تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ جي تاريخ (سهيڙيل تاريخ وار)

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌ جي تاريخ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ليکڪ فقير محمد سنڌيءَ پاران سنڌ جي تاريخ کي ترتيب وار سهيڙي ڇپرايو آهي.
فقير محمد سنڌي هن ڪتاب ۾ مهيني جي هر تاريخ جي ترتيب سان سنڌ جي شخصيتن جي جنم ۽ ورسين جي سال ۽ خاص واقعن کي مختصر نموني 365 ڏينهن ۾ سهيڙيو آهي. ان قسم جي ڪتاب جي سخت ضرورت هئي. سندس هي ترتيب ۽ تحقيق جو ڪم تعريف لائق آهي.
Title Cover of book سنڌ جي تاريخ (سهيڙيل تاريخ وار)

علم انسان جو تحت الشعور آهي

علم جو رتبو اعليٰ ترين رتبو آهي، انهيءَ مرتبي جو افضل و عميق ترين مظهر حضرت آدم عليہ السلام آهي ۽ سندس اولاد تڪوينيات جي سطح کان تحت الثريٰ جي معلومات کي تحت الشعور آڻڻ جي سعيي صريح ۽ ڪوشش و ڪاوش ڪندي، تمام تر اطلاعات و پيغامات کي الڳ علوم وفنون جو درجو عطا ڪيو آهي. هر علمي شعبو منفرد انسائيڪلو پيڊيا علمي خزانو آهي. اهڙن علمي خزانن مان سوانح عمري به معلوماتي علمي خزانو آهي، جيڪو ڪتابن ۽ دلين جو دلپذير دفينو آهي، جنهن کي تاريخ وار ترتيب ڏنو ويو آهي، اهڙي ترتيب وار تاريخي اقتباسات، مزيد علمي اضافات لاءِ ملاحظه فرمايو؛
(1) سنڌيءَ ۾ صرف ونحو (گرامر) تي پهرن ڪتاب 1850ع ۾ لکيو ويو.
(2) انگريزن 1851ع ۾ حڪم نامو جاري ڪيو ته انگريز آفيسر لازمي طور تي سنڌي پڙهن.
(3) سنڌ ۾ سنڌي ٻولي 1852ع ۾ فارسيءَ جي جاءِ ورتي.
(4) سنڌي ٻوليءَ جي هاڻوڪي رسم الخط 1853ع کان آهي.
(5) سنڌيءَ ۾ پهريون درسي ڪتاب 1853ع ۾ لکيو ويو.
(6) سنڌيءَ ۾ پهريون قصو 1854ع سن ۾ ڇپيو.
(7) سنڌيءَ ۾ مضمون نويسيءَ جي شروعات 1860ع ۾ ٿي.
(8) سنڌيءَ ۾ قانون تي پهريون ڪتاب 1863ع ۾ لکيو ويو.
(9) سنڌيءَ ۾ پهريون ناول 1868ع ۾ ڇپيو.
(10) سنڌ جو پهريون نقشو 1870ع ۾ شايع ٿيو.
(11) ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ 1872ع ۾ سنڌي گرامر لکيو.
(12) سيمور 1884ع ۾ سنڌي گرامر لکيو.
(13) ديوان نارائڻ جڳن ناٿ وسناڻي 1892ع ۾ سنڌي گرامر لکيو.
(14) ديوان ڏيارام وسومل مير چنداڻي 1904ع ۾ سنڌي گرامر لکيو.
(15) سنڌيءَ ۾ آتم ڪهاڻي جي شروعات 1946ع کان ٿي آهي.
انهيءَ طرز عمل تي پهريون ڀيرو فقير محمد سنڌي عمل پيرا آهي. اچو ته “پهريون“ هجڻ جي شرف حاصل ڪندڙ عامل و حامل کي شامل ڪريون، انهيءَ لاءِ اقتباسات جي معلومات پيش نظر رکجي ٿي؛
(1) سنڌي ادب جو پهريون دور سومرن جو دور کان آهي.
(2) سنڌي نثر جو پهريون قصو سسئي پنهون آهي.
(3) سنڌي نظم جو پهريون شاعر قاضي قاضن آهي.
(4) سنڌي ۾ ترائيل جو پهريون شاعر نارائڻ شيام آهي.
(5) سنڌيءَ ۾ غزل تي پهريون ڪتاب آخوند گل محمد جو آهي.
(6) سنڌيءَ جي پهرين درسي ڪتاب “سنڌي ٻاراڻو” ڪتاب آهي.
(7) سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون درسي ڪتاب ننديرام مير چنداڻي لکيو.
(8) سنڌيءَ ۾ پهريون صاحب ديوان شاعر آخوند گل محمد هو.
(9) سنڌيءَ ۾ لکيل پهرين اصلي آتم ڪهاڻي “سائو پن ۽ ڪارو پن“ آهي.
(10) سنڌ ۾ باقاعده تعليمي ادارا سڀ کان پهرين يونانين قائم ڪيا.
(11) شاهه جي رسالي جو پهريون انگريزيءَ ۾ ترجمو ڊاڪٽر سورلي ڪري ڇپايو.
(12) سنڌ جي ذوالفقار علي ڀٽو کي برطانيه جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ بين الاقوامي قانون جو پهريون ايشيائي استاد مقرر ڪيو ويو.
(13) سومرن جي دور جو پهريون شاعر پير صدر الدين شاهه هو.
(14) سومرن جي دور ۾ پهرين شاعري گنان صنف کان شروع ٿي.
(15) جديد سنڌي گيت جو پهريون شاعر صوفي نيڀراج آهي.
(16) ارغونن ۽ ترخانن جي دور جو پهريون سنڌي شاعر شاهه عنايت رضوي هو.
(17) لوگ (لوڪ) گيت تي پهريون ڪتاب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکيو.
(18) شاعريءَ جي صنف “هجو گوئي” جو پهريون مؤجد سيد ثابت علي شاهه هو.
(19) شاعريءَ ۾ مدح جي صنف جو پهريون مؤجد جمن چارڻ هو.
(20) سنڌي مرثيي جو پهريون بنياد سيد ثابت علي شاهه رکيو.
انهيءَ اميد سان ته اڳين ڪتابن جيان هن ڪتاب کي به قدر جي نگاهه سان ڏسجو.

جي. ايم “رئيساڻي” مدئجوي
عيدگاهه محلو مدئجي