مئي
• پهرين مئي 1886ع تي مئي مزدورن جو عالمي ڏينهن طور شڪاگو جي شهيدن جو ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو. مزدور تحريڪ 1811ع ۾ هڪ پورهيت “ڪمس” جي اڳواڻيءَ ۾ لڊلائٽ نالي تنظيم ٺاهي جنهن اڳتي هلي مزدورن جا حق تسليم ڪرايا.
• پهرين مئي 1983ع تي نوجوان شاعر ۽ ڪهاڻيڪار علي صفدر ولد شير احمد بيوس چانڊيو ڳوٺ جمال خان چانڊيو ۾ جنم ورتو.
• پهرين مئي 1971ع تي ڀلوڙ شاعر ۽ نثر نويس ايوب کوسو، ولد محمد حسن کوسو ڳوٺ حاجي احمد خان کوسو لڳ جهڏو ضلعي ميرپور خاص ۾ پيدا ٿيو.
• پهرين مئي 1961ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر زخمي چانڊيو اصل نالو (ڄام خان) ولد مولا بخش چانڊيو شهر ڊکڻ تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.
• پهرين مئي 1934ع تي عالم، شاعر ۽ صحافي عبدالخالق خليق مورائي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪيو.
• پهرين مئي 1966ع تي آزاد بخاري، اصل نالو عبدالڪريم شاهه چڪ ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار اٿس.
• پهرين مئي 1973ع تي نوجوان شاعر انور ساگر ڪانڌڙو ڳوٺ الهه بچائي ڪانڌڙي تعلقي موري ۾ جنم ورتو.
• پهرين مئي 1955ع تي مشهور اداڪار ۽ هدايتڪار اسد قريشي ولد الاهي بخش قريشي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
• پهرين مئي 1969ع تي ناليوارو قومپرست ۽ اڳوڻو شاگرد اڳواڻ ساگر حنيف بڙدي، پدعيدن ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو.
• پهرين مئي 1940ع تي نالي واري شاعر ۽ اديب ڊاڪٽر نواز علي شوق، ولد تاج محمد سهرياڻي بلوچ جنم ورتو.
• 2 مئي 1952ع تي تنوير جوڻيجو مٺي ۾ پيدا ٿيو اباڻو شهر (پاٽ ضلعو دادو) ادبي سڃاڻپ ماهر سماجيات، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار اٿس.
• 2 مئي 1976ع تي نوجوان شاعر سڪندر کرل ڳوٺ نسيم کرل تعلقي گمبٽ ۾ پيدا ٿيو.
• 2 مئي 1924ع تي جمال ابڙو، “جمال الدين” ولد علي خان ابڙو ڳوٺ سانگين تعلقي ميهڙ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو. پاڻ ويهين صدي جي وڏن سنڌي ڪهاڻيڪارن مان هڪ آهي.
• 2 مئي 1964ع تي ناليوارو صحافي، ڪالم نگار ۽ وڪيل جاويد قاضي ولد قاضي فيض محمد نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.
• 3 مئي 1920ع تي سنڌ جو مهان ڏاهو سوڀو گيانچنداڻي ڳوٺ ٻنڊي، تعلقو ڏوڪري ضلعو لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ادبي خدمتون ڪالم نگار، ڪهاڻيڪار، ترجمه نگار، علم سياسيات ۽ ليڪچر گهري دلچسپي اٿس.
• 3 مئي 1986ع تي سنڌ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو سياسي ميڙاڪو محترم بينظير صاحبه جي ٻن سالن جي جلاوطني کان پوءِ ڪراچي اچڻ تي ٿيو.
• 3 مئي 1906ع تي وحدت الوجود جو قائل سائين بچل شاهه هڪ سئو سالن جي ڊگهي عمر ۾ هن فاني دنيا کي الوداع ڪيو. سندس آخري آرام گاهه سکر ۾ الهه طرف سکر بئراج جي لڳ بچل شاهه مياڻي نالي ڳوٺ ۾ آهي.
• 3 مئي 1994ع تي سنڌ جو عظيم فنڪار منصور بلوچ لاهوري ۾ انتقال ڪيو.
• 3 مئي 1977ع تي موسيقي جي دنيا جو گل گلابي استاد محمد ابراهيم ڪينسر جي مرض ۾ ڪومائجي ويو.
• 3 مئي 1946ع تي جماعت اسلامي جو امير ۽ وڪيل اسد الله ڀٽو جنم ورتو.
• 3 مئي 1950ع تي سنڌ جو نامور چترڪار، وڊيو گرافر ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ محقق اياز عالم ابڙو قنبر علي خان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 3 مئي 1975ع تي نوجوان شاعره ايس نسيم ميمڻ موري ۾ جنم ورتو.
• 5 مئي 1925ع تي خانبهادر غلام محمد خان اسراڻ هن فاني جهان کي الوداع ڪيو.
• 5 مئي 1953ع تي سماجي ورڪر محمد اشرف کهاوڙ ولد خانصاحب امداد حسين خان کهاوڙ شهدادڪوٽ ان وقت جي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 5 مئي 1957ع تي موسيقي جو بي تاج بادشاهه شاهه محمد نابينا وفات ڪئي.
• 5 مئي 1969ع تي نوجوان شاعر پريم پتافي اصل نالو عبدالرزاق ولد محمد يوسف ضلعي گهوٽڪي ۾ جنم ورتو.
• 5 مئي 1963ع تي راڳي ذوالفقار علي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
• 5 مئي 2009ع تي سنڌ جي نالي واري شخصيت قمر شهباز لاڏاڻو ڪيو. ادبي سڃاڻپ، ناٽڪ نويس، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ ڪالم نويس هئس.
• 5 مئي 1969ع تي نوجوان شاعر ساٿي محبوب زنگيجو ولد محمد بچل رنگيجو ٻيڙو خان گاڏهي ڪي اين شاهه ۾ جنم ورتو.
• 5 مئي 1980ع تي نوجوان شاعر سرفراز عباسي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 6 مئي 1975ع تي سنڌ جو عظيم انسان عالم، صحافي پبلشر ۽ سماجي ورڪر عبدالحميد ڀٽي لاڏاڻو ڪيو.
• 6 مئي 1957ع تي مشهور شاعر اسير ملاح جو اصل نالو محمد ابراهيم ولد ڇتو خان مير بحر ڳوٺ ڪاري کهي تعلقي ڪوٽڙي ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
• 6 مئي 1935ع تي بهترين مصور ڀڳوان ڪپور اصل نالو ڀڳوان چترو مل ڪپور ڪراچي شهر ۾ ڄائو.
• 7 مئي 1959ع تي مذهبي اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ادبي نالو اُبو راشد سنڌي ۽ ابو ناصر عاقلائي ولد مولانا علي محمد حقاني لاڙڪاڻي شهر جي قديم ڳوٺ عاقل ۾ جنم ورتو.
• مئي 1898ع تي قادر الڪلام شاعر مرزا علي محمد بيگ ولد مرزا قربان علي بيگ ٽنڊي آغا حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 9 مئي 1978ع تي سنڌي صحافت جو روشن ستارو ۽ سند جو معمر سياستدان قاضي سليم اڪبر ڪراچي ويجهو روڊ حادثي ۾ راهه رباني وٺي ويو.
• 9 مئي 1929ع تي ممتاز علام دين، روحاني پيشوا مولانا محمد شاهه امروٽي ولد ميان نظام الدين شاهه ڳوٺ ديواني پريالو ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
• 10 مئي 1952ع تي وجودي فڪر جو ڪهاڻيڪار مشتاق شورو سجاول ۾ عبدالڪريم شورو جي گهر ۾ جنم ورتو.
• 10 مئي 1974ع تي غزل گوشاعر حافظ شاهه ناطق حسيني حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.
• 10 مئي 1971ع تي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو جو انائونسر شبير شاهه ولد سيد محمد شاهه ڳوٺ دودائي تعلقي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 10 مئي 1940ع تي ناميارو محقق، اديب ۽ شاعر پروفيسر ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر ولد در محمد ڳوٺ ٿاڻو سوڍر المعروف فيص محمد سوڍر تعلقي وارهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.
• 10 مئي 1930ع تي شاعر ۽ شاه لطيف جو پارکو الهه نواز رُڪڻائي ڳوٺ رُڪڻ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
• 10 مئي 1966ع تي نامياري فنڪار غلام رباني چانڊيو ولد سجاول فقير چانڊيو ڳوٺ ننگر خان چانڊيي، تعلقي موري ۾ جنم ورتو.
• 11 مئي 1944ع محقق، نقاد، افسانه نگار ڊاڪٽر عبدالجبار “عابد” لغاري ڳوٺ تاج پور ضلعي مٽياري ۾ پيدا ٿيو. “تاجپور جي لغاري خاندان جون علمي خدمتون” پي ايڇ ڊي جو موضوع هئس.
• 12 مئي 1946ع محقق ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو ڳوٺ ڊٻ، ضلعي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.
• 12 مئي 1991ع تي سنڌ جو ڏاهو زيب عاقلي حيدرآباد ۾ انتقال ڪري ويو.
• 12 مئي 1990ع تي قومي ۽ سماجي فڪر رکندڙ شاعر افضل قادري ڦڦڙن جي ڪينسر سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
• 12 مئي 1951ع تي ڪراچي يونيورسٽي قيام جو اعلان ٿيو. 1952ع ۾ يونيورسٽيءَ باقاعده ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.
• 12 مئي 1932ع تي ناميارو اديب، شاعر، خوش خط ۽ مرثيه خوان قربان علي بيگ مرزا وفات ڪئي.
• 12 مئي 1904ع تي نظم ۽ نثر تي دسترس رکندڙ آخوند محمد حسن “مسڪين” ولد مولوي ڄام ولد آخوند محمد دائود سومرو تعلقي خانپور ضلعي شڪارپور جي ڳوٺ “حاجي خان ڪلهوڙو” ۾ ڄائو.
• 12 مئي 1944ع تي گيت جو خوبصورت شاعر ۽ قومي ڪارڪن جمن دربدر عمر ڪوٽ ضلعي ۽ تعلقي جي ڳوٺ روحل واءِ ۾ عبدالرشيد ساند جي گهر جنم ورتو.
• 12 مئي 1980ع تي (ڳائڻي) ناليواري گلوڪاراه امبر مهڪ ڌيءَ يار محمد موچي پاڙي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
• 13 مئي 1881ع تي ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين پهرين ريل گاڏي هلائي وئي.
• 13 مئي 1883ع تي سنڌ جو سياسي اڳواڻ ۽ سرهندي پيرن جو نامور فرد پير غلام مجدد سرهندي ولد ميان عبدالحليم سرهندي مٽياري ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.
• 14 مئي 1887ع تي قادر الڪلام شاعر ۽ صوفي طريقي جو بزرگ غمدل غني اصل نالو عبدالخالق دايو هو. ڳوٺ ڪچا چاچڙ تعلقي پني عاقل ضلعي سکر ۾ پيدا ٿيو.
• 14 مئي 1992ع تي غزل جو شهنشاهه ۽ صحافي فيض بخشا پوري ولد مهدي خان ڊومڪي بلوچ وفات ڪئي.
• 15 مئي 1958ع تي سنڌ جو نالو وارو اديب منصور قادر جوڻيجو ڳوٺ گهاڙي تعلقي ميهڙ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
• 15 مئي 1931ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر احمد خان مدهوش جوهي ضلعو دادو ۾ پيدا ٿيو والد جو نالو حاجي فقير سومرو هئس.
• 15 مئي 1940ع تي مشهور صوفي بزرگ ۽ شاعر حضرت رکيل شاهه هن دنيا کي الوداع چيو.
• 15 مئي 1972ع تي قادر الڪلام شاعر غمدل فقير رتيديري ۾ وفات ڪئي. آخري آرام ڳڙهي ياسين ۾ اٿس.
• 15 مئي 1931ع تي مشهور سنڌي نثر نويس ۽ شاعر موتي پرڪاش ڳوٺ دڙي ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.
• 15 مئي 1944ع تي سنڌي ٻوليءَ جو مايه ناز غزل گو شاعر وفا ناٿن شاهي اصل نالو مشتاق ولد خيرات علي قريشي شهر بنڊيالا ضلعي امر ستر (ڀارت) ۾ پيدا ٿيو.
• 15 مئي 1966ع تي حزب الله ولد الاهي بخش سومرو ڳوٺ ڦلواهڻ، تعلقو ۽ ضلعو خيرپور ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ. ايڊيٽر، تحقيق، ترتيب ۽ مضمون نگار اٿس.
• 15 مئي 1926ع تي مشهور سياستدان الاهي بخش سومرو شڪارپور ۾ حاجي مولا بخش سومري جي گهر ۾ جنم ورتو..
• 15 مئي 1971ع تي نوجوان صحافي، اديب ۽ شاعر پريل دايو ڳوٺ نو راجا تعلقي پني عاقل ۾ جنم ورتو.
• 15 مئي 1940ع تي مولوي ۽ شاعر الله بخش اٻوجهو وفات ڪئي.
• 16 مئي 1922ع تي سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي دنيا ۾ ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي رشيد احمد لاشاري “رشيد” ڳوٺ ملگزار، تحصيل نصيرآباد، ضلعي سبي ۾ پيد اٿيو.
• 16 مئي 1984ع تي چيزل شاهه اصل نالو سيد العزيز ولد رکيل شاهه وفات ڪئي. سيد چيزل شاهه فتحپور تعلقي گنداواهه اولهه (بلوچستان) ۾ پيدا ٿيو. پاڻ صوفي شاعر ٿي گذريو آهي.
• 16 مئي 1928ع تي مشهور شاعر ساقي زمان شاهه لاڏاڻو ڪيو.
• 17 مئي 1924ع تي شاعر، نقاد، ڪالم نويس ۽ ايڊيٽر سيد منظور نقوي اصل نالو سيد لطف علي شاهه والد جو نالو سيد حسين علي شاهه ٽنڊي جهانيان حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
• 17 مئي 1937ع تي چانڊيا قبيلي جو سردار احمد سلطان چانڊيو غيبي ديري ۾ ڄائو.
• 17 مئي 1949ع تي شاعر ۽ اديب ارڏو اترادي اصل نالو ارصلاح ولد ڪوهدل باجڪاڻي ڳوٺ گلواڻي تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ پيدا ٿيو.
• 17 مئي 1937ع تي اديب، صحافي ۽ سياسي ڪارڪن عبدالوهاب پليجو ٺٽي ضلعي جي تعلقي گهوڙا ٻاري ۾ ڄائو.
• 17 مئي 1804ع تي هزهائينس، مير نصير محمد خان ٽالپر جنم ورتو سندن شاعري ۾ تخلص جعفري هو.
• 18 مئي 1931ع تي پي ايڇ ڊي هولڊر موتي پرڪاش اصل نالو (ڊاڪٽر موتي سکر امداس شرما) دڙو ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. پي ايڇ ڊي جو موضوع هئس. (سنڌ شعر ۾ استري چٽ)
• 19 مئي 1958ع تي صفي اول جي شاعره نجمه نور ڦلپوٽو خيرپور ۾ جنم ورتو.
• 19 مئي 2003ع تي نالي واري شاعر ميهر مجاهد، ولد رتو خان ميمڻ ميروخان ۾ وفات ڪئي.
• 20 مئي 1946ع تي عالم الدين ميان محمد نصير الدين ولد عبدالحليم ميڪڻ شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
• 20 مئي 1975ع تي سنڌ جو رياضدان ڊاڪٽر مير نور محمد ٽالپر اٽلي شهر ۾ وفات ڪئي. پاڻ اٽلي ۾ ٿيندڙ هڪ بين القوامي سيمينار ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويو هو.
• 20 مئي 1946ع تي ناليوارو مصور اياز حسين ولد يار محمد خان ابڙو ڳوٺ جيئڻ ابڙي تعلقي قنبر ۾ ڄائو.
• 20 مئي 1951ع تي نالي واري شاعره اڪرم سلطانه وقامي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 20 مئي 1957ع تي شاعر ارباب علي عادل چوهاڻ ڳوٺ حاجي فتح محمد درس تعقلو ڪنري بدين ۾ پيدا ٿيو.
• 21 مئي 1978ع تي نوجوان ڪهاڻيڪار ايم اسماعيل ٻرڙي قنبر علي خان جي تاريخي ڳوٺ گهٽهڙ ۾ حاجي محمد حسن جي گهر ۾ جنم ورتو.
• 21 مئي 1970ع تي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري ۾ وفات ڪئي. سندس وصيت موجب حيدرآباد ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي جي مقبري جي ٿلهي تي سپرد خاڪ ڪيو.
• 21 مئي 1951ع تي شاعر محمد عابد مظهر ولد سيد مظهر حسين سيوهاڻي باجارا ۾ جنم ورتو.
• 22 مئي 1982ع تي سنڌ جو عظيم انسان مير رسول بخش خان ٽالپر وفات ڪئي.
• 22 مئي 1991ع تي ناميارو شاعر ۽ ريڊيو پروڊيوسر زيب عاقلي راهو رباني وٺي ويو.
• 23 مئي 1974ع تي مولوي نذير حسين جتوئي 71 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.
• 23 مئي 1994ع تي عالم، اديب ۽ شاعر ڊاڪٽر نذير احمد جروار لاڏاڻو ڪيو.
• 23 مئي 1902ع تي سنڌ ادب ۽ زبان سان نهايت پيار ڪندڙ خانصاحب عبدالله چنا ڳوٺ پاٽ شريف ضلعي دادو ۾ ڄائو.
• 24 مئي 1949ع تي سٺو نثر نگار، شاعر، نقاد ۽ لطيف رح جي ڪلام کي انگريزي ترجمو ڪندڙ. امير علي ولد ولي محمد چانڊيو ڳوٺ شاهه محمد چانڊيو قنبر ۾ جنم ورتو.
• 24 مئي 1978ع تي مشهور عالم، ۽ اديب شيخ عبدالمجيد سنڌي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. وصيت مطابق ٺٽي ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي ڀرسان مڪليءَ جي تاريخي قبرستان ۾ دفنايو ويو.
• 25 مئي 1945ع تي محقق، نقاد، مترجم، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ حاجي خان پٺاڻ جي گهر ڳوٺ خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي پي ايڇ ڊي جو موضوع ڪراچي ضلعي جو علم ادب ۾ حصو.
• 25 مئي 1957ع قومي سياسي سماجي ۽ ٻارن لاءِ شاعر ڪندڙ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 25 مئي 1940ع تي سنڌ جو نالي وارو نقاد ۽ شاعر تاج بلوچ ڪوٽ سردار مراد خان بلو، پنو عاقل ۾ جنم ورتو.
• 25 مئي 1984ع تي فقير جعفر علي پنهور موٽرسائيڪل ۽ ويگن جي ٽڪر ۾ زخمي ٿي ٿڏي تي فوت ٿي ويو.
• 25 مئي 1932ع تي ڀارت جو برک سنڌي شاعر ڪرشن “راهي” لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ آباد ۾ پيدا ٿيو.
• 25 مئي 1975ع تي شاعر ۽ صحافي مصطفيٰ حيدر جتوئي لاڏاڻو ڪيو.
• 25 مئي 1979ع تي سنڌ جو سدابهار انسان ارباب نور محمد پليجو دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
• 25 مئي 1757ع تي سيد محمد راشد رضي ڌڻي ولد سيد محمد بقا شاهه ولادت ڳوٺ رحيم ڏني ڪلهوڙي خيرپور ميرس ۾ ٿي.
• 26 مئي 1984ع تي شاعر ۽ نقاد مرزا اجمل بيگ لاڏاڻو ڪري ويو.
• 26 مئي 1934ع تي شاعر، اديب ۽ صحافي مصطفيٰ حيدر جتوئي ولد حيدر بخش جتوئي ڊگهڙي شهر ۾ ڄائو.
• 27 مئي 1999ع تي ڊاڪٽر خان محمد پنهور ايل ايم سي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.
• 28 مئي 1967ع تي ايلسا قاضي دم ڌڻي حوالي ڪيو.
• 28 مئي 1975ع تي قادر الڪلام شاعر سڪندر خان کوسو ولد مير بهادر خان کوسو لاڏاڻو ڪري ويو.
• 28 مئي 1957ع تي ناليوارو شاعر، اديب، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ولد سرائي محمد خان سيال ڳوٺ فريد آباد، تعلقي باقراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 29 مئي 1922ع تي صوفي بزرگ مخدوم احمد يار خان مهر ڀرچونڊي ۾ وفات ڪئي.
• 29 مئي 1982ع تي مشهور ليکڪ فاطمه ڀٽو ولد مير مرتضيٰ ڀٽو جنم ورتو.
• 30 مئي 1985ع تي مشهور سياسي سماجي ۽ ادبي شخصيت مير محمد بخش خان ٽالپر ميرپور خاص ۾ وفات ڪئي.
• 30 مئي 1942ع تي سردار احمد علي پتافي ڳوٺ گلو پتافيءَ ۾ ڄائو.
• 30 مئي 1969ع تي نوجوان شاعر صحافي سجاد مهر شڪارپور ۾ جنم ورتو.
• 31 مئي 1902ع تي سنڌ جو مايه ناز موسيقار، ڊرام نويس ۽ اديب احمد چاڳلا ولد غلام علي چاڳلا ڪراچي ۾ جنم ورتو.
• 31 مئي 1968ع تي مشهور تاريخ دان ۽ اهل قلم رائچند هريجن فوت ٿي ويو.
• 31 مئي 1978ع تي انفرادي شاعر عارف الموليٰ ڪار حادثي ۾ انتقال ڪيو.
• 31 مئي 1942ع تي شاعر، نثر نويس ۽ تعليمدان آغا روشن علي پٺاڻ ولد آغا بشير محمد پٺاڻ جي گهر ۾ درٻيلي تعلقي ڪنڊياري ۾ پيدا ٿيو.
• 31 مئي 1972ع تي نوجوان شاعر، عالم نگار فياض چنڊ ڪليري نوابشاهه ۾ جنم ورتو.
14 مئي 1668ع تي ٺٽي شهر هڪ قدرتي آفت زلزلي سامجي (ساموئي) کي تباهه ڪري ڇڏيو، هي سمن جو پهريون تخت گاهه هو.
3 مارچ 1707ع تي اورنگزيب 89 سالن جي عمر ۾ احمد آباد ۾ گذاري ويو.
1711ع ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي اتر سنڌ ۾ منهنجي طاقت وڌائڻ شروع ڪئي.
1718ع ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي مغلن سان گڏجي جهوڪ ۾ شاهه عنايت صوفيءَ جي خلاف جنگ ڪئي.
1719ع ۾ يار محمد ڪلهوڙو گذاري ويو ۽ ميان نور محمد فدا يار خان جو لقب وٺي آيو.
1733ع ۾ کهڙا جي مخدوم عبدالرحمان ۽ سندس ساٿين جي شهادت جو واقعو ميان نور محمد ڪلهوڙي جي حڪمرانيءَ جي ڏينهن پيش آيو.
سنڌ ۾ انگريز سڀ کان پهرين 1612ع ۾ آيا هئا، پر سنڌ ۾ سندن ڪمپنيءَ جو بنياد 1935ع ۾ پيو، جنهن 1662ع ۾ پنهنجي ڪوٺي بند ڪئي. سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ 1758ع ۾ پنهنجي ڪوٺي ٻيهر قائم ڪئي.
1718ع ۾ سنڌ ۽ گجرات ٻه وڏا هاڃا ڏٺا، گجرات ۾ تمام شديد ڏڪار پيو جڏهن ته سنڌ ۾ شاهه عنايت صوفي ۽ سندس فقيرن تي دهلي ٺٽِ ۽ مبئي سرڪار جون فوجون ڪاهي آيون.