي پرش پنهنجي اَجهل جذبي کي جهلي وڃي، اهو سڀاويڪ نه پر اسڀاويڪ هو. ۽ اهڙي هلت صرف گني کان ئي ٿي هئي، ڇو ته سندس جسم تي ڪهڙو به رد عمل ڇو نه ٿيو هجي، سندس دل برف جي ڇپ وانگر سرد هئي………
گني محسوس ڪيو ته هو پنهنجو اڀياس جاري رکي نه سگهندو. سڀاڻي جي ڀاشڻ لاءِ نوٽس وٺڻ هن لاءِ ناممڪن بڻجي پيو. ڪتاب ميز جي خاني ۾ وجهي، هو پنهنجي روم کان ٻاهر نڪري آيو. ڪيڏانهن وڃي سو به فيصلو نه ڪري سگهيو.
“نيم انوسار سشيءَ جي گهر وڃان؟”
نه. اهو به ممڪن نه هو.
هو سشيءَ جي اڳيان ڪيئن ويندو؟ سندس اکين ۾ ڪيئن نهاري سگهندو؟ هن سان ڪهڙي ڳالهه چوري سگهندو؟……. سشي ته، نه صرف سندس پريم جي پريڀاشائن ۽ متن کي ٽوڙي ٽوڙي کڻي سندس اڳيان رکيو هو، خود سندس ڏهن سالن جي ساڌنا کي به ڌوڏي ڇڏيو هو،
“هي سشيءَ کي ڇا ٿي ويو؟” کيس ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿي آيو.
“ڇا هن جي ذهن کي ايترو ڌڌڪو رسيو هو جو هوءَ ميزان کان ٻاهر نڪري ويئي هئي؟
نه ته ڀلا ڪالهوڪي سندس غير معمولي ۽ اسڀاويڪ هلت جو ٻيو ڪهڙو ڪارڻ ٿي ٿي سگهيو.”
گنو سوچڻ لڳو ته سشيءَ جي هن حالت لاءِ هو ته جوابدار نه آهي. هڪ نازڪ موڙ تي، سندس زندگيءَ ۾ پرويش ڪري، هن جي زندگيءَ کي هڪ نئون رخ ڏئي هن ڪا ڀاري غلطي ته نه ڪئي هئي. پر ان ۾ ڪهڙي خرابي هئي؟ ۽ ان لاءِ هو ته جوابدار ڪو نه هو… سشيءَ سان سندس ملاقات اوچتي ٿي هئي. هڪ اتفاق برابر، گهر ۾، نوتو ڏيئي سشي ئي خود کيس وٺي ويئي هئي. هن سندس جيون کي مضبوط مارگ ڏيڻ لاءِ پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ جي پريرڻا ڏني هئي. پر ان ۾ ڪهڙو گناهه هو؟ سمنڊ جي سئر ڪرڻ لاءِ به سشيءَ ئي اڇا ڏيکاري هئي ۽ پوءِ جيڪي ڪجهه ٿيو هو، تنهن لاءِ هن ڪڏهن به ڪهڙي به نموني کيس ڪو اشارو نه ڏنو هو، جنهن مان ڪنهن به شڪ جي گنجائش پيدا ٿئي. پر پوءِ به هو پريشان هو، دکي هو ۽ منجهيل هو…
ڇا سشيءَ کي ڪا غلط فهمي ٿي وئي هئي؟ پر ڪالهوڪي وهنوار ڪنهن غلط فهميءَ مان پرورش پائي نڪتل وهنوار نه هو. هيءَ ته ڪو ٻرندڙ جبل هو، جو اندران ئي اندران پئي پڄريو ۽ اوچتو هڪ زلزلي جي روپ ۾ ڦاٽي پيو، گويا ڪنهن کي ڀسم ڪرڻ ٿي گهريائين…
گني هڪ اونهو ساهه کنيو، گويا پاڻ کي آٿت ڏنائين ته هو ان زلزلي جي ڄر کان عارضي طور ته بچي نڪتو هو. ٻيءَ کن! وڄ جي شعاع وانگر هڪ خيال سندس ذهن تان چمڪي ويو
“مان پاڻ کي ڀسم ڪري ڇڏيان؟” هو هلڻ لڳو، مرين ڊرائيور طرف.
پر سوچيائين ڪٿي من جي مونجهاري سبب سشي به مرين ڊرائيور طرف هلي آئي هجي ته اها ڳالهه نه چاهيندي به ڪٿي اتفاقي بڻجي نه اچي. هو چوپاٽيءَ طرف واريءَ تي هيٺ لهي ويو ۽ ڪناري ڪناري هلندو رهيو. واريءَ تي آهستي آهستي هلندو رهيو، پيرن جي داٻ سبب واري پٺتي جهڪي ٿي ويئي ۽ سندس قدم ٿوري ساعت لاءِ پٺتي هٽي ٿي ويا. گويا پٺيان پٺيان کيس ماضيءَ طرف ڇڪيندا ٿي ويا.
هيءَ پهريون دفعو هو جو گذريل ڏهن سالن جو ٿميل طوفان سندس هردي اندر اُمڙي اٿيو هو. هو چاهي يا نه چاهي، پر اهڙي طوفان کي لڳڻ کان روڪڻ جي شڪتي هن ۾ نه رهي هئي. جڏهين گهٽ ٻوساٽ ٿيندي آهي ۽ چوڌاري ڪائنات ۾ خاموشي ايندي آهي ته اهڙي خال کي ڀرڻ لاءِ هڪ طوفان جو لڳڻ لازمي هو؛ جو ڪجهه ڊاهي ڦٽو ڪري، ڪا صاف صفائي ڪري ڇڏي.
“ڇا مان پنهنجو ڏهن سالن جو ورت ٽوڙي ڇڏيان؟” ور ور ڪري هيءَ سوال سندس ذهن ۾ ديول جي گهنڊ وانگر لنبي ۽ ڳري ڌن سان وڄڻ لڳو.
“ڇا اهڙين حالتن هيٺ هرڪو انسان ائين ورت ٽوڙيندو آهي. پوءِ گنو هجي يا سشي؟”
ته هيلتائين مان پاڻ کي صرف پرڀائي رهيو هوس ته مان پنهنجي ڏهن سالن جي ڪيل پرن تي قائم آهيان. هت ته طوفان جي هڪ جهونڪي اڳيان به سٽ جهلڻ جي قابل نه رهيو آهيان.
گني پنهنجي ڪوٽ جي اندرين کيسي ۾ هٿ وجهي هڪ ٻٽوئون ڪڍي ورتو. ٻٽوئين جي لڪل تهه کي کولي، ان مان هڪ پاسپورٽ سائيز فوٽو ڪڍي ورتو. فوٽو پنهنجي اڳيان جهليائين. فوٽي تي ڪي ڳاڙهسرا داغ به ٿي ويا هئا. سامهون آسمان به ڳاڙهسري رنگ سان ڌوپجي پيو هو، جنهن سمنڊ جي پاڻيءَ کي گويا سونهري رنگ جو تهه چاڙهي ڇڏيو. گنو پلٿي ماري واريءَ تي ويهي رهيو. فوٽي جي گول مرجهايل اکين ۾ اکيون وجهي ان سان ڳالهائڻ لڳو.
“ديالي اڄ منهنجي صحيح معنيٰ ۾ پرکيا ٿي رهي آهي! هيءُ تنهنجو اهو فوٽو آهي جو مون ڏهه سال اڳ تنهنجي گهر ٻاهران ڪڍيو هو. ڏهه سال مون توکي پنهنجي دل جي ويجهو رکيو آهي. مون ڪڏهن به دل ۾ خال محسوس نه ڪيو آهي. پر اڄ ڇاهي، جو منهنجي دل ڌڏڻ لڳي آهي، ڇا اها ڪمزور ٿيڻ لڳي آهي؟ مان نٿو ڄاڻان تنهنجي يا منهنجي پريم ۾ ڪا ڪاڻ پيئي آهي يا نهن جو زور ۽ شڪتي گهٽجي ويئي آهي؟”
انسان جا جذبا يا ويچار ريل جي پٽيءَ تان هلندڙ گاڏيءَ مثل آهن، جي هلندا رهن ته بنا هچڪ جي سنوان سڌا هلندا رهن. انهن ۾ ڦيرڦار آڻڻ يا انهن جو طرف بدلائڻ ڏکيو ٿيو پوي. جيستائين ڪو وڏو حادثو يا اتفاق نه ٿئي. جيئن هڪ حادثي وقت گاڏي ريل جي پٽيءَ تان لهي ويندي آهي ۽ چوڌاري زلزلي وارو درشيه پيدا ٿيندو آهي ۽ سندس رفتار اوچتو بند ٿي ويندي آهي، ساڳئيءَ طرح ڪنهن شخص جي ويچار جي رفتار به ڪنهن اوچتي ڌڌڪي سبب هلندڙ پٽيءَ تان لهي ويندي آهي ۽ پوءِ ان کي نيون راهون ۽ دشائون ڳولڻيون پونديون آهن.
گني سان ساڳي ڪار ٿي هئي. هو ڏهن سالن کان ساڳي پٽيءَ تي ساڳي دشا ۾ هلي رهيو هو. پر سشيءَ جي وهنوار سندس ويچارن ۽ واٽ کي ڌوڏي ڇڏيو هو. اڄ هو اهو ڪجهه سوچي رهيو هو، جو رواجي طور سندس سڀاءَ ۽ سنسڪارن واري شخص لاءِ سوچڻ پاپ نه، ته غير واجب ۽ غير فطرتي ضرور هو. هن پاڻ کي ڏهه سال هڪ گهيري اندر ٻڌي رکيو هو پر اڄ هو وري هڪ اهڙي اسٿتيءَ ۾ هو، جنهن مان نڪرڻ لاءِ هو فلاسافيءَ جي ور وڪڙ رستن تي ڊوڙون پائڻ لڳو…..
وچن ۽ ورت!
ڇا وچن ۽ ورت کي ڪا معنيٰ آهي؟
ڏهه سال اڳ ۾ ڪيل وچن ۽ ورت! ڇا وقت سان، پيل حدن ۽ انهن جي ٻنڌنن کان اهي ٻاهر نٿا نڪري وڃن؟ وقت ڇا حالتن کي ڦيرائي، بدلائي، مروٽي سروٽي، قدرن کي نيون معنائون نٿو ڏئي سگهي؟ ٻنڌنن جا وراڪا گهٽجي، گهٽجي هڪ ٽٻڪي جي هستي نٿا وٺي وڃن، جنهن کي ڪا ئي هستي ئي نه رهي يا وڌندا وڌندا اهي گهيرا ايترو وشال نٿا ٿي وڃن جو انهن جو گهيرو ئي الوپ ٿي وڃي! ڏهه سال اڳ جو هڪ ڏينهن ۽ اڄ جو ڏينهن ساڳيا آهن؟ هوبهو ساڳيا؟ قدرن جا دنيا ۾ جذبن جي سطح تي ۽ خيالن جي منزل تي؟ پر وچن ۽ ورت هڪ طرفو نه هو. اهو وچن دياليءَ به ته پاليو هو ۽ وچن صدقي ڏهه سال سٺو هئائين، بدنامي سر مٿان کنئين هئائين. مائٽن جا ڏنڀ برداشت ڪيا هئائين ۽ آخر ۾ هڪ انوکي قرباني ڏني هئائين. اهو هڪ سچ هو، ڏهه سال جهونو ئي سهين!
مان ڇا صرف زندگيءَ جي اڪيلائي برداشت نٿو ڪري سگهان؟ قرباني ڇا مڙدن جي وڙ ۾ نه آهي؟ اقرار ڪرڻ وقت هماليه وانگر اڏول پر پاڙڻ وقت شيشي جهڙا ٽاڪئان!
گنو وري هڪ ٻيءَ وهڪ ۾ وهڻ لڳو:
فلاسافي طور قرباني ڇا آهي؟ پيار ڇا آهي؟ ڪنهن به چيز جي اصليت ڇا آهي؟ انت ڇا آهي؟ صرف هڪ ويچار (Idea) آهي ۽ هيءُ پورو سنسار ان مها ويچار جو عڪس آهي. حقيقت ڪجهه به نه آهي. صرف هڪ ويچار آهي. حقيقت پهچ کان پري آهي؛ ويچار اناري آهي.
ڏهه سال اڳ ڪنهن شخص سان پريم جو ناتو، اڄ جڏهن ان جو مجسم ئي نه رهيو ته ان ڏنل اقرار جي ناتي قربانيءَ جي نالي مان پاڻ کي وساري ويهان، پنهنجي ديهه کي ڀلجي وڃان ۽ پنهنجي آتما کي محروم ڪريان؟ ڪهڙي بنياد تي؟ … ڏنل وچن جي بنياد تي؟ … وچن جو منهنجن پيدا ڪيل قدرن جي پيدائش آهي، قدر! جي منهنجي هستيءَ جو حصو آهن. اهي سڀ ڳالهيون گڏجي مون کي قيدي نه بڻائي رهيون آهن؟ هڪ وچن جي گهيري ۾ گرفتار نه ڪري ويٺيون آهن؟ اهو گهيرو ڇا ٽٽي نه ٿو سگهي؟
ديالي ڇا مان توکي سشيءَ جي روپ ۾ نٿو ڏسي سگهان؟
وچن جون حدون ڪشاديون نٿو ڪري سگهان؟
منهنجي آتما پريم جي وشال تصور کي ڀلجي هڪ گهيري ۾ قائم رهي؟
مون هٿرادو طور پريم جي وشالتا کي محدود نه ڪري ڇڏيو آهي؟
منهنجي آتما جي پريم جو چشمو سڪي وڃڻ گهرجي؟
اهو هڪ نرمل جل ڌارا بڻجي وهڻ نه گهرجي؟
ڇا پريم هڪ اهڙو وستو آهي جا ڪنهن پدارٿ تي ختم ٿي وڃڻ گهرجي؟…
اگر نه، ته ان جو وسيع روپ ڪهڙو آهي؟
هڪ وستوءَ جي غير موجودگيءَ ۾ اهو پريم ٻئي طرف اوتي نه ٿو سگهجي؟
ڇا اهو گناهه آهي؟
پريم کي ان معنيٰ ۾ نه ٻڌڻ ڇا جيون سان بي وفائي آهي؟
جيون کي پريم کان وانجهڻ کي “شڌ” وفائي سان نوازيو وڃي ٿو؟
جيون کي نيرس ڪرڻ ڇا پريم جي مهما آهي؟
اگر ها، ته پوءِ پريم جو ارٿ ڪهڙو؟ پريم جي انتها ڇا؟
مون جهڙي هڪ سرد حقيقت يا غير حاصلات جي تسليٰ يا ان کان به وڌيڪ ڪالپنڪ سنتوش!
هينئر گني جو سر پنهنجن دليلن جي چڪر ۾ چڪرائجڻ لڳو. هو اٿيو. هٿ وارو فوٽو پنهنجي ٻٽوئين ۾ رکي، کيسي اندر وڌائين ۽ پوءِ ريتيءَ تان اٿي، گهر طرف روانو ٿيو. خيال، ٻوڏ جي اڇل مثل سندس ذهن کي ٻوڙيندا رهيا ۽ هو هڪ هشيار تاروءَ وانگر پاڻ کي سطح تي آڻي، غرق ٿيڻ کان بچائڻ جو يتن ڪرڻ لڳو. گهر پهچي هن وستر مٽايا. کاڌي جي اڇا کيس نه رهي هئي. ذهن جي بوجي هن جي بک ماري ڦٽي ڪئي هئي. سندس سوچ جي انجڻ تيز رفتار سان هلي رهي هئي. بستري تي ليٽي ٻئي هٿ مٿي هيٺان رکي اکيون ڇت ۾ پائي هو سوچڻ لڳو….
هڪ فلاسافيءَ جي اڌياپڪ جي حيثيت ۾ هن ڪيترا سال پريم جي مهما ۽ پيچيدگين تي ليڪچر ڏنا هئا پر ڇا هو پنهنجي لاءِ ڪا راهه ڳولي سگهيو هو؟
هن پريم جو ورت پاليو. پريم جي ساڌنا ڪئي، پر ڇا هو پاڻ کي تسليٰ ڏيئي سگهيو هو؟
ڪٿي هو جيون ۽ پريم جو نرادر ته نه ڪري رهيو آهي. پريم پالن جي ڀرم هيٺ هو پنهنجي آتما جو نرادر ته نه ڪري رهيو آهي. هن ڏهه سال پنهنجي من، وچن ۽ ڪرم سان ڪنهن کي پريم ڏنو آهي پر ائين ڪندي هو جيون کان ڀٽڪي ته نه ويو آهي.
من هڪ چنچل چيز آهي. هڪ سهارو وڃائڻ سان ٻئي سهاري کي پڪڙيندو آهي. ٻڏندڙ انسان پڻ ڪک جو سهارو وٺندو آهي. هن به ڪنهن جو سهارو وٺڻ جو يتن ٿي ڪيو پر هن جي من ۾ هڪ وڏو سوال کڙو ٿي بيٺو. ڇا تون ڪنهن جي موت جو سهارو وٺڻ ٿو چاهين؟
اهڙي نموني تون پنهنجي آتما کي فرض جي قرض کان آجو ڪرڻ ٿو گهرين!
تون ڪنهن جي غير موجودگيءَ جو فائدو وٺڻ ٿو گهرين؟ اگر ٻيو ڪير تنهنجي موت جو فائدو وٺي ها…
گني جي سهارڻي کان حالتون ٻاهر هيون. هن جو چئن وڃي رهيو هو. هو گويا ٽٽڻ جي حالت کي اچي پهتو هو. آنڌمانڌ هن کي سمهڻ نه ڏيندي. هو جهٽڪو ڏئي اٿيو. قلم ڪاغذ کڻي لکڻ ويٺو:
سشي،
مان توکي ڪهڙي اکر سان خطاب ڪريان اهو به مان فيصلو ڪري نه سگهيو آهيان، ان ڪري صرف ‘سشي’ ئي لکي رهيو آهيان.
پورا اٺيتاليهه ڪلاڪ مان پاڻ سان يڌ ڪندو رهيو آهيان، هن وقت منهنجي حالت هڪ اهڙي ٻيڙيءَ مثل آهي جا طوفان جي وچ سير ۾ بيٺي هجي ۽ ڪناري تي رسڻ جي اميد ۾ چوڦير ڦيراٽيون پائيندي رهي.
ٻالڪپڻ واري سمي جي سنٻنڌ بعد، ويهن سالن جي عرصي کانپوءِ مان توکي اوچتو مليس. پر توکي اها سڌ نه آهي ته انهن ويهن سالن ۾ منهنجي مٿان ڇا ٿي گذريو. ڪهڙا طوفان اٿيا ۽ ٿميا. تو ڪڏهين انهن کي ڄاڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي ۽ نه ئي مون ڪڏهين ٻڌائڻ جو يتن ورتو. دراصل تنهنجي اسٿتيءَ کي ڏسي، مون ڪڏهن ساهس ئي نه ڪيو آهي ته پنهنجي دل جي ڪا ڳالهه تنهنجي اڳيان رکان. مترتا ۾ ائين نه ٿيندو آهي پر اسان جي مترتا عجيب وايو منڊل ۾ اچي نئين سر نپني. مون ويهن سالن کان پوءِ جڏهن توکي ڏٺو، تڏهن تون ڪنهن گهري من جي پريشانيءَ ۾ الجهيل هئينءَ. تنهنجي دل تي ڪو نازڪ زخم هو، جنهن جي پهرين ته ملم پٽي ڪرڻي هئي. اهڙي حالت ۾ تون ڇا ڄاڻي سگهندينءَ ته اڳلو ڪهڙي ناسور ۾ مبتلا آهي، جو پنهنجو زخم لڪائي ٻين کي مرهم لڳائي رهيو آهي. سشي منهنجو زخم جهونو آهي مان مڙد آهيان، ان ڪري لڪائي وڃڻ ۾ شايد ڪامياب ويو آهيان. تنهنجي دل نازڪ آهي تون ان کي لڪائي نه سگهينءَ. ان ۾ تنهنجو ڏوهه نه آهي. مان شڪايت نه ٿو ڪريان……. خير.
ڪهڙي نه عجيب اتفاق سان منهنجي دياليءَ سان ملاقات ٿي هئي! ساڳي جهاز ۾ وطن جا وڻ ڇڏي رهيا هئاسون. جهاز ماڻهن سان جنسي سٿيو پيو هو. ڪنهن جي خبر نه هئي، گويا سامان مٿان سامان ۽ ماڻهن مٿان ماڻهو چڙهيا ويٺا هئا. پنهنجي اڪيلي ٻڍڙي ماءُ سان دياليءَ جي ڪٽنب ڀرسان خيما کوڙي ويٺو هوس. آپدا غريب ۽ امير کي هڪ ئي قطار ۾ ويهاري ڇڏيو هو.
وطن ڇڏيندي جو دک ٿيو هو، تنهن درد وچان مون کي رات ڀر ننڊ ئي نه آئي هئي. رات جي نيم اونڌائيءَ ۾ مان آهستي آهستي ڪيترن بسترن کي لتاڙيندو ۽ ماڻهن کي اورانگهيندو، هڪ نامعلوم ٻوساٽ کان نجات پائڻ لاءِ ڊيڪ جي ريلنگ تائين وڃي پهتو هوس. ان طرف نهاريندو رهيس جتان جهاز اڪاريو ويو هو. سانڀر ۾ پهريون دفعو منهنجي اکين مان ٻه ڳوڙها ڳڙي پيا هئا. پنهنجي پتا جي موت تي به منهنجون اکيون آليون نه ٿيون هيون، ايترو مان ارادي جو پڪو هوس. ڇا هو، جو اسين سڀ ڇڏي دور ديش ڏي وڃي رهيا هئاسون؟ سڀني جا من ڀريل هئا. هرڪو شايد سيني تي پٿر رکي ويٺو هو. ساري رات مان هن هٿرادو طوفان جي نتيجي کي جاچيندو رهيس، جنهن وڻ ته نه ڪيرايا هئا ۽ گهر جون ديوارون به سلامت هيون؛ پوءِ به انسانن کي اکيڙي سندن آتمائن کي، ابن ڏاڏن جي وڻن وٿاڻن تان پٽي جا بجاءِ پکيڙي ڇڏيو هو! خير…… اهي ماضيءَ جا داستان آهن….
مون کي معلوم نه هو ته ان انڌيري رات ۾ ٻيون ٻه اکيون مونکي گهيري ويٺيون هيون. صبح جو محسوس ٿيم ته اهي منهنجو پيڇو ڪري رهيون هيون. صبح جو ڊيڪ جي نل تي ڏندڻ ڪندي دياليءَ سوال ڪيو هو،
“توکي رات جو ننڊ ڪا نه آئي؟” مون کان ڇرڪ نڪري ويو.
ستي لوڪ مون سمجهيو هو ته مان ئي سجاڳ هوس پر نه هت ٻيو به ڪير هو، جنهن رات واري درد ۾ مون سان ڀائيواري ڪئي هئي. ڪيڏو نه آنند پاتم!
اهو ٿوري عرصي جو ناتو نينهن ۾ بدلجي ويو. ڪيمپ جي چند ڏينهن ۾ ايترو ته ويجهو اچي وياسون جو دياليءَ جي مائٽن کي ترت شڪ پئجي ويو. هو شخصي اثر ۽ پئسي جي ٻل تي ڪيمپ ڇڏي وڃي شهر ۾ رهيا. دياليءَ کي ڪيمپ مان ڪڍي سگهيا ٿي؛ پر منهنجي دل مان نٿي ڪڍي سگهيا. پريت دوريءَ جي درد هيٺ وڌيڪ پختي ٿي ويئي. هڪ ٻئي کي خطن پهچائڻ جو رستو ڳولي ڪڍيوسين ۽ ائين پريت جا ٻنڌڻ ڳنڍيا ئي رهيا.
پوءِ اوچتو هڪ سياسي طوفان آيو. مان ان طوفان ۾ گهلجي ويس. مان گرفتار ٿيس ۽ جيل موڪليو ويس. جيل مان چوريءَ هڪ خط دياليءَ کي لکيم، جنهن ۾ پنهنجي پريم جي نازڪ امنگن جي پلٽ ڪيم. ديش جي سقيم حالت جو ورنن ڪيم ۽ ٻنهي جي آئيندي جي سپنن جون تصويرون چٽيم. خط پڪڙجي پيو ۽ وڃي ٺڙڪائو سمپادڪ کي هٿ لڳو. ان کي سٺو مصالحو سمجهي پهرين ته ان کي بلئڪ ميل ڪرڻ لاءِ ڪم آڻڻ چاهيائين پر نيٺ اخبار جي مشهوريءَ لاءِ ان کي قسطن ۾ ڇپي هڪ وڏي بدنامي (Scandal) پيدا ڪيائين. دياليءَ جي سڄي شهر ۾ بدنامي ٿي، ماڻهن جي غلط اشارن جو شڪار بڻي. مائٽن جي طعنن ۽ عذابن جا سيڪ سٺائين. هوءَ سندن اکين ۾ ڪنڊو بڻجي پيئي ۽ سندس ٻاهر نڪرڻ بند ڪيو ويو. سال کان پوءِ جڏهن مان ٻاهر آيس ۽ دياليءَ کي جڏهين سندس گهر ٻاهران ڏٺم ته دنگ رهجي ويس! هڪ سال اندر هوءَ ڏهه سال وڏي ٿي ويئي هئي.
“ديالي تون ڀلا ائين گهڻو وقت پڃري جو پکي بڻجي گذارينديءَ؟” مون سوال ڪيو.
“تون ان جو ڪو به خيال نه ڪر.” دياليءَ جي اکين ۾ درڍ وشواس هو.
“تون ڪيستائين منهنجو انتظار ڪندينءَ؟” گويا مون کي اعتبار نه ٿي ٿيو.
“جيستائين زندهه آهيان.” مون کي للڪار هئي.
دياليءَ جي مائٽن کي پنهنجي خاندان ۽ شاهوڪاريءَ جو گهمنڊ هو. هو پنهنجي ڌيءَ هڪ غريب ماءُ جي پٽ کي ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا. مون ان للڪار کي قبول ڪيو. من ئي من ۾ فيصلو ڪيم ته وڏو ماڻهو بڻجندس. ماءُ ۽ پنهنجي پالنا لاءِ نوڪري ڪيم ۽ ٻئي طرف ڪاليج ۾ داخلا ورتم. نشچو ڪري ورتم ته وڪالت پاس ڪري جج بڻجندس. ڇو ته دياليءَ جو پيءُ هڪ وڪيل هو. چاهيم ته اهو ڏينهن اچي جو هو ڪورٽ ۾ اچي منهنجي اڳيان ڪيس هلائي ۽ مون کي ميلارڊ (My Lord) ڪري پڪاري، جنهن ۾ مان پنهنجي اهم جي ترپتي محسوس ڪندس ۽ دياليءَ کي زندان مان ڇوٽڪارو ڏينديس. مان پنهنجي مقصد جي حاصلات لاءِ ايترو سرگردان هوس تنهن مقصد کي رسڻ واري منزل ئي مون کان غائب ٿي رهي هئي. ديالي پنهنجي مقصد کي رسڻ لاءِ پاڻ کي مٽائيندي ٿي وئي. هوءَ نگري بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي چڪي هئي ۽ سندس مائٽن ان ۾ پنهنجي اهم جي ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ جو يتن ڳوليو. حالتون گهڻو پري نڪري ويون… ۽ هڪ رات منهنجي منزل جو نشان مٽجي ويو….. ڪو سپنو هو جو صبح ٿيڻ سان الوپ ٿي ويو.
پوءِ منهنجي اهم جي ترپتيءَ جي ڪهڙي معنيٰ رهي؟ اهڙي ننڍڙي ڳالهه منهنجي لاءِ وڌيڪ وقت معنيٰ وڃائي ويٺي. مون قانون جي پڙهائي کي رد ڪري فيلسوفي ڏانهن ڌيان لڳايو. مون کي ان مان ئي سنتوش مليو. ايم. اي پاس ڪري بمبئي ۾ نوڪريءَ لاءِ ڪوشش ڪيم ۽ حڪم ملڻ تي ان شهر کي الوداع ڪري هليو آيس…..
ان رات واري واقعي منهنجي سنتوش کي لوڏي ڇڏيو آهي. اهو منهنجي لاءِ هڪ عجيب آزمودو هو. تنهنجي ۽ منهنجي حالت ذري گهٽ ساڳي آهي. فرق اهو آهي ته مون کان پريم کسجي ويو آهي، توکان کسيو ويو آهي. منهنجي فيلسوفاڻي رخ مون کي جذباتي سطح کان مٿي رکيو آهي. تون پنهنجي جذبات تي قابو پائي نه سگهي آهين، نه ته……………….. خير….
“تون مون سان شادي ڀلي نه ڪر؛ پر مون کي پيار ڪر.”
مان ڪجهه به سمجهي نه سگهيو آهيان. ڇا سچ پچ تو کي پيار جي ضرورت آهي؟ ته ان پيار جو مفهوم ڇا آهي؟ پيار ته توکي منوهر ڪيو آهي، جنهن واعدو ڪري توکان پيار کسي ورتو آهي. مان توکي پيار ڏيئي سگهان ٿو؟ مان پيو پاڻ کان پڇان ته توکي ڪهڙو پيار ڏيان. ڇا اهو جيڪو مون دياليءَ کي ڏنو ۽ جنهن جي موٽ به مونکي ملي؟ پر ان تي منهنجو ڪو حق آهي؟ تون مون کان پيار جي طلب ٿي ڪرين. ڇا تنهنجو پيار جسم جي ترپتي آهي؟ پر ان حالت ۾ توکي پيار جي نه پر شاديءَ جي ضرورت آهي. مان توکي پيار نه ڏيئي ڇا شادي ڪري نٿو سگهان؟
پر ان جي ته توکي طلب ڪانهي ۽ پيار ڇا ڪا گهرڻ جي وستو آهي؟ ڀلا پيار ۽ شاديءَ ۾ ڪهڙو سنٻنڌ آهي؟ شادي ڇا پيار جي ترپتيءَ جو هڪ ساڌن نه آهي؟ نه ته ڀلا ٻن انسانن جي پيار جو مطلب ڪهڙو؟ ته پوءِ اهو ڇا هو جو توکي کپندو هو؟ ۽ اهو ڇا آهي جو مان ڏئي سگهان ٿو يا ڏئي نه ٿو سگهان؟
هن ويل مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي. جيترو گهڻو ٿو سوچيان اوترو ڪوريئڙي واري ڄار ۾ ڦاسندو ٿو وڃان هن وقت منهنجي حالت هئلميٽ واري آهي. جنهن من جي ٻه چتائي ڪارڻ رڙ ڪري چيو هو: ٿيان يا نه ٿيان! (To be or not to be)
فقط گنو