سنڌ سلامت پاران
فقير محمد سنڌي هن ڪتاب ۾ مهيني جي هر تاريخ جي ترتيب سان سنڌ جي شخصيتن جي جنم ۽ ورسين جي سال ۽ خاص واقعن کي مختصر نموني 365 ڏينهن ۾ سهيڙيو آهي. ان قسم جي ڪتاب جي سخت ضرورت هئي. سندس هي ترتيب ۽ تحقيق جو ڪم تعريف لائق آهي. هاڻي به سنڌ سلامت فورم سندس تحقيق، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي ترتيب ۽ تحقيق سان گڏ مختلف ويب پيجز کي ملائي تاريخ جي دريءَ ۾ روزاني جي تاريخ وار نئين ترتيب سهيڙي پيش ڪري رهيو آهي.
هي ڪتاب قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون فقير محمد سنڌي صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com