ڊسمبر
• پهرين ڊسمبر 1980ع تي پروفيسر منگهارام ملڪاڻي وفات ڪئي. ادبي سڃاڻپ، مشهور عالم، اديب، نقاد تاريخ نويس، ناٽڪ نويس ۽ اسٽيج اداڪار ٿي گذريو آهي.
• پهرين ڊسمبر 1938ع تي مضمون نگار ۽ مرتب نصر حسين ابڙو شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ مدئجيءَ ۾ جنم ورتو.
• پهرين ڊسمبر 1946ع تي سنڌي ٻوليءَ جو مشهور محقق پروفيسر ڊاڪٽر الهه رکيو ٻُٽ ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ پُٽ سرائي ۾ ڄائو.
• پهرين ڊسمبر 1988ع تي سنڌ ڄائي محترمه بينظير ڀٽو کي پاڪستان جو وزيراعظم مقرر ڪيو ويو.
• پهرين ڊسمبر 1949ع تي مشهور عالم، اديب، محقق ۽ نثر نويس ڊاڪٽر عبدالرسول قادري ڳوٺ بخشو مگسي (دڙي مگسي) تعلقي سڪرنڊ ضلعي نواب شاهه ۾ پيدا ٿيو.
• پهرين ڊسمبر 1941ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر، ليکڪ، صحافي ۽ مضمون نگار امير بخاري گهوٽڪي تعلقي جي ڳوٺ پيرڙي بخارا لڳ ٿيلي، مومل جي ماڙيءَ ۾ پيدا ٿيو.
• پهرين ڊسمبر 2003ع تي سنڌي ادبي تاريخ ۾ چوٽيءَ جو مزاح نگار علي محمد بروهي لاڏاڻو ڪيو.
• پهرين ڊسمبر 1958ع تي افضل سولنگي ڳوٺ ڪرڙ خان سولنگي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سڃاڻپ ناميارو شاعر اٿس.
• پهرين ڊسمبر 1896ع تي (چوٿون پير پاڳارو) سيد علي گوهر شاهه ثاني “محافي ڌڻي” وفات ڪئي.
• پهرين ڊسمبر 1931ع تي سنڌي ٻوليءَ جي نامور ڪهاڻيڪار حفيظ شيخ خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
• پهرين ڊسمبر 1994ع تي فقير جانڻ چن اصل نالو جان محمد ولد محمد حسن وفات ڪئي. پاڻ صوفي بزرگ شاعر هو.
• پهرين ڊسمبر 1940ع تي شاعر گورڌن نامديو شرما گهايل ميهڙ ۾ جنم ورتو.
• 2 ڊسمبر 1833ع تي بلند پايه عالم دين، حڪيم، شاعر ۽ مدرس مفتي غلام عمر جتوئي ولد محمد صادق جتوئي ڳوٺ سونو جتوئي تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.
• 2 ڊسمبر 1947ع تي صحافي ۽ شاعر اختر بخاري اصل نالو سيد اختر علي شاهه ولد سيد نياز محمد شاهه ماٿيلو (مومل جي ماڙي) تعلقي گهوٽڪي ۾ ڄائو.
• 2 ڊسمبر 1938ع تي ناليوارو محقق، اديب ۽ حڪيم خليفو عبدالحميد ولد حڪيم خليفو عبدالمجيد چانڊيو ڳوٺ ستاڻي چانڊيي ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.
• 3 ڊسمبر 1960ع تي ناميارو ليکڪ امام راشدي اصل نالو (سيد امام المتقين) ولد سيد بدرالدجيٰ شاهه راشدي، شاهه جو ڳوٺ نئوديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 4 ڊسمبر 1876ع تي ڪاڪو ڀيرومل پٽ مهر چند آڏواڻي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. سڃاڻپ؛ ادبي محقق، تاريخ نويس، ماهر لسانيات، مضمون نگار، ناول نگار، سيلاني، شاعر ۽ مترجم اٿس.
• 4 ڊسمبر 1962ع تي مشهور سياستدان ڄام مدد علي ولد انور علي خان، سانگهڙ ۾ جنم ورتو.
• 5 ڊسمبر 1971ع تي ضمير حسين ڏيسي تعلقي سوڀيديري جي ڳوٺ مڏ ۾ غلام حسين ڏيسيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ؛ شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر اٿس.
• 5 ڊسمبر 1937ع تي مشهور شاعر ۽ اديب سوز هالائي اصل نالو الهڏنو ولد محمود ڀنڀرو هالا پراڻا ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 5 ڊسمبر 1783ع تي سيد محمد بقا شاهه شهيد پٽ ڌڻي راهه رباني ورتي.
• 5 ڊسمبر 1840ع تي مير نور محمد خان ٽالپر وفات ڪئي. جنهن کان پوءِ انگريزن کي سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي حوس وڌڻ لڳي.
• 5 ڊسمبر 1958ع تي مشهور صحافي ۽ سماج سڌارڪ امان الله سنڌي ولد مير خان چانڊيو ڳوٺ ڊرٻ ميري خان، تعلقي ۽ ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ ڄائو.
• 6 ڊسمبر 2000ع تي سنڌ جي مايا ناز شخصيت عبدالحق ابڙو وفات ڪئي.
• 6 ڊسمبر 1983ع تي شيخ عبدالرزاق راز وفات ڪئي. ادبي سڃاڻپ؛- سنڌي ادب کي نثري توڙي نظم ۾ اهڙا ته شاهڪار ڏنا جو جيستائين سنڌي زبان ۽ ادب باقي آهن، سندس نالو روشن رهندو.
• 6 ڊسمبر 1968ع تي نالي وارو صحافي ۽ سياسي ورڪر اعجاز حسين مهر ولد غلام حسين مهر ڳوٺ ڪامل مهر ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.
• 6 ڊسمبر 1963ع تي ناليواري شاعر جواد جعفريءَ جو پورو نالو جواد حسين سومرو ولد انور حسين لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو.
• 6 ڊسمبر 1971ع تي منصور ابڙو ولد انور علي ابڙو لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو. سڃاڻپ نوجوان ٽهيءَ جو شاعر آهي.
• 6 ڊسمبر 1962ع تي نوجوان شاعر حنيف عاطر جنم ورتو.
• 7 ڊسمبر 1918ع تي ترقي پسند ڪهاڻيڪار گوبند پنجابي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
• 7 ڊسمبر 1934ع تي سنڌ جي نالي واري شاعر اديب، تنوير عباسي اصل نالو (نور نبي) والد جو نالو گل حسن عباسي سوڀو ديرو شهر ۾ پيدا ٿيو.
• 7 ڊسمبر 1927ع تي قومي خدمتگار ديوان ڏيارام گدومل ديهانت ڪئي.
• 7 ڊسمبر 1944ع تي شاعر وفا محمد “وفا” پلي خانصاحب عطا محمد پلي جي گهر ۾ جنم ورتو.
• 8 ڊسمبر 1957ع تي غلام سرور مغل، ولد خانبهادر رسول بخش مغل وفات ڪئي. غلام سرور مغل جي جنم ڀومي ڪوٽ ڏيجي ضلعو خيرپور ميرس هو. پاڻي سنڌي ۽ اردو جو غزل گو شاعر هو.
• 8 ڊسمبر 1959ع تي ليکڪا ۽ آر ڪيالاجي جي ماهر مستور بخاري، جو جنم روهڙي ۾ سيد محبوب علي شاهه جي گهر ٿيو.
• 8 ڊسمبر 1958ع تي حافظ عبدالستار ڪوريجو. ولد نظام الدين ڪوريجو، ڳوٺ ڪوريجا تعلقي رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. ادبي سڃاڻپ، محقق ۽ تاريخدان اٿس.
• 8 ڊسمبر 1927ع تي شاعر “نديم” انصاري اصل نالو ولي محمد ولد محمد بچل انصاري ڳوٺ موري ضلعي خيرپور ۾ پيدا ٿيو.
• 9 ڊسمبر 1961ع تي رکيل خاصخيلي (الهه رکيو خاصخيلي) ڳوٺ گابر خاصخيلي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.
• 9 ڊسمبر 1958ع تي مشهور نثر نويس الله بچايو ولد يارمحمد سمون وفات ڪئي.
• 10 ڊسمبر 1948ع تي انساني حقن جو عالمي ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي طرفان ٺهراءُ (3) 217-A پيش ڪري پڌرنامو جاري ڪيو ويو.
• 10 ڊسمبر 2003ع تي جڳ مشهور محقق، اديب ۽ ڏاهو غلام مصطفيٰ قاسمي سول اسپتال حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.
• 10 ڊسمبر 1911ع تي مشهور عالم ۽ اديب ڪلياڻ آڏواڻي حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 10 ڊسمبر 1950ع تي ليکڪ، تعليمدان ۽ ٽي وي ڪمپيئر حافظ ارشد انڍڙ، ڳوٺ ستابو انڍڙ، تعلقي پني عاقل ۾ جنم ورتو.
• 11 ڊسمبر 1976ع تي نوجوان ڪهاڻيڪار مشتاق احمد ولد محمد گوپانگ تعلقي ميروخان جي ڳوٺ عثمان گوپانگ ۾ جنم ورتو.
• 11 ڊسمبر 1965ع تي سماجي ورڪر ۽ شاعر ارباب مٺل منگي سوڀيديري شهر ۾ جنم ورتو.
• 11 ڊسمبر 1939ع تي ڏاهپ سان ڀرپور شخصيت سيد ديدار حسين شاهه ولد سيد محبوب علي شاهه ڳوٺ ڳڙهي غلام حيدر قادري رتيديري شهر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ۽ شاهه صاحب کي لاڙڪاڻي ضلعي مان پهريون چيف جسٽس جو اعزاز حاصل آهي.
• 11 ڊسمبر 1982ع تي سماجي ورڪر ۽ ريڊيو لسنر سنجر علي مگسي ولد پيارو خان مگسي جي گهر رشيد وڳڻ لڳ ڳوٺ واحد بخش مگسي ۾ جنم ورتو.
• 11 ڊسمبر 1984ع تي سنڌي ادب جو خدمتگار محمد يعقوب “نياز” ڪراچي ۾ وفات ڪئي.
• 12 ڊسمبر 1923ع تي راز بلڙائي اصل نالو عبداللطيف راز ولد عبدالستار ڪوريجو ڳوٺ درويش تعلقي گهوڙا ٻاري ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. ادبي سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس اٿس.
• 13 ڊسمبر 1938ع تي شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ چترڪار فتاح هاليپوٽو شرجيل ولد (ڪرڙ خان هاليپوٽو) ضلعي نوابشاهه ۾ جنم ورتو.
• 13 ڊسمبر 1942ع تي سنڌ جو بلند پايه عالم، اديب، صحافي ۽ سياسي رهنما حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ولد حڪيم حافظ غلام محي الدين عباسي وفات ڪئي.
• 13 ڊسمبر 1944ع تي سنڌ جو ناميارو سگهڙ ۽ شاعر محمد ملوڪ عباسي ولد محمد صالح عباسي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ موهن جو دڙو لڳ ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙي ۾ ڄائو.
• 13 ڊسمبر 1985ع تي مشهور صحافي ۽ انقلابي اڳواڻ مولانا خير محمد نظاماڻي وفات ڪئي.
• 13 ڊسمبر 2008ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر تاجل بيوس وفات ڪئي.
• 14 ڊسمبر 1976ع تي نيڪ سيرت ۽ اعليٰ گڻن جو مالڪ انسان مولوي عبدالله اثر راهه رباني وٺي ويو.
• 15 ڊسمبر 1931ع تي عالم دين مولانا دين محمد بٺوي وفات ڪئي. مولانا دين محمد ذات جو چانڊيو هو ۽ هن جي جنم ڀومي تعلقو ميروخان آهي.
• 15 ڊسمبر 1927ع تي سماجي ورڪر فيض محمد کرل (فيض درياءُ) ولد علي مراد کرل ڳوٺ صاحب خان ڳوڙو تعلقي قنبر ۾ جنم ورتو.
• 15 ڊسمبر 1946ع تي سنڌي سنگيت جي سريلي گلوڪاره آمينه، اصل نالو غلام زينب شاهه ڌيءَ بخش شاهه حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
• 15 ڊسمبر 1910ع تي مشهور شاعر ۽ اديب ضياءَ الدين ضياءَ ايس بلبل ولد شمس الدين بلبل ميهڙ تعلقي دادو ۾ پيدا ٿيو.
• 15 ڊسمبر 1976ع تي سنڌ جي انمول شخصيت مولانا غلام محمد گرامي راهه رباني ورتي.
• 15 ڊسمبر 1925ع تي سنڌي ٻوليءَ جو سٺو شاعر انور هالائي اصل نالو محمد شفيع ولد احمد خان ابڙو شيدا هالا ۾ ڄائو.
• 15 ڊسمبر 1961ع تي شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مقالا نگار بدر ڌامراهو، ڌامراهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 16 ڊسمبر 1917ع تي لوڪ ادب جو محافظ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڳوٺ جعفر خان لغاري تعلقو سنجهورو ضلعو سانگهڙ ۾ جنم ورتو. ادبي خدمتون تمام وسيع اٿس.
• 16 ڊسمبر 1923ع تي اي. جي اتم (آسن ڄيٺانند اتم چنداڻي) جنم ورتو. ادبي خدمتون، نقاد، محقق ڪهاڻيڪار ۽ مترجم اٿس.
• 16 ڊسمبر 1916ع تي سنڌي ٻوليءَ جو نثر نويس ديوان ڪوڙومل لوڪ پڌاريو.
• 16 ڊسمبر 1960ع تي مشهور صوفي شاعر ۽ بزرگ نصير فقير جلالاڻي وفات ڪئي.
• 16 ڊسمبر 1966ع تي صوفي منش ڀڳتي ۽ راڳي ڀڳت نارومل وفات ڪئي.
• 16 ڊسمبر 1951ع تي ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ جيل ياترا ڪندڙ پهرين عورت اختر بلوچ اصل نالو زرين اختر ٽنڊي ولي محمد حيدرآباد ۾ پيدا ٿي.
• 16 ڊسمبر 1997ع تي شاعر، ڪهاڻيڪار، ۽ بيباڪ صحافي ڊاڪٽر اياز قادري وفات ڪئي. آخري آرام گاهه درگاهه ميان محمد صالح قادري جي ويجهو آهي.
• 17 ڊسمبر 1984ع تي ڪامريڊ جمال الدين بخاري 84 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.
• 17 ڊسمبر 1924ع تي ارجن شاد، پٽ گوبند رام مير چنداني لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ شاعر، پي ايڇ ڊي جو موضوع. “سنڌي غزل” هو جيڪا ڊگري بمبئي يونيورسٽي مان حاصل ڪئي.
• 17 ڊسمبر 1917ع تي شاعر، اديب ۽ صحافي قاضي عبدالحئي “قائل” ولد قاضي عبدالحق ضلعي جيڪب آباد جي شهر ٺل ۾ جنم ورتو.
• 17 ڊسمبر 1845ع تي سنڌي جو مشهور شاعر موهن فقير آهوجا ولد پريم داس تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ عاقل ۾ جنم ورتو.
• 18 ڊسمبر 1977ع تي مولوي محمد حسن پهوڙ راهه رباني وٺي وڃي ابدي آرامي ٿيو. سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ عبدالواحد پهوڙ لڳ منگلان چاڙهي جي مقام ۾ آهي.
• 18 ڊسمبر 1909ع تي ماسٽر چندر پٽ آسن داس ٺارو شاهه ضلعي نوشهرو فيروز ۾ ڄائو. پاڻ سنڌ ۽ هند جو مهان ڪلاڪار ٿي گذريو آهي. ماسٽر چندر جو اصل نالو چانڊومل ڏامواڻي هو.
• 18 ڊسمبر 2011ع تي ڄترڪار حفيظ الله کوهارو دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
• 18 ڊسمبر 1973ع تي نوجوان شاعر پريتم قاضي اصل نالو سڪندر آفتاب قاضي آهي هي نوجوان خضر حيات جي گهر تعلقي رتيديري جي شهر نئين ديري ۾ پيدا ٿيو.
• 19 ڊسمبر 1828ع تي مير ڪرم خان ٽالپر وفات ڪئي. آخري آرام گاهه حيدرآباد ۾ اٿس. هيءَ پهريون ٽالپر حڪمران هو جيڪو حيدرآباد ۾ دفن ٿيو. پاڻ وڏو شاعر هو ڪرم تخلص هئس “ديوان ڪرم” جي نالي سان سندس فارسي غزلن جو مجموعو آهي.
• 19 ڊسمبر 1968ع تي بلند پايه شاعر ۽ اديب لطف الله بدوي وفات ڪئي.
• 20 ڊسمبر 1970ع تي آزاد ابن سنڌ سندس اصل نالو مختيار احمد سومرو آهي گڏيجي شهر جي سومرا محلي ۾ جنم ورتو. سڃاڻپ شاعر ۽ استاد اٿس.
• 20 ڊسمبر 1945ع تي نالي وارو شاعر بلاول اوٺو ڳوٺ خانور اوٺا ۾ ڄائو.
• 20 ڊسمبر 1914ع تي حشو ڪيو لراماڻي جو پورو نالو حشمت ولد ٽهلرام ڪيولراماڻي ڀرياسٽي، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ سنڌ جو مکيه ترقي پسند قومي ڪارڪن، اديب، ڪهاڻيڪار، عالم ۽ سنڌ جو فدائي.
• 20 ڊسمبر 1916ع تي سنڌ جي نامياري تعليمدان ۽ سماجي خدمتگار دادي ليلاوتي هر چنداڻي، هوتچند واڌواڻي جي گهر ۾ هيرآباد حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
• 20 ڊسمبر 1935ع تي ناميارو اديب ۽ استاد پروفيسر ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ، ڳوٺ پٺاڻ، حسين آباد حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 20 ڊسمبر 1946ع تي شاعر فتاح عابد اصل نالو عبدالفتاح ولد عبدالڪريم گدائي لاشاري جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.
• 20 ڊسمبر 1970ع تي شاعر رشيد احمد لاشاري وفات ڪئي.
• 20 ڊسمبر 1960ع تي شاعر عبدالجبار عبد ڳوٺ مريد سيٺار شڪارپور ۾ جنم ورتو.
• 21 ڊسمبر 1952ع تي سنڌو ماٿري جي ماڳ مڪان ۽ قديم تاريخي ثقافتي ورثن بابت کوجنا ڪندڙ بدر ابڙو ولد جمال ابڙو لاڙڪاڻي شهر ۾ جنم ورتو.
• 21 ڊسمبر 2001ع تي امن جو عالي ڏينهن طور ملهائڻ جو اعلان گڏيل قومون جي جنرل اسيمبلي منظور ڪيو، گڏيل قومن جي عالمي اداري جي 1981ع کان اها ڪوشش جاري هئي.
• 21 ڊسمبر 1940ع تي مشهور شاعر ۽ اديب ڪرم ٽالپر اصل نالو قادر بخش ولد عنايت علي ٽالپر ڳوٺ ٽالپر وڏا ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
• 21 ڊسمبر 1959ع تي مشهور ريڊيو پروڊيوسر ۽ سڄاڻ اديب، شاعر مختيار ملڪ اصل نانءُ مختيار حسين ولد شفيع محمد ملڪ خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
• 21 ڊسمبر 1933ع تي ايڪتا (اخبار) هيءَ اخبار هفتيوار لاڙڪاڻي مان جاري ٿيندي هئي. جنهن جو ايڊيٽر قسمت راءِ ڇڳاڻي هو.
• 22 ڊسمبر 1933ع تي عالم اديب شاعر ڊاڪٽر نذير احمد جروار ولد عبدالله عرف جمعہ خان جروار شهدادڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ گل محمد جروار ۾ جنم ورتو.
• 22 ڊسمبر 1919ع تي شاعر مظفر حسين “جوش” ولد محمد حسين خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو خيرپور ۾ هن جو والد صاحب ڪنهن خاص عهدي تي فائز هيو.
• 22 ڊسمبر 1986ع تي اسٽار عبداللطيف ساقي لاهور ۾ وفات ڪئي.
• 23 ڊسمبر 1969ع تي سماجي ورڪر انيڪ خوبين جو مالڪ جاويد صبغت الله ولد صبغت الله مهر ضلعي شڪارپور شهر چڪ ۾ پيدا ٿيو.
• 23 ڊسمبر 1906ع تي نامور محقق ۽ تاريخدان اي بي آڏواڻي حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 23 ڊسمبر 1845ع تي مشهور شاعر خواجه غلام فريد جنم ورتو.
• 24 ڊسمبر 1994ع تي فن موسيقي جو ماهر ۽ شاعر استاد پيرل قنبر لاڏاڻو ڪيو.
• 24 ڊسمبر 1900ع تي ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم “خليل” ولد محمد يوسف شيخ ڪراچي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ شاعر،ا ديب، نقاد، محقق ۽ افسانه نگار اٿس.
• 24 ڊسمبر 1915ع تي جڳ مشهور قانوندان، معروف فلسفي، مشهور اديب ۽ مقرر اي ڪي بروهي، اصل نالو الله بخش ولد ڪريم بخش بروهي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.
• 24 ڊسمبر 1993ع تي ٿر جو عظيم دانشور معمور يوسفاڻي لاڏاڻو ڪيو.
• 24 ڊسمبر 1952ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، نقاد، تاريخ نويس پروفيسر منگارام ملڪاڻي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو.
• 24 ڊسمبر 1952ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، استاد ۽ محقق ٻلديو مٽلاڻي لاڙڪاڻي ۾ بختراءِ مٽلائي جي گهر ۾ جنم ورتو.
• 25 ڊسمبر 1876ع تي قائد اعظم محمد علي جناح ولد جناح پونجاه، ٺٽي ضلعي جهرڪ شهر ۾ جنم ورتو. بعد ۾ سرڪاري حلقن سندس جنم ڀومي ڪراچيءَ کي قرار ڏنو.
• 25 ڊسمبر 1925ع تي آبپاشي جو ماهر ۽ نثر نويس ايم-ايڇ پنهور، مڪمل نالو محمد حسين ولد حاجي خان پهنور ڳوٺ ابراهيم پنهور ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو.
• 25 ڊسمبر 1935ع تي درديلو شاعر ۽ رياست خيرپور جو ناميارو والي مير علي نواز ناز وفات ڪئي آخري آرام گاهه ڪربلا معليٰ ۾ اٿس.
• 25 ڊسمبر 1962ع تي مشهور قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.
• 25 ڊسمبر 1931ع تي سياسي اثر رسوخ رکندڙ شخص سردار واحد بخش خان ڀٽو ڦوهه جواني ۾ لاڏاڻو ڪيو.
• 25 ڊسمبر 1956ع تي سنڌ جو مزاحمتي شاعر ۽ صحافي ڊاڪٽر آڪاش انصاري اصل نالو الهه بخش انصاري ڳوٺ ابل جي وسيءَ بدين ۾ ڄائو.
• 25 ڊسمبر 1964ع تي شاعر ۽ نثر نگار انور ڏنگڙائي اصل نالو انور علي ابڙو ڏنگڙي لڳ موهين جو دڙو ۾ پيدا ٿيو.
• 25 ڊسمبر 1872ع تي چانڊيا قبيلي جو سردار نواب غيبي خان چانڊيي جو اصل نالو علي نواز خان ولد سردار محمد خان چانڊيو، ڳوٺ غيبي ديري (تعلقي ۽ ضلعي قنبر شهدادڪوٽ) ۾ جنم ورتو.
• 25 ڊسمبر 2004ع تي نامور استاد، شاعر ۽ سگهڙ حافظ محمد بخش خاصخيلي وفات ڪئي.
• 25 ڊسمبر 1968ع تي نئين ٽهيءَ جي ليکڪ، ترجمي نگار حبيب ساجد جو پورو نالو حبيب الله ولد رحمت الله بليدي، ڳوٺ گل محمد بلوچ، ضلعي خيرپور ۾ جنم ٿيو.
• 26 ڊسمبر 1955ع تي سنڌ جو يگانو شاعر حافظ حيات شاهه حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪيو.
• 26 ڊسمبر 1997ع تي جيجي ڊاڪٽر در شهوار سيد وفات ڪئي. جيجي درشهوار سيد جون سنڌي ادب ۽ قوم لاءِ تمام گهڻيون خدمتون آهن. آخري آرام گاهه سن ۾ اٿس.
• 27 ڊسمبر 1917ع تي شاعر اختر هالائي اصل نالو خليفو محمد عمر ولد حاجي عبدالرحمان ميمڻ هالا نوان ۾ پيدا ٿيو.
• 27 ڊسمبر 1996ع تي سنڌ جو امر آواز سرمد سنڌي هڪ روڊ حادثي ۾ 35 سالن جي عمر ۾ راهه رباني وٺي ويو.
• 27 ڊسمبر 1953ع تي نثر نويس ۽ شاعر مخدوم محمد صالح ڀٽي پراڻن هالن ۾ وفات ڪئي.
• 27 ڊسمبر 2007ع تي ملڪ جي اڳوڻي وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو کي راولپنڊي ۾ شهيد ڪيو ويو. آخري آرام گاهه ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ اٿس.
• 28 ڊسمبر 1951ع تي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ ۾ پهريون ڀيرو گورنر راڄ فافذ ڪيو ويو.
• 28 ڊسمبر 1984ع تي سنڌ ۽ سيد سان عشق ڪندڙ بشير خان قريشيءَ شادي ڪئي.
• 28 ڊسمبر 1975ع تي ڪهنه مشق شاعر ۽ نهايت خوش مزاج ۽ کلمک انسان شهنشاهه هالائي وفات ڪئي.
• 28 ڊسمبر 1970ع تي سنڌ جو با اثر زميندار غلام محمد وساڻ وفات ڪئي.
• 28 ڊسمبر 1962ع تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي موجوده نشريات جو آغاز ٿيو.
• 28 ڊسمبر 1924ع تي اوچي معياري ليکڪا اتمچنداڻي سندري حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو.
• 28 ڊسمبر 1928ع تي اديب ۽ استاد خالد ٽالپر جو اصل نالو مولوي محمد صديق ٽالپر ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
• 28 ڊسمبر 1936ع تي شاعر سائل آزاد اصل نالو بابو غلام حسين ولد الله بچايو ڊکڻ ۾ جنم ورتو.
• 28 ڊسمبر 1997ع تي برصغير جو بلڪه دنيا جو مهان ڪوي شاعر شيخ اياز اَسر ويل 4 وڳي ڌاري ميڊ ايسٽ اسپتال ڪراچي ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو آخري آرام گاهه ڪراڙڍنڍ جي ڪپ تي ڀٽائي گهوٽ جي پاڙي ۾ اٿس.
• 29 ڊسمبر 1999ع تي بشير خان قريشي 11 مهيان 12 ڏينهن قيد ڪاٽي حيدرآباد سينٽرل جيل مان آزاد ٿيو.
• 29 ڊسمبر 1937ع تي بهترين گلوڪاره، ليکڪا، اداڪاره ۽ صداڪاره زرينه بلوچ ڌي محمد موسيٰ بلوچ ڳوٺ الهداد چنڊ حيدرآباد ۾ پيدا ٿي. سندس اصل نالو آمنه هو. سنڌ جا ماڻهو جيجي جي لقب سان سڏيندا هئس.
• 30 ڊسمبر 1920ع تي سنڌ جو مايه ناز اديب، شاعر، عالم، صحافي ۽ دانشور مولانا غلام محمد گرامي ولد جاڙو خان لغاري ميهڙ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو.
• 31 ڊسمبر 1980ع تي نوجوان شاعر همراز علي فقير اصل نالو (امتياز حسين) والد جو نالو خدابخش مڱڻهار سندس جنم سوڀوديرو شهر ۾ ٿيو.
• 31 ڊسمبر 1982ع تي نامور زميندار، اديب، موسيقيءَ ۽ ثقافت جي عاشق رئيس ڪريم بخش نظاماڻي وفات ڪئي. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي 1909ع ڌاري ماتلي ضلعي بدين ۾ جنم ورتو هو.
• 31 ڊسمبر 1919ع تي مشهور اديب، لوڪ ادب جو پارکو ۽ لسانيات جو ماهر ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ولد سهراب خان سنديلو ڳوٺ محراب خان سنديلو تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.