آڪٽوبر
• پهرين آڪٽوبر 1944ع تي نامور محقق جيئل اوڏ ولد اتم چند اوڏ ڳوٺ شاهه پاڙي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
• پهرين آڪٽوبر 1895ع تي مادرِ ملت محترمه فاطمہ جناح پيدا ٿي.
• پهرين آڪٽوبر 1964ع تي يوسف سنڌي (اصل نالو محمد يوسف ميمڻ دڙو شهر ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ، محقق، ۽ مترجم، نقاد، ڪهاڻيڪار پبلشر اٿس.
• پهرين آڪٽوبر 1920ع تي سنڌ جو نامور شاعر، اديب، ڊرامه نويس ۽ صحافي زيب عاقلي اصل نالو عبدالحق سومرو لاڙڪاڻي شهر ڀرسان ڳوٺ عاقل خالد ۾ ڄائو.
• پهرين آڪٽوبر 1940ع تي سنڌ جو ترقي پسند قومي شاعر سرڪش سنڌي اصل نالو عبدالمجيد ولد مولوي عبدالله چانڊيو ڳوٺ ڀلي پوٽا لڳ رام جي سيتا ضلعي دادو ۾ ڄائو.
• پهرين آڪٽوبر 1957ع تي اڪبر ساگر اصل نالو علي اڪبر جوکيو شڪارپور جو ناميارو شاعر آهي ڳوٺ چوڏهيو سڌايو شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.
• پهرين آڪٽوبر 1982ع تي گلوڪاره ديبا ڪنول بدين ۾ جنم ورتو.
• 2 آڪٽوبر 1962ع تي ناز سنائي اصل نالو محمد عثمان ميمڻ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ؛ اديب، تنقيد نگار، ايڊيٽر ۽ پبلشر اٿس.
• 2 آڪٽوبر 1948ع تي الطاف اثيم ولد محمد ايوب منگي راڻي پور شهر ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ، شاعر تحقيق، تاريخ ۽ آثار قديم آهي.
• 2 آڪٽوبر 1934ع تي ماهر تعليم ۽ سماجي اڳواڻ انيتا غلام علي ڪراچي ۾ جنم ورتو.
• 2 آڪٽوبر 1928ع تي شاعر ايشور نارائڻداس شرما آنچل جنم ورتو.
• 2 آڪٽوبر 1971ع تي نوجوان ليکڪ، شاعره ۽ وڪيل ڪلپنا ديوي جنم ورتو.
• 3 آڪٽوبر1941ع تي عنايت بلوچ ولد غلام نبي اداسي بلوچ احمد پور ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ؛- ناميارو شاعر، اديب، ۽ براڊڪاسٽر آهي.
• 3 آڪٽوبر 1828ع تي مشهور ڪافي گو شاعر مصري شاهه نصرپوري ولد سيد بلند شاهه نصرپور جي رضوي ساداتن جي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو.
• 4 آڪٽوبر 1947ع تي خيرپور رياست پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.
• 4 آڪٽوبر 1919ع تي ويهين صدي ۾ سنڌ اندر کوڙ علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ مذهبي شخصيت مخدوم طالب الموليٰ، اصل نالو مخدوم محمد زمان ولد مخدوم غلام محمد هالا نوان ۾ پيدا ٿيو.
• 4 آڪٽوبر 1948ع تي ناميارو قانوندان سر غلام حسين هدايت ڪراچي ۾ وفات ڪئي.
• 4 آڪٽوبر 1967ع تي نوجوان شاعر ۽ ايڊيٽر اياز جاني اصل نالو اياز حسين ولد قربان علي ميمڻ رحمت پور محلي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 4 آڪٽوبر 1977ع تي نئين ٽهيءَ جي شاعر ۽ نثر نويس رضوان گل پورو نالو رضوان الحق پٺاڻ ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي گهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ٿيو.
• 5 آڪٽوبر 1966ع تي صوفي سيد مقبول حسين جهانيان جنم ورتو ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.
• 5 آڪٽوبر 1954ع تي مشهور سياستدان اعجاز علي خان جتوئي ولد رئيس عبدالحميد خان جتوئي ضلعي دادو جي ٻيٽي جاگير ۾ ڄائو.
• 5 آڪٽوبر 1939ع تي ناليوارو اديب ۽ محقق ڊاڪٽر غلام حيدر ولد حاجي علي مراد ٻرڙو ڳوٺ مبارڪ ٻرڙي، تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو.
• 5 آڪٽوبر 1956ع تي سنڌ جي نامياري قومپرست سياسي اڳواڻ ڊاڪٽر دودي مهيريءَ جو پورو نالو دودو ولد محمد صالح مهيري ڳوٺ بجاري شريف، تعلقي ڪڙيي گهنور (موجوده شهيد فاضل راهو) ضلعي بدين ۾ جنم ورتو.
• 5 آڪٽوبر 1966ع تي نوجوان شاعر رياض سمون اصل نالو رياض حسين ولد غلام علي سمون لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 6 آڪٽوبر 2006ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر آثم ناٿن شاهي لاڏاڻو ڪيو.
• 6 آڪٽوبر 1980ع تي نوجوان شاعر امر پيرزادو جنم ورتو.
• 7 آڪٽوبر 1853ع تي سنڌي ادب جو سچو خدمتگار چوٽي جو نثر نويس ۽ اعليٰ پايي جو شاعر شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ ولد مرزا فريد ون بيگ ٽنڊي ٺوڙهي حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 7 آڪٽوبر 1999ع تي مشهور اديب ۽ محقق محمد علي حداد لاڏاڻو ڪيو.
• 8 آڪٽوبر 1930ع تي منصور ويراڳيءَ مانجهند ضلعي دادو ۾ جنم ورتو ادبي خدمت شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار اٿس. اصل نالو (عبدالرؤف ابڙو) اٿس.
• 8 آڪٽوبر 1831ع تي خان محمد چنجني ولد مير محمد چنجڻي ڳوٺ ميان داد چنجڻي تعلقي وارهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سڃاڻپ صاحب ديوان شاعر، حاجي خانڻ جي نالي سان مشهور هو.
• 8 آڪٽوبر 1975ع تي نئين ٽهيءَ جو شاعر خطائي ٿيٻو اصل نالو جاڙو خان ولد سالار ٿيٻو ساماري روڊ شهر ۾ جنم ورتو.
• 8 آڪٽوبر 1983ع تي نوجوان اديب منير چانڊيو قنبر ۾ ڄائو.
• 9 آڪٽوبر 1971ع تي نوجوان ڪهاڻيڪار عبدالرزاق ولد حڪيم هدايت الله ڪلهوڙو ڳوٺ ڀاوند لاکا ۾ پيدا ٿيو.
• 9 آڪٽوبر 1992ع تي سنڌ جو عوامي شاعر استاد بخاري ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
• 9 آڪٽوبر 1976ع تي مشهور شاعر ۽ اديب آغا عبدالنبي عليگ وفات ڪئي.
• 9 آڪٽوبر 1976ع تي شاعر، ريڊيو ڪمپيئر وڪيل ۽ سماجي ورڪر امتياز احمد شاهاڻي، ولد غلام محمد شاهاڻي لاڙڪاڻي لڳ ڳوٺ شاهه يارو ۾ جنم ورتو.
• 9 آڪٽوبر 1999ع تي ماهر تعليم، عالم، مدبر ۽ دانشور سيد غلام مصطفيٰ شاه ڪراچي ۾ وفات ڪئي.
• 9 آڪٽوبر 1972ع تي نوجوان شاعره گل بيبي بخاري ولد ولي محمد شاهه بخاري ٺٽي ۾ جنم ورتو.
• 10 آڪٽوبر 1901ع تي حيدر بخش جتوئي ولد الهداد خان جتوئي ڳوٺ بکيديري تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ؛- پاڻ بيباڪ سياسي ليڊر، مقبول هاري اڳواڻ، انقلابي شاعر ۽ صحافي ٿي گذريو آهي.
• 10 آڪٽوبر 1997ع تي ناميارو شاعر، مصور سيد منظور نقوي لاڏاڻو ڪيو.
• 10 آڪٽوبر 1935ع تي جديد سنڌي موسيقي جو استاد راڳي استاد محمد جمن ولد حاجي احمد بلوچستان جي هڪ ڳوٺ سوڙهه ۾ پيدا ٿيو.
• 10 آڪٽوبر 1959ع تي نامور تعليمات، عالم ۽ اديب آغا تاج محمد خان حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪيو.
• 10 آڪٽوبر 1967ع تي اديب، عالم ۽ مزاحمتي شاعر خليل کوسو ڳوٺ حاجي علي محمد کوسي لڳ مسڻ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ پيدا ٿيو.
• 10 آڪٽوبر 1939ع تي شاعر ناظم منگي جنم ورتو.
• 10 آڪٽوبر 1977ع تي نوجوان شاعر نماڻو صديق اصل نالو محمد صديق مهيسر ڳوٺ پپري، ميهڙ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
• 10 آڪٽوبر 1984ع تي شاعر، صحافي ۽ ڪالم نگار ساجد زخمي چانڊيو ولد ڄام خان چانڊيو (زخمي چانڊيو) جوابپور چانڊيو، ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
• 11 آڪٽوبر 1915ع تي شاعر ۽ ايڊيٽر سيد اظهر گيلاني ڳوٺ لعلو تعلقي گهوٽڪي ۾ جنم ورتو.
• 11 آڪٽوبر 1949ع تي سنڌ جو مهان ڏاهو عبدالواحد آريسر ڳوٺ وائوڙي ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ؛ سياسات، تحقيق، مترجم ۽ فلسفو اٿس.
• 12 آڪٽوبر 1950ع تي سنڌ جو ناليوارو اديب مدد علي سنڌي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
• 12 آڪٽوبر 1939ع تي سنڌ جي نالي واري ڪهاڻيڪار، ۽ روح رهاڻ مئگزين جو ايڊيٽر حميد سنڌي (عبدالحميد ميمڻ) نوشهرو فيروز ۾ زندگي جي اک کولي.
• 12 آڪٽوبر 1944ع تي غلام نبي مغل حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سڃاڻپ ناول نگار ۽ افسانه نگار اٿس.
• 12 آڪٽوبر 1973ع تي سنڌ جي نالي واري شاعر مولانا غلام قادر مهيسر وفات ڪئي. جنهن جو تعلق ميروخان جي ڳوٺ بکر مهيسر سان هو.
• 12 آڪٽوبر 1996ع تي شاعر، نقاد امير علي چانڊيو حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.
• 12 آڪٽوبر 1939ع تي مشهور صوفي شاعر ٻڍل فقير لاڏاڻو ڪري ويو. ٻڍل فقير 1865ع ۾ شڪارپور لڳ ڳوٺ بخشي انڙ ۾ پيدا ٿيو.
• 12 آڪٽوبر 1947ع تي ڪهاڻيڪار، مزاحيه ڪالم تنقيد ۽ تبصرا نگار غلام مستانو سيوهاڻي ابڙو ڳوٺ پياري واهڻ تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 12 آڪٽوبر 1965ع تي نوجوان صحافي، ڪالم نگار ۽ شاعر اعجاز منگي ولد نجم الدين منگي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
• 12 آڪٽوبر 1972ع تي مشهور صحافي ۽ ليکڪ الطاف پيرزادو ڳوٺ ٻلهڙيجي تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 13 آڪٽوبر 1982ع تي سياستدان، ادب، شاعر ۽ سماجي ورڪر قاضي فيض محمد راهه رباني وٺي ويو.
• 13 آڪٽوبر 1867ع تي ليلا رام خاڪي پٽ وطن مل ٺيڪواڻي حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ؛ غزل گو شاعر، نقاد، ناٽڪ نويس ۽ شارح شاهه لطيف هو.
• 13 آڪٽوبر 1884ع تي مصور ۽ شاعر جنهن کي سنڌ ۾ “مدر ايليا” چيو ويندو هو ايلسا قاضي جو جنم جرمنيءَ جي روڊل اسٽاپ نالي هڪ ننڍڙي شهر ۾ ٿيو.
• 14 آڪٽوبر 1955ع تي يونٽ قائم ٿيڻ سبب خيرپور رياست کي پاڪستان حڪومت ۾ ضم ڪيو ويو.
• 14 آڪٽوبر 1996ع تي موسيقيءَ جو سدابهار نانءُ فيروز گل پرڏيهه ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. آخري آرام گاهه ٽنڊي يوسف جي قبرستان ۾ آهي.
• 14 آڪٽوبر 1996ع تي ناميارو ڪهاڻيڪار محمد دائود بلوچ لاڏاڻو ڪيو.
• 14 آڪٽوبر 1921ع تي شاعر شفيع محمد “اوج” علوي ولد در محمد اوج علوي جنم ورتو.
• 15 آڪٽوبر 1945ع تي محقق، نقاد، مترجم حيدر سنڌي (ڊاڪٽر غلام حيدر ٻرڙو) ڳوٺ مبارڪ ٻرڙو تعلقي موري ۾ پيدا ٿيو.
• 15 آڪٽوبر 1844ع تي سنڌي ٻوليءَ جو عمدو نثر نويس تعليمي ماهر ۽ سماجي خدمتگار ڪوڙو مل کلناڻي پٽ ديوان چندن مل ڀريا ضلعي نوشهرو فيروز ۾ ڄائو.
• 15 آڪٽوبر 1943ع تي ناميارو نثر نويس غلام مصطفيٰ مشتاق ميمڻ ولد عبدالرحيم ميمڻ لاهوري محلي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.
• 15 آڪٽوبر 1977ع تي نوجوان شاعر جاويد شبير ولد غلام حسين جاگيراڻي جي گهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 15 آڪٽوبر 1914ع تي ماهر تعليم، عالم، مدبر ۽ بين الاقوامي شهرت يافته سيد غلام مصطفيٰ شاهه بلڙي شاهه ڪريم ويجهو ڏاڏاڻي ڳوٺ قادر ڏنو شاهه ۾ ڄائو.
• 15 آڪٽوبر 1968ع تي نوجوان شاعر ۽ ليکڪ معشوق ڌاريجو قاضي احمد ۾ جنم ورتو.
• 18 آڪٽوبر 1892ع تي لاڙڪاڻي جو نالي وارو شاعر نواز علي نياز ولد محمد آچر ذات سومرو جعفري پاڙي ۾ جنم ورتو.
• 18 آڪٽوبر 1942ع تي سماجي ورڪر مير ظفر حسين سانگي، سردار مير غلام محمد سانگي جي گهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 18 آڪٽوبر 1958ع تي پرسرام ضيا اجمير (ڀارت) ۾ ديهانت ڪئي.
• 18 آڪٽوبر 1927ع تي مايا ناز ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ۽ مضمون نويس نجم عباسي، اصل نالو نجم الدين عباسي خانواهڻ ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.
• 18 آڪٽوبر 1964ع تي مشهور شاعر، اديب، ريڊيو، اسٽيج جو مايه ناز ڪمپيئر بخشڻ مهراڻوي اصل نالو محمد بخش ولد فقير محمد رحيم مهر جي گهر سانگهڙ ۾ جنم ورتو.
• 18 آڪٽوبر 2007ع تي ڪارساز سانحو ٿيو. جڏهن محترمه بينظير ڀٽو اٺن سالن جي جلاوطني کان پوءِ وطن موٽي رستيءَ ۾ ڪارساز وٽ بم ڌماڪو ٿيون. جنهن ۾ ڪافي انساني جانيون ختم ٿيون.
• 18 آڪٽوبر 1946ع تي ناميارو صحافي، ريڊيو ڪمپيئر ۽ اديب هدايت الله منگي ولد غلام الرسول منگي ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ ڄائو.
• 19 آڪٽوبر 1940ع تي (گائڪه) روبينا قريشي اصل نالو عائشه شيخ الاهي بخش شيخ جي گهر صدر حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
• 19 آڪٽوبر 1979ع تي پير صاحب پاڳاري پنهنجي جدا پارٽي “پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل” قائم ڪئي. جنهن جو پاڻ صدر ٿيو.
• 19 آڪٽوبر 1974ع تي ڪارٽونسٽ، مصور، صحافي ۽ شاعر مراد علي شاهه بڪيرائي، بڪيرا شريف ۾ جنم ورتو.
• 19 آڪٽوبر 1940ع تي نامور مصور ۽ تعليمي ماهر دارا عالم ولد محمد عالم ابڙو، قنبر ۾ پيدا ٿيو.
• 20 آڪٽوبر 1976ع تي مولانا خوش محمد ميروخاني وفات ڪئي.
• 20 آڪٽوبر 1922ع تي قادر الڪلام شاعر عارف الموليٰ اصل نالو سيد شاهنواز ولد سيد ڏنل شاه جيلاني ڳوٺ پير سبحان علي شاهه تعلقي شهدادپور ۾ ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو.
• 20 آڪٽوبر 1980ع تي خانبهادر محمد ايوب کهڙو ڪراچي ۾ وفات ڪئي کيس اباڻي ڳوٺ عاقل ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.
• 21 آڪٽوبر 1833ع تي مير مراد علي خان ٽالپر وفات ڪئي. جيڪو پهرين چوياري جو آخري حڪمران هو.
• 21 آڪٽوبر 1901ع تي عثمان علي انصاري ولد هدايت علي انصاري شڪارپور ۾ ڄائو. ادبي سڃاڻپ، علم و فن تهذيب ۽ ثقافت، بالخصوص شاهه لطيف جو عاشق هو.
• 21 آڪٽوبر 1950ع تي نامياري سياستدان حسين هارون پورو نالو عبدالله حسين هارون پرکيس حسين هارون جي نالي جي سڃاڻپ آهي. هن ڪراچي ۾ جنم ورتو.
• 21 آڪٽوبر 1969ع تي مشهور شاعره، ڪالم نويس ۽ سماجي ورڪر حميره نور پورو نالو حميره شمس شيخ، پني عاقل ۾ جنم ورتو.
• 22 آڪٽوبر 1928ع تي حرن جو روحاني پيشوا شاهه مردان شاهه (پير پاڳارو) پير سڪندر شاهه ثاني المعروف پير پاڳارو پير ڳوٺ ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.
• 22 آڪٽوبر 2007ع تي سرويچ سجاولي، اصل نالو محمد صديق ولد خميسو خان تارڙ وفات ڪئي.
• 23 آڪٽوبر 1957ع تي ڪهاڻيڪاره ۽ ليکڪا زرينه حسن ناريجو، نامياري سياستدان حسين بخش جي گهر واري آهي سندس جنم نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.
• 23 آڪٽوبر 1920ع تي سنڌ جو محب وطن، مخلص سياستدان مير رسول بخش ولد حاجي مير نبي بخش ٽالپر ٽنڊي مير محمود، حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.
• 23 آڪٽوبر 2011ع تي اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار ڀٽي جي گهر واري بيگم نصرت ڀٽو وفات ڪئي.
• 24 آڪٽوبر 1933ع تي سنڌ جو نالي وارو لسانيات تحقيق، ناول نگار، افسانه نگار سراج (سراج الحق ميمڻ) ٽنڊو ڄام ۾ اک کولي.
• 24 آڪٽوبر 2000ع تي سنڌ جو قومي شاعر زخمي چانڊيو راهه جي رهزنن هٿان مارجي ويو. زخمي چانڊيو جي آخري آرام گاهه ڳوٺ جوابپور چانڊيا قبرستان ۾ آهي.
• 24 آڪٽوبر 1986ع تي محمد سومار شيخ وفات ڪئي. ادبي خدمتون، آثار قديم، تاريخ، لوڪ ادب سوانح، افسانا ۽ ثقافت اٿس.
• 24 آڪٽوبر 1971ع تي روبينا ابڙو ڳوٺ ڳيريلي تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ، شاعري اٿس.
• 24 آڪٽوبر 2005ع تي سنڌ جي بهترين گلوڪاره، ليکڪا، اداڪارا ۽ صداڪار جيجي زرينه بلوچ لاڏاڻو ڪيو.
• 25 آڪٽوبر 1995ع تي سنڌي ڪهاڻيءَ جي اڌ صدي جي تاريخ، نجم عباسي راهه رباني وٺي ويو.
• 26 آڪٽوبر 1965ع تي پير ڪرم الله انصاري عرف دلبر سائين ولد پير الاهي بخش انصاري ضلعي دادو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ خانپور ۾ پيدا ٿيو. پنهنجي وقت جو عالم دين آهي.
• 26 آڪٽوبر 1988ع تي قومي ۽ سماجي شاعر بردو سنڌي اصل نالو محمد رمضان ولد خدا ڏنو لاشاري وفات ڪئي.
• 26 آڪٽوبر 1916ع تي نثر نويس، ابو البشير ميمڻ (ناچيز) اصل نالو حاجي نور احمد ولد محمد هاشم ميمڻ ڳوٺ ڇڄڙا تعلقو قنبر ضلعي لاڙڪاڻي۾ جنم ورتو.
• 27 آڪٽوبر 1959ع تي شاعر ۽ صحافي اختر هالائي وفات ڪئي.
• 27 آڪٽوبر 1969ع تي نوجوان ٽهي جو شاعر مشتاق بخاري اصل نالو سيد مشاق احمد ولد سيد غلام علي شاهه بخاري ڳوٺ لونگاڻي شريف تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.
• 27 آڪٽوبر 1900ع تي احمد خان “شيدا” ابڙو هالا نوان ۾ پيدا ٿيو. اديب خدمتون، شاعر، مضمون، افسانا ۽ سماجي ورڪر اٿس.
• 28 آڪٽوبر 2002ع تي شاعر، نثر نويس ۽ تاريخ جو ڄاڻو تاج صحرائي وفات ڪئي.
• 28 آڪٽوبر 1958ع تي پرسرهه هيرا نند سچا ننداڻي وفات ڪئي. تخلص ضيا ڳوٺ ٽنڊو باگهو هئس.
• 30 آڪٽوبر 1981ع تي سنڌ جو مشهور اديب ۽ شاعر قاضي علي اڪبر درازي وفات ڪئي.
• 30 آڪٽوبر1983ع تي آزاديءَ جو متوالو محمد هالائي جو وڇڙو ٿيو.
• 30 آڪٽوبر 1961ع تي مترجم ۽ ليکڪ انس راڄپر ڳوٺ ڌنگيجا ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو.
• 31 آڪٽوبر 1946ع تي ناليوارو سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ڄام ساقي جو پورو نالو محمد ڄام ولد محمد سچل جنهي ڳوٺ جنجهيءَ تعلقي ڇاڇڙي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو.
• 31 آڪٽوبر 2005ع تي سنڌي جي سيني شاعر محمد ابراهيم “راحم” صديقيءَ لاڏاڻو ڪيو.
---------------------------------------------------------------
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو جنم 1102 هجري مطابق 1690-1689 ۾ ٿيو.
ميان نور محمد ڪلهوڙو (1718 - 1755ع) جو سنڌ جو حاڪم ۽ ڪلهوڙو جو مهندار هو.
زخمي پبليڪيشن ڊکڻ، 2001ع ڌاري عمل ۾ آئي.
ڦوٽو زرداري، مشهور فنڪار 1956ع ڌاري ڳوٺ عالم خان زرداري ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو.
المنظر سئنيما لاڙڪاڻو؛ هي سئنيما لاڙڪاڻي شهر ۾ اسٽيشن روڊ تي 1972ع ڌاري قائم ٿي.
هن وقت المنظر سئنيما جو ڪوبه وجود ڪونهي.