تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ جي تاريخ (سهيڙيل تاريخ وار)

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌ جي تاريخ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ليکڪ فقير محمد سنڌيءَ پاران سنڌ جي تاريخ کي ترتيب وار سهيڙي ڇپرايو آهي.
فقير محمد سنڌي هن ڪتاب ۾ مهيني جي هر تاريخ جي ترتيب سان سنڌ جي شخصيتن جي جنم ۽ ورسين جي سال ۽ خاص واقعن کي مختصر نموني 365 ڏينهن ۾ سهيڙيو آهي. ان قسم جي ڪتاب جي سخت ضرورت هئي. سندس هي ترتيب ۽ تحقيق جو ڪم تعريف لائق آهي.
Title Cover of book سنڌ جي تاريخ (سهيڙيل تاريخ وار)

جون

• عيسوي سال جو ڇهون مهينو جون آهي. هن مهيني تي اهو نالو “جونو” (JUNO) نالي ديوي جي نالي تي رکيو ويو. جونو ديوي ديوتائن جي سردار “جيوپيٽر” جي ڌيءَ هئي. هن مهيني ۾ اتر اڌ گول ۾ انتهائي گرمي هوندي آهي. 21 جون تي اتر اڌ گول ۾ وڏي ۾ وڏو ڏينهن ٿيندو آهي، جڏهن ته وري ڏکڻ اڌ گول ۾ وڏي کان وڏي رات ٿيندي آهي. هن مهيني ۾ 30 ڏينهن ٿين ٿا.
• پهرين جون 1949ع تي مزاح نگار، ڪالم نويس گلاب هڪڙو (حيدر بخش هڪڙو) شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.
• پهرين جون 1974ع تي مجاهد حسين سولنگي ڳوٺ نهال خان سولنگي ۾ اک کولي ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.
• پهرين جون 1936ع تي سنڌي ادب جو ڀلوڙ نقاد قربان علي بگٽي ولد روحل خان بگٽي ڳوٺ گلاب خان بگٽي لڳ لاڙڪاڻو شهر ۾ جنم ورتو.
• پهرين جون 1959ع تي مشهور براڊڪا سسٽر ۽ ليکڪ الاهي بخش ٻانٻڻ ولد محبت خان ڳوٺ نير وارو تعلقي ٺري ميرواهه ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
• * پهرين جون 1897ع تي شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو ڳوٺ ٺٽي ضلعي دادو ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ سنڌ جو عظيم محقق، اديب، تاريخدان ۽ لسانيات جو ماهر هو.
----------------------
شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي جي جنم تاريخ 25 مارچ 1896ع به ملي ٿي.
• پهرين جون 1959ع تي سنڌ جو سڄاڻ اديب محمد پنهل ڏهر تعلقي ڏهرڪي ضلعي گهوٽڪي جي ڳوٺ خان محمد ڏهر ۾ جنم ورتو.
• پهرين جون 1968ع تي ليکڪ ۽ صحافي ممتاز بخاري گهوٽڪي ضلعي جي ڳوٺ جهانپور شريف ۾ جنم ورتو.
• 2 جون 1936ع تي ڀارت جو مشهور سنڌي اديب ۽ شاعر واسديو نرمل ڪراچيءَ سنڌ ۾ جنم ورتو.
• 2 جون 1912ع تي ناليواري اديب ۽ سياسي اڳواڻ خالد سنڌيءَ جو اصل نالو خالد حسين ولد جان محمد ٻگهيو ڪوٽڙي ضلعي دادوءَ ۾ جنم ٿيو.
• 2 جون 1960ع تي شاعر ۽ ڊرامه نگار ايوب گاد اصل نالو محمد ايوب ولد غلام حيدر گاد لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 2 جون 1971ع تي نوجوان شاعر ۽ مترجم منور سولنگي ولد روشن علي جي گهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 3 جون 1947ع تي قائد اعظم آل انڊيا ريڊيو تان پهرين ۽ آخري تقرير ڪئي.
• 3 جون 1953ع تي ڪليم لاشاري لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ ڪهاڻيڪار، مترجم، محقق اٿس.
• 3 جون 1903ع تي سماجي ورڪر اديب شاعر امرت راءِ “سام” ولد هشمت راءِ جسنگهاڻي قديم ڳوٺ طيب ابڙو تعلقي رتوديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 3 جون 1998ع تي محبتي ماڻهو، سگهڙن جو سرواڻ محمد ملوڪ عباسي 54 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
• 3 جون 1982ع تي سنڌ جو نالي وارو عالم ۽ اديب ڊاڪٽر عطا محمد حامي ڪينسر جي تڪليف سبب جناح اسپتال ڪراچي ۾ وفات ڪئي. پي ايڇ ڊي لاءِ لکيل مقالو خيرپور جي ميرن جو ادب سياست ۽ ثقافت ۾ حصو.
• 3 جون 1897ع تي بلند پايه عالم، سماجي ورڪر محمد عبدالهادي ڳوٺ راوت سر تعلقي ڇاڇري ۾ ڄائو.
• 3 جون 1939ع تي نثر نويس آغا شهاب الدين ولد آغا تاج محمد خان لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 4 جون 1942ع سفر نامه نويس، سگا جو باني، ڪهاڻيڪار ڊاڪٽر سليمان شيخ هالا ۾ پيدا ٿيو.
• 4 جون 1954ع تي اداڪار ۽ ليکڪ ارباب ڇڄڙو مولائي ولد محمد صديقي ڇڄڙو ڳوٺ مورچو تعلقي موري ضلعي نوشهروفيروز ۾ ڄائو.
• 5 جون 1953ع تي ڊاڪٽر نور افروز خواجه سيٺ احمد علي جي گهر حيدرآباد ۾ جنم ورتو. اديب سڃاڻپ، تنقيد ۽ تحقيق پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ ورهاگي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر.
• 5 جون 1985ع تي الطاف حسين سنڌ ۾ آباد مهاجرن جي نمائندهه سياسي پارٽي مهاجر قومي مومينٽ (ايم ڪيو ايم) جو بنياد رکيو.
• 5 جون 1916ع تي اديب ۽ شاعر هري رام درياڻي تخلص دلگير ولد گر ڏنو مل شهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 5 جون 1997ع تي عوامي شاعر گل حسن گوپانگ شاد قنبر ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
• 5 جون 1865ع تي پنهنجي وقت جو يگانو، نامور فقير فولاد شر ڳوٺ مينگهو فقير شر تعلقي ٺري ميرواهه ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
• 5 جون 1925ع تي بلند پايه صحافي، عالم ۽ اديب علي نواز وفائي سکر ۾ ڄائو.
• 6 جون 1938ع تي ڪافيءَ جو شاعر سيد ڪامل شاهه جهانيان جن جي ولادت باسعادت ٿي. سندس والد بزرگ جو نالو سيد هادي بخش جهانيان هو.
• 6 جون 1901ع تي ڪامريڊ علي محمد عباسي ولد وڏيرو حڪيم سعيد خان عباسي پنهنجي اباڻي ڳوٺ وليد ۾ پيدا ٿيو.
• 6 جون 1994ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ڀلوڙ شاعر اسحاق راهي گذاري ويو.
• 6 جون 1968ع تي سنڌ جو جاکوڙي ماڻهو ڊاڪٽر قاضي محمد سليمان وفات ڪئي.
• 6 جون 1948ع تي ناميارو شاعر، افسانه نگار ۽ صحافي هدايت بلوچ خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.
• 6 جون 1818ع تي پير محمد راشد روضي ڌڻي راهه رباني وٺي ويو.
• 6 جون 1985ع تي ڪالم نگار، نثر نويس ۽ سماجي ورڪر عبدالحفيظ ولد ڄام خان چانڊيو ادبي نالو، حفيظ زخمي چانڊيو، زخمي چانڊيي جي گهر جواب پور ضلع شڪارپور، تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ جنم ورتو.
• 7 جون 1989ع تي نوجوان ڪهاڻيڪار جمال ڪوريجو ولد محمد جڙيل ڪوريجي جي گهر ڳوٺ محمد بخش ڪوريجي ۾ اک کولي.
• 7 جون 1966ع تي سنڌ جو نالي وارو صحافي ۽ ايڊيٽر امين لغاري عرف غلام حيدر ولد ولي محمد لغاري تعلقي سنجهوري ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو.
• 7 جون 1858ع تي روهڙيءَ واري جنگ روهڙي کان ٻاهر امرڪس واهه جي ڪناري تي ميان عطر خان، ميان احمد يار خان ۽ ميان غلام شاهه جي وچ ۾ خونريز جنگ لڳي.
• 8 جون 1977ع تي مشهور عالم الدين ميان محمد نصيرالدين ميڪڻ وفات ڪئي.
• 8 جون 1966ع تي سنڌ زبان جو باڪمال شاعر ۽ اديب عزيز الله مجروح وفات ڪئي.
• 8 جون 1985ع تي صوفي سنت، محبتي ۽ مٺڙو ماڻهو مينهل فقير مهر سجدي جي حالت ۾ ڌڻي کي پيارو ٿيو.
• 9 جون 1930ع تي شاعر مير خير محمد ضياء خدابخش خان ٽالپر جو فرزند هو. هن فاني جهان کي الوداع چيو.
• 9 جون 1953ع تي مخدوم غلام حيدر صديقي قريشي درالبقا ڏي روانو ٿي ويو.
• 9 جون 2009ع تي شاعر ۽ اديب مختيار گهمرو وفات ڪئي.
• 9 جون 1939ع تي ناميارو صحافي حيات بلوچ ولد ميوو فقير چانڊيو، ٽنڊي آدم ويجهو ڳوٺ لاکڙا ۾ پيدا ٿيو.
• 9 جون 1915ع تي نامور اديب، صحافي، حڪيم علي حسن ڌاريجو ولد محمد عثمان ڳوٺ پير راڄن شاهه تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.
• 9 جون 1946ع تي ڀلوڙ شاعر شوق خانواڻيءَ جو اصل نالو محمد ياسين قاسمي تخلص شوق المعروف شوق خانواڻي انڊيا جي شهر ڪرنال پاڻي پٽ ۾ ڄائو.
• 10 جون 1926ع تي نياز حسين ولد فقير غلام سرور قادري لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ، شاعر، افساني نگار، ايڊيٽر ڪهاڻيڪار ۽ ترجمي نگار اٿس.
• 10 جون 1932ع تي خادم رفيقي مهيسر ڳوٺ رفيق مهيسر ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو پاڻ مشهور اديب، شاعر ۽ صحافي ٿي گذريو آهي.
• 10 جون 1967ع تي پنهنجي وقت جو يگانو انسان فقير فولاد شر وفات ڪئي.
• 10 جون 1971ع تي نوجوان شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڊرام نگار انعام عباسي اصل نالو انعام الله عباسي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 10 جون 1948ع تي ناميارو شاعر ۽ چترڪار هارون چنا، رستم، ضلعي شڪارپور لڳ ڳوٺ ٽنڊي علي شير ۾ ڄائو.
• 10 جون 1925ع تي نظم جو شاعر علي محمد خالدي ولد نهال خان لاشاري ٺٽي ۾ جنم ورتو.
• 10 جون 1953ع تي ناميارو ڪهاڻيڪار رسول بخش درس جهمپير، ضلعي ٺٽي ۾ محمد اسماعيل درس جي گهر ۾ پيدا ٿيو.
• 10 جون 1943ع تي موسيقار فيروز گل ولد رحيم بخش عرف راڻو خان شيخ واڊن جو پڙ، کاهي روڊ حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو.
• 11 جون 2011ع تي نالي وارو ڪهاڻيڪار ۽ اديب طارق عالم ابڙو، وفات ڪئي.
• 11 جون 1971ع تي ريڊيو ڪمپيئر ۽ آرٽسٽ جاويد احمد پٺاڻ عبدالرحمان جي گهر ڳوٺ ڇڄڙا ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
• 12 جون 1964ع تي ڪمپيئر ۽ استاد شرف الدين مغيري ولد حاجي پاکر خان مغيري جي گهر راڌو خان مغيري ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
• 13 جون 1974ع تي اڳوڻي پاڪستاني وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي پهريون ڀيرو ريڊيو تان قوم کي خطاب ڪيو.
• 13 جون 1939ع تي نهايت سٻاجهڙو شاعر عبدالحڪيم “ارشد” ولد حاجي يار محمد لکمير ڳوٺ لکمير نواب شاهه ۾ پيدا ٿيو.
• 13 جون 1924ع تي ڪهن مشق شاعر ۽ اديب نثار بزمي، اصل نالو قلندر بخش ولد محمد حسن خان جوڻيجو ڳوٺ مرزاپور، تعلقي گڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
• 13 جون 1920ع تي سنڌي موسيقي جو شهنشاهه راڳي استاد محمد ابراهيم ولد احمد ڪڇي گجرات جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ سلايا ۾ جنم ورتو.
• 13 جون 1908ع تي صحافي، اديب، ناول نويس محمد عثمان ڏيپلائي ولد حبيب الله ميمڻ شهر ڏيپلي ۾ جنم ورتو.
• 13 جون 1961ع تي شاعر جلال ڪوري ڳوٺ عالم پلي، تعلقي ۽ ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو.
• 14 جون 1746ع تي سنڌي نثر ۽ نظماڻي نثر جو لکندڙ آخوند عزيز الله ميمڻ، مٽيارين ۾ جنم ورتو.
• 15 جون 1895ع تي غلام احمد “نظامي” ولد حاجي محمد صديق ميمڻ، ڪراچي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ اديب، صحافي ۽ ناميارو قومي شاعر آهي.
• 15 جون 1925ع تي سنڌ جو نالي وارو صوفي بزرگ سخي قبول محمد (ثاني) وفات ڪئي سندس مزار سچل جي روضي ۾ اندر آهي.
• 15 جون 1943ع تي مشهور شاعر ۽ اديبه مريم مجيدي ڌيءَ محمد خان “مجيدي” جتوئي ميرنپور، تعلقي بٺوري ضلعي ٺٽي ۾ ڄائي.
• 15جون 1916ع تي جديد شاعريءَ جو برک شاعر هري دلگير پٽ گر ڏنو مل درياڻي لاڙڪاڻي شهر ۾ ڄائو.
• 15 جون 1961ع تي صوبائي وزير توقير فاطمه ڀٽو ڪراچي ۾ ڄائي.
• 15 جون 2011ع تي نئين ٽهيءَ جو جديد شاعر حسن درس حيدرآباد ۾ واڌو واهه وٽ حادثي ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
• 15 جون 1933ع تي شاعر هوتو سنڌو پياسي پليو لغاري نوابشاهه ۾ جنم ورتو.
• 15 جون 1962ع تي نالي وارو شاعر منٺار سولنگي ولد غلام مرتضيٰ سولنگي جنم ورتو.
• 16 جون 1943ع تي مشهور موسيقار راڳي ۽ ڪمپوزر فيروز گل ولد رحيم بخش شيخ حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.
• 16 جون 1959ع تي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ پنهل ساريو ولد موليٰ بخش ساريو باڊهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.
• 16 جون 1918ع تي ناليواري اديب ۽ تعليمدان حاجي رسول بخش ميمڻ حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
• 18 جون 1953ع تي قديم سنڌي تهذيب جو مجسمو مولانا محمد صادق کڏي واري وفات ڪئي.
• 19 جون 1958ع تي مزاحيه شاعر، شهمير خان شهمير چانڊيو هن فاني جهان کي الوداع ڪيو.
• 19 جون 1992ع تي سنڌي ادب جو برجستو ناءُ موهن ڪلپنا لوڪ پڌاريو.
• 19 جون 1980ع تي نالي وارو شاعر محمد احسن چنه دادو ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
• 19 جون 1931ع تي ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار شوپارواڻي اصل نالو حشمتراءِ اين پارواڻي دادوءَ ۾ ڄائو.
• 20 جون 1944ع تي مير محمد پيرزادو ولد رحمت الله پيرزادو ڳوٺ ٻلهڙيجي تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. اديب خدمتون، ناميارو شاعر ۽ اديب آهي.
• 20 جولاءِ 1961ع تي نوجوان شاعر محمد رمضان نول شهر موري ۾ جنم ورتو.
• 20 جون 1936ع تي سنڌيءَ ٻوليءَ جي مشهور شاعر، اديب ۽ ناٽڪ نويس شبير “ناز” چنا شڪارپور ۾ جنم ورتو.
• 20 جون 1950ع تي سرمد چانڊيو اصل نالو سونو خان چانڊيو، رئيس جمال خان چانڊيو تعلقي قنبر ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو، ادبي خدمتون، گيت جو شاعر، نقاد، استاد شاعر، ناول نگار ۽ محقق اٿس.
• 21 جون 1924ع تي هاڪارو ملهه پهلوان شير مير بحر ولد علي محمد مير بحر ڳوٺ موسو ديرو تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو.
• 21 جون 1953ع تي محترمه بينظير، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي گهر ڪراچي ۾ جنم ورتو. محترمه بينظير ڀٽو جو پيار جو نالو پنڪي رکيو.
• 21 جون 1918ع تي صاحب ديوان، عالم ۽ شاعر عبدالغفور مفتون همايوني وفات ڪئي. عبدالغفور مفتون همايوني 1844ع تي همايون شريف شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.
• 22 جون 1924ع تي سنڌ جو انتهائي محترم عالم غلام مصطفيٰ ولد حافظ محمود چانڊيو ڳوٺ ڀنڀو خان چانڊيو تعلقو ميروخان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
• 22 جون 1947ع تي مشهور عالم ۽ سماجي ڪارڪن سيد عبدالرحيم شاهه ڪراچي ۾ وفات ڪئي. مڪليءَ واري تاريخي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
• 22 جون 1971ع تي اعليٰ پاڻي جو عالم دين سيد علي اڪبر شاهه وفات ڪئي.
• 22 جون 1970ع تي مشهور گلوڪارہ حميرا چنا حيدرآباد ۾ ڄائي.
• 24 جون 1987ع تي سياسي اڳواڻ قاضي فضل الله لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وصيت مطابق کيس لاڙڪاڻي ۾ قائم شاهه بخاري قبرستان جي احاطي ۾ دفنايو ويو.
• 24 جون 2011ع تي ناليواري محقق شوڪت خواجائي وفات ڪئي. آخري آرام گاهه ستين جي آستان روهڙي لڳ قبرستان ۾ آهي.
• 25 جون 1922ع تي شاعر سائق بخاري جنم ورتو.
• 25 جون 1939ع تي سماجي اڳواڻ محمد طالب ڀرٽ پيدا ٿيو.
• 25 جون 1968ع تي ليکڪ غلام مصطفيٰ چنا (ڪي اين شاهه) ۾ جنم ورتو.
• 25 جون 1967ع تي شاعر حاجي عبدالله “واقف” (ٺارو شاهه) لاڏاڻو ڪري ويو.
• 25 جون 1954ع تي شاعر مهر عيسو فقير (صديق جي واند) وفات ڪئي.
• 25 جون 1912ع تي آخوند فضل لاڏاڻو ڪري ويو.
• 25 جون 1977ع تي محترم بينظير ڀٽو پنهنجي تعليم مڪمل ڪري واپس وطن آئي.
• 25 جون 1934ع تي مشهور شاعر ۽ اعليٰ پائي جي خطاط حافظ محمد هارون دلگير وفات ڪئي.
• 26 جون 1564ع تي نقشبندي سلسلي جو مشهور صوفي عالم مجدد الف ثاني پيدا ٿيو.
• 26 جون 1965ع تي ناليوارو صحافي خالد کوکر دادو تعلقي جي ڳوٺ باداڻيءَ ۾ پيدا ٿيو.
• 26 جون 1893ع تي شاعر ۽ اسڪالر سيد نجيع الله شاهه راشدي ولد سيد نور الحق راشدي ڳوٺ نور آباد لڳ وڳڻ وارهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 26 جون 1905ع تي ڀريا جورائيٽر چرنداس ٺاڪرداس پيدا ٿيو.
• 26 جون 1976ع تي شاعر امداد حيدر سولنگي پيدا ٿيو.
• 26 جون 1973ع تي شاعر محمد رمضان آزاد لاڏاڻو ڪري ويو.
• 26 جون 1985ع تي اسڪالر مولانا محمد قاسم پيرزادو لاڏاڻو ڪري ويو.
• 26 جون 2005ع تي جهڏي جو رائيٽر مجرم لغاري هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
• 26 جون 1927ع تي طنز و مزاح جي دنيا جو نهايت مقبول صحافي ۽ شاعر نور عباسي اصل نالو نور محمد نور ولد حاجي محمد هاشم عباسي ضلعي نوشهروفيروز جي شهر ڀرين ۾ جنم ورتو.
• 26 جون 1953ع تي ناليوارو شاعر ۽ ٻارن جو ليکڪ اقبال تنيو دادو ۾ پيدا ٿيو.
• 27 جون 1949ع تي خان محمد پنهور ولد محمد يعقوب پنهور ضلعي دادو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ آراضي ۾ پيدا ٿيو. سڃاڻپ صحافي، ماهر تعليم، ۽ سماجي خدمتگار.
• 28 جون 1972ع محترم ذوالفقار علي ڀٽي هندوستان جو دورو ڪيو.
• 28 جون 1977ع تي نوجوان ليکڪ، سماجي ورڪر ۽ مختلف اين جي اوزر جو سرگرم اڳواڻ ذوالفقار شاهه راڌڻ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.
• 29 جون 1965ع تي سريلو عوامي شاعر لالڻ چنو محمد ڳوٺ هاشم چنو ۾ پيدا ٿيو.
• 29 جون 1933ع تي خيرپور رياست جو آخري حڪمران مير علي مراد خان (ثاني) ولد مير فيض محمد خان (ثاني) ٽالپر انگلينڊ ۾ ڄائو.
• 29 جون 1947ع تي ٽيليويزن جو سنيئر پروڊيوسر بادل جمالي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ سنڌي ٻولي جي تخليقي ۽ منفرد ڪهاڻيڪار آهي.
• 29 جون 1939ع تي نسيم کرل اصل نسيم احمد کرل ولد حاجي عبدالڪريم کرل ڳوٺ کرل، تعلقي گمبٽ ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ مقاميت نگاري جو بهترين ڪهاڻيڪار آهي.
• 30 جون 1857ع تي قومي خدمتگار ڏيارام گدومل حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو.
• 30 جون 2004ع تي ويهين صدي جو سنڌي ڪهاڻيڪار جمال ابڙو لاڏاڻو ڪيو.

--------------------------
لاڙڪاڻي جو “ايڌي” حاجي انور علي کوکر 1942ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.

---------------------------
اسلم پبليڪيشن لاڙڪاڻو 1965ع ۾ ناليواري اديب ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي قائم ڪئي.