تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ جي تاريخ (سهيڙيل تاريخ وار)

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌ جي تاريخ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ليکڪ فقير محمد سنڌيءَ پاران سنڌ جي تاريخ کي ترتيب وار سهيڙي ڇپرايو آهي.
فقير محمد سنڌي هن ڪتاب ۾ مهيني جي هر تاريخ جي ترتيب سان سنڌ جي شخصيتن جي جنم ۽ ورسين جي سال ۽ خاص واقعن کي مختصر نموني 365 ڏينهن ۾ سهيڙيو آهي. ان قسم جي ڪتاب جي سخت ضرورت هئي. سندس هي ترتيب ۽ تحقيق جو ڪم تعريف لائق آهي.
Title Cover of book سنڌ جي تاريخ (سهيڙيل تاريخ وار)

نومبر

• عيسوي سال جو يارنهون مهينو نومبر آهي. هي مهينو نومبر، لاطيني زبان جي لفظ نووو (NOVEM) مان ورتل آهي. جنهن جي معنيٰ آهي نائون مهينو، يورپي ڪيلينڊر ۾ هن کي يارنهن نمبر تي رکيو ويو آهي رومي ڪلينڊر ۾ هن کي نائين نمبر تي رکيو ويو آهي. هن مهيني کي خوني مهينو به چوندا آهن. ڇاڪاڻ جو هن مهيني ۾ سخت سردي پوندي آهي. هن مهيني ۾ 30 ڏينهن ٿين ٿا.
• پهرين نومبر 1945ع تي عبدالقادر جوڻيجو ضلعي مٺي جي شهر جنهاڻ ۾ جنم ورتو. ادبي خدمتون ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس ۽ ڪالم نگار اٿس.
• پهرين نومبر 1975ع تي قادر الڪلام شاعر انجم هالائي اصل نالو آخوند حاجي عبدالرحمان ولد علي محمد ميمڻ وفات ڪئي.
• پهرين نومبر 1946ع تي سدا ملوڪ سگهڙ ۽ شاعر عبدالرحمان مهيسر ولد حافظ محمد صلاح مهيسر ڳوٺ رفيق مهيسر ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
• پهرين نومبر 1931ع تي الهه بخش شاهه بخاري ڳوٺ تنيا بقاشاهه تعلقي ڪنڊياري ۾ جنم ورتو. سڃاڻپ، استاد ۽ ريڊيو پاڪستان تي پروڊيوسر اٿس.
• پهرين نومبر 1946ع تي ناميارو ليکڪ ۽ ترجمي نگار عبدالرحمان جتوئي ولد عبدالله جتوئي ڳوٺ شير علي جتوئي تعلقي خانپور ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.
• پهرين نومبر 1977ع تي نديم سنديلو ولد قربان علي سنديلو تعقلي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ حڪيم سنديلي ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ شاعر، ايڊيٽر ۽ ترجمي نگار آهي.
• 2 نومبر 1857ع تي پير تراب علي شاهه راشدي لاڙڪاڻي جي تعلقي قنبر جي ڳوٺ علي خان راشدي ۾ جنم ورتو.
• 2 نومبر 1939ع تي ڀڳت ڪنور رام کي پير ڀرچونڊيءَ جي هڪ مريد جان محمد جلباڻي رڪ اسٽيشن تي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو.
• 2 نومبر 1949ع تي ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس ۽ ڪالم نگار آغا رفيق شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.
• 2 نومبر 1964ع تي نوجوان شاعر علي دوست عاجز فريد آباد، دادو ۾ جنم ورتو.
• 3 نومبر 1873ع تي ديني عالم حامد الله حضوري هن فاني جهان کي الوداع ڪيو سندس آخري آرام گاهه ميروخان ۾ آهي.
• 3 نومبر 1984ع تي ماسٽر چندر لاڏاڻو ڪري ويو.
• 3 نومبر 1893ع تي عالم، اديب، شاعر ۽ صحافي عبدالخالق “خليق مورائي” ولد قاضي نبي بخش سومرو موري شهر ۾ پيدا ٿيو.
• 3 نومبر 1908ع تي قاضي فيض محمد ولد قاضي نبي بخش هالاڻي ضلعي نوشهروفيروز ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ، سياستدان، ماهر وڪيل ۽ اديب شاعر ٿي گذريو آهي.
• 3 نومبر 1957ع تي ڊاڪٽر اسد جمال پلي ڳوٺ حاجي بخش پلي عمرڪوٽ ۾ ڄائو، ادبي سڃاڻپ، سنڌ جو ناميارو عالم ۽ اديب اٿس.
• 3 نومبر 1921ع تي شاعر ۽ ليکڪ ڀڳوان کلناڻي “ساقي” ضلعي نوابشاهه ۾ ڄائو.
• 3 نومبر 1950ع تي اڳوڻو ايم.پي.اي ۽ چانڊيا قبيلي جو سردار نواب شبير احمد ولد احمد سلطان چانڊيو ڳوٺ غيبي خان چانڊيي، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو.
• 4 نومبر 1991ع تي قادرالڪلام شاعر عبدالڪريم پلي لاڏاڻو ڪيو.
• 4 نومبر 1874ع تي خيرپور رياست جو ناميارو وزيراعظم خان بهادر محمد ابراهيم ولد محمد اسماعيل شيخ جنم ورتو.
• 4 نومبر 1994ع تي (گويو) استاد فدا حسين خان اصل نالو خدا بخش هو. پاڻ 52 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائون.
• 5 نومبر 1919ع تي ليکڪ ارجن سڪايل موري ڀرسان سڌو جا ۾ جنم ورتو.
• 5 نومبر 1961ع تي شاعر، صحافي، سماجي اڳواڻ ۽ انقلابي تنظيم هاري ڪاميٽي جو قائد ڪامريد علي محمد عباسي وفات ڪئي.
• 5 نومبر 1929ع تي سنڌ جو نالي وارو عالم مولانا تاج محمد امروٽي پنهنجي زندگيءَ کي الوداع چئي مالڪي حقيقي سان مليو.
• 5 نومبر 1933ع تي غلام رباني آگرو ولد عبداللطيف آگرو ڳوٺ محمد خان آگرو تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهرو فيروز ۾ ڄائو. ادبي سڃاڻپ برک اديب، دانشور ممتاز ڪهاڻيڪار آهي.
• 5 نومبر 2009ع تي نالي واري شاعر احمد خان آصف مصراڻيءَ وفات ڪئي.
----------------------------------------------------
طالب الموليٰ جي جنم جي تاريخ 3 نومبر به ملي ٿي.

• 6 نومبر 1996ع تي ڏهيسر ممتاز علي ڀٽي کي سنڌ جو نگران وزيراعليٰ مقرر ڪيو ويو.
• 6 نومبر 1955ع تي نامياري اديب، ايس جي ڀاڳيا جو اصل نالو سڌام چند گوڪل مل ڀاڳي پني عاقل ۾ جنم ورتو.
• 6 نومبر 1953ع تي ناميارو ليکڪ بشير هيسباڻي ڳوٺ نور الله هيسباڻي، تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو.
• 6 نومبر 1969ع تي شاعر مدهوش ڀٽو تعلقي رتيديري جي ڳوٺ بنگل ديري ۾ عبدالرحمان ڀٽي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. چٺيءَ جو نالو الطاف حسين اٿس.
• 7 نومبر 1927ع تي سنڌ جو نالي وارو ليکڪ ڪرشن کٽواڻي (ڪرشن عيد نداس کٽواڻي) ٺارو شاهه ضلعو نوشهرو فيروز ۾ جنم ورتو.
• 7 نومبر 1930ع تي نقاد ۽ ماهر لسانيات ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ سنڌي ٻولي ۾ لفظن جي بناوت.
• 7 نومبر 1930ع تي لسانيات جي نامياري ماهر، محقق ۽ عالم پروفيسر ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو جنم ڪشنچند جيٽلي جي گهر ۾، حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو.
• 8 نومبر 1936ع تي سنڌ جو نالي وارو ڪهاڻيڪار، ڊرامانويس ۽ ڪالم نگار امر جليل (قاضي عبدالجليل) روهڙي شهر ۾ جنم ورتو.
• 8 نومبر 1912ع تي مشهور تاريخدان، اديب ۽ اهل قلم رائچند هريجن ٿر جي تعلقي ڇاڇري جي ننڍڙي شهر چيلهار ۾ جنم ورتو.
• 8 نومبر 1960ع تي شاعرن جو سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه هالن ۾ شاهه حبيب جي گهر جنم ورتو.
• 8 نومبر 1995ع تي سنڌ جي گهڻ پاسائو شخصيت م ن معزون وفات ڪئي.
• 8 نومبر 1994ع تي سياستدان ۽ سماجي ورڪر سيد نظر شاهه پنهنجي اباڻي ڳوٺ خير شاهه ۾ وفات ڪئي.
• 8 نومبر 1965ع تي شاعر، ترجمي نگار ۽ محقق پريتم پياسي ڳوٺ نور محمد پلي تعلقي عمر ڪوٽ ۾ ڄائو.
• 8 نومبر 1921ع تي سيد شاهه مردان شاهه اول “ڪوٽ ڌڻي” پنجون پيرپاڳارو وفات ڪئي.
• 8 نومبر 1972ع تي سنڌي فلم بادل رليز ٿي هن فلم جو هدايتڪار غلام حيدر صديقي فلمساز اسماعيل ميمڻ ۽ موسيقار امداد حسين هو.
• 08 نومبر 1868ع تي نوجوان ٽهيءَ جو نمائندو شاعر سعيد ميمڻ ڳوٺ عاقل، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 9 نومبر 1971ع تي مهان ڪهاڻيڪار حفيظ شيخ انتقال ڪري ويو.
• 9 نومبر1952ع تي قومپرست، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ عبدالخالق جوڻيجو ڳوٺ قاضي دڙي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 9 نومبر 1973ع تي (فلم) “جيجل ماءُ” مشهور هدايتڪار اي. ايڇ صديقي، موسيقار غلام علي ۽ پروڊيوسر به اي ايڇ صديقي جنهن رليز ڪئي.
• 10 نومبر 1940ع تي شاعر ۽ سماجي ورڪر ميان علي محمد قادري لاڏاڻو ڪري ويو. علي محمد قادري 1856ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 10 نومبر 1931ع تي سنڌي افساني ادب جو سٺو ليکڪ حفيظ شيخ ولد عبدالرسول شيخ گمبٽ ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
• 10 نومبر 1980ع تي جڳ مشهور ماهر الغوزي نواز مصري خان جمالي انتقال ڪيو.
• 10 نومبر 1918ع تي سيد حاجي محمد شاهه انتقال ڪيو پاڻ نالي وارو شاعر هو.
• 11 نومبر 1920ع تي دانشور، صحافي ۽ اديب علي احمد بروهي ولد ڪريم بخش بروهي تعلقي اوٻاڙي جي ڳوٺ کنڀڙا ۾ ڄائو.
• 11 نومبر 1945ع تي قاضي خادم ولد محمد لائق قريشي ڳوٺ الهداد چنڊ ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ؛ مشهور اديب ۽ ليکڪ آهي.
• 11 نومبر 1960ع تي ناميارو ڪهاڻيڪار، ڊرامه نويس مضمون نگار، ريڊيو ڪمپيئر ماڪن شاهه رضوي ولد جيئرو شاهه رضوي شهر جُهدي ضلعي ميرپورخاص ۾ ڄائو.
• 11 نومبر 1957ع تي راڳي امير حسن صدر ڪراچي ۾ جنم ورتو.
• 12 نومبر 1959ع تي لاڙڪاڻي جو نمائندو شاعر پنهنجي دور جو عڪس ۽ آئينو نواز علي نياز لاڏاڻو ڪري ويو.
• 12 نومبر 1918ع تي شاعر سليم هالائي هالانوان ۾ جنم ورتو.
• 13 نومبر 1719ع تي ميان نور محمد ڪلهوڙو مسند نشين ٿيو.
• 13 نومبر 1954ع تي ممتاز عالم الدين عمر الدين چنو وفات ڪئي.
• 13 نومبر 1987ع تي نعتيه گو شاعر ۽ ليکڪ مولانا محمد شاهه امروٽي سول اسپتال سکر ۾ وفات ڪئي.
• 14 نومبر 1944ع تي سفر نامن جي بادشاهه الطاف شيخ ولد گل محمد شيخ هالا نوان ۾ جنم ورتو.
• 15 نومبر 1956ع تي آزاد قاضي لاڙڪاڻي جي شهر ڏوڪري ۾ جنم ورتو اصل نالو عبدالواحد قاضي ادبي سڃاڻپ محقق، مترجم ۽ مرتب اٿس.
• 15 نومبر 1974ع تي نوجوان اسڪالر، ليکڪا ۽ ڪالم نگار انيتا شاهه حيدرآباد ۾ ڄائي.
• 15 نومبر 1965ع تي نئين ٽهي جو نوجوان نثر نگار، شاعر ۽ عوامي تحريڪ جو سرواڻ اياز لطيف پليجو ولد رسول بخش پليجو حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 15 نومبر 1965ع تي مشهور شاعر بدرشاهه اصل نالو بدرالدين شاهه ڳوٺ وڪيي سانگي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
• 15 نومبر 1962ع تي ڪاتب، ليکڪ ۽ شاعر فقير فيض محمد سڪندري ولد حمزو پتافي ڳوٺ بهاول خان پتافي، تعلقي ڏهرڪي ضلعي گهوٽڪي ۾ ڄائو.
• 16 نومبر 1963ع تي وسيم سومرو اصل نالو محمد خان ٽنڊو آدم ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ شاعر ۽ مضمون نگار اٿس.
• 16 نومبر 1963ع تي انجمن ساز شخصيت سيد ميران محمد شاهه “ٻيو” وفات ڪئي آخري آرام گاهه ٽکڙ ۾ اٿس.
• 17 نومبر 1938ع تي لڇمڻ ڀنڀاڻي نوابشاهه ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ ڀارت جو مشهور مضمون نگار، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ صحافي آهي. پاڻ ورهاڱي کانپوءِ جئپور لڏي ويو.
• 17 نومبر 1956ع تي سنڌ ڌرتي جو خوبصورت شاعر شيرل بيوس باڊاهي پنهنجي ڦوهه جواني ۾ لاڏاڻو ڪيو. هو باڊهه شهر جو رهاڪو هو.
• 18 نومبر 1886ع تي سنڌي سياستدان سر شاهنواز ڀٽو پيدا ٿيو.
• 18 نومبر 1982ع تي قادر الڪلام شاعر ڊاڪٽر ابراهيم خليل حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪيو.
• 18 نومبر 1965ع تي نوجوان شاعر ۽ اديب خليل عارف سومرو سنڌ جي ناليواري شاعر احمد خان مدهوش جو فرزند آهي. سندس پورو نالو خليل حسين ڪاڇي جي شهر جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو.
• 18 نومبر 1968ع تي نالي وارو شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر عزيز منگي اصل نالو عبدالعزيز منگي ولد هدايت الله منگي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ بگي ۾ جنم ورتو.
• 18 نومبر 1968ع تي نوجوان ٽهيءَ جو نمائندو شاعر سعيد ميمڻ ڳوٺ عاقل، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 19 نومبر 1957ع تي سرشاهنواز ڀٽي هن فاني جهان کي هميشه لاءِ الوداع ڪيو.
• 19 نومبر 1897ع تي مشهور شاعر ۽ نثر نويس ليکراج ڪشنچند عزيز حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
• 20 نومبر 1951ع تي رومانوي شاعر عبدالغفار تبسم ميرپور ڀٽو تعلقو نئون ديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 20 نومبر 1912ع تي کپري جي علمي ادارن جو باني ۽ تعليمي اڳواڻ مولوي محمد حسن پهوڙ ڳوٺ جهنڊي مري تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ پيدا ٿيو.
• 20 نومبر 1989ع تي ٻارن جو عالمي ڏينهن طور گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي قرارداد منظور ڪئي ٻارن جي حقن جي عالمي پڌرنامو جاري ڪيو.
• 20 نومبر 1911ع تي ناول نگار، ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس مضمون نگار، شاعر، گلوڪار ۽ اداڪار پروفيسر رام پنجواڻي پورو نالو رام پرتا براءِ پنجواڻي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 20 نومبر 1958ع تي خاموش طبع، شاعر محمد صديق ميمڻ لاڏاڻو ڪيو.
• 20 نومبر 1920ع تي پروفيسر الياس ابڙو ولد محمد رمضان ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ سنڌ يونيورسٽي جو اڳوڻو وائيس چانسلر رهيو آهي.
• 20 نومبر 1967ع تي سنڌي ٻوليءَ جو اهم شاعر نظر سنڌي وفات ڪئي.
• 20 نومبر 1941ع تي آبپاشي جو ماهر ادريس راجپوت ولد ديندار خان راجپوت ڀارت جي ضلعي گڙ گائون جي هڪ ڳوٺ نُوهه ۾ پيدا ٿيو. هن وقت ڪراچي ۾ رهي پيو.
• 21 نومبر 1932ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب ڪلياڻ آڏواڻي پٽ جئه رامداس آڏواڻي حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 21 نومبر 1965ع تي نئين ٽهيءَ جو نوجوان شاعر علي محمد درد سولنگي، ولد مير محمد سولنگي ڳوٺ قاضي پير محمد ڦلجي اسٽيشن، تعلقي ۽ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو.
• 21 نومبر 1965ع تي سنڌ جو جاکوڙي ۽ پبلشر استاد لغاريءَ جو اصل نالو لقمان ولد محمد عالم ڳوٺ مولوي خير محمد احمداڻي ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو.
• 21 نومبر 1926ع تي شاعر قطب علي “قلب” ڳوٺ تلهار ٽنڊو باگو ۾ پيدا ٿيو.
• 22 نومبر 1958ع تي شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي وفات ڪئي. آخري آرام گاهه ڀٽائي جي درگاهه تي آهي.
• 22 نومبر 1948ع تي لاڙڪاڻي جو اهم قابل فخر سپوت شهزادو شيخ باقراڻي شهر ۾ جنم ورتو.
• 22 نومبر 1965ع تي علمي ۽ ادبي دنيا جو جوهر، پروفيسر احسان بدوي ڪراچي ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ وفات ڪئي. آخري آرام گاهه شڪارپور ۾ اٿس.
• 22 نومبر 1933ع تي سنڌ جو بلند پايه شاعر، اديب، خطيب ۽ صحافي رحيم بخش “قمر” لاکو ولد محمد عيسيٰ لاکو ڳوٺ عمر راهو تعلقي دولت پور صفن ضلعي نوابشاهه ۾ جنم ورتو.
• 22 نومبر 1933ع تي مشهور صوفي شاعر مل محمود پلي وفات ڪئي.
• 22 نومبر 1930ع تي ناول نگار ڪهاڻيڪار ۽ شاعر موهن ڪلپنا، جو اصل نالو موهن بولچند لال هو. پاڻ ڪوٽڙي ۾ جنم ورتائين.
• 22 نومبر 1964ع تي استاد، اديب ۽ تحقيق نگار الطاف جوکيو محرابپور تعلقي ڪنڊياري ۾ جنم ورتو.
• 22 نومبر 1950ع تي سنڌي زبان جي خوبصورت ليکڪا، ڪهاڻيڪار ۽ شاعره اندرا شبنم ڪراچي ۾ جنم ورتو.
• 22 نومبر 1842ع تي (ٽيون پير پاڳارو) سيد حزب الله شاهه “تخت ڌڻي” ولد پير علي گوهر شاهه جو جنم ٿيو.
• 22 نومبر 1928ع تي سيد شاهه مردان شاهه ثانيءَ ڇٽ ڌڻي (ستون پير پاڳارو) ولد پير سيد صبغت الله شاهه آهي. سندس عرفي نالو سيد سڪندر علي شاهه اٿس.
• 23 نومبر 1974ع تي سياسي اڳواڻ حميره علواڻي ڌيءَ حيدر علي خواجه حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
• 24 نومبر 1934ع تي سنڌ جو بيباڪ صحافي، شاعر ۽ اديب مولوي نور محمد نظاماڻي لاڏاڻو ڪري ويو.
• 24 نومبر 1977ع تي سنڌي ادب جو ڀلوڙ انسان محبوب علي چنه مڪي شريف جي متبرڪ شهر ۾ وصال ڪيو ۽ اُتي ئي دفن ٿيل آهي.
• 24 نومبر 1952ع تي استاد شاعر ۽ مصور محمد بخش واصف وفات ڪئي.
• 25 نومبر 1999ع تي سنڌ جي نالي واري شاعر تنوير عباسي هن فاني جهان کي الوداع چيو آخري آرام گاهه اسلام آباد ۾ اٿس.
• 25 نومبر 1879ع تي ٿانور داس ليلا رام وسواڻي حيدرآباد ۾ ڄائو. سڃاڻپ ادبي؛ اديب، عالم ۽ فلسفي هو.
• 25 نومبر 1996ع تي مشهور اديب، شاعر خادم رفيقي مهيسر لاڏاڻو ڪري ويو.
• 25 نومبر 1968ع تي اسد عباسي ولد حاجي الهداد عباسي موري لڳ ڳوٺ علي بخش ڪلهوڙي ۾ جنم ورتو. سڃاڻپ؛- ايڊيٽر ۽ سماجي ورڪر اٿس.
• 25 نومبر 1945ع تي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري خاتون ليکڪا ثريا سوز ڏيپلائي اصل نالو ثريا نسيم قاضي، محمد عثمان جي گهر ۾ جنم ورتو.
• 25 نومبر 1943ع تي انجمن آفتاب ادب دادو جو بنياد وڌو ويو. حافظ محمد احسن چنا، ماستر جمع خان غريب، امام الدين ضامن جي ڪوشش سان انجمن عمل ۾ آئي.
• 25 نومبر 1942ع تي شاعر عبدالغفور “عابد” اصل نالو عبدالغفور ولد مولوي عبدالله جوڻيجو ڳوٺ مير حسن نظاماڻي، بدين ۾ جنم ورتو.
• 25 نومبر 1944ع تي سنڌي ٻوليءَ جي ممتاز ليکڪا ۽ سنڌي عورت صحافي زيڊ. اي شيخ جو پورو نالو زيب النساءِ شيخ هو. سندس جنم حيدرآباد جي علائقي ٽنڊي آغا ۾ ٿيو.
• 26 نومبر 1935ع تي ڊاڪٽر پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو ڳوٺ پير فتح شاهه تعلقو ۽ ضلعو بدين ۾ جنم ورتو. تخلص شام ڪتب آڻيندو هو. ادبي سڃاڻپ محقق، نقاد، شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ماهر لسانيات ۽ ماهر تعليم هئس. پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ سنڌي شاعريءَ تي فارسي جو اثر.
• 26 نومبر 1993ع تي اديب، شاعر، ۽ صحافي رحيم بخش “قمر” لاکو وفات ڪئي.
• 26 نومبر 2000ع تي نعت گو شاعر غلام نبي مهيسر وفات ڪئي غلام نبي مهيسر جي جنم ڀومي ميهڙ شهر آهي. جتي 1939ع تي ڳوٺ ڀاڳي تيوڻي ۾ هن جو جنم ٿيو.
• 26 نومبر 1954ع تي سنڌ جو سخي مرد نواب غيبي خان چانڊيو، اصل نالو نواب علي نواز خان وفات ڪئي.
• 26 نومبر 1939ع تي سنڌ جو عوامي شاعر مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ ولد سيد امام الله شاهه ٽنڊي الهيار ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 26 نومبر 1919ع تي مشهور اداڪار، هدايتڪار، گائڪ ۽ شاعر ڌرم ڪمار تولاڻي ٽنڊي آدم سنڌ ۾ جنم ورتو.
• 27 نومبر 1961ع تي محمود مغل (محمود الحسن مغل) سيوهڻ شريف شهر ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ ڊراما نگار، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس اٿس.
• 27 نومبر 1872ع تي قوم جو سچو هڏڏوکي سر عبدالله هارون ولد محمد هارون ميمڻ ڪراچي جي ڪڇي ميمڻ پاڙي ۾ ڄائو.
• 27 نومبر 1975ع تي اديب ۽ شاعر زبير سومرو ولد عبدالمجيد سومرو سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور ۾ جنم ورتو.
• 29 نومبر 1933ع تي موجوده دور جو مشهور سياسي اڳواڻ ممتاز علي ڀٽو ولد نواب نبي بخش خان ڀٽو ڳوٺ سردار پير بخش خان ڀٽو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ممتاز علي ڀٽو “ڏهيسر سنڌ” جي لقب سان پڻ سڃاتو ويندو آهي.
• 29 نومبر 1939ع تي لوڪ ثقافت ۽ موسيقي جو پارکو ممتاز مرزا اصل نانءُ توسل حسين هو، ٽنڊو آغا حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 30 نومبر 1929ع تي سنڌي ادب ۽ صحافت جي دنيا جو نامور انسان هري موٽواڻي تخلص سنڌي ولد شيوا رام موٽواڻي لاڙڪاڻي محلي نوان تڪ ۾ پيدا ٿيو.
• 30 نومبر 1868ع تي مشهور قومي ڪارڪن، اديب شاعر ۽ عالم اسد الله شاهه “فدا” ولد سيد الهه بخش شاهه ٽکڙائي ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 30 نومبر 1967ع تي ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان پيپلز پارٽي نالي سياسي پارٽيءَ جو بنياد پنجاب جي شهر لاهور ۾ وڌو ۽ چيئرمين جي حيثيت سان پاڻ پارٽي جو ڪردار پيش ڪرڻ لڳو.
• 30 نومبر 2003ع تي اديب، شاعر ۽ صحافي علي احمد بروهي لاڏاڻو ڪيو.
• 30 نومبر 1963ع تي سنڌي ٻوليءَ جو اديب ۽ ڪهاڻيڪار اڪبر لغاري تعلقي هالا جي ڳوٺ ٽالي خان لغاري لڳ ڀاڻوٺ ۾ ڄائو.

---------------------------------------------------------------------
پهرين سنڌي اخبار؛ سنڌ ۾ اخبار نويسي جي شروعات انگريزي اخبار ڪراچي ايڊورٽائيزر سان 1844ع ۾ ٿي جيڪا ڪراچيءَ مان هر سومر ۽ خميس تي شام جو باقاعدي نڪرندي هئي.