تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ جي تاريخ (سهيڙيل تاريخ وار)

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌ جي تاريخ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ليکڪ فقير محمد سنڌيءَ پاران سنڌ جي تاريخ کي ترتيب وار سهيڙي ڇپرايو آهي.
فقير محمد سنڌي هن ڪتاب ۾ مهيني جي هر تاريخ جي ترتيب سان سنڌ جي شخصيتن جي جنم ۽ ورسين جي سال ۽ خاص واقعن کي مختصر نموني 365 ڏينهن ۾ سهيڙيو آهي. ان قسم جي ڪتاب جي سخت ضرورت هئي. سندس هي ترتيب ۽ تحقيق جو ڪم تعريف لائق آهي.
Title Cover of book سنڌ جي تاريخ (سهيڙيل تاريخ وار)

حق سلامت - سنڌ سلامت

ايترو پڙهه ايترو پڙهه جو ماڻهو توکي پڙهن،
ايـتـرو لک ايترو لک جو ماڻـهو توتي لکــن.


سنڌ جا سورما سنڌ جا قومي هيروز آهن جيڪي پنهنجي تاريخي حوالي سان سنڌ جي بقا خاطر وڙهندا رهيا آهن انسان جو تاريخ سان گهرو تعلق آهي، جيئن ۽ جيتري انسان ترقي ڪئي آهي تيئن تاريخ به اوسر طرف قدم رکيو آهي. انسان سائنسي بنيادن تي تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي ۽ ايئن ئي تاريخ به پنهنجا ورق سنواريا آهن، گذريل پنج هزار سالن جي تاريخ ۾ پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا آهي، پر نئين تاريخ پنهنجي حسناڪيءَ جا جوهر ڏيکاريا آهن.

سنڌي ٻولي عظيم ادبي ٻولين مان هڪ آهي جنهن ۾ علم ڪائنات جي هر حصي کي موجوده دؤر ۾ الڳ ۽ آسان نموني سان عليحده لکي ڪري ان علم جي جُز کان ڪل تائين سهيڙ ڀري انداز ۾ ڪئي آهي. ان ۾ سماجي، سائنسي علمن ۽ هنرن جو ذخيرو به تيار ڪرڻو هجي ته ٺاهي سگهجي ٿو.

انسان ذات کي هر دؤر ۾ پنهنجو خطو ۽ ان جو ڪلچر ۽ زبان جي آزادي ۽ ترقي عزيز آهي جيئن ڌرتي، زبان، ڪلچر ۽ رهڻي ڪهڻي متاثر نه ٿئي، جيڪڏهن اهي شيون متاثر ٿين ٿيون ته پوءِ ان کي ٻيو نالو غلامي ئي آهي، جيئن سنڌ ۾ 711ع تي عربن پنهنجو راڄ قائم ڪيو، عيسوي سال جي حوالي سان سنڌ تي اها پهرين ڪاهه هئي جنهن سنڌي قوم کي پنهنجي ماتحت رکيو ۽ 1843ع تي انگريزُ سنڌ تي قابض ٿيو، جيڪو تاريخ ۾ سنڌ ڌرتي تي آخري ڪاهه ڪندڙ لکيو وڃي ٿو. جنهن سنڌ ڌرتي کي پنهنجي مالِ غنيمت سمجهيو پر سنڌ درويشن جي ڌرتي آهي، ۽ درويش امن پسند هوندا آهن. هڪ فارسي شعر ٿو ياد اچي. (بادشاهن جي ستن ملڪن فتح ڪرڻ بعد به طمع جهڪي نٿي ٿئي ۽ وڌيڪ ڪوشش ڪري ٿو، ليڪن درويشن هڪ مانيءَ مان اڌ کائي اڌ ٻئي لاءِ بچائي ٿو) آنءُ فقط دستياب محدود سوانحي جنم تاريخ کي تاريخ وار ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيئن سنڌي ادب جي پڙهندڙ کي اڃا وڌيڪ سهولت ميسر ٿئي.

آنءُ انهن دوستن جو ٿورائتو آهيان جن هن ڪتاب لاءِ تاثر لکي ڏنا جنهن ۾ محترم ڪوثر ٻرڙو، محترم جي ايم رئيساڻي ۽ بيئڪ ٽائيٽل لاءِ محترم عزيز قاسماڻي جا ٿورا. انهن دوستن جو به ٿورائتو آهيان جن ڪتاب شايع ڪرڻ لاءِ همتايو. جنهن ۾ سائين سرمد چانڊيو، محترم سعيد سومرو، محترم غلام مجتبيٰ گهانگهرو، محترم صفدر علي لغاري ۽ محترم بسمل آهن. آئون انهيءَ ڳالهه جو به اقراري آهيان ته منهنجي هن مجموعي ۾ وڌيڪ تحقيق جي ڪافي گنجائش موجود آهي، تنهن هوندي به سنگِ بنياد رکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، آس آهي ته همت افزائي ٿيندي!


فقير محمد سنڌي
علي مرتضيٰ جو گهر
جيلس بازار لاڙڪاڻو
03463390445
fmsindhi@yahoo.com