تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ جي تاريخ (سهيڙيل تاريخ وار)

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌ جي تاريخ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ليکڪ فقير محمد سنڌيءَ پاران سنڌ جي تاريخ کي ترتيب وار سهيڙي ڇپرايو آهي.
فقير محمد سنڌي هن ڪتاب ۾ مهيني جي هر تاريخ جي ترتيب سان سنڌ جي شخصيتن جي جنم ۽ ورسين جي سال ۽ خاص واقعن کي مختصر نموني 365 ڏينهن ۾ سهيڙيو آهي. ان قسم جي ڪتاب جي سخت ضرورت هئي. سندس هي ترتيب ۽ تحقيق جو ڪم تعريف لائق آهي.
Title Cover of book سنڌ جي تاريخ (سهيڙيل تاريخ وار)

هي دؤر معلوماتي دؤر سڏجي ٿو

اڄ ڪلهه جو دؤر معلومات ۽ باخبر رهڻ جو دؤر آهي. هر باشعور فرد ٻين ماڻهن، پنهنجن علائقن، ملڪ توڙي پرڏيهه جي نت نين خبرن ۽ حالتن ۽ حقيقتن کان باخبر رهڻ جو خواهان رهي ٿو. اهڙي دؤر ۾ معلوماتي ڪالم توڙي ڪتاب وڏي اهميت رکن ٿا.
اسان جو دوست فقير محمد سنڌي، جنهن جو هي ڪارائتو ڪتاب هن وقت اوهان جي هٿن ۾ آهي اهو دوست مسلسل ان محنت ۽ سهيڙ ۾ رڌل رهندو آهي، سندس محنت ۽ خوبصورت ترتيب ۽ جاکوڙ جو ثمر هن ڪتاب جي صورت ۾ ظاهر ٿيو آهي.
مون سان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي فقير محمد سنڌي جڏهن به ملندو هو، اسان هڪ ٻئي کان ساڳيو ئي سوال پڇندا هئاسي. مان کانئوس ٻڌندو هوس ته فقير محمد اڄ ڪلهه ڪهڙي ڪم ۾ رڌل آهي ۽ هو مون کان پڇندو هو ته توهان اڄ ڪلهه ڇا پيا لکو. اهو سوال مان کانئس صرف ان لاءِ ڪندو رهندو هوس جو مونکي اها پڪ هوندي هئي ته فقير محمد سنڌي واندو ويهي ئي ڪونه ٿو سگهي.
مون کي اهو ٻڌي ڏاڍو افسوس ٿيندو آهي جڏهن ڪجهه اديب ۽ شاعر اهو چوندا آهن ته ”بابا سهيڙ يا ترتيب ڪو وڏو يا اهم ڪم ڪونهي“ اهڙن ليکڪن شايد سهيڙ يا ترتيب جو ڪم ڪڏهن ڪيو ئي ڪونه هوندو نه ته ان کي ضرور اهو اندازو ٿي وڃي ته اهو ڪم ڪيڏو ڏکيو، محنت طلب ۽ اهم ڪم آهي. اهڙن ڪتابن کي محنت ڪري فقير محمد سنڌيءَ جهڙي جاکوڙي نوجوان جو مرتب ڪيل هي ڪتاب “سنڌ جي تاريخ“ تمام گهڻي جاکوڙ کان پوءِ اسان جي هٿن تائين پهتو آهي جنهن لاءِ فقير محمد سنڌي کيرون لهڻي ٿو. هن ڪتاب مان اسان کي سوين هزارين شخصيتن جي جنم ۽ وفات جي ڏينهن جي باري ۾ معلومات ملي ٿي. هي ڪتاب عام پڙهندڙ ۽ عام معلومات سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن لاءِ ته اهم آهي ئي پر خاص ڪري ميڊيا سان تعلق رکندڙ دوستن لاءِ نهايت ڪارائتو ڪتاب آهي.
مان فقير محمد سنڌيءَ جي انهن ڏکاين کان واقف آهيان جيڪي کيس هن ڪتاب کي ترتيب ڏيڻ وقت آيون هونديون، ڇو ته مون به خود اهڙا ڪيترائي ڪتاب ترتيب ڏنا آهن، هي سندس قلمي پورهيو نهايت واکاڻ جوڳو عمل آهي. مان کيس دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪندي دعا ٿو ڪيان ته الله تعاليٰ کيس وڏي عمر عطا ڪري جيئن هي نوجوان ان ئي جذبي سان سنڌي ادب جي خدمت ڪندو رهي ۽ اهڙا معلوماتي ڪتاب آڻيندو رهي.

ڪوثر ٻرڙو
ڪنٽرولر پروگرام/ اسٽيشن ڊائريڪٽر
ريڊيو پاڪستان ڪراچي