جولاءِ
• پهرين جولاءِ 1940ع محقق ۽ مرتب ڊاڪٽر نواز علي شوق ڳوٺ رحمت خان سهرياڻي ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو.
• پهرين جولاءِ 1948ع تي قبول ابڙو ڳڙهي ياسين شڪارپور ۾ جنم ورتو. اديب خدمتون ناول نگار ۽ افسانه نگار اٿس.
• پهرين جولاءِ 1894ع تي مشهور صوفي شاعر غلام علي مسرور فقير ولد ماستر رحيم بخش بدوي شڪارپور ۾ ڄائو.
• پهرين جولاءِ 1924ع تي رام ڪرشن هيرانند راهي آڏاوائي سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. اديب سڃاڻپ ليکڪ، صحافي ۽ نقاد اٿس.
• پهرين جولاءِ 1939ع تي احمد بخش بدوي “مٺل” شڪارپور ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ شاعر، مضمون نگار ۽ نثر نويس اٿس.
• پهرين جولاءِ 1934ع تي شاعر ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” سومرو ڳوٺ حاجي خان ڪلهوڙو تعلقو خانپور، ضلعو شڪارپور ۾ جنم ورتو.
• پهرين جولاءِ 1931ع تي شاعر صوفي غلام محمد “پياسي” ولد زوار ساجن ڪلهوڙو علي آباد سکر ۾ جنم ورتو.
• 2 جولاءِ 711ع تي محمد بن قاسم سنڌ تي ڪاهه ڪئي. ۽ راجا ڏاهر کي شڪست ڏني.
• 2 جولاءِ 1954ع تي نقاد، محقق، مترجم رؤف نظاماڻي اصل نالو (عبدالرؤف نظاماڻي) ڪراچي ۾ جنم ورتو.
• 2 جولاءِ 1956ع تي ليکڪ سڪندر عباسي جي ولادت جو ڏينهن آهي.
• 2 جولاءِ 1933ع تي ليکڪ استاد علي شاهه بخاري جو جنم ڏينهن آهي.
• 2 جولاءِ 1957ع تي نالي وارو صحافي عبدالمجيد اوڍو پيدا ٿيو.
• 2 جولاءِ 1966ع تي ليکڪ بهادر خان ٽالپر جو جنم ٿيون.
• 2 جولاءِ 2005ع تي ناليواري شخصيت حاجي علي بخش ڪولاچي (ٽنڊو ڪولاچي) هن فاني جهان کي الوداع چيو.
• 2 جولاءِ 1971ع تي نوجوان ليکڪ، سماجي اڳواڻ بدر سميجو پني عاقل ۾ جنم ورتو.
• 3 جولاءِ 1929ع تي مرزا نادر بيگ حيدرآباد سان تعلق رکندڙ ليکڪ جنم ورتو.
• 3 جولاءِ 1935ع تي ڏيپلو سان تعلق رکندڙ شاعر گل محمد “اشڪ” جنم ورتو.
• 3 جولاءِ 1970ع تي ڳڙهي ياسين سان تعلق رکندڙ شاعر غضنفر علي ثناگر جنم ورتو.
• 3 جولاءِ 1929ع تي شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ وفات ڪئي.
• 3 جولاءِ 1918ع تي لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ اسڪالر مخدوم محمد قريشيءَ وفات ڪئي.
• 3 جولاءِ 1991ع تي سنڌ جي 50 کان وڌيڪ ناليوارن اديبن، ليکڪن، انساني حقن جي اڳواڻن ۽ سوشل ورڪرن ايم ڪيو ايم جي سنڌ کي ورهائڻ واري مطالبي جي مذمت ڪئي.۽ سخت رد عمل جو اظهار ڪيو.
• 3 جولاءِ 1968ع تي ٻارن لاءِ صدارتي ايوارڊ جو فيصلو ٿيو سنڌ جي ادبيءَ ثقافتي تنظيمن ٻارن کي به مختلف شعبن ۾ صدارتي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ تحريڪ هلائي هئي.
• 3 جولاءِ 1965ع تي امين ارباب، اصل نالو محمد امين ولد علي محمد نهڙو ڳوٺ علي محمد نهڙيي جي تعلقي ماتلي ضلعي بدين ۾ ڄائو.
• 4 جولاءِ 1947ع تي شوڪت حسين شورو سجاول، ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. ادبي لياقت، ڊراما نويسي، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار اٿس.
• 4 جولاءِ 1907ع تي سياستدان ۽ قانوني ماهر عبدالستار پيرزادو ولد ميان عبدالرحمان پيرزادو پراڻي سکر ۾ ڄائو.
• 4 جولاءِ 2000ع تي مشهور لوڪ فنڪار علڻ فقير لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي ۾ گذاري ويو وصيت مطابق کيس ڄامشورو ۾ سندس گهر جي اڱڻ ۾ دفن ڪيو ويو. علڻ فقير جو ڇٺي جو نالو ٽوئنر فقير هو. ذات جو مگڻهار هو. 1932ع تي دادو جي قديم ۽ تاريخي شهر آمري ۾ جنم ورتو.
• 4 جولاءِ 1904ع تي بلند پايه شاعر ۽ اديب لطف الله بدوي ولد حاجي امام بخش خادم بدوي شڪارپور ۾ ڄائو.
• 4 جولاءِ 1937ع تي ڪهنه مشق غزل گو شاعر محسن ڪڪڙائي اصل نالو سيد نياز علي شاهه ولد سيد احمد شاهه شهر ڪڪڙ تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
• 4 جولاءِ 2005ع تي شاعر محمد حسن، محسن عباسيءَ وفات ڪئي.
• 5 جولاءِ 1948ع تي ڊاڪٽر فهميده حسين ٽنڊو ڄام ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ نقاد، محقق، ڪهاڻيڪار، شاعره پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ شاهه لطيف جي شاعري ۾ عوت جو روپ اٿس.
• 5 جولاءِ 1938ع تي ڪلاسيڪل راڳ جو سهڻو سٻاجهڙو انسان گلزار علي خان ولد محمد مراد دايو ڳوٺ ديهانت لڳ خانواهڻ تعلقو ڪنڊيارو هاڻوڪي نوشهروفيروز ۾ جنم ورتو.
• 5 جولاءِ 1999ع تي مولف، مترجم ۽ مصنف جمال الدين “مومن” وفات ڪئي.
• 5 جولاءِ 1940ع تي مشهور اديب ۽ صحافي طارق اشرف اصل نالو سيد اشرف علي ولد سيد لطف علي شاهه حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
• 5 جولاءِ 1945ع تي سنڌي ٻوليءَ جي نامور اديب ۽ محقق دادا سنڌي اصل نالو ڪريم بخش ولد محمد قاسم سومرو ڳوٺ داد لغاري تعلقي ڏهرڪي ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ جنم ورتو.
• 5 جولاءِ 1952ع تي لاڙڪاڻي جو خوبصورت شاعر واجد “ناز” اصل نالو شعبان منگي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 5 جولاءِ 1967ع شاعر وزير فرهاد سولنگي، مياڻي ضلعي نوشهروفيروز ۾ جنم ورتو.
• 6 جولاءِ 1954ع تي محقق، نقاد ۽ تاريخدان غلام محمد لاکو (ڊاڪٽر غلام لاکو) ڳوٺ مٺي خان جتوئي ضلعو نوابشاهه ۾ جنم ورتو. پي ايڇ ڊي جو موضوع ڪلهوڙا دور حڪومت 1999ع ۾.
• 6 جولاءِ 1933ع تي مشهور ڪهاڻيڪار ۽ شاعر رشيد ڀٽي ولد حافظ عبدالحميد ڀٽي سکر ۾ ڄائو اصل ڳوٺ اروڙ اٿس.
• 6 جولاءِ 1955ع تي ناميارو صحافي اسحاق مڱريو سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ حسن سريوال ۾ جنم ورتو.
• 6 جولاءِ 1974ع تي ناميارو راڳي علي مراد جتوئي ڳوٺ علي مراد جتوئي تعلقي ميهڙ ۾ جنم ورتو.
• 6 جولاءِ 1970ع تي نامياري مصور، ليکڪ ۽ استاد نعمت خلجي اصل نالو نعمت الله ولد محمد يوسف خلجي پير جي ڳوٺ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
• 6 جولاءِ 1970ع تي صوفي شاعر ذلف علي فقير اصل نالو ذوالفقار علي “ڏنو” ولد حاجي رحمت الله مگسي ڳوٺ دوست علي مگسي تعلقي قنبر ۾ جنم ورتو.
• 7 جولاءِ 1889ع تي شيخ عبدالمجيد سنڌي (ڄيٿا نند) ولد ديوان ليلا رام ٺٽي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ نثر نويس اٿس.
• 7 جولاءِ 1972ع تي سنڌي اسيمبليءَ ۾ لساني بل کي پيش ڪيو ويو.
• 7 جولاءِ 1950ع تي ڪاڪو ڀيرومل مهر چند آڏواڻي ساسون اسپتال بمبئي ۾ وفات ڪئي.
• 7 جولاءِ 2008ع تي سنڌ جي سريلي شاعر ايم بي دربان وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه نواڙو شريف ۾ آهي.
• 7 جولاءِ 1967ع تي صوفياءِ سنڌي جي تعليم کي ملڪي امن امان لاءِ خطرناڪ سمجهي حڪومت سائين جي ايم سيد کي هڪ ڀيرو ٻيهر نظر بنديءَ جو حڪم جاري ڪيو.
• 7 جولاءِ 1986ع تي مشهور لوڪ فنڪاره مائي ڀاڳي ڌي وهيون فقير مگڻهار لاڏاڻو ڪري وئي.
• 7 جولاءِ 1889ع تي مشهور سياستدان، اديب، عالم ۽ صحافي شيخ عبدالمجيد سنڌي ولد ديوان ليلا رام ٺٽي جي هندو گهراڻي ۾ ڄائو.
• 7 جولاءِ 1933ع تي لاڙڪاڻي جي تعليمي شخصيت پروفيسر ولي محمد ڀٽي جنم ورتو.
• 7 جولاءِ 1961ع تي سنڌ جو امر آواز سرمد سنڌي اصل نالو عبدالرحمان ولد محمد حيات مغل ڳوٺ پريالو ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
• 7 جولاءِ 1986ع تي شاعر ۽ مضمون نگار محمد مٺل ڪالاڻي وفات ڪئي.
• 7 جولاءِ 1927ع تي مشهور محقق، مورخ ۽ نقاد ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
• 7 جولاءِ 2000ع تي مهان شاعر نثار بزمي وفات ڪئي. کيس مرزا پور ۾ پير سليم شاهه جي درگاهه جي ڀر سان دفنايو ويو.
• 7 جولاءِ 1884ع تي مايه ناز، فاضل، شاعر ۽ صوفي درويش گل محمد خان زيب مگسي ولد نواب مير قيصر خان مگسي جهل مگسي ۾ پيدا ٿيو.
• 7 جولاءِ 2007ع تي قطعيءَ جو بادشاهه شاعر اميد خيرپوري لاڏاڻو ڪيو.
• 7 جولاءِ 1909ع تي سنڌي ۽ هنڌ جو نالي وار اديب تيرٿ وسنت خيرپور جي ڳوٺ لقمان ۾ جنم ورتو.
• 7 جولاءِ 1939ع تي مشهور زميندار ۽ سياستدان ڪشنچند پارواڻي سانگهڙ ضلعي ۾ جنم ورتو.
• 8 جولاءِ 1949ع تي نالي واري شاعر بشير سيتائي عرف (بخشل خان) سيتا ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو.
• 8 جولاءِ 1922ع تي مشهور شاعر ۽ اديب احمد خان “آصف” ولد محمد اسماعيل مصراڻي ڳوٺ مٺو ٻٻر تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ جنم ورتو.
• 9 جولاءِ 1909ع تي مسڪين جهان خان کوسو ولد جبار خان کوسو ننگر پارڪر جي ڳوٺ سامي ويري ۾ ڄائو. سنڌ جو مشهور سماجي ڪارڪن هو.
• 9 جولاءِ 1966ع تي عبدالحق ساريو ولد فقير راڻو تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ ٻنڊي ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ، ڪالم نگار، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهي.
• 9 جولاءِ 1985ع تي محمد عيسيٰ ولد الله ڏنو ميمڻ تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ کوهاري ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ، شاعر، ايڊيٽر ۽ پبلشر اٿس.
• 10 جولاءِ 1933ع تي م ن معزون جو مڪمل نالو محمد نواز والد رئيس شفيع محمد ڀٽي هو. ميهڙ ضلعي دادو ۾ ڄائو. ادبي سڃاڻپ؛- سنڌي ٻوليءَ جو مشهور اديب، دانشور، محقق، مترجم، ڪهاڻيڪار ۽ مصور هو.
• 10 جولاءِ 1932ع تي سنڌي جي برک تعليمي ماهر، قانوندان ۽ ليکڪ بشير احمد قريشي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
• 10 جولاءِ 1933ع تي شاعر مولابخش فدا ڳوٺ قائم مڱڻ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 11 جولاءِ 1947ع تي سنڌ جي نالي واري ڪهاڻيڪار موسيقار شاعر، ناول نگار، مضمون نگار بيدل مسرور شڪارپور ۾ اک کولي.
• 11 جولاءِ 1914ع تي ماهر لسانيات، اديب، ۽ شاعر پروفيسر علي نواز جتوئي ولد حاجن خان جتوئي ڳوٺ گدوءَ لڳ پراڻا جتوئي تعلقي موري ۾ پيدا ٿيو.
• 11 جولاءِ 1938ع تي آغا صوفي، اصل نالو آغا غلام نبي صوفي لاڏاڻو ڪيو. ادبي سڃاڻپ، مشهور شاعر ڊرام نويس علم ۽ حڪمت تصوف جو ڄاڻو هو.
• 11 جولاءِ 1911ع تي نالي وارو شاعر پرسرام “ضياءَ” جنم ورتو.
• 12 جولاءِ 1928ع تي سياسي ۽ سماجي شخصيت عبدالهادي ولد سيٺ عبدالغفور سرهيو لاڙڪاڻي جي قديم سرهيه پاڙي ۾ ڄائو.
• 12 جولاءِ 1912ع تي لاڙڪاڻي ۾ اسڪائوٽنگ کي مشهور ۽ مقبول ڪندڙ رحم علي جعفري ولد محمد بخش لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو.
• 12 جولاءِ 1825ع تي حسن علي خان “حسن مير” ٽالپر ولد مير محمد نصير خان ٽالپر حيدرآباد جي قلعي ۾ پيدا ٿيو.
• 12 جولاءِ 1924ع تي سنڌ جو مايه ناز غزل گو شاعر مير عبدالحسين سانگي لاڏاڻو ڪيو. مير جو جست خاڪي وصيت مطابق لاکيڻي لطيف جي روضي جي ڀر ۾ اولهه طرف دفن ڪيو ويو. مير عبدالحسن سانگي جو جنم 1851ع ۾ ڪلڪتي ۾ ٿيو.
• 12 جولاءِ 1942ع تي شاعر، مضمون نگار ۽ تاريخدان محمد مٺل ڪمالاڻي عرف م-ع ترابي ولد عدبالله خان موري ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو.
• 12 جولاءِ 1965ع تي نوجوان شاعر تابش بخاري اصل نالو غلام شبير شاهه ڳوٺ شير محمد ڏاوچ تعلقي دادو ۾ جنم ورتو.
• 13 جولاءِ 1989ع تي احمد خان “آصف” مصراڻيءَ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
• 13 جولاءِ 1998ع تي سنڌ ڌرتيءَ جو شاعر ناظم منگي وفات ڪئي.
• 14 جولاءِ 1946ع تي مهتاب محبوب اصل نالو (مهتاب عباسي) ڪراچي ۾ اک کولي ادبي سڃاڻپ ڪهاڻي، ناول، ڊرامو، مضمون ۽ سفر نامو اٿس.
• 14 جولاءِ 1920ع تي نالي وارو شاعر مولوي عبدالله “اثر” ولد الله ڏنو چانڊيو لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ نثر ۽ نظم اٿس.
• 14 جولاءِ 1948ع تي مشهور ڪمپيئر، صدا ڪار ۽ ٽي وي ڊرامن جو اداڪار محمد علي ٻگهيو شهر باڊهه تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
• 14 جولاءِ 1978ع تي سنڌ جو نالي وارو ڪهاڻيڪار نسيم کرل لاڏاڻو ڪيو.
• 14 جولاءِ 1916ع تي سنڌي ادب جو وڏو مرتبي وارو ليکڪ، نقاد، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ مترجم پرم ابيچنداڻي خيرپور سنڌ ۾ جنم ورتو.
• 14 جولاءِ 1952ع تي احمد علي صابر چانڊيو ولد نواب خان چانڊيو ڳوٺ ڇاڇڙي تعلقي ميروخان ضلعي قنبر ۾ ڄائو، ادبي خدمتون، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار اٿس.
• 14 جولاءِ 1962ع تي شاعر ۽ اديب حيدر بخش عزيز گوپانگ، ڳوٺ حاجي خان گوپانگ تعلقي ڪنڊياري ۾ نامياري تعليمدان محمد صالح گوپانگ جي گهر ۾ جنم ورتو.
• 15 جولاءِ 1942ع تي الطاف عباسي اصل نالو الطاف النبي عباسي سوڀو ديرو شهر ۾ عباسي محلي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.
• 15 جولاءِ 1989ع تي سنڌي ادب جو روشن مينار استاد الشعراءَ احمد خان آصف رات جي رهزنن هٿان مارجي ويو.
• 15 جولاءِ 1945ع تي مشهور تاريخدان، محقق ۽ ليکڪ داد سنڌي جو اصل نالو ڪريم بخش ولد محمد قاسم سومرو هو، دادا سنڌي ڳوٺ داد لغاري تعلقي ڏهرڪي ضلعي گهوٽڪي ۾ پيدا ٿيو.
• 15 جولاءِ 1958ع تي ريڊيو پاڪستان جو معروف سينئر پروڊيوسر آغا محمد علي ولد آغا نواب علي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
• 15 جولاءِ 1963ع تي نامياري صحافي، شاعر، ڪالم نويس ۽ ڊرام نگار نياز پنهور اصل نالو ذوالفقار علي ولد محمد ابراهيم پنهور عمرڪوٽ جي شهر شادي پليءَ ۾ جنم ورتو.
• 15 جولاءِ 1976ع تي ليکڪ راز شاهاڻيءَ جو اصل نالو رب ڏنو پٽ سائين بخش شاهاڻي آهي. راز شاهاڻي تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ حمل خان شاهاڻيءَ ۾ جنم ورتو.
• 16 جولاءِ 622ع تي سن هجريءَ جو آغاز ٿيو. جنهن وقت حضرت محمد صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم مڪي شريف کان مديني شريف هجرت ڪئي.
• 16 جولاءِ 1954ع تي سنڌ ڌرتيءَ جو قابل فخر شخصيت علامه علي خان ابڙو لاڏاڻو ڪري ويو. سندس پيدائش 1888ع ۾ ٿي.
• 16 جولاءِ 1994ع تي ماهر لسانيات، اديب، دانشور ۽ استاد ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو وفات ڪئي.
• 16 جولاءِ 1917ع تي در محمد اوسته ولد محمد حيات سومرو ڳوٺ ڀلي ڏنو آباد ضلعي جيڪب آباد ۾ ڄائو سڃاڻپ سنڌ جو زير تعليم وزير ٽرانسپورٽ ۽ علم دوست انسان هو.
• 17 1993ع تي ڀلوڙ انسان سچو صحافي فقير محمد لاشاري پنجاب صوبي جي شهر گوجر خان وٽ روڊ حادثي ۾ شهيد ٿيو. آخري آرام گاهه گاجي کهاوڙ ۾ آهي.
• 17 جولاءِ 1942ع تي ديوان گو شاعر لعل چند مجروح مڪمل نالو شيخ لعل چند عرف لعل محمد مجروح وفات ڪئي. لعل محمد مجروح قنبر شهر ۾ 1884ع تي پيدا ٿيو.
• 17 جولاءِ 1933ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر استاد پيرل قنبر ولد امام بخش عاصي سومرو ڳوٺ بٺي لڳ مبارڪ ڪلهوڙو تعلقي ميروخان ۾ جنم ورتو. استاد پيرل قنبر جو اصل نالو پير محمد هو.
• 17 جولاءِ 1940ع تي شاعر ۽ ليکڪ هاسا رام پروفيسر کي روهڙي ۾ رستي ويندي کيس گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.
• 17 جولاءِ 1955ع تي شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرام نويس تاجدار عادل حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
• 17 جولاءِ 1953ع تي ناليواري مزاحمتي شاعر آتش سنڌي اصل نالو معشوق علي ولد ولي محمد شيخ قنبر علي خان ۾ جنم ورتو.
• 18 جولاءِ 1989ع تي نوجوان ڪهاڻيڪار بيوس محرم مغيري ولد محمد عثمان مغيري ڳوٺ الله بخش مغيري ۾ جنم ورتو.
• 18 جولاءِ 1972ع تي عبدالحسين ڏيسي ڳوٺ مڏ جي زميندار گهراڻي ۾ اک کولي. ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.
• 18 جولاءِ 1949ع تي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي پهرين سنڌي خاتون گورنر، ڊاڪٽر شمشاد اختر ڏيٿو، حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
• 18 جولاءِ 1953ع تي نالي وارو شاعر ۽ ليکڪ برڪت بلوچ، حسين آباد ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
• 19 جولاءِ 1985ع تي اڳوڻي پاڪستاني وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي جو پٽ سر شاهنواز ڀٽو فرانس جي پنهنجي رهائش گاهه تي مردهه حالت ۾ مليو.
• 19 جولاءِ 1938ع تي آغا صوفي اصل نالو آغا غلام نبي صوفي ولد آغا گل حسن وفات ڪئي.
• 19 جولاءِ 1969ع تي سنڌ جي منفرد شخصيت حاجي احمد ملاح بدين شهر جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
• 19 جولاءِ 1962ع تي درگاهه سچل سرمست جو هاڻوڪو سجاده نشين، سخي قبول محمد درازي چوٿون، خواجه عدالحق (ٻئي) جي گهر ۾، درازا شريف ۾ ڄائو.
• 20 جولاءِ 1956ع تي سوانح نگار، شاعر محقق سفر نامه نويس ۽ براڊ ڪاسٽر نصير مرزا عرف (نصير علي بيگ مرزا) ٽنڊو ٺوڙهو ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.
• 20 جولاءِ 1954ع تي رزاق مهر محلي مراد واهڻ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نويس اٿس.
• 20 جولاءِ 1951ع تي سحر امداد حيدرآباد ۾ جنم ورتو (مڙس جو نالو امداد حسيني) سحر امداد جي ادبي سڃاڻپ، شاعر ۽ تنقيد اٿس.
• 21 جولاءِ 1946ع تي اديب محقق محبوب علي شيخ ولد حاجي شمس الدين ڳوٺ ٻٽ سرائي تعلقي ميهڙ ضلعي دادو ۾ ڄائو.
• 21 جولاءِ 1963ع تي نوجوان ليکڪ پرواني سيوهاڻي اصل نالو منظور علي سومرو سيوهڻ ۾ پيدا ٿيو.
• 21 جولاءِ 1910ع تي مشهور اديب، تاريخ نويس ۽ لسانيات جو ماهر پنڊٽ ڪشنچند ولد ٽوپڻ لال جيٽلي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو.
• 21 جولاءِ 1906ع تي سنڌ جو عوامي شاعر فقير دادن ولد ميان ڌڻي بخش جويو تعلقي وارهه جي ڳوٺ ميانداد چنجڻي ۾ پيدا ٿيو.
• 22 جولاءِ 1957ع تي نور الهٰدي شاهه، سيد خادم حسين جي گهر ۾ جنم ورتو. ڄمڻ جو هنڌ ٽکڙ، ضلعو حيدرآباد ادبي سڃاڻپ ڊراما نويسي، ڪهاڻيڪار، شاعره ۽ ڪالم نويسي اٿس.
• 22 جولاءِ 1922ع تي جديد سنڌي شاعريءَ جو بانيڪار نارائڻ “شيام” جو اصل نالو نارائڻ داس پٽ گوڪلداست ناگواڻي هو. پاڻ ڳوٺ کاهي قاسم ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.
--------------------------------------------------------------------
نارائڻ شيام جي جنم تاريخ 15 جولاءِ ۽ جنم هنڌ نوشهرو فيروز ملي ٿو.
• 22 جولاءِ 2006ع تي خوبصورت شاعر اظهر گيلاني اصل نالو سيد انور علي شاهه ولد اصغر علي شاهه وفات ڪئي.
• 23 جولاءِ 1989ع تي پرخلوص اديب ۽ شاعر قاضي عبدالحئي “قائل” مڪي شريف ۾ وفات ڪئي.
• 23 جولاءِ 1878ع تي آزاديءَ جي تحريڪ جو علمبردار ۽ قومي ڪارڪن رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ولد محمد خان ڀرڳڙي تعلقي جيمس آباد جي ڳوٺ ڊينگاڻ ۾ پيدا ٿيو.
• 24 جولاءِ 1981ع تي ڊاڪٽر اسد الله شاهه “بيخود” حسيني هن فاني دنيا کي هميشه لاءِ الوداع ڪيو.
• 24 جولاءِ 1932ع تي سنڌي، اردو ۽ سرائڪي زبانن ۾ ڪافي لکندڙ شاعر اختر اديب اصل نالو غلام محمد شاهه (ثاني) ولد باغ علي شاه لکوي لکيءَ، ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
• 24 جولاءِ 1901ع تي نامور شاعر خواجه غلام فريد وفات ڪئي. خواجه غلام فريد جا وڏا ٺٽي مان لڏي مٺڻ ڪوٽ ۾ آباد ٿيا. خواجه غلام فريد ذات جو ڪوريجو هو.
• 25 جولاءِ 1881ع تي امام بخش صابر، عرف شاهنواز خان جتوئي تعلقي موري جي ڳوٺ ملڪ ۾ ڄائو.
• 26 جولاءِ 1923ع تي ڪهاڻي نويس الله بخش ادبي نالو انيس انصاري ولد احمد بخش انصاري جي گهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 26 جولاءِ 1955ع تي پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترم بينظير ڀُٽي جو ور آصف علي زرداري ولد حاڪم علي زرداري نوابشاهه (هاڻي بينظير آباد) لڳ ڳوٺ مير خان زرداري (بلاول قبا) ۾ جنم ورتو. اصل نالو سجاول خان اٿس. هن وقت ملڪ جو صدر آهي.
• 26 جولاءِ 1979ع تي نوجوان پبلشر ۽ شاعر پارس رياض ملاح اصل نالو رياض حسين ڳوٺ جمال الدين ملاح، تعلقي ناري ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو.
• 27 جولاءِ 1927ع تي نالي وارو شاعر، محقق ۽ نقاد عبدالقيوم صائب حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
• 27 جولاءِ 1914ع تي سنڌ جو مايه ناز صوفي شاعر فقير ولي محمد لغاري (ثاني) لاڏاڻو ڪيو آخري آرام گاهه تاج پور ۾ اٿس.
• 27 جولاءِ 1961ع تي مخدوم جميل الزمان، مخدوم امين فهيم جي گهر ۾ هالا ۾ جنم ورتو. سڃاڻپ؛ سياسي اڳواڻ ۽ شاعر اٿس.
• 27 جولاءِ 1964ع تي ناميارو ليکڪ حفيظ ڪنڀر تعلقي ڪوٽ غلام محمد جي ڳوٺ حاجي عرس ڪالري ۾ ڄائو.
• 28 جولاءِ 1986ع تي سنڌ جو ناميارو ٺيٺ سنڌي راڳي فقير عبدالغفور لاڏاڻو ڪري ويو. فقير عبدالغفور 1910ع تي حيدرآباد شهر ۾ مهر شاهه ٻاڙي ۾ جنم ورتو.
• 28 جولاءِ 1895ع تي قاضي علي اڪبر درازي ولد علي محمد قاضي، قاضي عبدالسميع محلي روهڙي ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ مشهور اديب، شاعر، ۽ سچ سائين جو سوانح نگار آهي.
• 28 جولاءِ 1901ع تي نامور سياستدان ۽ بااثر زميندار محمد ايوب کهڙو ولد رئيس شاهه محمد کهڙو تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ عاقل ۾ جنم ورتو.
• 28 جولاءِ 2010ع تي مزاح نگار ۽ ڪالم نويس حليم بروهي وفات ڪئي.
• 29 جولاءِ 1894ع تي تاج الشعرا، فخر الشعرا هدايت علي نجفي “تارڪ” ولد فقير الهداد عرف تراب علي تنيو ڳوٺ لعلو رانئڪ تعلقي وارهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
• 29 جولاءِ 1816ع تي (ٻيو پير پاڳارو) سيد علي گوهر شاهه اول “بنگل ڌڻي” سيد صبغت الله شاهه اول جو پٽ هو ڳوٺ رحيم ڏني ڪلهوڙي تعلقي خيرپور ۾ پيدا ٿيو.
• 29 جولاءِ 1965ع تي شاعر لالڻ چنو اصل نالو لعل ڏنو ولد محمد اسماعيل چنو سوڀوديرو، ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
• 30 جولاءِ 1903ع تي مولوي نذير حسين تخلص جلالي ولد مولوي خادم حسين جتوئي شاهپور ڄائو.
• 30 جولاءِ 1951ع تي سماجي ورڪر سيد اڪبر حسين شاهه راشدي ولد سيد حاجي مير مصطفيٰ راشدي جي گهر ۾ جنم ورتو. لاڙڪاڻي ضلعي لاءِ راشدي خاندان قابل فخر آهي.
• جولاءِ 1911ع تي پرسرام ضيا پٽ ننڍيرام جهامناڻي ٽنڊي آدم ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. پاڻ قومي درد رکندڙ مشهور شاعر هو.
• 30 جولاءِ 1915ع تي ترقي پسند، قوم پرست ۽ سياستدان ارباب نور محمد پليجو جنم ورتو.
• 31 جولاءِ 2003ع تي سنڌ جو مزاحمتي شاعر ابراهيم منشي لاڏاڻو ڪيو.
• 31 جولاءِ 1955ع تي شاعره زبيده ميتلو قنبر علي خان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 31 جولاءِ 1966ع تي شاعر عرفان مهديءَ جنم ورتو.
سائين جي ايم سيد جو سياسي سفر
1929ع ڪراچي ضلعي بورڊ جو صدر چونڊيو ويو.
1930ع هاري ڪانفرنس کي منظم ڪيو ۽ ان جو پهريون سيڪريٽري ٿيو.
1937ع مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو.
1940ع سنڌ جو تعليم جو وزير ٿيو.
1941ع مرڪزي آل انڊيا مسلم ليگ جو ميمبر ٿيو.
1943ع سنڌ مسلم ليگ جو صدر چونديو ويو.
1946ع مسلم ليگ کان الڳ ٿي پروگريسو مسلم ليگ جو بنياد وڌو.
1954ع سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو.
1955ع نيشنل عوامي پارٽي جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
1966ع بزم صوفياءِ سنڌ جو بنياد وڌو.
1969ع سنڌ متحدا محاذ ٺاهيو.
1972ع جيئي سنڌ هلچل جو بنياد وڌو.