فيبروري
• پهرين فيبروري 1936ع تي سنڌ جو نالي وارو محقق، مترجم ۽ مضمون نگار عطا محمد ڀنڀرو ڳوٺ بچل ڀنڀرو ضلعي خيرپور ۾ پيدا ٿيو.
• پهرين فيبروي 1984ع تي فراز عالم اصل نالو حبدار علي سولنگي ڳوٺ نهال خان سولنگي ۾ جنم ورتو ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.
• پهرين فيبروري 1740ع تي نادر شاهه سنڌ ۾ پهتو.
• پهرين فيبروري 1895ع تي تحريڪ پاڪستان جو ممتاز رهنماءَ محمد هاشم گذدر جيسلمير ۾ ڄائو.
• پهرين فيبروري 1997ع تي سنڌ جو مايه ناز فنڪار نور محمد لاشاري لاڏاڻو ڪيو.
• پهرين فيبروري 1877ع تي سنڌ جي بي مثال عوامي شاعر مولوي احمد ملاح تعلقي بدين جي هڪ ڳوٺ ڪنڊيءَ ۾ جنم ورتو.
• پهرين فيبروري 1942ع تي ناميارو استاد، شاعر ۽ نثر نگار الهورايو بهڻ ضلعي سانگهڙ جي تعلقي سنجهوري جي هڪ ڳوٺ گڙنگ ۾ ڄائو.
• پهرين فيبروري 1940ع تي سڪيلڌي ۽ لاڏلي فنڪاره ڀڳونتي ناواڻي ڪراچي ۾ جنم ورتو.
• پهرين فيبروري 1967ع تي سڄاڻ ليکڪ، صحافي ۽ هاءِ ڪورٽ جو وڪيل اندر جيت لوهاڻو ٽنڊي باگي ضلعي بدين ۾ ڄائو.
• پهرين فيبروري 1978ع تي نوجوان شاعر رحمت الله پيرزادو ولد مير محمد پيرزادو سڪرنڊ، ضلعي نوابشاهه (بينظرآباد) ۾ جنم ورتو.
• پهرين فيبروري 1975ع تي راڳي مريد علي ڄامڙو ڳوٺ گل ڄامڙي ۾ جنم ورتو.
• پهرين فيبروري 1978ع تي نوجوان صحافي رئوف چانڊيي جو پورو نالو عبدالرئوف ولد عبدالغفور چانديو، ڳوٺ پنهون خان چانڊيي، تعلقي ميروخان ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
• پهرين فيبروري 1971ع تي اداڪار خير محمد ڏاهري ڳوٺ حاجي محمد وارث ڏاهري، تعلقي موري ۾ جنم ورتو.
• پهرين فيبروري 1980ع تي نوجوان ٽهيءَ جو شاعر ياسين چانڊيو ولد خادم حسين چانڊيو تعلقي باقراڻيءَ جي ڳوٺ آندل خان چانڊيي ۾ پيدا ٿيو.
• پهرين فيبروري 1982ع تي صفدر علي مهيسر ولد حسن علي مهيسر جي گهر رفيق مهيسر ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ ايڊيٽر اٿس.
• پهرين فيبروري 1961ع تي نوجوان شاعر گوهر سنڌي پورو علي گوهر سومرو رستم ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
• 2 فيبروري 1952ع تي ٽي وي ڊرامه نويس ڪيهر شوڪت ولد غلام عباس ڪيهر دادو شهر ۾ جنم ورتو. اباڻو ڳوٺ آگاڻي تعلقو لاڙڪاڻو اٿس.
• 2 فيبروري 1901ع تي علي اڪبر شاهه ولد سيد احمد شاهه ميهڙ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ. پاڻ اعليٰ پائي جو عالم دين، سماجي خدمتگار ٿي گذريو آهي.
• 2 فيبروري 1935ع تي لقمان ثاني، صاحب تقويٰ مفتي غلام عمر جتوئي راهه رباني وٺي مالڪي حقيقي سان مليو.
• 2 فيبروري 1988ع تي مشهور شاعر، اديب ۽ سماجي خدمتگار امرتراءِ “سام” جئسگهاڻي وفات ڪئي.
• 2 فيبروري 1914ع تي پروفيسر غلام حسين جلباڻي نوشهروفيروز جي جلباڻي ڳوٺ ۾ جنم ورتو.
• 2 فيبروري 1944ع تي مشهور استاد ۽ راڳي انور الدين جتوئي ولد حاجي محمد عثمان جتوئي ڳوٺ ٺوڙها، تعلقي موري ۾ جنم ورتو.
• 2 فيبروري 1954ع تي شاعر ماٺيڻو اوٺو جنم ورتو.
• 2 فيبروري 1984ع تي نوجوان شاعر سميع سجاد اصل نالو عبدالسميع ولد سجاد ميراڻي تعلقو ڪنگري، ضلعو خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
• 3 فيبروري 1962ع تي نقاد، اديب، ڪالم نويس انعام شيخ اصل نالو انعام الله ولد حاجي گل محمد شيخ ڪرما باغ محلي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 3 فيبروري 1930ع تي محمد حسين “ڪاشف“ ولد حافظ محمد عمر ڪنڀار چمبڙ تعلقي ٽنڊي الهيار ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ، اديب، شاعر، محقق، نقاد، مقاله نگار ۽ تعليمي ماهر اٿس.
• 3 فيبرروي 1962ع تي ليکڪ ۽ شاعر محمد علي پٺاڻ ولد حبيب الله پٺاڻ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 4 فيبروري 1973ع تي نوجوان شاعر ۽ ڪهاڻيڪار مسيح مگسي قنبر لڳ ڳوٺ ڇڄڙا ۾ استاد محمد خان مگسي جي گهر ۾ جنم ورتو.
• 4 فيبروري 1977ع تي نوجوان شاعر عبدالله “شجاع” سنڌي لاهري محلي لاڙڪاڻي ۾ حڪيم محمد بخش ٽگڙ جي گهر ۾ جنم ورتو.
• 4 فيبروري 1964ع تي ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ ناٽڪ نويس اختر رند اصل نالو اختر علي رند ڳوٺ مير رند تعلقي ميهڙ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
• 4 فيبروري 1968ع تي صحافي ۽ سماجي ورڪر بختيار چنا نوابشاهه ۾ جنم ورتو.
• 4 فيبروري 1940ع تي مشهور اقتصادي ماهر ۽ اديب علي اڪبر ڍڪڻ، ولد محمد رمضان ڍڪڻ ڳوٺ پنهور، تعلقي وارهه، ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
• 4 فيبروري 1968ع تي نوجوان شاعر نالي مٺو مهيسر ڳوٺ گاهي مهيسر ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
• 4 فيبروري 1978ع تي نوجوان شاعر، ليکڪ ۽ پبلشر سعيد سومرو قنبر ۾ جنم ورتو.
• 5 فيبروري 1981ع تي ايم. آر. ڊي نالي سياسي اتحاد 70 ڪلفٽن ڪراچي ۾ اٺن سياسي پارٽين ۾ گڏيل اجلاس دوران عمل ۾ آيو.
• 5 فيبروري 1962ع تي ريڊيو ڪئمپر، شاعر ۽ نثر نويس امر ساهڙ جو اصل نالو غلام قادر ولد محمد صديق ڳوٺ ٿاڌات ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڄائو.
• 5 فيبروري 1937ع تي نالي وارو نثر نگار بيدار مورائي اصل نالو فتح الدين سومرو موري شهر ۾ جنم ورتو.
• 5 فيبروري 1977ع تي نوجوان شاعر اياز امر شيخ ڳوٺ گاهي خان شيخ تعلقي سجاول ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.
• 5 فيبروري 1969ع تي نئين ٽهي جي شاعر عاشق چانڊيي جو اصل نالو احمد علي ولد محمد سليمان چانڊيو، ڳوٺ ايوب خان چانڊيي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.
• 5 فيبروري 2001ع تي سنڌ جي تعليمي ماهر ۽ ليکڪ بشير احمد قريشي وفات ڪئي.
• 6 فيبروري 1987ع تي نثار احمد کهڙو پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي.
• 6 فيبروري 1952ع تي تنوير جوڻيجو ڌيءَ صدر الدين جوڻيجو شهر مٺي ۾ پيدا ٿي. پاڻ مشهور ڪهاڻيڪاره ۽ اديب هئي.
• 6 فيبروري 1997ع تي علي محمد مجروح ولد خير محمد پنهور وفات ڪئي. پاڻ بهترين شاعر ۽ صحافي ٿي گذريو آهي.
• 7 فيبروري 1992ع تي سنڌ جو جدت پسند موسيقار استاد نياز حسين لاڏاڻو ڪيو.
• 7 فيبروري 1932ع تي پنهنجي وقت جو اهم شاعر آخوند عبدالقادر “بيدل” ولد محمد پناهه ڀٽو انتقال ڪيو.
• 7 فيبروري 1981ع تي سنڌ جو ڏاهو اديب محمد عثمان ڏيپلائي حيدرآباد، سنڌ ۾ وفات ڪئي. سندس مزار شاهه مڪي (حيدرآباد ڪئنٽونمينٽ) واري مقام ۾ آهي.
• 7 فيبروري 1975ع تي سنڌ موويز جي پهرين پيشڪش بادل ۽ برسات فلم جيڪا پيار ڪهاڻيءَ تي منبي هئي.
• 8 فيبروري 1984ع تي نوجوان ڪهاڻيڪار الطاف امر پوسٽ آفيس محلي قنبر علي خان ۾ عبدالرحمان گوپانگ جي گهر ۾ جنم ورتو.
• 8 فيبروري 1984ع تي خاوند ڏنو لاڙڪ ولد محمد ڇٽل لاڙڪ تعلقي سوڀي ديري جي ننڍڙي ڳوٺ پوٺي لاڙڪ ۾ اک کولي اديب سڃاڻپ، تحقيق ۽ شاعري اٿس.
• 8 فيبروري 1942ع تي برصغير جو ناميارو گويو استاد سينڌو خان وفات ڪئي. آخري آرام گاهه درگاهه محمد فقير کٽياڻ تي آهي. استاد سينڌو خان عظيم موسيقار سان گڏ فارسي، اردو ۽ سنڌيءَ جو بهترين شاعر هو.
• 8 فيبروري 1961ع تي دوست محمد لغاري ولد عبدالعزيز لغاري ڳوٺ مينهون لغاري تعلقي شهدادڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو سڃاڻپ، مقبول ڪمپيئر ۽ ليڪچرار آهي.
• 8 فيبروري 1935ع تي ڊاڪٽر اسحاق ابڙو ولد عبدالحڪيم ابڙو ڳوٺ امام بخش ٿيٻي تعلقي ميهڙ ۾ ڄائو. ادبي خدمتون، فارسيءَ ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري. شاهه عنايت شهيد جي فڪري پوئلڳ روهڙي جي سادات خاندان ميرجان الله شاهه رضوي جي فارسي علام.
• 8 فيبروري 1948ع تي سنڌي ڪمپوزنگ جو باني عبدالماجد ڀرڳڙي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 9 فيبروري 1996ع تي سنڌ جو مايا ناز عالم اديب، ۽ محقق ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي گهر جي ڏاڪڻ تان ڪرڻ سبب زخمي ٿي پيو جنهن سبب 11 فيبروري 1996ع تي زخمن جا تاب نه سهندي ڪراچي ۾ وفات ڪئي. کيس لاڙڪاڻي ۾ شيخ زيد اسپتال لڳ قبرستان علي بحر ۾ دفنايو ويو.
• 9 فيبروري 1940ع تي ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ اديب نذير قاضي اصل نالو پروفيسر نذير احمد ولد محمد قاسم قاضي موري شهر ۾ پيدا ٿيو.
• 9 فيبروري 1896ع تي سنڌ جي تاريخي ۽ سماجي عورت بيگم نصرت حاجي عبدالله هارون عراق جي شهر ڪرمان ۾ پيدا ٿي.
• 10 فيبروري 1926ع تي اسدالله شاهه “فدا” هن فاني جهان کي الوداع ڪيو. ادبي سڃاڻپ. اديب، شاعر ۽ عالم هئس.
• 10 فيبروري 1908ع تي شيخ عبدالمجيد سنڌي حيدرآباد ۾ شيخ عبدالرحيم جي هٿان مسلمان ٿيو مسلمان ٿيڻ کان پهرين سندس نالو جيٺانند هو.
• 10 فيبروري 1968ع تي تحريڪ پاڪستان جو ممتاز رهنماء حاجي محمد هاشم گزدر وفات ڪئي.
• 10 فيبروري 1985ع تي مشهور شاعر، صحافي ۽ وڪيل هادي بخش لاڙڪ خيرپور ۾ وفات ڪئي.
• 10 فيبروري 2001ع تي سنڌ جو نالي وارو اديب ۽ ڪهاڻيڪار گوبند مالهي ڀارت ۾ ديهانت ڪئي.
• 10 فيبروري 1938ع تي شاعر، اديب ۽ قانوندان خادم حسين ابڙو ولد الهه ورايو ڳيريلي تعقلي ڏوڪريءَ ۾ پيدا ٿيو.
• 10 فيبروري 1952ع تي جاگرافيءَ جي ماهر، ليکڪ ۽ استاد، محمد رفيق ڌناڻي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.
• 10 فيبروري 1914ع تي سنڌ جو نامور شخص الاهي بخش خميساڻي خيرپور ۾ جنم ورتو.
• 10 فيبروري 1976ع تي نوجوان ڊرامه نگار، ڊائريڪٽر ۽ شاعر ايوب گل ولد نظام الدين جو جنم ڳوٺ محمد بچل راڄڙ، ضلعي سانگهڙ ۾ ٿيو.
• 10 فيبروري 1940ع تي شاعر گوپال حڪومتراءِ ٺڪر سيوهڻ ۾ جنم ورتو.
• 11 فيبروري 1975ع تي علم، ادب جي ديوي شري سرلا ديوي 60 سالن جي عمر ۾ ديهانت ڪئي.
• 11 فيبروري 1877ع تي ممتاز عالم دين، قادر الڪلام شاعر حاجي احمد ملاح ولد نانگو ملاح ڳوٺ ڪنڊي ديهه لوهڻ تعلقي بدين ۾ پيدا ٿيو.
• 11 فيبروري 1944ع تي ثميره زرين ڌي محمد اعظم جي گهر شڪارپور ۾ ڄائي. سندس گهرو نالو سڪينه هو. سنڌي افساني جي فن ۾ کيس خاتون اول جي لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو.
• 11 فيبروري 1947ع تي لاکيڻي لطيف جو ناميارو پارکو ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪيو.
• 12 فيبروري 1988ع تي سنڌ جو ٽيگور ۽ خليل جبران سڏجهندڙ امرت راءِ سلم 85 ورهن ۾ ديهانت ڪئي.
• 12 فيبروري 1978ع تي نامور محقق رحيمداد خان مولائي شيدائي سکر ۾ وفات ڪئي جنم جو سال 1894ع اٿس.
• 12 فيبروري 1920ع تي اديب، عالم، حڪيم ۽ شاعر مير علي نواز علوي وفات ڪئي.
• 12 فيبروري 1933ع تي سنڌ جو سماجي خدمتگار مير غلام محمد خان ٽالپر وفات ڪئي.
• 13 فيبروري 2007ع تي شاعر الطاف عباسي الطاف نبي هن فاني جهان کي الوداع ڪيو.
• 14 فيبروري 1940ع تي ناميارو راڳي محمد يوسف ولد لؤنگ فقير مگڻهار حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 14 فيبروري 1976ع تي شاعر، ليکڪ، ريڊيو ڪمپيئر ۽ مرتب حاجي حسين جلباڻي ڳوٺ نورنگ خان جلباڻي تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 14 فيبروري 1997ع تي سرسنگيت جو راڻو محمد يوسف سنڌي قوم کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
• 14 فيبروري 1936ع تي هاري ڪاميٽيءَ جو بيباڪ اڳواڻ ڪامريڊ مظفر جتوئي ولد ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي گهوٽڪي ۾ جنم ورتو.
• 15 فيبروري 1933ع تي ڊاڪٽر غلام قادر سومرو ڳوٺ ڏيٿا تعلقو ڪنڊيارو ضلعو نوشهروفيروز ۾ جنم ورتو. ادبي خدمتون پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ سنڌي ادب ۾ طنز مزاح-ڪهاڻيڪار، مترجم، محقق ۽ نقاد آهي.
• 15 فيبروري 1966ع تي سنڌ جو مشهور قانوندان ۽ درويش انسان رحيم بخش شيخ وفات ڪئي. رحيم بخش شيخ جي جنم ڀومي شڪارپور آهي رحيم بخش جي پيدائش 1895ع ۾ ٿي.
• 15 فيبروري 1925ع تي علي محمد شيخ ولد محمد خان ڳوٺ موري منگر تعلقي حيدرآباد ۾ ڄائو. ادبي سڃاڻپ سنڌي صحافت جي آسمان جو روشن ستارو هو.
• 15 فيبروري 1935ع تي سنڌ جو عظيم رياضيدان ڊاڪٽر نورمحمد ٽالپر حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 15 فيبروري 1930ع تي مشهور سنڌي گائڪ آزاد صوفي اصل نالو پي بي دريا ناڻي خيرپور ۾ ڄائو.
• 15 فيبروري 1938ع تي سنڌ جو نالي وارو محقق، تاريخدان ۽ آرڪيالاجسٽ سيد حاڪم علي شاهه بخاري ڳوٺ غلام چانڊيي دادو ۾ ڄائو.
• 15 فيبروري 1919ع تي نامور اديب، سماج سڌارڪ ۽ تعليم دان پروفيسر عبدالرحيم ولد الله بچايو ڏيٿو ڳوٺ ٻيلو تعلقي سجاول، ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو.
• 15 فيبروري 1971ع تي نوجوان ٽهيءَ جو خوبصورت شاعر، ڪوڙل قربدار جو ڇٽيءَ جو نالو ذوالفقار علي ولد جاڙو خان سمون ڳوٺ فيض محمد بجراڻي چانڊيي، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو.
• 15 فيبروري 1931ع تي شاعر ڀڳوانداس ڪيسومل دولتاڻي “هوش” ميرپور ماٿيلو ۾ جنم ورتو.
• 16 فيبروري 1934ع تي قومي شاعر ۽ صحافي پروانو ڀٽي اصل نالو (ميوو خان) ٽنڊو محمد خان ۾ جنم ورتو.
• 16 فيبروري 1981ع تي الطاف راجا اصل نالو الطاف حسين ذات چنو چنا ڳوٺ خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ؛ شاعر، مضمون نگار، ڪهاڻيڪار، ترجمي نگار ۽ ايڊيٽر اٿس.
• 16 فيبروري 1997ع تي راهي چنا وفات ڪري ويو. کيس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ڪالونيءَ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.
• 16 فيبروري 1988ع تي مشهور ڪهاڻيڪار ۽ شاعر رشيد ڀٽي لاڏاڻو ڪيو.
• 16 فيبروري 1948ع تي ڀارت جي مشهور ليکڪا وينا شرنگي ڌيءَ مهراج گوپي ڪرشن شهدادڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائي.
• 16 فيبروري 1916ع تي مشهور استاد ۽ تعليم دان غلام رضا ڀٽو هالا شهر ۾ پيدا ٿيو.
• 17 فيبروري 1965ع تي پارس عباسي سنڌ جي نالي واري شاعر تنوير عباسي جي نياڻي آهي. ادبي سڃاڻپ شاعره اٿس.
• 17 فيبروري 1843ع تي مياڻي وٽ انگريز ۽ ٽالپرن جي لشڪر ۾ خونريز جنگ لڳي.
• 17 فيبروري 1988ع تي اسڪائوٽنگ جي خدمت ڪندڙ رحم علي جعفري لاڏاڻو ڪري ويو.
• 17 فيبروري 1945ع تي ناميارو فنڪار، ٽيلي ويزن ۽ ڊرامه نگار محمود صديقي ولد مولوي احمد صديقي سکر ۾ ڄائو.
• 17 فيبروري 1976ع تي شاعر غمدل غني اصل نالو عبدالغني منگي، رستم شڪارپور ۾ جنم ورتو.
• 18 فيبروري 1843ع تي چارلس نيئپر مير محمد نصير خان ۽ ٻين ميرن کي گرفتار ڪيو.
• 18 فيبروري 1936ع تي پير اصغر شاهه راشدي راهه رباني وٺي ويو سندس مزار پير ڳوٺ ۾ روضي شريف جي ٻاهران اتر طرف آهي.
• 18 فيبروري 1981ع تي جيمس آباد جو نالو تبديل ڪري ڪوٽ غلام محمد رکيو ويو.
• 18 فيبروري 1977ع تي زرعي ڪاليج ٽنڊو ڄام کي زرعي يونيورسٽي جو درجو مليو. سال 1928-29ع ڌاري ڪنگ جارج پنجين جي نالي سان سڪرنڊ ۾ هڪ زرعي ڪاليج قائم ڪيو ويو بعد ۾ انهيءَ ڪاليج کي 1954ع ۾ سڪرنڊ کان ٽنڊو ڄام منتقل ڪيو.
• 18 فيبروري 1967ع تي احمد علي “مجذوب“ ڄام شورو اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
• 18 فيبروري 1931ع تي سنڌ ۽ هند جو ناميارو اديب ٺاڪر چاول ڪراچي ۾ جنم ورتو.
• 18 فيبروري 1960ع تي سنڌ هاري ڪاميٽي جو صدر ڪامريڊ اظهر ولد مظهر علي جتوئي حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 18 فيبروري 1831ع تي سيد صبغت الله شاهه اول تجر ڌڻي (پهريون پير پاڳارو) وفات ڪئي. سيد صبغت الله شاهه اول جو جنم 1769ع ۾ ٿيو.
• 18 فيبروري 1981ع تي شاعر ماٺيڻو اوٺو وفات ڪئي.
• 19 فيبروري 1843ع تي ڪئپٽن پيلي قلعي ۾ رهندڙ بلوچ عملي کي آگاهه ڪيو ته سڀاڻي انگريزي جهنڊو قلعي ۾ چاڙهيو ويندو.
• 19 فيبروري 1902ع تي سنڌ جو مشهور ناميارو ديني عالم مولانا عبدالله چانڊيو، ولد غلام حيدر چانڊيو، ڳوٺ ملان چانڊيي (جواب پور چانڊيي) ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.
• 20 فيبروري 1843ع تي منجهد جو (2) وڳي ڪرنل پٽيل پياده فوج، گهوڙي سوارن ٻن توپن سان حيدرآباد جي قلعي ۾ داخل ٿيو ۽ قلعي جي مناري تي اڇي ۽ ڳاڙهي رنگ جو ڇهن ستن پٽين وارو لڳل سنڌ جو نقشو لاهي اتي برطانيه جو جهنڊو ڦڙڪايو ويو.
• 20 فيبروري 1958ع تي موجوده دور جي تمام وڏي گلوڪاره عابده پروين ڌيءَ غلام حيدر جي گهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 20 فيبروري 1977ع تي نوجوان شاعر تنها سيف بخاري اصل نالو سيد سيف الله شاهه بخاري هالا ۾ جنم ورتو.
• 20 فيبروري 1931ع تي مشهور شاعر خير محمد سوز ولد خدا بخش ٻرڙو تعلقي قنبر جي ڳوٺ ڇڄڙا ۾ پيدا ٿيو.
• 20 فيبروري 1969ع تي جميل گاد ولد گل محمد گاد لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ ڪالم نگار، ڪلچرل ريسرچر ورڪر ۽ قومي ڪارڪن آهي.
• 21 فيبروري 1938ع تي شاعر، نامور مصور ۽ آرٽسٽ رضوان عمراڻي ولد محمد شفيع عمراڻي جي گهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. لاڙڪاڻي ۾ مدر گيلريءَ جو باني آهي.
• 21 فيبروري 1985ع تي پير علي محمد اظهر ريلائي انتقال ڪيو. ادبي سڃاڻپ شاعر، نقاد ۽ اديب هو.
• 21 فيبروري 1969ع تي مشهور شاعر ۽ بلند پايه عالم دين مولانا حبيب الله ولد سعد الله اعواڻ جنم ورتو. مولانا حبيب الله شهدادڪوٽي سان مشهور هو.
• 21 فيبروري 1857ع تي قابل قدر شاعر، بي نظير نثر نويس ۽ صحافي شمس الدين بلبل ولد بهادر خان ذات تنيو ميهڙ ضلعي دادو ۾ ڄائو.
• 21 فيبروري 1981ع تي قادر الڪلام شاعر عبدالله خواب هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو.
• 22 فيبروري 1923ع تي مشهور غزل گوشاعر حافظ شاهه ناطق حسيني ولد سيد الله بخش شاهه ٽکڙ ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 22 فيبروري 1922ع تي مولانا محمد قاسم مشوري پنهنجي ڳوٺ مشهوري شريف ۾ مدرسو قاسميه قائم ڪيو.
• 22 فيبروري 1978ع تي سنڌ جو ناميارو محقق، مورخ، اديب ۽ شاعر رحيم داد “مولائي شيدائي” وفات ڪئي مولائي شيدائي جي والد جو نالو شير محمد خان بروهي هو. مولائي شيدائي سکر ۾ 1894ع ۾ جنم ورتو.
• 22 فيبروري 1911ع تي مشهور شاعر محمد جمن هالو ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.
• 22 فيبروري 1982ع تي سنڌ جو نالي وارو ليکڪ ڀارومل اَمداڻي، سوٽهڙ چيلهار شهر، تعلقي ڇاڇڙي ۾ ڄائو.
• 23 فيبروري 1951ع تي نامياري قومي شاعر، غلام احمد نظامي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.
• 24 فيبروري 1935ع تي نامور قانوندان ۽ سياستدان عبدالحفيظ ولد عبدالستار پيرزادو پراڻي سکر ۾ ڄائو.
• 25 فيبروري 2007ع تي نظر لاکائي هن فاني ڏيهه کي ڇڏي مالڪ حقيقي سان مليو.
• 25 فيبروري 1941ع تي تعليمي ماهر، استاد ۽ محقق اي آر ملڪ مڪمل نالو پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحيم ملڪ گهوٽڪي ۾ ڄائو.
• 25 فيبروري 1885ع تي جديد سنڌي شاعريءَ کي نئون موڙ ڏيندڙ شاعر ڪشنچند بيوس لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 25 فيبروري 1952ع تي شاعر مير غلام رسول غريب ٽالپر ڳوٺ مير باغ علي خان ضلعي بدين ۾ ڄائو.
• 25 فيبروري 1942ع تي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ابرار قاضي ولد سچي ڏنو قاضي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
• 25 فيبروري 1965ع تي شاعر اعجاز منگي جو جنم ڏينهن آهي.
• 26 فيبروري 1976ع تي محقق ۽ اديب محمد حنيف صديقي لاڏاڻو ڪيو.
• 26 فيبروري 2003ع تي سنڌ جو بيباڪ سياسي اڳواڻ ۽ صحافي حمزو خان پليجو ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪيو.
• 27 فيبروري 1953ع تي سنڌ جو ناميارو مزاحيه اداڪار رشيد چارڻ اصل نالو عبدالرشيد ولد شفيع محمد چارڻ دادو شهر ۾ جنم ورتو.
• 27 فيبروري 1928ع تي نالي وارو شاعر فقير جعفر علي پنهور ولد باقر علي ڌامراهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.
• 27 فيبروري 1985ع تي سنڌ جو مزاحيه فنڪار محمد فقير مسخرو سنڌ جي ماڻهن کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو.
• 27 فيبروري 1973ع تي مولانا دين محمد اديب فيروز شاهي وفات ڪئي.
• 27 فيبروري 1971ع تي نوجوان ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن اياز مهيسر تعلقي ميهڙ جي ڳوٺ قاضي محمد عارف ۾ جنم ورتو.
• 27 فيبروري 1970ع تي نوجوان شاعر، ليکڪ ۽ ريڊيو ڪمپيئر رياضت ٻرڙو ولد شوڪت علي ٻرڙو قنبر علي خان ۾ جنم ورتو.
• 27 فيبروري 1932ع تي شاعر آس صابلداس ولسواڻي “مجبور” بنگل ديرو ۾ جنم ورتو.
• 28 فيبروري 1949ع تي عبدالحڪيم سومرو راڻي پور شهر ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ، شاعر اٿس.
• 28 فيبروري 1949ع تي ٽي وي اداڪار صلاح الدين تونيو ولد محمد ابراهيم تونيو خيرپور جوسي ڀرسان ڳوٺ حاجي ڌڻي بخش تونيو تعلقي قنبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 28 فيبروري 1965ع تي شاعر، اديب، صحافي ۽ سماج سڌارڪ زاهد ميراڻي اصل نالو زاهد حسين ولد قادر بخش ميراڻي ڌاڪ تلاءَ، رتيديري ۾ جنم ورتو.
• 28 فيبروري 1931ع تي مضمون نگار ۽ صحافي ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو موهن جي دڙي جي ڳوٺ ڪاراڻي ۾ جنم ورتو. پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ (1988ع.)
• 29 فيبروري 1976ع تي پرنس ڪريم آغا خان “آغا خان ايوارڊ جاري ڪيو، جيڪو فن تعمير متعلق آهي. سندس مقصد آهي ته دنيا جون عظيم يادگار عمارتون جيڪي زبون ٿي رهيون آهن، تن جي حفاظت ڪئي وڃي.
-------------------------------------------
الرحيم پبليڪيشن لاڙڪاڻو؛ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي ۽ ميمڻ غلام مصطفيٰ مشتاق 1978ع ۾ قائم ڪئي.