آگسٽ
• پهرين آگسٽ 1975ع تي زاهد عباسي سوڀو ديرو شهر جي ڀرسان ڪلهوڙا ڳوٺ ۾ جنم ورتو. سڃاڻپ، شاعر اٿس.
• پهرين آگسٽ 2000ع تي ڪتاب لاڙڪاڻو امر شخصيتون! لاڙڪاڻو ريسرچ اڪيڊمي ڇپايو ترتيب عبدالستار ڀٽي ڏني.
• پهرين آگسٽ 1901ع تي لاڙڪاڻي جي تاريخي، سياسي، ۽ اقتصادي اهميت کي محسوس ڪندي ضلعي جو قيام عمل ۾ آندو ويو.
• پهرين آگسٽ 1941ع تي تعليمي ماهر صاحب خان چنا لاڙڪاڻي جي ڳوٺ الهيار آگاڻي ۾ پيدا ٿيو.
• پهرين آگسٽ 1982ع تي مشهور شاعر ۽ مصري شاهه جي درگاهه جو سجاده نشين، روحاني پيشوا سيد غلام قادر شاهه نصرپوري انتقال ڪيو سندس مزار نصرپور ۾ آهي.
• پهرين آگسٽ 1948ع تي مشهور شاعر ۽ اديب نظام الدين “ناظم” چانڊيو ولد مولوي عبدالله “اثر” چانڊيو ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو تعلقي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
• پهرين آگسٽ 1944ع تي مشهور شاعر نظام “زائر” خيرپور ۾ جنم ورتو.
• پهرين آگسٽ 1932ع تي سنڌي ٻوليءَ جي بهترين شاعر ۽ اديب احمد مجتبيٰ غالب ڳوٺ ملڪاڻي شريف دادو ۾ جنم ورتو.
• پهرين آگسٽ 1972ع تي نامور محقق، ليکڪ ۽ شاعر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ولد لونگ خان ڄامڙو ڳوٺ گل محمد ڄامڙي راڻيپور، ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.
• پهرين آگسٽ 1960ع تي ليکڪ ۽ محقق خير محمد لغاري ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ ولي محمد خان لغاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.
• پهرين آگسٽ 1977ع تي مشهور ڪالم نويس ۽ قومي ڪارڪن ستار زنگيجو روهڙي، ضلعي سکر ۾ ڄائو.
• پهرين آگسٽ 1978ع تي نوجوان شاعر ۽ صحافي امين لاکو اصل نالو محمد امين ولد محمد هاشم لاکو دولت پور صفن ۾ جنم ورتو.
• 2 آگسٽ 1892ع تي عظيم شاعر ڇتي فقير سانگي ميروخان تعلقي جي ڳوٺ دڙي ۾ وفات ڪئي.
• 2 آگسٽ 1946ع تي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، ناٽڪ ڪار ۽ اديب ڊاڪٽر پريم پرڪاش اصل نالو پريم سنگهه سنت سنگهه ميلسنگهاڻي حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو.
• 2 آگسٽ 1963ع تي مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار اعجاز علي ولد فتح علي سمون خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.
• 3 آگسٽ 1968ع تي شاعر جوش منگي (جاويد حسين منگي) پنجوديرو لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 4 آگسٽ 2000ع يارن جو يار ۽ ڪچهريءَ جو مور فنڪار محمود صديقيءَ جو وڇڙو ٿيو.
• 4 آگسٽ 1939ع تي مشهور شاعر ۽ حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور جي درگاهه جو سجاده نشين محمد امين فهيم مخدوم، ولد مخدوم زمان طالب الموليٰ هالا نوان ۾ جنم ورتو.
• 4 آگسٽ 1862ع تي (پنجون پير پاڳارو) سيد شاهه مردان شاهه اول “ڪوٽ ڌڻي” ولد حزب الله شاهه مسڪين جنم ورتو.
• 4 آگسٽ 1929ع تي (اداڪار) ڄاڃاڻي رميش روچيرام، سنڌ رنگ منچ اسٽيج جو سداحيات اداڪار خيرپور ۾ جنم ورتو.
• 4 آگسٽ 1967ع تي شاعر زاهد دارا ابڙو جنم ورتو.
• 4 آگسٽ 1991ع تي شاعر عرفان مهدي لاڏاڻو ڪيو.
• 5 آگسٽ 1935ع تي حليم بروهي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. والد جو نالو (عبدالعزيز) ادبي خدمتون مزاح نگار، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نويس هئس.
• 5 آگسٽ 1895ع تي خلافت تحريڪ جو اڳواڻ علي انور شاهه راشدي ڳوٺ الهه بخش ڪلهوڙو عرف شاهه آباد تعلقي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 5 آگسٽ 1944ع تي سنڌ جو بيباڪ سياسي اڳواڻ ۽ صحافي حمزو خان پليجو جنگشاهي جي ڳوٺ مگر خان پليجي ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.
• 5 آگسٽ 1905ع تي پير علي محمد شاهه راشدي ولد پير محمد حامد شاهه راشدي ڳوٺ بهمڻ لڳ نصرت اسٽيشن تعلقي رتي ديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ ادب تاريخ، سياست ۽ صحافت ۾ پاڻ ملهايو.
• 5 آگسٽ 1974ع تي مشهور راڳي ذوالفقار علي خاصخيلي ولد فقير الهڏنو خاصخيلي، ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ پاڪ سنگهار ۾ جنم ورتو.
• 5 آگسٽ 1961ع تي ناليواري صحافي ۽ ليکڪ رُڪ سنڌي جو اصل نالو غلام اصغر ولد غلام جعفر منگي ڳوٺ حامد اڄڻ، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.
• 5 آگسٽ 1963ع تي نامياري ليکڪ اصغر سنڌيءَ جو اصل نالو غلام اصغر ولد محمد آچر مجاهد عباسي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 6 آگسٽ 1958ع تي سنڌ جو خوبصورت شاعر قمر الدين ولد امام بخش خاصخيلي ڳوٺ الهيار خان مستوئي تعلقو ميروخان ۾ پيدا ٿيو.
• 7 آگسٽ 1953ع تي جمع خان غريب جمعيت الشعراءِ سنڌ ۽ مجلس علم و ادب هالا جو سرگرم رڪن لاڏاڻو ڪري ويو.
• 7 آگسٽ 1904ع تي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو صحتمند ۽ پرخلوص خدمتگار محمد يعقوب نياز ٽنڊي ڄام ۾ پيدا ٿيو.
• 7 آگسٽ 1947ع تي نالي وارو شاعر راز ناٿن شاهي اصل نالو علي شير ولد نور محمد ميراڻي، ضلعي دادو جي مشهور شهر خيرپور ناٿن شاهه ۾ جنم ورتو.
• 8 آگسٽ 1934ع تي نقاد، محقق ۽ اديب ڊاڪٽر الهداد ولد محمد علي ٻوهيو ڳوٺ پيچوها نزد لالو رائنڪ تعلقي وارهه ۾ جنم ورتو.
• 8 آگسٽ 1924ع تي سماجي ورڪر، جج، دانشور تاج محمد ابڙو ولد قادر بخش خان ابڙو شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
• 8 آگسٽ 1996ع تي مشهور شاعر ۽ اديب نظام الدين ناظم چانڊيو وفات ڪئي.
• 8 آگسٽ 1927ع تي لال ڪرشن آڏواڻي ڪراچي ۾ جنم ورتو.
• 8 آگسٽ 1925ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر ايم ڪمل اصل نالو مولچند منگهارام بندراڻي شهر ڪنڊياري جو رهندڙ هو. جنم ڪراچيءَ ۾ ٿيس.
• 9 آگسٽ 1884ع تي مير علي نواز خان ٽالپر ولد مير امام بخش خان ٽالپر ضلعي خيرپور ميرس جي ڳوٺ ڪوٽ ڏيجي ۾ تولد ٿيو. ادبي سڃاڻپ سنڌي ٻولي جو باڪمال شاعر، علم، ادب ۽ موسيقيءَ سان چاهه رکندڙ شخص هو.
• 9 آگسٽ 1757ع تي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کي سنڌ جي گادي تي ويهاريو ويو.
• 9 آگسٽ 1969ع تي شاعر امتياز ڪلهوڙو ولد غلام قادر ڪلهوڙو ڳڙهي خدا بخش ڀٽو، ۾ جنم ورتو.
• 10 آگسٽ 1959ع تي سنڌ ڌرتي سان ٿيندڙ نا انصافين خلاف جدوجهد ڪندڙ، قومپرست سياست کي عبادت سمجهندڙ نئين نسل جي رهنمائي ڪندڙ سياستدان محترم بشير خان قريشي ولد غلام مرتضيٰ قريشي موٽڻ پور محلي رتيديري شهر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 10 آگسٽ 1954ع تي سنڌ جو مشهور ناچو ڪلاڪار، چاندي فقير ولد اجيم ڀيل ڳوٺ مالهيءَ جو پار تعلقي ڇاڇري ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو.
• 10 آگسٽ 1956ع تي ناليوارو محقق شوڪت خواجائي ڪراچيءَ ۾ لطيف بخش خواجائي جي گهر ۾ پيدا ٿيو.
• 10 آگسٽ 2012ع تي سنڌ جو نالي وارو ليکڪ جديد شاعر، مترجم، محقق ۽ ڊارمه نويس شمشيرالحيدري لاڏاڻو ڪيو.
• 11 آگسٽ 1988ع تي سنڌي مهاجر فسادن دوران بشير خان قريشي کي گرفتار ڪري 18 مهينن لاءِ قيد جي زندان ۾ رکيو ويو.
• 11 آگسٽ 1897ع تي عظيم انسان حافظ امام بخش سومرو جنم ورتو.
• 11 آگسٽ 1954ع تي سما خاندان جو آخري حڪمران ڄام ڪانڀو خان وفات ڪئي.
• 11 آگسٽ 1976ع تي تفسير ۽ شرح جو ڄاڻو شاعر، ۽ نثر نويس آخوند محمد حسن مسڪين لاڏاڻو ڪيو.
• 11 آگسٽ 1934ع تي برک عالم، استاد، اديب، نقاد ۽ شاهه لطيف جو پارکو، حيدر علي لغاري تاجپور جي نواب گهراڻي ۾ نواب قنبر علي لغاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.
• 12 آگسٽ 1772ع تي ميان غلام شاهه ڪلهوڙو ڪوٽ، قلعا، تخت ڇڏي راهه رباني وٺي ويو.
• 12 آگسٽ 1915ع تي مهان اديب ۽ دانشور محمد ابراهيم جويو ولد محمد خان جويو تيرٿ لڪي جي ڀر ۾ ڳوٺ آباد تعلقي ڪوٽڙي ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو.
• 12 آگسٽ 1925ع تي سنڌ ٻوليءَ جي برک اديب، سماج سڌارڪ صحافي ٽهليرام آزاد جو مڪمل نالو ٽهليرام جسومل ڪوڏواڻي ٽنڊي محمد خان شهر ۾ جنم ورتو.
• 12 آگسٽ 2009ع تي شاعر امير ملاح اصل نالو محمد ابراهيم ولد ڇٽو خان ملاح وفات ڪئي.
• 13 آگسٽ 1936ع تي ماهر تعليم، دانشور، سماج سڌارڪ، مورخ ۽ محقق ڊاڪٽر حميده کهڙو محمد ايوب کهڙو جي گهر ۾ جنم ورتو. جنم ڀومي لاڙڪاڻو اٿس.
• 13 آگسٽ 1977ع تي ثميره زرين ڦوهه جواني ۾ هن جهان کي ڇڏي دارالبقا ڏانهن رواني ٿي.
• 13 آگسٽ 1924ع تي سنڌ جو قادر الڪلام شاعر هزارو خان “مجاهد” ولد لعل بخش عباسي ڳوٺ گهوگهاري تعلقي قنبر، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 13 آگسٽ 1937ع تي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ، محقق ۽ لسانيات جو ماهر ڊاڪٽر پرسي گدواڻي جو مڪمل نالو پرسو جيسومل گدواڻي دادوءَ ۾ جنم ورتو.
• 13 آگسٽ 1969ع تي نوجوان شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر محمد ايوب، محمد رمضان شيخ جي گهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 14 آگسٽ 1929ع تي مشهور شاعر اميد خيرپوريءَ جو اصل نالو اميد علي ولد زوار علي مراد جمالي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.
• 14 آگسٽ 1901ع تي سنڌ جو ناميارو سياستدان محمد ايوب کهڙو ڳوٺ عاقل ۾ ڄائو.
• 14 آگسٽ 1971ع تي نوجوان شاعر بيخود بلوچ اصل نالو فتح الله جسڪاڻي تعلقي پني عاقل جي ڳوٺ جمعي جسڪاڻيءَ ۾ جنم ورتو.
• 14 آگسٽ 1934ع تي سنڌي ٻوليءَ جي برک ليکڪا، شاعره، ڪهاڻيڪاره ۽ ناول نگار ريٽا شاهاڻي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
• 14 آگسٽ 1939ع تي مشهور اديب ۽ محقق محمد علي حداد، خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
• 14 آگسٽ 1984ع تي غلام فريد سنڌي اصل نالو غلام فريد حاجي آهي هن نوجوان شاعر جو جنم ڳوٺ پيروز حاجيءَ ۾ ٿيو.
• 14 آگسٽ 1947ع تي سنڌ سميت سڄي برصغير ۾ انگريزن جو راڄ ختم ٿيو.
• 14 آگسٽ 1937ع تي مشهور اديب ۽ دانشور ظفر حسن سيد حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.
• 14 آگسٽ 1931ع تي سنڌ جو هاڪارو رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئي ولد غلام رسول جتوئي ڳوٺ جتوئي نوان ضلعي موري تعلقي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو.
• 14 آگسٽ 1891ع تي سنڌي ٻوليءَ جو اهم شاعر آخوند محمد قاسم هالائي پراڻا هالا ۾ وفات ڪئي.
• 14 آگسٽ 1948ع تي ريڊيو پاڪستان ڪراچي جي نشريات جو آغاز ٿيو.
• 14 آگسٽ 1969ع تي اڪرم ساگر عباسي پنجوديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار آهي.
• 14 آگسٽ 1947ع تي نالي واري سماجي ڪارڪن بلقيس ايڌي، عبدالستار ايڌي جي جيون ساٿي آهي هن جو جنم ڪراچي ۾ ٿيو.
• 15 آگسٽ 1922ع تي سنڌ خلافت ڪاميٽي صوبي ۾ غازي ڪمال ڀاشا جو ڏهاڙو ملهايو.
• 15 آگسٽ 1981ع تي بينظير ڀٽو صاحب کي ڪراچي جيل منتقل ڪيو ويو.
• 15 آگسٽ 1918ع تي قائد اغطم جي شادي 41 سالن جي عمر ۾ هڪ پارسي سيٺ مسٽر ڊنشا پيٽنٽ جي ڌي مس رتنا ٻائي سان هندستان جي شهر ڪلڪتي ۾ ٿي هئي.
• 15 آگسٽ 1921ع تي سنڌي ناول نويس ۽ نثر نويس گوبند مالهي جنم ورتو.
• 15 آگسٽ 1955ع تي ادل سومرو اصل نالو (ڊاڪٽر عبدالڪريم سومرو) سکر شهر ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ شاعر، محقق، ۽ ٻاراڻو ادب جو تخليقار، پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ سنڌي ادبي سنگت تاريخ ۽ ڪردار.
• 15 آگسٽ 2002ع تي سنڌ جي ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار رزاق مهر هن فاني جهان کي الوداع ڪيو.
• 15 آگسٽ 1902ع تي شاعر انجم هالائي هالن ۾ جنم ورتو.
• 15 آگسٽ 1914ع تي شاعر غني قاضي جنم ورتو.
• 15 آگسٽ 1929ع تي ليکڪ مراد علي مرزا (ٽنڊو آغا) ۾ جنم ورتو.
• 15 آگسٽ 1932ع تي ميهڙ سان تعلق رکندڙ ليکڪ آنند تاملراماڻي جنم ورتو.
• 15 آگسٽ 1937ع تي نوابشاهه سان تعلق رکندڙ شاعر ولي رام ڪشائي جنم ورتو.
• 15 آگسٽ 1939ع تي ليکڪ محمد علي حداد خيرپور ۾ اک کولي.
• 15 آگسٽ 1932ع تي سنڌ جو ناميارو ليکڪ ۽ هدايتڪار آنند ٺهلراڻي ميهڙ ضلعي دادو ۾ ڄائو.
• 15 آگسٽ 1949ع تي مزاحمتي شاعر افضل قادري لاڙڪاڻي جي ڳوٺ دودي سنهڙي ۾ ڄائو.
• 15 آگسٽ 1959ع تي شاعر ۽ صحافي اثر سنڌيءَ جو پورو نالو عبدالعزيز سولنگي ولد چنيسر خان سولنگي جهمپير ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو.
• 15 آگسٽ 1973ع تي نوجوان شاعر ۽ صحافي علي زاهد اصل نالو زاهد علي عباسي ولد غلام محمد عباسي ڳوٺ خانپور تعلقو ڪي اين شاهه، ضلعو دادو ۾ جنم ورتو.
• 16 آگسٽ 1991ع تي سنڌ جو مصور ۽ اديب ع ق شيخ وفات ڪئي.
• 16 آگسٽ 1948ع تي مشهور سياسي ۽ سماجي اڳواڻ غلام قادر پليجو ولد علي محمد پليجو ڳوٺ منگر خان (جنگشاهي ضلعي ٺٽي) ۾ جنم ورتو.
• 16 آگسٽ 1978ع تي نوجوان شاعر امر ابڙو باڊهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 17 آگسٽ 1924ع تي سنڌ جو ليکڪ ڊاڪٽر ارجن چنڊاڻي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو. تخلص “شاد” ادبي سڃاڻپ شاعر؛- پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ سنڌي غزل تحقيق، تنقيد ۽ شاعر.
• 17 آگسٽ 1967ع تي ڀلوڙ شاعر عبدالله شرر وفات ڪئي.
• 17 آگسٽ 1955ع تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي نشريات جو آغاز هوم سٽيڊ هال حيدرآباد مان ٿيو.
• 17 آگسٽ 1947ع تي خيرالنساءَ جعفري حيدرآباد ۾ ڄائي. اديب سڃاڻپ سنڌ جي جديد ڪهاڻيڪار آهي.
• 17 آگسٽ 1963ع تي شاعره زيب نظاماڻيءَ ٽنڊو محمد خان ۾ جنم ورتو.
• 18 آگسٽ 1960ع تي شاعر ۽ اديب مختيار سمون ولد يار محمد شهر ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 18 آگسٽ 1934ع تي استاد، اديب، دانشور ۽ ماهر لسانيات ڊاڪٽر الهداد ولد محمد علي ٻوهيو ڳوٺ پيچوها تعلقي وارهه ان وقت ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 18 آگسٽ 1941ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ڄاتل سڄاتل اديب ولي رام ولڀ ولد ڪيول رام مشهور شهر مٺي ۾ جنم ورتو.
• 18 آگسٽ 1936ع تي سنڌي ۽ اردو جي مشهور شاعره نور شاهين اصل نالو نور جهان ڌيءَ شاهه محمد خان علي زئي ڪاڪڙ پٺاڻ جي گهر ۾ جنم ورتو.
• 18 آگسٽ 1960ع تي سنڌ جو مقبول عوامي فنڪار برڪت علي ڀٽ مشهور فنڪار رسول بخش ڀٽ جو پٽ آهي برڪت ڀٽ جو جنم هنڌ سکر آهي.
• 18 آگسٽ 1961ع تي مشهور اديب ترجمي نگار ۽ ڪالم نگار خالد چانڊيي جو پورو نالو سيف الله ولد امان الله چانڊيو ڳوٺ ڀنڀي خان چانڊيي تعلقي ميروخان، ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ ڄائو.
• 18 آگسٽ 1932ع تي ملڪ جو يارهون وزيراعظم محمد خان جوڻيجو ولد دين محمد جوڻيجو ضلعي سانگهڙ تعلقي کپري ۾ سنڌڙي لڳ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو.
• 18 آگسٽ 2006ع تي سنڌي روزاني اخبار “آس” حيدرآباد مان شايع ٿي هن اخبار جو باني عبدالمجيد راجپوت عرف امر ڀٽي آهي.
• 19 آگسٽ 1953ع تي مشهور صوفي شاعر فقير غلام “مسرور” وفات ڪئي آخري آرام گاهه شڪارپور ۾ اٿس.
• 19 آگسٽ 1971ع تي مشهور شاعر لکيراج ڪشنچند عزيز لوڪ پڌاريو.
• 20 آگسٽ 1933ع تي ناميارو ترقي پسند اديب، محقق، نقاد ۽ شاعر رشيد ڀٽي ڳوٺ اروڙ تعلقي روهڙي ضلعي سکر ۾ ڄائو.
• 21 آگسٽ 1928ع تي سنڌ جي مشهور انقلابي هاري اڳواڻ ۽ ترقي پسند دانشور، ڪامريڊ روچيرام جو جنم تنو مل لوهاڻي جي گهر مٺي ۾ ٿيو.
• 21 آگسٽ 2012ع تي نامور ڀارتي سنڌي اديب شاعر ۽ ليکڪ ارجن سڪايل 93 ورهين جي ڄمار ۾ ڀارت جي علائقي اولهه انڌيري ۾ ديهانت ڪري ويو.
• 21 آگسٽ 1960ع تي سنڌ جو ڄاتل سڄاتل نعت گو شاعر سيد گل محمد شاهه بخاري درگاهه شريف ميان غلام صديق ميڪڻ شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
• 21 آگسٽ 1940ع تي سنڌ جو باڪمال شاعر عبدالڪريم پلي ولد خانصاحب عطا محمد پلي تعلقي عمرڪوٽ ۾ پيدا ٿيو.
• 21 آگسٽ 1936ع تي جديد سنڌي ڪهاڻي ۾ اهم نالو اندرا واسواڻي ميرپور خاص سنڌ ۾ جنم ورتو.
• 21 آگسٽ 2012ع تي شاعر، ليکڪ ۽ لسنر ڊاڪٽر قربان علي جهتيال لاڏاڻو ڪيو.
• 22 آگسٽ 1937ع تي عظيم ۽ امر انسان نور محمد لاکير وفات ڪئي. سندس وصيت مطابق مسلم هاسٽل حيدرآباد جي احاطي ۾ دفنايو ويو.
• 22 آگسٽ 1954ع تي شاعر، اديب ثناءُ الله ثنا سرهندي خواجه محمد ابراهيم خليل سرهندي جي گهر گلزار خليل پير سرهندي تعلقي ساماري ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو.
• 22 آگسٽ 1906ع تي خواجه جي-الانا جوپورو نالو غلام علي ولد الهه ڏنو خواجه ڪراچي ۾ پيدا ٿيو ادبي سڃاڻپ انگريزي ۾ هڪ شاعر ۽ ليکڪ جي حيثيت ۾ عالمي شهرت حاصل ڪئي.
• 22 آگسٽ 1967ع تي نوجوان ڪمپيوٽر انجنيئر اياز شاهه حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 22 آگسٽ 1976ع تي نوجوان شاعر ۽ ريڊيو پروڊيوسر، مضمون نگار نادر جوڻيجو، خادم حسين جوڻيجي جي گهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو
• 23 آگسٽ 1992ع سنڌ جو مشهور شاعر سليم هالائي لاڏاڻو ڪيو.
• 23 آگسٽ 1943ع تي محقق، تاريخدان ۽ اديب محمد لائق زرداري ولد احمد خان زرداري ڳوٺ محمد موسيٰ زرداري تعلقي موري ضلعي نوشهرو فيروز ۾ ڄائو.
• 23 آگسٽ 1946ع تي مثالي سماجي ورڪر ۽ ادبي ذوق رکندڙ شخصيت محمد ملوڪ انڙ ڳوٺ راهب شاهه تعلقي سڪرنڊ ضلعي نوابشاهه ۾ ڄائو.
• 23 آگسٽ 1967ع تي نئين ٽهيءَ جي شاعره رخسانه پريت اصل نالو رخسنه ڌيءَ محمد صديق چنڙ ڪاري موري، حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
• 24 آگسٽ 1889ع تي مولانا ميان گل محمد ميڪڻ وفات ڪئي سندس قبر مبارڪ درگاهه شريف صديقيه شهداد ڪوٽ ۾ آهي.
• 24 آگسٽ 1974ع تي سياستدان ۽ وڪيل عبدالستار پيرزادو وفات ڪئي.
• 24 آگسٽ 1977ع تي مشهور شاعر محمد جمن هالو وصال ڪيو. مڪليءَ قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي.
• 24 آگسٽ 1980ع تي مشهور صحافي، اديب ۽ بهادر حر مجاهد فقير محمد رحيم مهر لاڏاڻو ڪيو.
• 25 آگسٽ 1896ع تي سنڌي ٻوليءَ جو صاحب فن شاعر ۽ قابل احترام استاد، قادر بخش بشير شڪارپور ۾ جنم ورتو.
• 25 آگسٽ 1998ع تي ماکيءَ کان مٺو آواز محمد علي ٻگهيو لاڏاڻو ڪيو.
• 25 آگسٽ 2008ع تي برک عالم، استاد، اديب، نقاد ۽ شاه لطيف جو پارکو حيدر علي لغاري اختر ڪاٽيجز، حيدرآباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي وفات ڪئي.
• 26 آگسٽ 1824ع تي مير حسن علي خان ٽالپر ولد مير نور محمد خان ٽالپر جنم ورتو. سڃاڻپ نامور عالم، سخن سنج شاعر هو.
• 27 آگسٽ 1929ع تي مراد علي مرزا حيدرآباد جي ٽنڊو آغا اسماعيل شاهه ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس، مترجم، نقاد اٿس.
• 27 آگسٽ 1996ع تي قاضي عبدالمجيد عابد هن فاني جهان کي الوداع ڪيو.
• 27 آگسٽ 1842ع تي جليل القدر صوفي بزرگ ۽ سچل سائين جي درگاهه جو پنجون سجاده نشين سخي قبول محمد درازي (ثاني) ولد خواجه نجم الدين درازن ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
• 27 آگسٽ 1986ع تي نالي وارو شاعر،ا ديب ۽ صحافي ذوالفقار راشدي لاڏاڻو ڪيو.
• 27 آگسٽ 1974ع تي شاعره ۽ ڪالم نويس عرفانه ملاح جنم ورتو.
• 28 آگسٽ 1950ع تي ڪمپيئر ۽ صحافي اسلم آزاد ولد سليمان ڪورائي بلوچ حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
• 28 آگسٽ 1968ع تي سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪا ۽ شاعره امر سنڌو اصل نالو سلميٰ اٿس. والد جو نالو حسين بخش لغاري جنم جو هنڌ ڳوٺ دودو خان لغاري تعلقي ميرپور خاص آهي.
• 28 آگسٽ 1965ع تي سنڌي فلمن ۽ ڊرامن جو مشهور اداڪار احمد حسين ولد محمد بچل ميمڻ دادوءَ ۾ پيدا ٿيو.
• 30 آگسٽ 1971ع تي قومي ڪارڪن، نامور شاعر، اديب، نقاد، ناول نگار ۽ مترجم نواز خان زنئور تعلقي ميرپور بٺوري جي ڳوٺ احمد خان زنئور ۾ جنم ورتو.
• 30 آگسٽ 1972ع تي نظم جي شاعر علي محمد خالديءَ وفات ڪئي.
• 31 آگسٽ 1915ع تي مير علي احمد ٽالپر ولد مير نبي بخش ٽالپر ٽنڊي مير محمود، حيدرآباد ۾ اک کولي، ادبي سڃاڻپ؛- ممتاز سياستدان، اديب، مفڪر ۽ فلاسفر اٿس.
----------------------------------------------
• ڪنول پبليڪشن قنبر 2001ع ۾ وجود ۾ آئي.
ڪنول پبليڪشن قنبر جو سنڀاليندڙ سعيد سومرو آهي.
• اداره ادب نو - حيدرآباد؛ هي اشاعتي ادارو ناليواري ڪهاڻيڪار طارق اشرف ۽ غلام نبي مغل 1959ع تي قائم ڪيو.
• زئبسٽ (SZABIST) ملڪ جي نوجوانن کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي شعبي ۾ خودڪفيل بنائڻ لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قائم ڪيل اداري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالوجي جو بنياد 1993ع ڌاري پيو، هن اداري جي باني چانسلر محترمه بينظير ڀٽو شهيد هئي. هي ادارو لاڙۡاڻي جي سچل ڪالوني ۾ آهي.