اپريل
• پهرين اپريل 1936ع تي مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار روشن علي تنيو لاڙڪاڻي جي ڳوٺ وڳڻ ۾ پيدا ٿيو.
• پهرين اپريل 1918ع تي سنڌ جو ممتاز اسڪالر ۽ دانشور پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه ولد سيد غلام علي شاهه ڳوٺ قادر ڏنو شاهه تعلقي ميرپور بٺوري ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو.
• پهرين اپريل 1930ع تي بلند پايه شاعر، اديب، مترجم ۽ حڪيم نياز همايوني اصل نالو مشتاق احمد ولد قائم الدين شڪارپور جي مشهور ڳوٺ همايون ۾ جنم ورتو.
• پهرين اپريل 1961ع تي شاعر ۽ نثر نويس انور فگار هڪڙو ولد محمد صديق هڪڙو شڪارپور ۾ ڄائو.
• پهرين اپريل 1879ع تي مشهور شاعر، اديب ۽ صحافي محمد صديق مسافر ولد گلاب خان قنبراڻي ٽنڊي باگي ضلعي بدين ۾ پيدا ٿيو.
• پهرين اپريل 1960ع تي شاعر ۽ ڪهاڻيڪار اختر ٽانوري اصل نالو غلام عباس بوزدار وڏا ضلعي خيرپور ۾ پيدا ٿيو.
• پهرين اپريل 1974ع تي نوجوان شاعر امر اقبال اصل نالو محمد اقبال ولد الهورايو چن ڳوٺ سوهو ڪناسرا تعلقي ڪوٽ ڏيجي ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو.
• پهرين اپريل 1971ع تي نوجوان شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر خاور قبولائي اصل نالو محمد موسيٰ سرگاڻي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• پهرين اپريل 1963ع تي ڪاظم شاهه “ڪوثر بخاري” اصل نالو (ڪوثر بخاري) هنڱورجه ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.
• پهرين اپريل 1555ع تي مطابق 9 جمادالاول 962هه تي مرزا شاهه حسن ارغون آخري وفات ڪئي.
• پهرين اپريل 1943ع تي سماجي ورڪر قانوندان منير چانڊيو ولد ايم عثمان چانڊيو لاڙڪاڻي شهر جي دڙي محلي ۾ جنم ورتو.
• پهرين اپريل 1942ع تي ممتاز اديب، شاعر ۽ نقاد ڊاڪٽر بشير احمد “شاد“ ولد آغا در محمد خان پٺاڻ شڪارپور شهر ۾ ڄائو.
• پهرين اپريل 1982ع تي سنڌ جو عظيم انسان پير حسام الدين راشدي وفات ڪئي. سندس وصيت مطابق سنڌ جي تاريخ قبرستان مڪلي (ٺٽو) ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي پيرانديءَ کان ڏکڻ پاسي سپرد خاڪ ڪيو ويو.
• پهرين اپريل 1978ع تي پروفيسر رام پنجواڻي چيٽي چنڊ جي ميلن ۾ ڳائيندي وڄائيندي دل جي تار ٽٽي پئي ۽ هميشه هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو.
• پهرين اپريل 1975ع تي نوجوان شاعر وفا ٻرڙو (محمد بخش ٻرڙو) جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.
• پهرين اپريل 1933ع تي سنڌي ٻوليءَ جو اهم شاعر نظر سنڌي اصل نالو امير بخش عالماڻي ڳوٺ جهان خان عالماڻي ۾ پيدا ٿيو.
• پهرين اپريل 1947ع تي مضمون، مقالا، تحقيق ۽ تنقيد نگار بدرالدين اُڄڻ شڪارپور ۾ جنم ورتو.
• پهرين اپريل 1962ع تي رزاق سهتو، الهه وسائي سهتي جي گهر ڳوٺ صوفاڻي تعلقي ٺري ميرواهه ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ اديب آهي.
• پهرين اپريل 1973ع تي نوجوان شاعر اياز رضوي جو پورو نالو سيد اياز حسين شاهه رضوي تعلقي جهڏي جي ڳوٺ عباس علي شاهه ۾ جنم ورتو.
• پهرين اپريل 1950ع تي مشهور شاعر ارشاد ساگر جتوئي جهوڪ شريف لڳ تعلقي ميرپور بٺوري ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو.
• پهرين اپريل 1963ع تي ليکڪ ۽ شاعر سميع ساجد جوڻيجو ڳوٺ نم شريف، تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
• پهرين اپريل 1958ع تي شاعره عطيه دائود لاڙڪ نوشهرو فيروز ۾ جنم ورتو.
• پهرين اپريل 1967ع تي نوجوان شاعر ياسر بوزدار اصل نالو شاهه محمد ولد علي گلاب بوزدار، بوزدار وڏا، ضلعو خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
• پهرين اپريل 1973ع تي شاعر ۽ صحافي قادر جاگيراڻي اصل نالو عبدالقادر جاگيراڻي، ولد پير محمد جاگيراڻي ڳوٺ ميول خان جاگيراڻي تعلقي ميروخان ضلعو قنبر شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
• پهرين اپريل 1973ع تي نوجوان شاعر شفيع محمد شاد، ولد سهراب خان قادري ڳوٺ پراڻو ٺارو، تعلقي ميروخان ۾ جنم ورتو.
• پهرين اپريل 1972ع تي نوجوان شاعر، ليکڪ ۽ ريڊيو ڪمپيئر فياض لطيف اصل نالو بشير احمد ولد محمد حسن چانڊيو لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 2 اپريل 1939ع تي محقق، نقاد، ڪهاڻيڪار ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. پي ايڇ ڊي موضوع آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر 1981ع.
• 2 اپريل 1925ع تي ناميارو فلمسٽار عبداللطيف ساقي ولد الله بچايو رند بلوچ عراق جي شهر بغداد ۾ ڄائو. اباڻو ڳوٺ يوسف بلوچ ڪوٽڙي هئس.
• 2 اپريل 1922ع تي قادر الڪلام شاعر ۽ ڪهاڻيڪار فيض محمد “فيض” حيدري ولد امام بخش ڪيريو ڳوٺ ٽنڊي حيدر تعلقي حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 2 اپريل 1939ع تي ٻاراڻي ادب جو ليکاري اياز پاٽولي جو جنم ٽنڊي محمد خان شهر ۾ ٿيو. اصل نالو محمد هاشم پاٽولي آهي.
• 2 اپريل 1973ع تي ليکڪ حميد ابڙو، اصل نالو عبدالمجيد ابڙو ٺل تعلقي جي ڳوٺ حاجي شاهنواز ڏيٿي ۾ جنم ورتو.
• 2 اپريل 2005ع تي ڪهنه مشق غزل گو شاعر محسن ڪڪڙائي وفات ڪئي.
• 2 اپريل 1976ع تي نوجوان شاعر پنهل اصل نالو محمد پنهل ولد عبدالمالڪ ميمڻ ڳوٺ ڪارڙا ڪلهوڙا لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 3 اپريل 1939ع تي تحقيق، صحافت ۽ شاعر يوسف شاهين اصل نالو محمد يوسف دائود پوٽو ڪراچي ۾ پيدا ٿيو.
• 3 اپريل 1974ع تي نوجوان شاعر قربان گل (قربان علي چنو) محمد پريل جي گهر گڏيجي ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.
• 3 اپريل 1937ع تي مشهور اديب گل محمد چنا نوابشاهه شهر ۾ جنم ورتو.
• 3 اپريل 1992ع تي (فلم) باغي حبيب فلمز جي طرفان پيش ڪيل هيءَ سنڌي فلم رليز ٿي هن فلم جي ڪهاڻي لکندڙ محمد بخش چانگ هو.
• 4 اپريل 1888ع تي شاعر ۽ اديب فقير خادم حسين خاصخيلي ولد محمد رمضان ڳوٺ قائم خان تعلقي ميهڙ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
• 4 اپريل 1938ع تي ريڊيو ٽي وي، اسٽيج ۽ فلم جو مشهور آرٽسٽ صالح محمد شاهه ولد سيد دادن شاهه حيدرآباد لڳ ڳوٺ دريا بيگ مغل ۾ ڄائو.
• 4 اپريل 1940ع تي شاعر شبير “هاتف“ اصل نالو شبير علي شاهه ولد مرحوم سيد الله بخش شاهه ٺکڙائي ڳوٺ ٺکڙ حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
• 5 اپريل 1977ع تي محمد بخش ايم بي دربان جنم درگاهه نواڙو شريف جي ڀرسان ڳوٺ فتح محمد دربان ۾ اک کولي ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.
• 5 اپريل 1977ع تي شاعره سحر سنڌو ذات خاصخيلي ٽنڊو غلام علي لڳ هڪ ڳوٺ ۾ جنم ورتو.
• 5 اپريل 1987ع تي مير علي محمد ٽالپر لنڊن جي “لنڊن اسپتال ۾ گذاري ويو. سندس جسم خاڪي کي 9 اپريل تي حيدرآباد آڻي، سندس اباڻي قبرستان گنجو ٽڪر ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.
• 5 اپريل 1860ع تي سنڌ جو عارف، مجدد ۽ باڪمال بزرگ مولانا غلام محمد ملڪاڻي ڳوٺ ملڪاڻي تعلقي دادو ۾ تولد ٿيو.
• 5 اپريل 1945ع تي مشهور شاعر ۽ اديب، سليم چنا ولد نجم الدين چنا پاٽائيءَ جي گهر ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
• 5 اپريل 1931ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر احمد خان مدهوش ولد حاجي فقير شفلي (کٽي) جوهي ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
• 6 اپريل 1919ع تي پروفيسر عبدالڪريم ولد محراب خان سنديلو پنهنجي والد جي نالي تي ٻڌل ڳوٺ مهراب خان سنديلو تعلقو ڏوڪري لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
• 6 اپريل 1975ع تي شاعر، ريڊيو پروڊيوسر ۽ سماجي ورڪر مير بهادر علي مهر ولد لطف علي مهر لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ ننڍن مهرن ۾ جنم ورتو.
• 6 اپريل 2011ع تي سنڌي ٻولي ۽ ادب جو پارکو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وفات ڪئي.
• 7 اپريل 1935ع تي آغا سليم اصل نالو آغا خالد سليم ولد آغا عبدالڪريم خان شڪارپور ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ ڪهاڻيڪار، ناول نويس اديب ۽ شاعر آهي.
• 7 اپريل 1931ع تي شاعر ۽ علماءِ الدين علامه محمد قاسم ڳڙهي ياسين وفات ڪئي، سندس مزار ڳڙهي ياسين ۾ آهي.
• 7 اپريل 2003ع تي سنڌ جي قومي شاعر محمد خان مجيدي وفات ڪئي.
• 7 اپريل 1950ع تي ناليوارو شاعر ۽ اديب مير عبدالرسول مير ٽالپر ولد رئيس مهر علي خان ٽالپر گمبٽ ضلعي خيرپور ۾ ڄائو.
• 7 اپريل 1894ع تي مير فيض محمد اول ٽالپر مير علي مراد خان جي وفات کان هڪ هفتو پوءِ گاڌيءَ تي ويٺو.
• 7 اپريل 2012ع قومپرست سياست کي عبادت سمجهندڙ سنڌ جو ارڏو پٽ جسقم جو چيرئيمن بشير خان قريشي شهادت ماڻي، آخري آرام گاهه رتوديرو باءِ پاس وٽ اٿس.
• 8 اپريل 1922ع تي جمال الدين “مومن” ولد هوت خان خاصخيلي ڳوٺ جتوئي نوان تعلقي موري ۾ پيدا ٿيو. پاڻ مشهور تعليمي ماهر، قومي، سماجي ڪارڪن ۽ سٺو شاعر ٿي گذريو آهي.
• 8 اپريل 2011ع تي ناليوارو اداڪار حسين ساريو ڪراچي اسپتال ۾ وفات ڪئي. کيس ڳوٺ گند، باڊهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ دفن ڪيو ويو.
• 8 اپريل 1946ع تي تجريدي شاعر ۽ تنقيدنگار ملڪ نديم، اصل نالو عبدالرزاق ڪشمور ۾ جنم ورتو.
• 8 اپريل 1965ع تي نوجوان شاعر گلزار سيال ولد شاهنواز سيال ٿلهو ڪي اين شاهه، ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
• 9 اپريل 1915ع تي لاڙڪاڻي جي سماجي ورڪر ۽ ادبي خيالن جي مالڪ شري سرلا ديوي سنڌ جي قديم شاهوڪار ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
• 9 اپريل 1951ع تي علامه آءِ آءِ قاضي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو.
• 9 اپريل 1935ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر اسحاق “راهي” ولد محمد صالح سومرو ميهڙ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو.
• 9 اپريل 1965ع تي مشهور ليکڪ ۽ شاعر رکيل مورائي پورو نالو الهه رکيو ولد جاڙو خان سولنگي ڳوٺ حاجي مالڪ ڏني سولنگي تعلقي موري ۾ جنم ورتو.
• 9 اپريل 1995ع تي سنڌ جي مشهور سياسي شخصيت سردار غلام محمد خان مهر وفات ڪئي سردار غلام محمد خان مهر جي جنم ڀومي خانگڙهه ضلعو گهوٽڪي هو.
• 9 اپريل 1997ع تي ماهر نقاد ۽ اديب ڊاڪٽر محبت ٻرڙو وفات ڪئي آخري آرام گاهه قنبر ۾ اٿس.
• 9 اپريل 1930ع تي اڪبر آشرم لاڙڪاڻو هيءُ ادارو مشهور صوفي ويدانتي شاعر ۽ اديب امرت راءِ جئه سنگهاڻي “سام” قائم ڪيو.
• 9 اپريل 1975ع تي نوجوان شاعر بخشل باغي نوابشاهه ۾ جنم ورتو.
• 10 اپريل 1843ع تي دٻيءَ واري جنگ کان پوءِ مير محمد نصير خان ٽالپر (ٽالپرن جو آخري حڪمران) ۽ سندس خاندان جي ڪجهه ٻين فردن کي جلاوطن ڪري ڪلڪتي روانو ڪيو ويو.
• 10 اپريل 1925ع تي ڪهاڻي نويس جمال الدين ادبي نالو جمال ابڙو ولد علي خان ابڙو ڳوٺ سانگي تعلقو ميهڙ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 10 اپريل 1990ع تي مرزا اسد بيگ “اسد” هن فاني جهان کي هميشه لاءِ ڇڏيو.
• 10 اپريل 1923ع تي شاعر، محقق ۽ اديب اظهر ريلائي پير، ولد پير ڪريم ڏنو صديقي قريشي ريلائي درگاهه پير رکيل ريلائي ضلعي دادو ۾ ڄائو.
• 10 اپريل 1958ع تي مشهور ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڊرامه نويس ۽ شاعر طارق عالم ابڙو، قنبر علي خان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 10 اپريل 1888ع تي مشهور سماجي ورڪر، شاعر ۽ ليکڪ پروفيسر هاسارام پٽ سندر داس پمناڻي روهڙي شهر ۾ پيدا ٿيو.
• 10 اپريل 1950ع تي علم ۽ ادب جو گوهر مولانا دين محمد وفائي وفات ڪئي.
• 10 اپريل 1920ع تي سنڌي ٻولي جي شاعر، ليکڪ ۽ ناول نگار پريتم هنگورائي ڪراچي ۾ ڄائو.
• 10 اپريل 1990ع تي شاعر ۽ نثر نويس مرزا اسد بيگ “اسد” ولد مرزا قليچ بيگ وفات ڪئي.
• 11 اپريل 1829ع تي مشهور زمانه انا الحق جو پيروڪار حضرت سچل سرمست رح ولد بزرگوار جو نالو ميان صلاح الدين آهي. سچل جي وفات درازا ۾ ٿي سچل سرمست رحه جي ولادت 1739ع ۾ ٿي.
• 11 اپريل 1934ع تي شاعر، صحافي ۽ اديب فضل احمد بچاڻي ولد خان صاحب ڇٽل بچاڻي ٽنڊي الهيار، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
• 11 اپريل 1967ع تي ليکڪ ابراهيم کرل ولد مولا بخش خيرپور ۾ جنم ورتو.
• 11 اپريل 1947ع تي ليکڪ ۽ قومپرست اڳواڻ ارباب کهاوڙ اصل نالو ارباب علي نبي بخش کهاوڙ آهي، هو ابتدا ۾ ارباب سنڌي جي نالي سان به لکندو هو. هن جو جنم وارهه ۾ ٿيو.
• 11 اپريل 2011ع تي مشهور عالم علي محمد حقاني دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. علي محمد حقانيءَ جي جنم ڀومي نئون ديرو آهي جتي 1908ع جنم ورتو.
• 12 اپريل 1945ع تي چترڪار قاضي خضرحيات ادبي نالو خ ح ع قاضي ولد عبدالحئي قائل رتوديرو شهر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 12 اپريل 1931ع تي شاعر اسدالله شاهه بيخود حسيني ولد الله بخش شاهه ڳوٺ ٽکڙ ۾ پيدا ٿيو.
• 12 اپريل 1900ع تي استادالشعرا حافظ محمد احسن ذات چنو والد جو نالو جمعه خان ڳوٺ ملڪاڻي شريف، دادو ۾ جنم ورتو.
• 12 اپريل 1949ع تي فلم، ريڊيو اسٽيج جو ليکڪ ۽ هدايتڪار حيات علي شاهه بخاري ولد غوث علي شاهه بخاري حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 12 اپريل 1912ع تي بخش جمالي ولد ڪريم بخش جمالي ڳوٺ بچل مهيسر تعقلي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ ڪهنه مشق شاعر ٿي گذريو آهي.
• 12 اپريل 1957ع تي سنڌ جي ثقافت ۽ فنون لطيفه جو هڪ اعليٰ آرٽسٽ/ مصور خدا بخش ابڙو پيدا ٿيو.
• 12 اپريل 1921ع تي اجمل بيگ اجمل مرزا ٽنڊي ٺوڙهي حيدرآباد ۾ سنڌ جي مهان اديب، دانشور عالم شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جي گهر ۾ جنم ورتو.
• 12 اپريل 1930ع تي خوبصورت شاعر نياز همايوني شڪارپور ضلعي ۾ جنم ورتو.
• 12 اپريل 1995ع تي مظفر حسين “جوش” وفات ڪئي.
• 13 اپريل 1938ع تي سنڌ جي نالي واري شخصيت قمر شهباز (قمر الدين ٻگهيو) نوابشاهه ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ ناٽڪ نويس، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ ڪالم نويس هئس.
• 13 اپريل 1915ع تي مشهور استاد، اديب، شاعر، ڊرامه نويس ۽ آرٽسٽ پروفيسر الف ب ت ميروخاني جنم ورتو. اصل نالو الله بخش هئس.
• 13 اپريل 1968ع تي علامه آءِ آءِ قاضي پنهنجي ضعيف ۽ ڏٻري جسم کي مهراڻ جي موجن حوالي ڪندي موت کي ڳلي لڳايو.
• 13 اپريل 1915ع تي مشهور شاعر ۽ نثر نويس احمد خان اختر ولد عبدالرحيم ميمڻ ڳوٺ بولان خان شورو تعلقي حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 13 اپريل 1885ع تي شيرين زبان ڳائڻو ۽ ايڪي ۽ امن جي پرچار ڪندڙ ڀڳت ڪنور رام پٽ تارا چند گهوٽڪي جي ننڍڙي ڳوٺ جروار ۾ جنم ورتو.
• 13 اپريل 2004ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر هري دلگير ڀارت ۾ وفات ڪئي.
• 13 اپريل 1944ع تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو هڪ نه وسرندڙ آواز ۽ بهترين فنڪار انور بلوچ هيرآباد حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 13 اپريل 1965ع تي جي ايم رئيساڻي مدئجوي اصل نالو، غلام محمد ولد حمزه علي رئيساڻي چوهڙپور ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ استاد شاعر، مضمون نگار، تحقيق نگار ۽ ڪهاڻيڪار اٿس.
• 14 اپريل 1881ع تي نواب غيبي خان ولد سردار محمد خان چانڊيو پنهنجي اباڻي ڳوٺ غيبي ديرو تعلقي قنبر ۾ تولد ٿيو. غيبي خان جو اصل نالو علي نواز خان چانڊيو هو.
• 14 اپريل 1894ع تي قادر الڪلام شاعر شهمير خان ولد جلال خان چانڊيو ٽنڊي ولي محمد (حيدرآباد) ۾ ڄائو. شهمير خان جا وڏا اصل ڳوٺ گاهي تعلقي وارهه ضلعي لاڙڪاڻي جا هئا.
• 14 اپريل 1992ع تي سنڌ جو دل عزيز اديب ۽ صحافي طارق اشرف دل جو دورو پوڻ سبب انتقال ڪيو.
• 14 اپريل 1997ع تي فن جي دنيا جو انسان مير محمد لنڊ وفات ڪئي، اباڻي ڳوٺ لڳ اصحابين جي قبرستان ۾ آرامي آهي.
• 14 اپريل 1893ع تي عالم دين شاعر، صحافي ۽ تحريڪ آزاديءَ جو رهنماءَ مولانا دين محمد وفائي ولد خليفو حڪيم گل محمد ڀٽي ڳوٺ کٽي عرف نبي آباد تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ پيدا ٿيو.
• 14 اپريل 1845ع تي هز هائينس، مير نصير محمد خان ٽالپر وفات ڪئي. ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.
• 14 اپريل 1925ع تي شاعر، نقاد ۽ ڪهاڻيڪار پروفيسر احسان احمد ولد لطف الله بدوي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.
• 14 اپريل 1948ع تي ناميارو موسيقار، اسٽيج ڊرامن جو هدايتڪار ۽ اداڪار رستم علي ولد شوڪت علي ٻرڙو قنبر ۾ پيدا ٿيو.
• 15 اپريل 1950ع تي برک اديب، شاعر ۽ صحافي مقصود گل اصل نالو قاضي مقصود حيات رتي ديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 15 اپريل 1955ع تي آغا نور محمد پٺاڻ شڪارپور ۾ جنم ورتو. ادبي خدمتون ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر اڪادمي ادبيات ڪراچي ڪهاڻيڪار، نقاد ۽ مترجم آهي.
• 15 اپريل 1969ع تي نوجوان شاعر ڊاڪٽر خادم منگي اصل نالو خادم حسين ولد حاجي خالق ڏنو منگي ڳوٺ دودو ڏيٿو ضلع شڪارپور ۾ جنم ورتو.
• 16 اپريل 1934ع تي مشهور پبلشر پوڪرداس منشي شڪارپور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
• 16 اپريل 1919ع تي تعليمي ماهر ۽ استاد آمنه خميساڻي ضلعي دادو جي پاٽ شهر ۾ جنم ورتو.
• 16 اپريل 1950ع تي اديب ۽ شاعر اڪبر نظير نمائي اصل نالو سيد غلام اڪبر شاهه ڳوٺ نِمون يار علي شاهه لڳ اڏيرو لال ۾ پيدا ٿيو.
• 16 اپريل 1952ع تي ڪهاڻيڪار، ناول نويس ۽ ڊرامي نگار انور بلوچ ڳوٺ محمد حسن بليدي تعلقي نصيرآباد ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
• 18 اپريل 1886ع تي سنڌي ادب، ثقافت، علم، فن، تهذيب ۽ تمدن جو پارکو علامه آءِ آءِ قاضي اصل نالو امداد علي ولد امام علي قاضي جي ولادت حيدرآباد ۾ ٿي.
• 18 اپريل 1962ع تي روحاني پيشوا ۽ باوقار انسان حماد الله هاليجوي ولد ميان محمود اندڙ وفات ڪئي.
• 18 اپريل 1956ع تي نثر نويس لال چند امر ڏنو مل جڳتياڻي ڀارت ۾ لوڪ پڌاريو، سندس وصيت مطابق سندس سنک ۾ آڻي سنڌو نديءَ حيدرآباد جي ڀر ۾ پرواهه ڪيا ويا.
• 18 اپريل 1924ع تي پارپٽي ڪرشن آڏواڻي حيدرآباد ۾ ڄائي، ادبي سڃاڻپ، نثر نگار ۽ مضمون نگار آهي.
• 18 اپريل 1945ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر غلام حسين رنگريز ڳوٺ ميرپور بٺورو ۾ جنم ورتو.
• 19 اپريل 1904ع تي مرثيه گو شاعر غلام حسين ملنگ ولد سيٺ غلام علي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ننڍي شهر ضلعي بدين ۾ ڄائو.
• 19 اپريل 1904ع تي محمد حنيف صديقي ولد حاجي محمد صالح صديقي شڪارپور ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ محقق، مترجم، ليکڪ ۽ فرض شناس آفيسر هو.
• 19 اپريل 1967ع تي ناليوارو شاعر ڪهاڻيڪار ۽ پبلشر الطاف ملڪاڻي دادو شهر ۾ جنم ورتو.
• 19 اپريل 1928ع تي عالم شخص ڀٽائي جو پارکو ٻانهون خان شيخ ڀٽ شاهه ضلعي مٽياري ۾ جنم ورتو.
• 19 اپريل 1981ع تي سنڌ جو مشهور مزاحيه اداڪار خادم کوکر ولد حاجي علي اڪبر کوکر ڳوٺ دڙي خير محمد کوکر لڳ ڦلجي اسٽيشن ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
• 19 اپريل 1971ع تي نوجوان شاعر امتياز سومرو ولد گل حسن سومرو (پير جو ڳوٺ) نئونديرو ۾ جنم ورتو.
• 20 اپريل 1973ع تي لاڙڪاڻي جي مشهور چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جو بنياد رکيو ويو.
• 20 اپريل 1975ع تي ڪراچي يونيورسٽي جي پهرين وائيس چانسلر ابوبڪر حليم وفات ڪئي.
• 20 اپريل 1966ع تي نالي وارو شاعر ڊاڪٽر مشتاق ڦل اصل نالو مشتاق حسين ولد خان محمد ڦل ڳوٺ ٽالپر وڏا، خيرپور ۾ جنم ورتو.
• 21 اپريل 1923ع تي ڪافيءَ جو شاعر سيد نجف علي شاهه ڪمتري نقوي ٽنڊي جهانيان ۾ ڄائو.
• 21 اپريل 1921ع تي اديب، شاعر ۽ نقاد مرزا اجمل بيگ ولد شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ ٽنڊي ٺوڙهي حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 21 اپريل 1941ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ليکڪ وشنو ڀاٽيا ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.
• 21 اپريل 2011ع تي نوجوان قومپرست اڳواڻ روپلو چولياڻي کپري ويجهو راهه جي رهزنن هٿان شهيد ٿيو.
• 22 اپريل 1970ع تي ڌرتيءَ جو عالمي ڏينهن پهرين هيءُ ڏينهن آمريڪي سينيٽر گي لارڊ نيلس ملهايو.
• 22 اپريل 1922ع تي باڪمال شاعر ۽ نثر نويس رشيد احمد ولد زرڪ خان لاشاري ڳوٺ ملگزار تعلقي نصيرآباد ضلعي سبي ۾ جنم ورتو.
• 22 اپريل 1994ع تي ناليوارو اديب ۽ ايڊيٽر حاجي رحيم بخش ميمڻ وفات ڪئي.
• 22 اپريل 1973ع تي عبدالفتاح عبد عاقلي وفات ڪئي.
• 23 اپريل 1999ع تي سنڌ جو نالي وارو ڪاڻيڪار ڪيهر شوڪت لاڏاڻو ڪري ويو ڳوٺ آگاڻي لاڙڪاڻي ۾ آرامي آهي.
• 23 اپريل 1899ع تي مخدوم غلام حيدر صديقي، قريشي هالا نوان ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. ڇتي جو نالو محمد سعيد هئس. پاڻ حضرت غوث مخدوم نوح رحه جي چوڏهين سجاده نشين هو.
• 23 اپريل 1988ع تي مشهور غزل گو شاعر درگاهي ميراڻي هن فاني جهان کي الوداع ڪيو.
• 24 اپريل 1890ع تي عالم، مشائخ، اديب ۽ شاعر محمد اسماعيل جان روشن ولد آغا محمد حسن جان مجدد سرهندي ڳوٺ ٽکڙ ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 24 اپريل 1957ع تي نالي وارو ڪهاڻيڪار اخلاق انصاري اصل نالو اخلاق احمد انصاري ولد انيس انصاري لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 25 اپريل 1995ع تي سنڌ جو عاشق سائين جي ايم سيد سنڌي قوم کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. سائين جي ايم سيد کي سن ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. سندس ڪفن دفن واري رسم ۾ مختلف مذهب ۽ طبقن جي هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. مسلمان قرآن شريف، هندو گيتا ۽ عيسائي بائيبل پڙهي رهيا هئا ۽ ڀٽائي جي رسالي جو ورد به جاري هو. تاريخ جو هڪ سنهري باب پنهنجي پڄاڻي تي پهتو.
• 26 اپريل 1723ع تي سيد محمد بقا شاهه ولد سيد محمد امام شاهه رحه جي گهر ڳوٺ رحيم ڏني ڪلهوڙي ديهه فريد آباد (پراڻي درگاهه) خيرپور ۾ پيدا ٿيو.
• 27 اپريل 1937ع تي سنڌ اسميبليءَ جو پهريون اجلاس هيرانند جي اڳواڻي ۾ ٿيو.
• 27 اپريل 1907ع تي باڪمال شاعر عبدالفتاح “عبد” عاقلي ڳوٺ عاقل، تعلقو لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 27 اپريل 1942ع تي جاکوڙي انسان سر حاجي عبدالله هارون هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
• 27 اپريل 1982ع تي مزاحيه ڪالم، تنقيد ۽ شاعر غلام مستانو سيوهاڻي ابڙو وفات ڪئي.
• 27 اپريل 1978ع تي فائن آرٽ صحافي ۽ ليکڪ اياز جوکيو محرابپور ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو.
• 28 اپريل 1962ع تي نثر نويس، شاعر مرزا گل حسن بيگ ادبي نانءُ احسن ڪربلائي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو.
• 28 اپريل 1948ع تي سنڌي ٻوليءَ جو مڃيل شاعر اطهر منگي اصل نالو علي نواز منگي لاڙڪاڻي ضلعي جي واسو ڪلهوڙي ڳوٺ ۾ جنم ورتو.
• 29 اپريل 1974ع تي شاعر ۽ اديب علي بخش احمد زئي وفات ڪئي.
• 29 اپريل 2003ع تي مولانا جان محمد عباسي گهڻي جدوجهد کان پوءِ راهه باني ورتي.
• 30 اپريل 1920ع تي مولانا حامد الله ولد گل محمد ميمڻ وفات ڪئي. پاڻ سداحيات شخصيت هو.
• 30 اپريل 1965ع تي مشهور مضمون نگار، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر امر لغاري سندس اصل نالو محمد يعقوب ڳوٺ حاجي احمد خان لغاري تعلقي سانگهڙ ۾ جنم ورتو.
سنڌ تي حڪمرانيءَ جا دور
راءِ گهراڻو 495ع کان 632ع تائين
برهمڻ دؤر 632ع کان 711ع تائين
عرب دؤر 711ع کان 1050ع تائين
سومرا دؤر 1050ع کان 1350ع تائين
سمان دؤر 1350ع کان 1520ع تائين
ارغون دؤر 1520ع کان 1555ع تائين
ترخان دؤر 1555ع کان 1592ع تائين
مغل دؤر 1592ع کان 1700ع تائين
ڪلهوڙا دؤر 1700ع کان 1843ع تائين
انگريز دؤر 1843ع کان 1947ع تائين
---------------------------------------------------------------
انور پيروزادو اڪيڊمي ڪراچي؛ سنڌ جي ناليواري صحافي، ليکڪ ۽ اديب انور پيرزادي جي نالي سان منسوب آهي. هن اڪيڊمي جو بنياد سندس پٽ زرار پيرزادي 2007ع ۾ رکيو.