سيپٽمبر
• پهرين سيپٽمبر 1858ع تي سنڌ جي درسگاهه سنڌ مدرسة السلام جو افتتاح ٿيو.
• پهرين سيپٽمبر 2009ع تي ڪتاب سوڀي ديري جا ڏات ڌڻي تحقيقي جائزو ليکڪ خاوند ڏنو لاڙڪ سنڌ ادبي سنگت شاخ سوڀو ديرو ڇپرايو.
• پهرين سيپٽمبر 1966ع تي صوفي شاعر صوفي درويش علي لاڙڪ اصل نالو (روشن علي) ڳوٺ پيالو لاڙڪ سوڀوديرو جي ڀرسان جنم ورتو.
• پهرين سيپٽمبر 1939ع تي اديب پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي ولد حاجي رحيم بخش ميمڻ لاڙڪاڻي شهر ۾ جنم ورتو.
• پهرين سيپٽمبر 1961ع تي سنڌ جو علم دوست شخص، ۽ مرتب خادم حسين چانڊيو ڳوٺ شادي خان چانڊيو تعلقي سڪرنڊ ضلعي نواب شاهه ۾ اميد علي خان چانڊئي جي گهر ۾ جنم ورتو.
• پهرين سيپٽمبر 1958ع تي شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر ڪوثر ٻرڙي جو اصل نالو غلام قاسم ولد نبي بخش ٻرڙو ڳوٺ جاني ٻرڙي تعلقي ڪوٽ ڏيجي، ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو.
• سيپٽمبر 1975ع تي نوجوان قومپرست اڳواڻ روپلو چولياڻي، اصل نالو عبدالجبار چولياڻي، ڳوٺ شمون خان چولياڻيءَ (تعلقي وارهه، ضلعي قنبر شهدادڪوٽ) ۾ عبدالستار چولياڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.
• پهرين سيپٽمبر 1968ع تي نوجوان ليکڪ ۽ چترڪار خالد ڀٽي اصل نالو خالد سيف الله ولد مولوي محمد مراد شڪارپور ۾ ڄائو.
• پهرين سيپٽمبر 1970ع تي صوفي راڳي فقير مظهر علي ولد فقير لطف علي دايو، رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• پهرين سيپٽمبر 1966ع تي نوجوان شاعر ذوالفقار گاڏهي، شير محمد ڳاڏهي، ڪي اين شاهه ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
• پهرين سيپٽمبر 1957ع تي شاعر ۽ ليکڪ، ڪامريڊ ڪريم بلوچ اصل نالو عبدالڪريم ولد شاهه محمد بلوچ ڳوٺ باراني مغيري لڳ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 2 سيپٽمبر 1950ع تي پروفيسر علي مرتضيٰ ڌاريجو لاڙڪاڻي ضلعي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ ناميارو مترجم ۽ اديب اٿس.
• 2 سيپٽمبر 1945ع تي مترجم ڪهاڻيڪار، ناول نگار علي محمد پرويز والد جو نالو محمد سليمان ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو، جنم ڀومي ڳوٺ لاکا، تعلقو ميرپور بٺورو، ضلعو ٺٽو اٿس.
• 2 سيپٽمبر 1962ع تي مشهور سنڌي ادب جو پارکو عثمان علي انصاري ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪيو.
• 3 سيپٽمبر 1995ع تي بلاول فائونڊيشن، نوابشاهه، هيءَ هڪ غير سرڪاري ۽ غير سياسي تنظيم آهي. جيڪا نوابشاهه ۾ موجود آهي جنهن جو بنياد رکيو ويو.
• 3 سيپٽمبر 1966ع تي صحافي ۽ ليکڪ جعفر ميمڻ ولد سائين داد ميمڻ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 3 سيپٽمبر 1936ع تي نامور ڪهاڻيڪار، اخبار نويس، مترجم ۽ تاريخدان جينت ريلواڻي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 3 سيپٽمبر 1954ع تي نامياري صحافي، روزاني عوام آواز جي چيف ايڊيٽر ۽ پبلشر عبدالجبار خٽڪ ڪراچي ۾ جنم ورتو.
• 4 سيپٽمبر 1951ع تي اديب ۽ صحافي فقير محمد لاشاري ولد محمد حسن لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي وارهه جي قديم ڳوٺ گاجي کهاوڙ ۾ جنم ورتو.
• 4 سيپٽمبر 1987ع تي سنڌ جو قادرالڪلام شاعر سليم ڳاڙهوي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪيو.
• 4 سيپٽمبر 2002ع تي سنڌ جي نالي واري گلوڪاره فوزيه سومرو سٽي سائوٿ ڪراچي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪيو.
• 4 سيپٽمبر 1936ع تي لطيفيات جو ڄاڻو ۽ اديب امداد علي سرائي ڪاٺياواڙ محلي، نصيرآباد ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 5 سيپٽمبر 1933ع تي غلام رباني آگرو ڳوٺ آگرا ضلعي نوشهروفيروز ۾ جنم ورتو. ادبي خدمتون ڪهاڻيڪار، سوانح نگار، ڪيترو عرصو سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري، گل ڦل رسالي جو باني ايڊيٽر رهيو.
• 5 سيپٽمبر 1951ع تي بيگم نصرت اصفحاني جي شادي بئريسٽر ذوالفقار علي ڀٽو سان ٿي. بيگم نصرت ڀٽو 1929ع تي بمبئي ۾ پيدا ٿي.
• 5 سيپٽمبر 1927ع تي لاڙڪاڻي جي هر دلعزيز ۽ سدابهار شخصيت عبدالرزاق سومرو ولد دودا خان سومرو شهر رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.
• 5 سيپٽمبر 1967ع تي معروف ليکڪا ۽ ڪمپيئر شبنم گل ڌيءُ ڊاڪٽر شبير احمد لاشاري لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 5 سيپٽمبر 1963ع تي نوجوان ٺهي جو شاعر، اديب ۽ ايڊيٽر گل ڪونڌر، اصل نالو گل محمد ولد بشير احمد ڪونڌر ڳوٺ مڏ ڪونڌر تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهرو فيروز ۾ ڄائو.
• 5 سيپٽمبر 1935ع تي برک، ناٽڪ ڪار، ڪهاڻيڪار ۽ نقاد هريڪانت ڄيٺواڻي جو پورو نالو روپچند چيٺواڻي جيڪب آباد ۾ ناناڻي گهر ۾ جنم ورتو.
• 5 سيپٽمبر 1966ع تي نئين ٽهيءَ ۾ جديد شاعريءَ جي نمائنده شاعر حسن درس ڳوٺ مشائخ هوٿي، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾، حاجي غلام رسول درس جي گهر ۾ جنم ورتو.
• 6 سيپٽمبر 1986ع تي سنڌ سميت دنيا ۾ ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو.
• 6 سيپٽمبر 1954ع تي تاج جويو (تاج محمد جويو) ڳوٺ پير ڪولاچي تعلقي دولت پور ضلعي نوابشاهه ۾ پيدا ٿيو. اديب سڃاڻپ نقاد ۽ محقق اٿس.
• 6 سيپٽمبر 1949ع تي جعفر علي خاصخيلي ناچيز ولد محمد بخش عرف ڇپر خان خاصخيلي شهر پٿوري جي ڀرسان اڪڙي لوهڙي ۾ پيدا ٿيو سڃاڻپ علم ۽ ادب دوست ٿي گذريو آهي.
• 6 سيپٽمبر 1963ع تي نئين ٽهي جو سڄاڻ ليکڪ شمشاد سومرو ولد فتح الدين سومرو مورو شهر ۾ ڄائو.
• 7 سيپٽمبر 1957ع زيب سنڌي (محمد خان شيخ) خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ؛ مترجم ڪهاڻيڪار پبلشر ڊرامه نگار، اٿس. سڃاڻپ لاڙڪاڻو شهر اٿس.
• 7 سيپٽمبر 1875ع تي سنڌي زبان جو يگانو شاعر حافظ حيات شاهه ولد سيد مير عالم شاهه ضلعي جهنگ ۾ پنهنجي ناناڻي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو.
• 7 سيپٽمبر 1872ع تي مذهب ۽ سنڌي ادب تي دسترس رکندڙ آخوند عزيز الله ميمڻ لاڏاڻو ڪيو، آخري آرام گاهه مٽياريءَ ۾ آخوند جي قبرستان ۾ اٿس.
• 8 سيپٽمبر 1984ع تي مهان راڳي ۽ ڀلوڙ شاعر مصري فقير سول اسپتال نواب شاهه ۾ انتقال ڪيو. آخري آرام گاهه سرهاڙي لڳ جوڻن جي ڳوٺ واري قبرستان ۾ اٿس. مصري فقير شاعري ۾ تخلص “مخمور” استعمال ڪندو هو.
• 8 سيپٽمبر 1942ع تي هدايتڪار، گائڪ ۽ سنگيتڪار ارجن آسومل ڀنڀاڻي ٺارو شاهه ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو.
• 9 سيپٽمبر 1842ع تي فرعون دماغ فوجي عملدار سر چارلس نيپئر کي وڏا اختيار ڏئي حيدرآباد جو پريزيڊنٽ بڻائي روانو ڪيو.
• 9 سيپٽمبر 1968ع تي حافظ امام بخش سومرو حادثي دوران دادو ضلعي جي سول اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
• 9 سيپٽمبر 1980ع تي سنڌي سنگيت جو تمام وڏو گويو استاد منظور علي خان ٽنڊي آدم ۾ گذاري ويو.
• 9 سيپٽمبر 1909ع تي سنڌي ٻوليءَ جو مشهور شاعر ۽ نقاد ٻلديو گاجرا تخلص گمنام هئس. شڪارپور ۾ ڄائو.
• 9 سيپٽمبر 1940ع تي شاعر ۽ ليکڪ ناطق ڳيريلائي، ڳيريلو، تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 10 سيپٽمبر 1932ع تي نالي وارو ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ شاعر غلام نبي گل، عبدالوسيع ٻرڙو جي گهر قنبر علي خان ۾ جنم ورتو.
• 10 سيپٽمبر 1938ع تي مشهور شاعر تاج ٽکڙائيءَ جو پورو نالو محمد دائود ميمڻ آهي، هي ٽکڙ جي نامور شاعر محمد خان غنيءَ جو پٽ آهي. تاج ٽکڙائي ڳوٺ ٽکڙ وسي ملڪ شاهه موجوده ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ جنم ورتو.
• 11 سيپٽمبر 1948ع تي باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح وفات ڪئي.
• 11 سيپٽمبر 1931ع تي محقق ۽ اديب ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڳوٺ ماڙي تعلقو لکي ضلعو شڪارپور ۾ حاجي غلام حسين ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو.
• 12 سيپٽمبر 1982ع تي علم ادب جي دنيا جو انسان سيد خادم حسين شاهه دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
• 12 سيپٽمبر 1944ع تي لسانيات جي ماهر محمد عمر چنڊ، ڳوٺ نئون آباد، تعلقي ڄام نواز علي خان، ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو.
• 12 سيپٽمبر 1970ع تي نئين ٽهي جو شاعر مهراڻ ڌامراهو جو اصل نالو مسرت حسين ولد قائم الدين ڌامراهو، تاريخي ڳوٺ ڌامراهه تعلقي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 12 سيپٽمبر 1984ع تي شاعر نجف علي شاهه “ڪمتر” نقوي وفات ڪئي.
• 13 سيپٽمبر 1948ع تي قائد اعظم محمد علي جناح کي سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
• 13 سيپٽمبر 1987ع تي جڳ مشهور اديب ۽ فلسفي اي ڪي بروهي لنڊن جي هڪ اسپتال ۾ وفات ڪئي، سندس جست خاڪي 16 سيپٽمبر ڪراچي جي هڪ فوجي قبرستان ۾ دفنايو ويو.
• 13 سيپٽمبر 1919ع تي شاعر، نثر نويس ۽ صحافي شمس الدين بلبل وفات ڪئي.
• 13 سيپٽمبر 1945ع تي عبدالقادر جوڻيجو ولد مريد حسين جوڻيجو ڳوٺ جنهاڻ تعلقي مٺي ضلعي ٿرپارڪر ۾ پيدا ٿيو ادبي سڃاڻپ، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نويس، ۽ اديب آهي.
• 13 سيپٽمبر 1933ع تي مشهور سياسي ۽ سماجي شخصيت قائم علي شاهه خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
• 13 سيپٽمبر 1975 تي ٽي وي آرٽسٽ ۽ هدايتڪار سليم راشدي ڳوٺ شريفاڻي ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
• 14 سيپٽمبر 1822ع تي مشهور صوفي شاعر ڇتو فقير سانگي جي ولادت ٿي.
• 14 سيپٽمبر 1952ع تي شاعر ۽ صحافي علي گل سانگي ولد روشن علي سانگي لاڙڪاڻي شهر ويجهو دودائي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو.
• 14 سيپٽمبر 1966ع تي مشهور شاعر ۽ اديب رئيس ضياءُ الدين ضيا ايس بلبل وفات ڪئي.
• 14 سيپٽمبر 1966ع تي منصور رياض منگي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 14 سيپٽمبر 1957ع تي آسي زميني اصل نالو محمود نظاماڻي ولد محمد رحيم نظاماڻي ٽنڊي قيصر ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو. ادبي سڃاڻپ، سنڌي ٻوليءَ جو نمائندو شاعر آهي.
• 14 سيپٽمبر 1962ع تي نوجوان ليکڪ، تعليمي ماهر ۽ پبلشر محمد ادريس جتوئي ڳوٺ ٽوڙها تعلقي موري ۾ جنم ورتو.
• 14 سيپٽمبر 1970ع تي نامور صحافي ۽ ڪالم نگار امداد سومرو ڳوٺ سيتا وليج ضلعي دادو ۾ ڄائو.
• 14 سيپٽمبر 1949ع تي ناميارو سياستدان پير مظهرالحق حيدرآباد ۾ پير شاهنواز جي گهر ۾ جنم ورتو.
• 14 سيپٽمبر 1965ع تي ناميارو صحافي جاويد شاهه ڳوٺ مٺي جتوئي، تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 14 سيپٽمبر 1964ع تي ناميارو سياسي اڳواڻ سيد جلال محمود شاهه ولد سيد امداد محمد شاهه جي گهر سن ۾ جنم ورتو.
• 14 سيپٽمبر 1921ع تي محقق، آثار قديم ۽ شاعر تاج صحرائي اصل نالو تاج محمد ولد نور محمد ميمڻ شڪارپور ۾ جنم ورتو.
• 15 سيپٽمبر 1932ع تي سنڌ جو نالي وارو ليکڪ، جديد شاعر مترجم، محقق ۽ ڊراما نويس شمشير الحيدري ڳوٺ ڪڍڻ ضلعي بدين ۾ جنم ورتو.
• 15 سيپٽمبر 1949ع تي شاگرد اڳوڻ ۽ قومي ڪارڪن امان الله شيخ ولد حاجي گل محمد شيخ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 15 سيپٽمبر 1940ع تي مشهور براڊ ڪاسٽر سڪندر بلوچ ولد نٿو خان چانديو ٽنڊو آغا (حيدرآباد) ۾ پيدا ٿيو.
• 15 سيپٽمبر 1931ع تي مولانا دين محمد بٺوي ولد گهٻڻو خان چانڊيو وفات ڪئي، مولانا جي جنم ڀومي ڳوٺ بٺي تعلقي ميروخان هو.
• 15 سيپٽمبر 1957ع تي فرزانه پنهور ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.
• 15 سيپٽمبر 2011ع تي وشنو ڀاٽيا وفات ڪئي.
• 15 سيپٽمبر 1976ع تي مولانا غلام محمد گرامي لاڏاڻو ڪيو.
• 15 سيپٽمبر 1961ع تي نوجوان شاعر رجب آزاد ولد محمد بچل سولنگي جنم ورتو.
• 16 سيپٽمبر 1904ع تي آغا تاج محمد ولد آغا عبدالمجيد خان ڳوٺ باگڙجي تعلقي لکي ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. ادبي سڃاڻپ مشهور اديب، شاعر ۽ تعليمي ماهر اٿس.
• 16 سيپٽمبر 1845ع تي قانوني ماهر، سماجي ورڪر نور محمد لاکير ولد محمد سجاول لاکير ڳوٺ چڪرو تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 16 سيپٽمبر 1956ع تي سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ڳوٺ کيتلاري ۾ ڄائو.
• 16 سيپٽمبر 1974ع تي نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ شاعر ڪالم نويس، ۽ نقاد مشتاق ڀرڳڙي اٺين شاخ لڳ جوهي ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.
• 17 سيپٽمبر 1936ع تي ماهر قانون ۽ سماجي ورڪر اختر علي جي قاضي ولد غلام مصطفيٰ قاضي حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 17 سيپٽمبر 1924ع تي پوپٽي هيرا ننداڻي حيدرآباد سنڌ ۾ پيدا ٿي. ادبي سڃاڻپ مشهور ڪهاڻي نويس، ناول نگار، مضمون نگار، تنقيد نگار ۽ شاعره اٿس.
• 17 سيپٽمبر 1949ع تي برک عالم، فصيح البيان مقرر مولانا محمد ادريس ڏاهري ڳوٺ مقيم ڏاهري تعلقي پور صفن ضلعي نوابشاهه ۾ پيدا ٿيو.
• 17 سيپٽمبر 1906ع تي مشهور اديب ۽ شاعر محمد اسماعيل عرساڻي ولد ميان محمد هاشم ميمڻ هالانوان ۾ ڄائو.
• 18 سيپٽمبر 1954ع تي قائد عوام جناب ذوالفقار علي ڀٽي کي پهريون پٽ مير مرتضيٰ ڀٽو ڪراچي ۾ پيدا ٿيو.
• 18 سيپٽمبر 1947ع تي هڪ سماجڪ سڌار اڳواڻ ڊاڪٽر اڪبر حيدر سومرو ولد غلام حيدر خان لاڙڪاڻي شهر ۾ جنم ورتو.
• 18 سيپٽمبر 1913ع تي شاعر مرزا اسد بيگ “اسد” ولد شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي گهر ۾ جنم ورتو ادبي سڃاڻپ؛ شاعر ۽ نثر نويس هئس.
• 18 سيپٽمبر 1970ع تي نوجوان شاعر ۽ ريڊيو لسنر محمد لقمان مگسي ولد واحد بخش مگسي لڳ رشيد وڳڻ ڳوٺ واحد بخش مگسي ۾ جنم ورتو.
• 19 سيپٽمبر 1970ع تي شاعر ۽ اديب رشيد احمد لاشاري حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.
• 19 سيپٽمبر 1915ع تي سنڌ ۽ هند جي غناني شاعر پرڀو وفا اصل نالو پرڀو جوتو مل ڇڳاڻي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 20 سيپٽمبر 1996ع تي مير مرتضيٰ ڀٽو کي شام جو ساڍي اٺين وڳي سندس رهائشگاهه 70 ڪلفٽن ڪراچي جي اڳيان پوليس مير صاحب جي جلوس کي روڪي ۽ مٿن فائرنگ ڪئي جنهن ۾ مير صاحب ٻيا ساٿي ۽ پاڻ شهيد ٿيو. آخري آرام گاهه گڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ اٿس.
• 20 سيپٽمبر 1911ع تي پير حسام الدين راشدي ولد محمد حامد شاهه راشد جي ولادت ضلعي لاڙڪاڻي تعلقي رتي ديري ۾ نصرت اسٽيشن جي ڀر ۾ راشدي پيرن جي ڳوٺ بهمڻ ۾ ٿي اديب سڃاڻپ؛- مايه ناز اسڪالر محقق، مورخ، اديب صحافي ۽ ٻين لاتعداد خوبين جو مالڪ هو.
• 20 سيپٽمبر 1961ع تي محنتي استاد، بهترين ليکڪ ۽ سڄاڻ صحافي ڊاڪٽر عبدالحئي ابڙو نئون ڳوٺ تعلقي ڳڙهي خيرو ضلعي جيڪب آباد ۾ ڄائو.
• 21 سيپٽمبر 1853ع تي آخوند فضل علي ولد حافظ نصرپوريءَ شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جو قلمي نسخو لکي پورو ڪيو.
• 21 سيپٽمبر 1960ع تي احمد خان سهاڳ سنڌي ٻوليءَ جو سگهڙ ۽ اديب دادو ۾ جنم ورتو.
• 21 سيپٽمبر 1988ع تي بلاول ڀٽو زرداري ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. بلاول ڀٽو زرداري محترم بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جو پٽ آهي.
• 22 سيپٽمبر 1938ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر، مضمون نگار، تحقيق، مقالا ۽ سفر نامه لکندڙ تاجل بيوس (تاج محمد سمون) ڳوٺ پير حيات شاهه تعلقو سوڀو ديرو ضلعي خيرپور ۾ پيدا ٿيو.
• 22 سيپٽمبر 1950ع تي سياسي اڳواڻ نثار احمد کهڙو ولد وڏيرو محمد نواز کهڙو لاڙڪاڻي شهر جي ويجهو ڳوٺ عاقل ۾ جنم ورتو.
• 22 سيپٽمبر 1961 تي شاعر، ڊراما نويس ۽ صحافي زاهد ملڪ جو اصل نالو محمد اسماعيل ولد مير محمد ملڪ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
• 22 سيپٽمبر 1922ع تي قادري طريقي جو بزرگ، برک عالم ۽ صاحب طريقت مولانا عبدالڪريم ٻير وارو ولد محمد عالم قريشي ڳوٺ ٻير تعلقي قنبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
• 22 سيپٽمبر 1935ع تي وقت جو عارف، مجدد مولانا مخدوم غلام محمد ملڪاني وفات ڪئي.
• 22 سيپٽمبر 1992ع تي سنڌ جو مهان ڪلاسيڪل گويو استاد گلزار علي خان فالج جي تڪليف سبب لاڏاڻو ڪيو.
• 23 سيپٽمبر 1962ع تي برصغير ۾ سڀ کان پهرين مسجد شريف عرب ڪاهه ڪندڙ محمد بن قاسم محرم الحرام 93هه مطابق 711ع ۾ ديبل يعني ڀنڀور ۾ جوڙائي جنهن جا آثار دريافت ٿيا آهن.
• 23 سيپٽمبر 1947ع تي سنڌ جو امر ۽ عظيم انسان ڪشن چند بيوس 62 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
• 23 سيپٽمبر 1818ع تي سنڌي ٻوليءَ جو اهم شاعر آخوند محمد قاسم هالائي جنم ورتو.
• 23 سيپٽمبر 1965ع تي سڄاڻ ليکڪ ۽ قومي ڪارڪن رفيق احمد انڍڙ تعلقي پني عاقل جي ڳوٺ ستابي انڍڙ ۾ جنم ورتو.
• 23 سيپٽمبر 1999ع تي ناليواري اديب ۽ سياسي اڳواڻ خالد سنڌي وفات ڪئي آخري آرام گاهه گلستان سجاد حيدرآباد جي مقام ۾ آهي.
• 23 سيپٽمبر 1923ع تي شاعر سيد احسن الهاشمي “احسن” ولد سيد مٺن شاهه ٽنڊو مير نور محمد لڳ گدو بندر شاهه لطيف آباد ۾ جنم ورتو.
• 23 سيپٽمبر 2009ع تي شاعر سالڪ سولنگي لاڏاڻو ڪيو. آخري آرام گاهه لاڙڪاڻي ۾ اٿس.
• 24 سيپٽمبر 1963ع تي نوجوان ٽهي جو شاعر ۽ راڳي اختر درگاهي ولد عبدالرحمان درگاهه، ميمڻ محلي رهڙي ۾ پيدا ٿيو. درگاهي سندس پاڙو آهي ذات جو ميربحر آهي.
• 24 سيپٽمبر 1995ع تي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي هڪ ڪلو واٽ ايف ايم چئنل جي نشريات جو افتتاح وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ڪيو.
• 24 سيپٽمبر 1993ع تي نالي وارو محقق، نقاد ۽ مورخ ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ وفات ڪئي. حيدرآباد جي مڪي قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي.
• 24 سيپٽمبر 1953ع تي شاعر ۽ نثر نويس مولابخش “مسڪين” ڀٽو شڪارپور ۾ لاڏاڻو ڪيو.
• 24 سيپٽمبر 1959ع تي ڪافي گو شاعر محمد بخش ڪوجهي ولد الاهي بخش شيخ وفات ڪئي.
• 24 سيپٽمبر 1961ع تي مشهور شاعر، اديب ۽ صحافي محمد صديق مسافر وفات ڪئي.
• 25 سيپٽمبر 1936ع تي مير غلام اڪبر مشتاق ٽالپر شهداداڻي ٽالپرن جي ڄاماڻي پاڙي جي خاندان ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.
• 25 سيپٽمبر 1887ع تي مشهور نثر نويس ۽ شاعر محمد صالح ڀٽي ولد مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي پراڻن هالن ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 25 سيپٽمبر 1969ع تي شاعره ۽ ليکڪا بانو محبوب جوکيو محرابپور، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائي.
• 26 سيپٽمبر 1751ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ضامن ۽ شاعرن جو سرتاج شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه هميشه لاءِ ڀٽ شاهه تي آرامي ٿيو.
• 27 سيپٽمبر 1961ع تي مولوي ڊاڪٽر محمد ادريس ولد مولانا محمد قاسم سومرو ڳوٺ چنيهاڻي ۾ ڄائو.
• 28 سيپٽمبر 1924ع تي سندري اتمچنداڻيءَ حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سڃاڻپ، ناول، ڊراما، ڪهاڻيون ۽ مضمون طور اٿس.
• 28 سيپٽمبر 1861ع تي قادر الڪلام شاعر، عالم، اديب پير علي اصغر شاهه راشدي ولد پير حزب الله شاهه (تخت ڌڻي) پير ڳوٺ ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
• 28 سيپٽمبر 1944ع تي اعجاز علي بيگ مرزا سنڌ جي نامياري عالم مرزا قليچ بيگ جو پٽ آهي. ٽنڊي ٺوڙهي ۾ جنم ورتو.
• 28 سيپٽمبر 1951ع تي فائن آرٽ جي دنيا ۾ سنڌ جو ناميارو مصور پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 28 سيپٽمبر 1973ع تي نوجوان شاعر انور پرديسي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
• 29 سيپٽمبر 1996ع تي ماهر لسانيات ۽ شاعر پروفيسر علي نواز جتوئي ٽنڊي ولي محمد حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.
• 29 سيپٽمبر 2004ع تي سنڌ جي بزرگ سياسي شخصيت سيد امداد محمد شاهه لاڏاڻو ڪيو کيس ڳوٺ مجيد ڪيريي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
• 29 سيپٽمبر 1967ع تي نالي واري شاعر ماڻڪ ملاح سڪرنڊ ۾ جنم ورتو.
• 30 سيپٽمبر 1944ع تي ڪلهوڙا عباسي خاندان جي معروف شخصيت حاجي منور علي ولد حاجي خان محمد عباسي پنهنجي اباڻي ڳوٺ وليدن لاڙڪاڻي پيدا ٿيو.
• 30 سيپٽمبر 1897ع تي ڊاڪٽر علي احمد قاضي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. پاڻ بااصول آفيسر، اديب ۽ زنده دل انسان هو.
• 30 سيپٽمبر 1935ع تي سنڌ جي سياسي شخصيت سيد امداد محمد شاهه ولد سائين جي ايم سيد سن ۾ پيدا ٿيو.
----------------------------------------------------------
قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو سيپٽمبر 2007ع ۾ قائم ٿي، هن جو بنياد وجهندڙ ۾ فقير محمد سنڌي، جي ايم رئيساڻي، امتياز شاهاڻي، فياض مسافر بروهي ۽ چاچو نهال جندائي شامل آهن.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه 14 صفر سن 1161هه مطابق 1747ع تي وفات ڪئي.
---------------------------------------------------------
آزاد پبليڪيشن شڪارپور؛ 1966ع ۾ هن پبليڪيشن جو بنياد عطاءُ الله ڀٽو رکيو. هن پبليڪيشن سلسليوار مهراڻ ڊائجسٽ جي سيريز جاري ڪئي.