تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ جي تاريخ (سهيڙيل تاريخ وار)

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌ جي تاريخ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ليکڪ فقير محمد سنڌيءَ پاران سنڌ جي تاريخ کي ترتيب وار سهيڙي ڇپرايو آهي.
فقير محمد سنڌي هن ڪتاب ۾ مهيني جي هر تاريخ جي ترتيب سان سنڌ جي شخصيتن جي جنم ۽ ورسين جي سال ۽ خاص واقعن کي مختصر نموني 365 ڏينهن ۾ سهيڙيو آهي. ان قسم جي ڪتاب جي سخت ضرورت هئي. سندس هي ترتيب ۽ تحقيق جو ڪم تعريف لائق آهي.
Title Cover of book سنڌ جي تاريخ (سهيڙيل تاريخ وار)

جنوري

• عيسوي سال جو پهريون مهينو جنوري آهي. هن مهيني تي اهو نالو رومين جي هڪ ديوتا “جينس” (JANUS) جي نالي تان رکيو ويو آهي هي جنگ جو ديوتا هو، جيڪو هڪ ئي وقت، اڳيان ۽ پويان ڏسي سگهندو هو، رومين جو خيال هو ته هن ديوتا وانگر هو به پنهنجي ماضي ۽ حال جو جائزو وٺي سگهن ٿا. جنهن سبب هنن هن مهيني جو نالو جنوري رکيو.
• پهرين جنوري 1925ع تي سنڌ جي قابل احترام شخصيت اسلامي سياست جو قائد مولانا جان محمد عباسي ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو تعلقي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
• پهرين جنوري 1921ع تي ادب دوست شخصيت عبدالغفور ولد عبدالجليل ڀرڳڙي ڳوٺ غلام نبي ڀرڳڙي ۾ جنم ورتو.
• پهرين جنوري 1952ع تي سنڌو ماٿري جي قديم تهذيب رکندڙ سماٽ قبيلي ۾ عبدالستار ڏيرو ولد غلام حيدر ڏيرو والد جي نالي تي قائم ڳوٺ غلام حيدر ڏيرو تعلقي قنبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
• پهرين جنوري 1954ع تي ٻوليءَ جو ماهر ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو ولد مراد علي ٻگهيو باڊهه تعلقي ڏوڪري ۾ جنم ورتو.
• پهرين جنوري 1946ع تي اسٽيج فنڪار استاد قلندر بخش ڪلو ولد دوست محمد سيال لاڙڪاڻي شهر ۾ جنم ورتو.
• پهرين جنوري 1969ع تي نئين ٽهيءَ جو ليکڪ ۽ اديب دين محمد ڪلهوڙو ولد محمد پناهه تعلقي قنبر جي ڳوٺ ڀاوند لاکا ۾ ڄائو.
• پهرين جنوري 1974ع تي قومپرست اڳواڻ ذوالفقار ڪولاچي لاڙڪاڻي ضلعي جي شهر باڊهه ڀرسان سيهڙ اسٽيشن ڳوٺ ۾ الهڏني ڪولاچيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.
• پهرين جنوري 1949ع تي (فنڪار) استاد انور علي سانگي ولد اسد الله سانگي ڳوٺ سانگي تعلقي ميهڙ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو.
• پهرين جنوري 1971ع تي نالي وارو راڳي الطاف سمون ولد ارباب علي سمون شهدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو.
• پهرين جنوري 1915ع تي تاج بانو براهوئي ڳوٺ دين پور شريف تعلقي ۽ ضلعي شڪارپور ۾ علامه حاجي براهوئي دينپوري جي گهر ۾ جنم ورتو.
• پهرين جنوري 1978ع تي ناليواري شاعر پياسي نظر چانڊيي جو جنم خيرپور ناٿن شاهه ضلعي دادو ۾ ٿيو.
• پهرين جنوري 1936ع تي نالي وارو شاعر گل حسن گل ٻرڙو، ولد محمد صالح ٻرڙو ڳوٺ بگودڙو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• پهرين جنوري 1957ع تي ڊاڪٽر قربان علي جهتيال ڦلجي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ؛ شاعر، ڪالم نگار، لسنر ۽ ليکڪ اٿس.
• پهرين جنوري 1964ع تي شاعر احمد سلطان کوسو لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• پهرين جنوري 1960ع تي شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر ڪامل امداد جتوئي، قادر بخش جتوئي جي گهر ڳوٺ ستار ڏنو سانگي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• پهرين جنوري 1932ع تي شاعر منير سولنگي جنم ورتو.
• پهرين جنوري 1964ع تي قومي شاعر زاهد شيخ اصل نالو حاڪم علي ولد گل محمد شيخ جي گهر ڳوٺ شاهه لڌاڻي ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
• پهرين جنوري 1943ع تي شاعر سالڪ سولنگي اصل نالو محمد بخش ولد رسول بخش سولنگي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• پهرين جنوري 1967ع تي شاعره ناياب سرڪش سنڌي سرڪش سنڌي جي گهر ۾ جنم ورتو.
• پهرين جنوري 1983ع تي نوجوان شاعر خالد ساحل (خالد حسين) ڳوٺ مقيم ڏاهري ۾ جنم ورتو.
• پهرين جنوري 1968ع تي شاعر علي حسن ولد عبدالقادر منگي ماٿيلو مومل جي ماڙي گهوٽڪي ۾ جنم ورتو.
• پهرين جنوري 1978ع تي نوجوان شاعر وفا حاڪم وساڻ ولد مستي خان وساڻ ڳوٺ نواب وساڻ ۾ جنم ورتو.
• پهرين جنوري 1978ع تي نوجوان شاعر ملهار سنڌي اصل نالو محمد ڇٽل ولد دودا خان بوزدار رتوديرو ۾ جنم ورتو.
• پهرين جنوري 1935ع تي جدت پسند ادب جو ليکاري ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار لعل پشپ (لعل ڀڳوان داس ريجواڻي) لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• پهرين جنوري 1937ع تي ماهر تعليم، شاعر حبيب الله صديقي ڳوٺ پاٽ ضلعو دادو ۾ جنم ورتو.
• پهرين جنوري 1952ع تي صوفي بخش علي سهتو ڳوٺ لونگ خان سهتو ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.
• پهرين جنوري 1972ع تي نوجوان شاعر ۽ ڪهاڻيڪار مختيار چني گڏيجي شهر ۾ جنم ورتو.
• پهرين جنوري 1982ع تي نوجوان شاعر ۽ ريڊيو لسنر وفا وزير علي مگسي ولد محمد صلاح مگسي جي گهر ڀينس ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• پهرين جنوري 1964ع تي ادبي کيتر ۾ شاعر طور ضمير سهتو داخل ٿيو. هن هنڱورجه شهر جي ڏکڻ طرف ڳوٺ رڪراڻي ۾ جنم ورتو.
• پهرين جنوري 1980ع تي مٺل تونيو هنڱورجه شهر جي ڀرسان ڳوٺ علي مردان تونيو ۾ جنم ورتو سڃاڻپ شاعر اٿس.
• پهرين جنوري 1933ع تي عوامي شاعر گل حسن گوپانگ شاد ولد جمعه خان گوپانگ ڳوٺ ڪرم خان گوپانگ تعلقي ميروخان ۾ جنم ورتو.
• پهرين جنوري 1928ع تي شاعر سيد سردار علي شاهه “ذاڪر“ ولد جعفر شاهه بخاري ڳوٺ ٻيرڙي تعلقي گهوٽڪي ۾ پيدا ٿيو.
• پهرين جنوري 1933ع تي سنڌ جو ڪهنه مشق شاعر شعبان بخت اصل نالو الله بخش ولد رسول بخش منگي جي ولادت ڪشمور ۾ ٿي.
• پهرين جنوري 1937ع تي عبدالحق ابڙو ولد محمد خان ابڙو حيدرآباد ۾ ڄائو ادبي خدمتون اسٽيج، ريڊيو، ٽيليويزن ۽ فلم جو تمام وڏو اداڪار، صداڪار، سنڌي علم ادب، ثقافت ۽ موسيقي جو ڄاڻو هو.
• پهرين جنوري 1950ع تي مقبول شاعر عبدالخالق عبد ڳوٺ شورڻ ضلعي ڪڇي ۾ پيدا ٿيو.
• پهرين جنوري 1901ع تي قادر الڪلام شاعر ڪهنه مشق ۽ انقلابي شاعر عبدالڪريم گدائي ولد جبار خان لاشاري ڳوٺ ڪريم آباد تعلقي ٺل ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو.
• پهرين جنوري 1969ع تي نامياري ڪهاڻيڪار رسول ميمڻ جو پورو نالو غلام رسول ولد محمد يعقوب ميمڻ سکر ۾ جنم ورتو.
• پهرين جنوري 1930ع تي بلند پايه اديب، عالم، محقق، مقرر ۽ ماهر لسانيات ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ولد غلام حسين ڳوٺ ماڙي لڳ شڪارپور ۾ جنم ورتو.
• پهرين جنوري 1919ع تي اعليٰ پائي جو اديب، شاعر، محقق ۽ دانشور ڊاڪٽر عطا محمد حامي ولد قائم الدين خان سوهو ڳوٺ سوهو قناصره تعلقي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.
• پهرين جنوري 1980ع تي نالي وارو شاعر علي محمد بيگ مرزا هن جهان کي الوداع ڪيو.
• پهرين جنوري 1940ع تي خوبصورت شاعر غلام نبي غازي ميمڻ ولد رحيم ڏنو ميمڻ شهر ميرپور ٻرڙو تعلقي ٺل ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو.
• پهرين جنوري 1888ع تي اعليٰ درجي جو علماءُ، مفتي ۽ شاعر محمد قاسم ڳڙهي ياسيني ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
• پهرين جنوري 1935ع تي مشهور اديب، محقق ۽ تاريخدان محمد سومار شيخ ولد الله بچايو شيخ ڳوٺ شيخ قرهيو ڀانڊاري تعلقي بدين ۾ ڄائو.
• پهرين جنوري 1975ع تي بدين کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو.
• پهرين جنوري 1965ع تي انور ابڙو ڳوٺ لالي جا ڀاڻ تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻو ۾ پيدا ٿيو. ادبي خدمتون- صحافت ۽ ڪهاڻيڪار اٿس.
• پهرين جنوري 1965ع تي ناليوارو اداڪار اسماعيل چانڊيو تعلقي ميهڙ جي ڳوٺ احمد خان چانڊيي ۾ پيدا ٿيو.
• پهرين جنوري 1925ع تي شاهه لطيف جي فڪر جو ڄاڻو ۽ مشهور ليکڪ پروفيسر اڪرم انصاري نوشهري فيروز ۾ ڄائو.
• پهرين جنوري 1974ع تي شاعر ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار محبت علي بلوچ اصل نالو محبت علي لنڊ دادو شهر جي ڇاڻي (شاهه آباد) محلي ۾ پيدا ٿيو.
• پهرين جنوري 1950ع تي نامياري سياستدان عبدالسلام ولد حاجي گل محمد ٿهيم ڳوٺ طيب ٿهيم شهدادپور ۾ جنم ورتو.
• پهرين جنوري 1957ع تي شاعر ۽ اديب حميد پارس جو اصل نالو حميد الحق قاضي ڳوٺ گاهي خان جلباڻي لڳ خانواهڻ، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.
• پهرين جنوري 1963ع تي موهن لعل پريمي ولد ڪنيا لعل جو جنم ڏوڪري شهر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. پي ايڇ ڊي موضوع؛ سچل سرمست ڪي اردو شاعر (2004)
• پهرين جنوري 1978ع تي نوجوان ليکڪ خالد آزاد پورو نالو خالد حسين ولد حاجي جڙيو وگهيو آهي ڳوٺ مسو ڀرڳڙي ڀرسان ڳوٺ جلال وگهيي، تعلقي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
• 2 جنوري 1990ع تي محقق، ڏاهو، اديب پروفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو هميشه لاءِ جدا ٿي ويو.
• 2 جنوري 1937ع تي مشهور شاعر آثم ناٿن شاهي اصل نالو غلام رسول خيرپور ناٿن ضلعي دادو ۾ ڄائو.
• 2 جنوري 1925ع تي سماجي ورڪر اشرف عباسي بيگم ڌيءَ حڪيم سعيد خان ڳوٺ وليد لڳ لاڙڪاڻي ۾ ڄائي.
• 2 جنوري 1977ع تي سنڌي لوڪ ادب جو مشهور سگهڙ ٻيڙو فقير حيدر آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
• 2 جنوري 1968ع تي ليکڪ ۽ صحافي جاويد ڀٽي بئراج ڪالوني سکر ۾ پيدا ٿيو.
• 2 جنوري 1907ع تي حاجي خان محمد چنجڻي 76 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.
• 2 جنوري 1948ع تي مشهور سنڌي اديب، مورخ ۽ سماجي اڳواڻ پروفيسر اعجاز قريشي ضلعي دادو جي بختيار پور ڳوٺ ۾ ڄائو.
• 2 جنوري 1912ع تي ناميارو عالم پير غلام رسول سرهندي ضلعي حيدرآباد جي شهر مٽياري ۾ ڄائو.
• 2 جنوري 2003ع تي نياز همايوني اصل نالو مشتاق احمد وفات ڪئي. ادبي سڃاڻپ، شاعر هئس.
• 2 جنوري 1937ع تي شاعر سروپ چندر “شاد“ مٺي ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو.
• 2 جنوري 1970ع تي نوجوان شاعر ليکڪ ۽ ريڊيو ڪمپيئر عادل عباسي اصل نالو عبدالحق ولد محمد آچر مجاهد عباسي ڳوٺ لعلو رائنڪ تعلقي وارهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 3 جنوري 1937ع تي سنڌ جو قومي شاعر سرڪش سنڌي اصل نالو (عبدالمجيد چانڊيو) مولوي عبدالله چانڊيو جي گهر ڳوٺ کانڙي تعلقو خيرپور ناٿن شاهه ۾ اک کولي.
• 3 جنوري 1922ع تي نالي واري قلمڪار، شاعر، نقاد، صحافي ۽ ڪهاڻيڪار ڪيرت ٻاٻاڻي موريو لاکو، تعلقو سڪرنڊ ضلعي نوابشاهه ۾ جنم ورتو.
• 3 جنوري 1952ع تي ڀلوڙ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار واجد اصل نالو شعبان علي منگي، لاڙڪاڻي شهر ۾ جنم ورتو.
• 3 جنوري 1940ع تي خوبصورت شاعر “جوش ٻرڙو” اصل نالو نذير احمد ولد عبدالواسع ٻرڙو قنبر تعلقي جي ڳوٺ گهٽهڙ ۾ پيدا ٿيو.
• 4 جنوري 1999ع تي سنڌ جو تمام سٺو عالم حضرت مولانا عبدالڪريم قريشي المعروف مولانا ٻير وارو وفات ڪري ويو آخري آرام گاهه ٻير شريف قنبر ۾ اٿس.
• 4 جنوري 1895ع تي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪندڙ حاجي محمود خادم والد جو نالو محمد بچل ذات جو قريشي تونيه عرب جي ولادت تعلقي ميروخان ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ بٺي ۾ جنم ٿيس.
• 4 جنوري 1913ع تي خيرپور رياست جو والي مير فيض احمد (ثاني) ولد مير علي نواز خان ناز ٽالپر ڪوٽ ڏيجي ۾ جنم ورتو.
• 4 جنوري 1947ع تي مشهور صحافي انور سيال ڳوٺ حاجي ابراهيم شاهه (ويجهو بڇيري ريلوي اسٽيشن) ۾ محمد بخش سيال جي گهر جنم ورتو.
• 4 جنوري 1973ع تي نامياري ليکڪ ۽ شاعر دليپ ڪوٺاري، مٺيءَ ۾ پهلاج مل ڪوٺاري لوهاڻي جي گهر ۾ جنم ورتو.
• 4 جنوري 1977ع تي نوجوان ائنٿراپالجسٽ ۽ محقق ذوالفقار علي ولد مير محمد ڪلهوڙو، وارهه تعلقي جي ڳوٺ آباد ڪلهوڙا ۾ ڄائو.
• 5 جنوري 1928ع تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو باني ذوالفقار علي ڀٽو پيدا ٿيو. اباڻو ڳوٺ ڳڙهي خدابخش ڀٽو اٿس.
• 5 جنوري 1927ع تي شاعر پبلشر ۽ صحافي مقبول احمد ڀٽي ولد محمد موسيٰ راز ڀٽي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. تخلص دانش هئس.
• 5 جنوري 1939ع تي ريڊيو ۽ ٽي وي جي دنيا جي معروف شخصيت عبدالڪريم بلوچ ولد الله بچايو خان رند بلوچ ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان ڳوٺ محمد يوسف بلوچ ۾ پيدا ٿيو.
• 5 جنوري 1952ع تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو بهترين ڪمپيئر مير محمد لنجار ڳوٺ مانجهو تعلقي ڪوٽڙي ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
• 5 جنوري 1918ع تي سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت ۽ قومي شاعر محمد خان مجيدي ولد قيصر خان جتوئي ڳوٺ شادمان جتوئي لڳ جهوڪ شريف تعلقي ميرپور بٺوري ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو.
• 5 جنوري 1937ع تي اداڪار، هدايتڪار ۽ ليکڪ ميول نيوند رام آهوجا ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
• 5 جنوري 1971ع تي نوجوان ٽهي جو اهم شاعر احمد سولنگي ولد رسول بخش سولنگي موري شهر ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو.
• 5 جنوري 1971ع تي ليکڪ ۽ محقق اشرف علي سمون ڳوٺ پيلوڙي سما تعلقي مٺي ضلعي ٿرپارڪر ۾ پيدا ٿيو.
• 5 جنوري 1934ع تي نامور ديني عالم، مولوي عبدالحميد ولد مولوي عبدالله چانڊيو، سيتا روڊ، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو.
• 5 جنوري 1981ع تي خالد زخمي چانڊيو ولد ڄام خان “زخمي چانڊيو” ڳوٺ جواب پور تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار، مضمون نگار ۽ ريڊيو پروڊيوسر اٿس.
• 6 جنوري 1935ع تي هيرو شيوڪاڻي ضلعي ٺٽي جي شهر چوهڙ جمالي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ۽ نقاد اٿس.
• 6 جنوري 1934ع تي نقاد ۽ محقق ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي خانواهڻ ضلعو نوشهرو فيروز ۾ جنم ورتو. پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ ساهتي جا قديم علمي مرڪز.
• 6 جنوري 1950ع تي نالي وارو شاعر راهي چنا اصل نالو محمد پريل ولد محمد ڇٽل چنا جوهي تعلقي دادو ۾ پيدا ٿيو.
• 6 جنوري 1997ع تي مهان ڪمپيئر، موسيقيءَ جو پارکو ۽ اديب ممتاز مرزا سڀ محفلون ميڙاڪا ڇڏي هميشه لاءِ لاڏاڻو ڪيو.
• 7 جنوري 1988ع تي شاعر ۽ قومي ڪارڪن مولانا محمد عظيم شيدا لاڏاڻو ڪري ويو. مولانا عظيم شيدا 1870ع ۾ ڳوٺ گل ٻرڙو تعلقي وارهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو هو.
• 7 جنوري 1986ع تي سنڌ جو نقاد قربان علي بگٽي دل جي تڪليف ڪري لاڏاڻو ڪري ويو.
• 7 جنوري 1929ع تي سنڌ جو زميندار، راڳ جو پارکو ۽ ادب دوست شخص سيٺ وشنداس چلاڻو ڪيو.
• 7 جنوري 1930ع تي سنڌ ٻوليءَ جي غزل جي نامور شاعر ارجن حاسد اصل نالو ارجن جيٺا تنواڻي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو.
• 7 جنوري 1953ع تي شاعره، ڪهاڻيڪاره ۽ محقق ڊاڪٽر تهمينه مفتي نوابشاهه شهر ۾ ڄائي. پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ سنڌي ڪهاڻيءَ جو سماجي ڪارج.
• 7 جنوري 1934ع تي سنڌي ٻوليءَ جو اهم ليکڪ پدم راجا شرما حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو.
• 7 جنوري 1959ع تي سنڌ جو مشهور سگهڙ محمد مٺل جهتيال ڳوٺ گاجي جهتيال، تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 7 جنوري 1916ع تي ناميارو استاد ۽ ڊراما هدايتڪار ڇتل سرهيو، موري شهر ۾ پيدا ٿيو.
• 7 جنوري 1904ع تي شاعر عبدالله “خواب“ حيدرآبادي ولد ميان علي بخش ڀٽي جنم ورتو.
• 7 جنوري 2007ع تي سنڌ جو نالي وارو، شاعر، صحافي ۽ مترجم، انور پيرزادي لاڏاڻو ڪيو.
• 8 جنوري 1953ع تي سنڌي غزل جو خوبصورت شاعر نواب گل محمد خان زيب مگسي وفات ڪئي.
• 8 جنوري 1934ع تي شاعر ۽ اديب محبوب سروري ڳوٺ جاڙو پنوهڙ لڳ هوسڙي تعلقي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
• 8 جنوري 1937ع تي اديب شاعر، مترجم ۽ عالم دين محمد پريل بيدار مڱريو ڳوٺ سنگدار تعلقي روهڙي ضلعي سکر ۾ جنم ورتو.
• 9 جنوري 1960ع تي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌاري لاءِ جنگ جوٽيندڙ حاجي محمود خادم لاڏاڻو ڪري ويو لاڙڪاڻي ۾ رکيل آهي.
• 9 جنوري 1997ع تي شاعري، تاريخ ۽ جاگرافي جو ڄاڻو روشن علي تنيو وفات ڪئي.
• 9 جنوري 1958ع تي سرهندي پيرن جو نامور فرد غلام مجدد سرهندي وفات ڪئي.
• 10 جنوري 1979ع تي سنڌ جو مشهور گويو استاد اميد علي خان ولد استاد پيارو خان، هن فاني جهان کي الوداع چيو.
• 10 جنوري 1910ع تي بي باڪ صحافي با اصول پرست سياستدان ۽ زميندار غلام قادر شاهه لڪياري ولد سيد غلام مصطفيٰ شاهه لڪياري ڳوٺ ٻنڊي عطل شاهه تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهروفيروز ۾ ڄائو.
• 10 جنوري 1989ع تي سنڌي ٻوليءَ جو سڄاڻ، سريلو شاعر نارائڻ شيام دهليءَ ۾ وفات ڪئي.
• 10 جنوري 1929ع تي صوفي فقير شاعر نبي بخش فقير لاڏاڻو ڪيو.
• 10 جنوري 2001ع تي يڪتاري ۽ چپڙيءَ جو بيتاب بادشاهه جلال چانڊيو سول اسپتال ڪراچي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
• 10 جنوري 1907ع تي محمد رمضان آزاد اصل نالو محمد رمضان ولد ابوبڪر ميمڻ خيرپور ناٿن شاهه ۾ جنم ورتو ادبي سڃاڻپ، صحافي، ۽ مصنف اٿس.
• 10 جنوري 1976ع تي سنڌ جو درد رکندڙ ۽ سياسي اڳواڻ سسئي پليجو ولد غلام قادر پليجو جي گهر ٺٽي ۾ جنم ورتو.
• 10 جنوري 2012ع تي پير پاڳارا، سيد شاهه مردان شاهه ثاني (ڇٽ ڌڻي) لنڊن جي اسپتال ۾ وفات ڪئي.
• 10 جنوري 1972ع تي نوجوان شاعر عبدالجبار “عاجز“ منگي، ڇتو منگي ڳڙهي ياسين شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.
• 11 جنوري 1944ع تي سنڌ جي عظيم دلير پٽ هيمون ڪالاڻيءَ کي سينٽرل جيل سکر ۾ ڦاهي ڏني وئي.
• 11 جنوري 1956ع تي ڀائو در محمد ٻرڙو قنبر شهر جي مشهور پاڙي نورشاهه ۾ خير محمد ٻرڙي جي گهر جنم ورتو ادبي سڃاڻپ، ڪهاڻيون، مضمون، ڪالم ۽ نثري نظم اٿس.
• 11 جنوري 1932ع تي مشهور بخاري سادات سيد خادم حسين شاهه ولد سيد نور حسين شاهه بخاري لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 11 جنوري 1879ع تي سر غلام حسين، هدايت الله شڪارپور ۾ ڄائو. خدمتون، ناميارو سياستدان، قانوندان ۽ بهترين منتظم هو.
• 11جنوري 1908ع تي مشهور شاعر ۽ سماجي خدمتگار هوندراج دکايل لاڙڪاڻي شهر ۾ ڄائو.
• 11 جنوري 1998ع تي سنڌ جو ڀلوڙ تاريخدان ۽ محقق دادا سنڌي لاڏاڻو ڪيو.
• 11 جنوري 2004ع تي سنڌ جو بيباڪ سياستدان رئيس عبدالحميد جتوئي ولد رئيس ڪريم بخش جتوئي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.
• 11 جنوري 1954ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ڪهاڻيڪار ۽ شاعر ڀون سنڌي پورو نالو ڀونداس پٽ جئرامداس لوهاڻو سنڌراڻيءَ ۽ ميرباگي خان جي شهر ٽنڊي باگي ۾ ڄائو.
• 11 جنوري 1993ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کي تيز جهونڪي هميشه لاءِ ننڍ سماري ڇڏيو.
• 12 جنوري 1798ع تي ديني عالم حضرت ميان حامد الله عرف ميان حامد حضوري روشن علي تونيو جي گهر ۾ جنم ورتو.
• 12 جنوري 1954ع تي سنڌ جي مشهور سياستدان ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جسٽس ظفر حسين مرزا جي گهر حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
• 12 جنوري 1994ع تي نالي واري شاعر انور هالائي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
• 13 جنوري 1924ع تي مشهور سنڌي شاعر نثار بزمي جنم ورتو.
• 13 جنوري 1930ع تي سکر بئراج جو افتتاح ڪيو ويو.
• 13 جنوري 1871ع تي قادر الڪلام شاعر محمد حافظ شاهه پراڻي ٽکڙ ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 13 جنوري 1902ع تي ماهر ڊاڪٽر ۽ ادب دوست انسان ڊاڪٽر محمد سليمان قاضي موري شهر ۾ ڄائو.
• 13 جنوري 2003ع تي اديب ۽ مصنف ابن حيات پنهور وفات ڪئي.
• 13 جنوري 1958ع تي انساني حقن جو ڪارڪن، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار پروفيسر بدر سومرو ڳوٺ ڳاڙهي موري تعلقي ۽ ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.
• 13 جنوري 1942ع تي نالي وارو اديب اظهر سولنگي اصل نالو محمد عرس ولد محمد عمر سولنگي ڳوٺ ميوي خان تعلقي ۽ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
• 13 جنوري 1929ع تي گورڌن محبوباڻي ڀارتي پٽ آسومل محبوباڻي لوهاڻو تخلص هئس. ڀارتي جو جنم ڳوٺ آراضي تعلقو سيوهڻ ضلعي دادو ۾ ٿيو.
• 13 جنوري 1976ع تي نوجوان شاعر مور مغيري (غلام قنبر مغيري) قنبر ڪوٽ مغيري ۾ جنم ورتو.
• 14 جنوري 1978ع تي شاعر، ڊرامه نويس ۽ استاد پروفيسر الف ب ت ميروخاني لاڏاڻو ڪيو. اصل نالو الله بخش هئس.
• 15 جنوري 1958ع تي سنڌ جي مشهور اداڪاره شبيران چنا لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 14 جنوري 1955ع تي ليکڪ ۽ صحافي نور محمد ڀٽو، ڳوٺ پير بخش ڀٽو (ميرپور ڀٽو) تعلقي رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
• 15 جنوري 1955ع تي شاعره مهر النساء لاڙڪ جنم ورتو.
• 15 جنوري 1902ع تي سنڌ جي سياسي تاريخ جو مشهور ناءُ قاضي فضل الله نوشهرو فيروز ۾ جنم ورتو.
• 15 جنوري 1985ع تي بشير خان قريشيءَ کي رتيديري مان گرفتار ڪيو. فوجي عدالت حيدرآباد ۾ مٿس ڪيس هلايو ويو. ۽ ٻن ڪيسن ۾ هڪ هڪ سال جو قيد ۽ ڦٽڪن جي سزا ٻڌائي وئي.
• 15 جنوري 1934ع تي سنڌ جو معروف قومي شاعر ابراهيم منشي اصل نالو محمد ابراهيم ولد محمد اسحاق سومرو ڳوٺ جنهاڻ سومري تعلقي ٽنڊي محمد خان ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 15 جنوري 1972ع تي شاعر، اديب ۽ صحافي الله بخش “سرشار” عقيلي وفات ڪئي.
• 15 جنوري 1913ع تي تراب بروهي لاڙڪاڻوي اصل نالو عبدالڪريم ولد مير شادي خان محمد زنئي مينگل ڳوٺ قلي تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ؛- شاعر ۽ نثر نويس هئس.
• 15 جنوري 1885ع تي غريب جمع خان ولد ميان ستار ڏنو پيرزادو ڳوٺ دين خان لاکير تعلقي ميهڙ ضلعي دادو ۾ ڄائو، پاڻ مشهور شاعر، صحافي ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي.
• 15 جنوري 1930ع تي مشهور ڪافي گو شاعر ۽ مهان راڳي حسين بخش “خادم“ سروري ولد پير بخش ڀنگر ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ ضلعي دادو ۾ ڄائو.
• 15 جنوري 1962ع تي مشهور صحافي ۽ شاعر اديب زوار نقوي ولد سيد ويڌل شاهه حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 15 جنوري 1970ع تي شاعر ۽ تنقيدنگار امداد جعفري ولد سيد غلام رسول شاهه ڳوٺ اڳري راهو، تعلقي هالا، ضلعي مٽياري ۾ ڄائو.
• 15 جنوري 1930ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب لساني ماهر پروفيسر پريتم ورياڻي نصرپور حيدرآباد (هاڻي ضلعي مٽياري ۾ جنم ورتو).
• 15 جنوري 1963ع تي سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعره پشپا ولڀ، نامياري ليکڪ ولي رام ولڀ جي گهر مٺيءَ ۾ جنم ورتو.
• 15 جنوري 1873ع تي سنڌ جو صوفي بزرگ شاعر فقير قادر بخش “بيدل” روهڙي ۾ وفات ڪئي.
• 16 جنوري 1930ع تي سنڌ جي ضلعي دادو ۾ عوامي شاعر استاد بخاري جنم ورتو. جنهن جو ڇٽي جو نالو احمد شاهه بخاري آهي. والد جو نالو سيد حاجن شاهه هئس ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ جنم ورتو.
• 16 جنوري 1956ع تي ڪافي جو خوبصورت شاعر نظر لاکائي ولد غلام شبير ڪنڀر سوڀو ديرو شهر ۾ پيدا ٿيو.
• 16 جنوري 1948ع تي اديب، شاعر ۽ ڪمپيئر ويناشرنگي شهداد ڪوٽ شهر ۾ جنم ورتو.
• 16 جنوري 1921ع تي سنڌ ڌرتي جو خوبصورت شاعر شيرل “بيوس” باڊاهي جو اصل نالو شيرل خان ولد حاجي محمد سومر نوناري هو. پاڻ شهر باڊهه تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
• 16 جنوري 1918ع تي سدابهار اديب فقير محمد عاجز لاڏاڻو ڪيو.
• 16 جنوري 1935ع تي مشهور ڪافي گو شاعر منٺار فقير راڄڙ وفات ڪئي.
• 16 جنوري 1844ع تي آغا قادر داد پٺاڻ خيرپور رياست جو پهريون وزيراعظم هو جيڪو شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.
• 17 جنوري 1904ع تي سائين جي ايم سيد ويهين صدي جو تمام وڏو ڪردار سندس ذڪر کان سواءِ هن دور جي تاريخ جو ڪوبه باب مڪمل ٿي نه سگهندو. غلام مرتضيٰ شاهه والد ماجد سيد محمد شاهه پنهنجي اباڻي ڳوٺ سن ضلعي دادو پيدا ٿيو.
• 17 جنوري 1983ع تي نوجوان ڪهاڻيڪار عبدالستار هليو ولد محمد مٺل ڳوٺ سومر هليو. قنبر علي خان ۾ پيدا ٿيو.
• 17 جنوري 1972ع تي سائين جي ايم سيد سنڌ جي قومي آزادي جو تصور ڏنو.
• 17 جنوري 1999ع تي بشير خان قريشي کي گرفتار ڪيو ويو.
• 17 جنوري 1962ع تي سنڌ جو سماجي ورڪر ۽ صحافي غلام قادر شاهه ليڪاري وفات ڪئي.
• 17 جنوري 1987ع تي هارين جي مقبول ليڊر، سنڌ جي اڏول انسان فاضل راهو گولاڙچي شهر ۾ قتل ٿيو. فاضل راهوجي جنم ڀومي راهوڪي ضلعو بدين آهي.
• 17 جنوري 1979ع تي نوجوان ٽهي جو شاعر اديب ۽ ريڊيو ڪمپيئر ياسر قاضي ولد مقصود گل قاضي رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 17 جنوري 1906ع تي عوامي شاعر دادن فقير جويو تخلص “دادن” ولد ڌڻي بخش جويو ڳوٺ ميان داد چنجڻي تعلقي وارهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
• 18 جنوري 1961ع تي عالم، اديب ۽ حڪيم مولوي محمد صادق راڻي پوريءَ هن فاني جهان کي الوداع چيو.
• 18 جنوري 1904ع تي قادر الڪلام شاعر ۽ مشاعرن جو مور عبدالله خواب ولد علي بخش ڀٽي حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 18 جنوري 1956ع تي ريڊيو پاڪستان جو معروف انائوسر نور محمد خاصخيلي ولد يار محمد خاصخيلي نوابشاهه شهر ۾ ڄائو.
• 18 جنوري 1949ع تي نامور ليکڪ ۽ محقق خليل مورياڻي جو پورو نالو خليل الرحمان ولد هدايت الله مورياڻي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
• 18 جنوري 2010ع تي ڪهاڻيڪار، سوانح نگار، ۽ شاعر غلام رباني آگرو وفات ڪئي.
• 18 جنوري 2011ع تي نوجوان شاعر منٺار سولنگي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي آخري آرام گاهه نئون ديرو ۾ اٿس.
• 18 جنوري 1968ع تي نوجوان شاعر ۽ ڪالم نگار فياض مسافر بروهي اصل نالو فياض احمد بروهي، ولد نور محمد بروهي جي گهر لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
• 19 جنوري 1927ع تي شاعر ڪهاڻيڪار ۽ بيباڪ صحافي ڊاڪٽر اياز قادري ولد فقير غلام سرور محله ميان جي ڳڙهي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ سنڌي غزل جي اوسر.
• 19 جنوري 1973ع تي شاعر ۽ تحقيق نگار انور منصور مڱريو ڳوٺ سنگرار روهڙي ضلعي سکر ۾ پيدا ٿيو.
• 19 جنوري 1935ع تي مشهور شاعر مبين پنائي جو اصل نالو عبدالمبين ولد محمد حسن جمالي بدين ضلعي جي پني ڳوٺ ۾ ڄائو.
• 19 جنوري 1936ع تي سهڻو شاعر محمد ابراهيم “راحم“ صديقي ڳوٺ دودي سنهڙيءَ ۾ جنم ورتو.
• 20 جنوري 1930ع تي ليکڪ، نقاد، مترجم، ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار رسول بخش پليجو جنگشاهي ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.
• 20 جنوري 1994ع تي بشير خان قريشي کي گرفتار ڪيو ويو.
• 20 جنوري 1977ع تي نوجوان ٽهي جو شاعر ملهار چانڊيو چٺيءَ جو نانءُ غلام مصطفيٰ تعلقي قنبر جي ڳوٺ لشڪري چانڊيي ۾ حسين بخش چانڊيي جي گهر ۾ پيدا ٿيو.
• 20 جنوري 1957ع تي شاعر ۽ صحافي ڊاڪٽر مولا بخش “منظور ظفر” ولد محمد لائق ڪلهوڙو لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 20 جنوري 2005ع تي شاعر، حڪيم ۽ استاد محسن لاڙڪاڻوي اصل نالو محمد حسن “محسن“ ولد فقير محمد چنا لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي.
• 21 جنوري 1946ع تي سنڌ ۾ ٻي صوبائي اليڪشن ٿي.
• 21 جنوري 1974ع تي سيد علي انور شاهه راشد وفات ڪئي. آخري آرام گاهه، درگاهه شاد آباد ۾ اٿس.
• 21 جنوري 1958ع تي قوم پرست اڳواڻ قمر ڀٽي والد حاجي محمد سليمان ڳوٺ فيض محمد کوکر تعلقو وارهه ضلعو لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.
• 21 جنوري 1907ع تي مشهور شاعر، اديب ۽ صحافي الهه بخش “سرشار” عقيلي ڪراچي ۾ جنم ورتو.
• 21 جنوري 1918ع تي شاعر ۽ نثر نويس حاجي امام بخش “خادم” بدوي وفات ڪئي آخري آرام گاهه شڪارپور ۾ اٿس.
• 21 جنوري 1991ع تي سنڌي صحافت جو روشن باب علي محمد شيخ وفات ڪئي.
• 21 جنوري 1943ع تي آزادي ۾ ويساهه رکندڙ سچو محب وطن هيمون ڪالاڻي کي اسرويل کيس سکر جي اسپيشل جيل ۾ ڦاهي ڏني ويئي.
• 21 جنوري 1926ع تي مشهور اسڪالر ۽ لوڪ ادب جو ڄاڻو اسماعيل شيخ حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
• 21 جنوري 1931ع تي ليکڪ، محقق ۽ سماجي اڳواڻ عبدالغفور الستيءَ شهر دڙي ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو.
• 22 جنوري 1901ع تي جيوڻي ٻائي ڌيءَ ڦڪو گرگلو هندستان جي راجپوتانه علائقي جي ڀيلواڙ رياست ۾ ڄائي. پاڻ سنڌ جي مشهور ڳائڻي ٿي گذري آهي.
• 22 جنوري 2004ع تي علم ۽ ادب دوست نصرت حسين ابڙو لاڏاڻو ڪيو.
• 23 جنوري 1989ع تي جديد ادب جو سرپرست، ڀٽائي جو عاشق خانصاحب عبدالله چنا حيدرآباد ۾ انتقال ڪيو.
• 24 جنوري 1936ع تي موسيقيءَ جو قابل استاد، گائيڪ ۽ موسيقار استاد نياز حسين ولد محمد ابراهيم قريشي (بيبو خان) ڪراچي ۾ جنم ورتو.
• 24 جنوري 1990ع تي جديد سنڌي موسيقي جو آواز استاد محمد جمن ڪراچي ۾ انتقال ڪيو.
• 24 جنوري 2000ع تي چانڊيا قبيلي جو سردار احمد سلطان چانڊيو لاڏاڻو ڪيو.
• 25 جنوري 1945ع تي سنڌ جو نالي وارو صحافي، شاعر، مترجم، محقق انور پيرزادو ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ تعلقي ڏوڪري ۾ اک کولي.
• 25 جنوري 1996ع تي حاجي غلام حسين ولد وڏيرو غلام عمر خان انڙ هن فاني جهان کي الوداع ڪيو.
• 25 جنوري 1966ع تي سريلو راڳي الهه ڏنو ولد علي محمد خاصخيلي شهر ميرپور بٺوري ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.
• 25 جنوري 1885ع تي سنڌي ٻوليءَ جو بهترين نثر نويس لال چند امر ڏنو جڳيتاڻي حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو.
• 25 جنوري 1959ع تي نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس اڪبر سومرو ولد عبدالڪريم سومرو ٽنڊي الهيار ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 25 جنوري 2007ع تي ناميارو شاعر ۽ صحافي امير بخاري وفات ڪئي.
• 25 جنوري 1948ع تي شاعر الطاف اثيم جنم ورتو.
• 26 جنوري 1982ع تي چوٽيءَ جو ڪهاڻيڪار ماڻڪ/ منير سنڌي نوابشاهه ۾ آپگهات ڪري انت آندو.
• 26 جنوري 1965ع تي سياستدان ۽ علم ادب دوست آغا بدرالدين دُراني لاڏاڻو ڪيو.
• 27 جنوري 1970ع تي سنڌي ادب جو خادم ڊاڪٽر علي احمد قاضي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪئي.
• 27 جنوري 1961ع تي شمس الطباءِ حڪيم سيد غلام مرتضيٰ شاهه هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.
• 27 جنوري 1928ع تي ڪافي گو شاعر جعفر علي جعفر پنهور ولد باقر علي پنهور ڌمراه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 28 جنوري 1978ع تي سنڌ جو انقلابي شاعر عبدالڪريم گدائي راهه رباني وٺي ويو.
• 28 جنوري 1982ع تي حافظ خير محمد “اوحدي“ وفات ڪئي.
• 28 جنوري 1929ع تي نامور اديب معمور يوسفاڻي اصل نالو محمد عمر ولد حاجي محمد يوسف پلي ڳوٺ حاجي پير محمد پلي ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو.
• 29 جنوري 1919ع تي جديد ادب جو شاعر ۽ اديب عبدالرزاق “راز” ولد منشي عبدالرؤف شيخ پراڻي سکر ۾ جنم ورتو.
• 29 جنوري 1950ع تي ناميارو محقق، شاعر ۽ نقاد جوهر بروهي اصل نالو عبدالقيوم بروهي ٿريچاڻي تعلقي پني عاقل، ضلعي سکر ۾ جنم ورتو.
• 29 جنوري 1929ع تي شاعر ڪمل ميوارام ڪيولراماڻي پياسي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.
• 30 جنوري 1996ع تي ملڪ جي وزيراعظم بينظير ڀٽو لاڙجي هڪ تاريخي ۽ پراڻي ننڍي ڪوٺڙيءَ ڪيٽي بندر جو پاور هائوس هڻڻ جي سنگ بنياد واري افتتاحي تقريب ۾ هڪ نئين دور ۾ اڳتي قدم وڌايو.
• 30 جنوري 1907ع تي مير حسن علي خان ٽالپر وفات ڪئي. وصيت مطابق سندس لاش ڪربلا معليٰ ۾ دفن ڪيو ويو پاڻ تمام سٺو شاعر به هو.
• 30 جنوري 1962ع تي يار ويس ۽ درويش صفت نيڪ مرد مرزا علي حسين بيگ وفات ڪئي.
• 30 جنوري 1952ع تي سير سفر ۽ تحقيق ڪندڙ اشتياق انصاري لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 31 جنوري 1937ع تي سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين اليڪشن ٿي جنهن ۾ ڪل 60 سيٽون مخصوص هيون.
• 31 جنوري 1893ع تي شهنشاهه نڙائي شاهه محمد نابينا ولد محمد رمضان بڪڪ تعلقي ميرپور بٺوري جي ڳوٺ دڙي لائق پور جي وچ ۾ ڳوٺ عيسيٰ بڪڪ ۾ ڄائو.
• 31 جنوري 1984ع تي عالم دين ۽ شاعر سيد نجي الله شاهه راشدي گذاري ويو.
• 31 جنوري 1963ع تي امجد سراج ميمڻ حيدرآباد ۾ ڄائو. سڃاڻپ، ناول نگار، افسانه نگار، لسانيات جو ماهر ۽ صحافي آهي.
• 31 جنوري 1961ع تي نئين ٽهي جو شاعر شاهه محمد پيرزادو ڳوٺ ٻلهڙيجي لڳ (موهن جو دڙو) ۾ جنم ورتو.

-------------------------------------
سائين جي. ايم سيد جي مختصر جيل ياترا

پهرين نظر بندي 19 نومبر 1939ع کان 09 جنوري 1940ع تائين
ٻي نظربندي 18 جون 1948ع کان 18 آگسٽ 1948ع تائين
ٽين نظربندي 03 نومبر 1954ع کان مئي 1955ع تائين
چوٿين نظربندي 10 آڪٽوبر 1958ع کان مارچ 1966ع تائين
پنجين نظربندي 23 جون 1967ع کان 26 جنوري 1969ع تائين
ڇهين نظربندي 18 مئي 1971ع کان ڊسمبر 1971ع تائين
ستين نظربندي آگسٽ 1972ع کان جنوري 1973ع تائين
اٺين نظربندي 06 مئي 1973ع کان 02 جولاءِ 1978ع تائين
نائين نظربندي 12 ڊسمبر 1978ع کان 17 آگسٽ 1988ع تائين
ڏهين نظربندي 10 آڪٽوبر 1989ع کان 20 سيپٽمبر 1990ع تائين
يارهين نظربندي 19 جنوري 1990ع کان 25 اپريل 1995ع (شهادت تائين)


• الراشيد پبليڪيشن قنبر؛ پير تراب علي شاهه 1936ع ۾ قائم ٿي.
• ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي 1940ع تي شاه عبدالطيف آف ڀٽ ڪتاب پڌرو ڪيو.
• 1968ع کان 1651ع تائين اورنگزيب سنڌ ۽ ملتان جو گورنر رهيو.
• اپريل 1658ع ۾ ئي اورنگزيب ۽ مراد بخش گڏجي شاهي فوج سان اجين وٽ ويڙهه کاڌي ۽ کين شڪست ڏني.