مارچ
• پهرين مارچ 1892ع تي شاعر ۽ نثر نويس مولا بخش مسڪين ڀٽو شڪارپور ۾ ڄائو.
• پهرين مارچ 1920ع تي مشهور عوامي شاعر ۽ راڳي مينهل فقير مهر ڳوٺ طيب ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.
• پهرين مارچ 1979ع تي شاعر، اديب ۽ صحافي محمد خان غني وفات ڪئي.
• پهرين مارچ 1968ع تي ناميارو راڳي احمد مغل ولد حيات علي مغل پريالوءِ ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
• پهرين مارچ 1955ع تي استاد ۽ زرعي سائنسدان ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ڳوٺ ٺوڙهي بجار، تعلقي قنبر ۾ ڄائو.
• پهرين مارچ 1969ع تي نوجوان ڪهاڻيڪار منظور جوکيو لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• پهرين مارچ 1981ع تي نوجوان شاعر ۽ ايڊيٽر مرتضيٰ لغاري پورو نالو غلام مرتضيٰ شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
• پهرين مارچ 1935ع تي گڊو بئراج سکر جو افتتاح ٿيو.
• پهرين مارچ 1977ع سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو بنياد پيو.
• پهرين مارچ 1956ع تي لسانيات، لغات، لطيفيات، جو ماهر آفتاب ابڙو، اصل نالو (عبدالله ابڙو) ڳوٺ گابرسڻ باڊهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• پهرين مارچ 1955ع تي شاعريءَ سان زوڪ رکندڙ راز علي گل ڀٽو ڳوٺ درگاهه نواڙو شريف ۾ پيدا ٿيو.
• پهرين مارچ 1897ع تي مشهور شاعر ۽ اديب احسن ڪربلائي اصل نالو مرزا گل حسن بيگ ولد مرزا دوست ٽنڊو آغا حيدر آباد ۾ ڄائو.
• پهرين مارچ 1899ع تي ٽلو مل ٽيڪ چند ڌيرواڻي دادو ضلعي ۾ پيدا ٿيو. پاڻ مشهور/ سماجي ورڪر هو.
• پهرين مارچ 1927ع تي قومي سردار ۽ سماجي سڌارڪ ملڪ سڪندر خان، ولد ملڪ سردار خان ڳوٺ ٿاڻي بولان خان ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
• پهرين مارچ 1967ع تي علي محمد ڪاڪي پوٽو ولد بهادر خان ڪاڪي پوٽو وفات ڪئي. ادبي سڃاڻپ برصغير جو وڏو عالم محقق، اديب، ۽ شاعر ٿي گذريو آهي.
• پهرين مارچ 1981ع تي صفي الله آءِ سومرو اصل نالو صفي الله سومرو ولد الاهي بخش سومرو ڳوٺ ڦلواهڻ تعلقي ۽ ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ شاعر اسسٽنٽ ايڊيٽر اٿس.
• پهرين مارچ 1961ع تي ٽوڙهي ڦاٽڪ واقعي جو اسير، ناميارو قانوندان سياسي اڳواڻ جهانگير راهوجو، وڳڻ شهر تعلقي وارهه ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
• پهرين مارچ 1927ع تي شاعر مولوي نورالدين نور ولد خاوند ڏنو چانڊيو قنبر علي خان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڏاتو جي وانڍ ۾ جنم ورتو.
• پهرين مارچ 1932ع تي شاعر شيخ عبدالعليم جوش ولد شيخ عبدالله “عبد” جي گهر ۾ جنم ورتو.
• پهرين مارچ 1970ع تي نوجوان شاعر مارو جمالي اصل نالو سڪندر علي ولد فيروز خان جمالي جي گهر ۾ جنم ورتو.
• پهرين مارچ 1960ع تي نوجوان شاعر زيب ڪنگو اصل نالو اورنگزيب ولد قادر ڏنو ڪنگو ڳوٺ ڪنگا لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 2 مارچ 1888ع تي سياسي ليڊر سرشاهنواز ڀٽو ولد غلام مرتضيٰ خان ڀٽو ڳوٺ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 2 مارچ 1915ع تي سنڌي صحافت، ادب ۽ سياست جي قابل احترام شخصيت قاضي عبدالمجيد “عابد“ سيوهڻ شريف ۾ پيدا ٿيو.
• 2 مارچ 1995ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر ۽ ڪهاڻيڪار واجد لاڏاڻو ڪيو.
• 2 مارچ 2000ع تي سنڌ جو يگانو ليکڪ، افسانه نويس ۽ شاعر انيس انصاري وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه لاڙڪاڻي ۾ آهي.
• 2 مارچ 1923ع تي جديد سنڌي شاعريءَ جو مهان ڪوي شيخ اياز، اصل نالو مبارڪ علي ولد غلام حسين شيخ سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور ۾ ڄائو.
• 2 مارچ 1944ع تي شاعر واسديو ونيسيمل سڌ ناڻي “موهي” ميرپورخاص ۾ جنم ورتو.
• 2 مارچ 1933ع تي شاعر محمد حسن، محسن عباسي جنم ورتو.
• 2 مارچ 1994ع تي سنڌ جي خوبصورت شاعر واجد “ناز” لاڏاڻو ڪيو.
• 3 مارچ 1939ع تي سنڌ جي نالي واري ليکڪ فتاح ملڪ شهر پنو عاقل ضلعي سکر ۾ جنم ورتو.
• 3 مارچ 1947ع تي مهتاب اڪبر راشدي اصل نالو بدرالنساءِ ولد محمد عيسيٰ چنه نئوديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ادبي خدمتون، محقق ليکڪ، استاد، ريڊيو آرٽسٽ، ٽي وي ڪمپيئر ۽ فن ثقافت علم ادب سان لڳاپيل آهي.
• 3 مارچ 1841ع تي مشهور عالمِ دين، صوفي بزرگ احمد يار خان مهر ولد عبدالغفار خان مهر ڳوٺ خان گڙهه ضلعي گهوٽڪي ۾ پيدا ٿيو.
• 3 مارچ 1903ع تي بهترين شاعر ۽ اديب محمد خان غني ولد محمد دائود ميمڻ ڳوٺ ٽکڙ تعلقي ٽنڊي محمد خان ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 3 مارچ 1978ع تي نوجوان شاعر خاڪِي جاني بدين ۾ جنم ورتو.
• 3 مارچ 1957ع تي نوجوان شاعر، ليکڪ ۽ ريڊيو ڪمپيئر عنايت ميمڻ اصل نالو عنايت الله ولد محمد يعقوب ميمڻ لاهوري محلي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 4 مارچ 1940ع تي مشهور اديب مختلف ٻولين جو ماهر ۽ شاعر داد محمد “خادم” بروهي جيڪب آباد ۾ ڄائو.
• 4 مارچ 1987ع تي نوجوان شاعر ۽ نثر نويس بسمل - اصل نالو منصور احمد چانڊيو ولد سرمد چانڊيو جي گهر قنبر ۾ جنم ورتو.
• 4 مارچ 1960ع تي علم ۽ ادب سان دلچسپي رکندڙ احمد خان شيدا ابڙو لاڏاڻو ڪيو.
• 4 مارچ 1960ع تي ليکڪ ۽ مترجم ڊاڪٽر اسحاق انصاري انيس انصاري جي گهر ۾ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 4 مارچ 1998ع تي سنڌ جي برک ڪهاڻيڪاره ۽ نقاد خيرالنساءِ جعفريءَ وفات ڪئي.
• 5 مارچ 1913ع تي حاجن شاهه “هموطن” سيتائي ولد سيد فتح محمد شاهه ڳوٺ سيتا ضلعي دادو ۾ ڄائو. پاڻ سٺو شاعر ۽ اديب ٿي گذريو.
• 5 مارچ 1942ع تي عبدالرحمان المعروف درگاهي ميراڻي ولد واحد بخش ميراڻي ميربحر ڳوٺ انباهه ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو، پاڻي مشهور ڪافي گو شاعر ٿي گذريو آهي. روهڙي شهر جو رهاڪو هو.
• 5 مارچ 1943ع تي چوٽيءَ جو ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس ماڻڪ/ منير ولد محمد ادريس ميمڻ نوشهرو فيروز ۾ ڄائو.
• 5 مارچ 1957ع تي زميندار ۽ سياستدان اعجاز جکراڻي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.
• 5 مارچ 1909ع تي سيد صبغت الله شاهه ثاني شهيد (پڳ ڌڻي) سورهيه بادشاهه ڇهون (پير پاڳارو) سنڌ جي تاريخ ۽ حُر تحريڪ جو عظيم اڳواڻ پير جي ڳوٺ ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.
• 5 مارچ 1963ع تي اديب، شاعر، سماجي سڌارڪ ۽ استاد اڳواڻ انتظار حسين ڇلگري ڳوٺ ڏيول ضلعي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.
• 5 مارچ 1944ع تي قومي شاعر راشد مورائي اصل نالو سيد راشد علي شاهه ولد سيد علي شاهه “خادم” ضلعي نوشهروفيروز ۾ پيدا ٿيو.
• 5 مارچ 2012ع تي سنڌ جو قومي شاعر سرڪش سنڌي لاڙڪاڻي ۾ لاڏاڻو ڪيو. آخري آرام گاهه لاڙڪاڻي جي علي بحر قبرستان ۾ اٿس.
• 5 مارچ 1977ع تي نوجوان ٽهيءَ جو شاعر عبدالحميد آس ٻٻر جوهيءَ ۾ جنم ورتو.
• 5 مارچ 1930ع تي شاعر، حڪيم ۽ استاد محسن لاڙڪاڻوي، اصل نالو محمد حسن “محسن“ ولد فقير محمد چنا ميرانپور ٻرڙو ۾ جنم ورتو.
• 5 مارچ 1978ع تي نوجوان شاعر ۽ صحافي ساجد سنڌي، محمد صادق جاگيراڻي جي گهر ڳوٺ سچي بخش جاگيراڻي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 6 مارچ 1959ع تي غزل گو شاعر اياز گل اصل نالو (اياز علي دل) سکر ۾ پيدا ٿيو.
• 6 مارچ 2007ع تي سيد ڪامل شاهه جهانيان هي فاني جهان ڇڏي وڃي مالڪ حقيقي سان مليا. سندن آخري آرام گاهه درگاهه مانڌم سوڀو ديرو جي ويجهو آهي.
• 6 مارچ 1952ع تي مشهور شاعر، اديب ۽ زرعي ماهر محمد امين ولد موليڏنو ڳوٺ موري منگر تعلقي ۽ ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 6 مارچ 1980ع تي آزاد انور ڪانڌڙو اصل نالو انور ڪانڌڙو ڳوٺ احمد خان ڪانڌڙي تعلقي ميهڙ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ، سڄاڻ صحافي، ليکڪ مضمون ۽ مقالا نگار آهي.
• 6 مارچ 1978ع تي نوجوان ليکڪ ۽ ترجمي نگار خالد وسير شڪارپور ۾ جنم ورتو.
• 7 مارچ 1844ع تي عالم ۽ شاعر عبدالغفور مفتون همايوني ڳوٺ همايوني تعلقي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.
• 7 مارچ 1998ع تي سنڌ جو مشهور ترقي پسند اديب، شاعر صحافي ۽ بيباڪ سياستدان ڪامريڊ برڪت علي آزاد وفات ڪئي.
• 7 مارچ 1950ع تي نالي وارو شاعر مير عبدالرسول مير گمبٽ، خيرپور ۾ جنم ورتو.
• 8 مارچ 1884ع تي شاهه لطيف جي بيتن جو شارح هوتچند مولچند گربخشاڻي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.
• 8 مارچ 1914ع تي سنڌ جو ناليوارو چترڪار ع ق شيخ ڳوٺ گڊڙو تعلقي ڇاڇڙي ضلعي ٿرپارڪر ۾ قادر بخش شيخ جي گهر اک کولي ع ق شيخ جو اصل نالو عبدالله شيخ هو.
• 8 مارچ 1979ع تي عورتن جو عالمي ڏينهن جي حوالي سان گڏيل قومن هڪ نوٽيس ورتو 20 ڊسمبر 1999ع تي جنرل اسيمبلي عورتن جي متڀيد جي پڌرنامي تي صحيون ڪيون.
• 8 مارچ 1908ع تي قومي شاعر، بيباڪ صحافي محمود هالائي ولد حاجي محمد اسحاق ميمڻ نوان هالا ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.
• 8 مارچ 1983ع تي جڳ مشهور الغوزي نواز خميسو خان لاڏاڻو ڪيو.
• 8 مارچ 1942ع تي سنڌ جو ناميارو شاعر ۽ قومي دانشور خاڪي جويو ڳوٺ ڪاٺيا تعلقي خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي دادو ۾ ڄائو.
• 8 مارچ 1945ع تي هند سنڌ جو ناميارو اديب، ڪهاڻيڪار، اخبار نويس ۽ اداڪار ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي ضلعي نوشهري فيروز جي شهر ڪنڊياري ۾ ڄائو.
• 8 مارچ 1982ع تي نوجوان شاعر ۽ ليکڪ ستار سندر اصل نالو عبدالستار مري ڳوٺ واحد بخش مري، نوابشاهه ۾ جنم ورتو.
• 8 مارچ 1966ع تي شاعر ادل سولنگي ڳوٺ مهرابپور تعلقي ڏوڪري ۾ جنم ورتو.
• 9 مارچ 1942ع تي نالي وارو نقاد، ڪهاڻيڪار ممتاز مهر سکر ۾ جنم ورتو.
• 9 مارچ 1825ع تي مولانا ميان گل محمد ميڪڻ جي ولادت ٿي.
• 9 مارچ 1939ع تي هفت زبان شاعر فقير هدايت نجفي تارڪ لاڏاڻو ڪري ويو. فقير هدايت نجفي 1896ع ۾ وارهه تعلقي ۾ پيدا ٿيو.
• 9 مارچ 1924ع تي سنڌ جو مخلص انسان رئيس غلام محمد ڀرڳڙي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.
• 9 مارچ 1846ع تي بهترين شاعر ۽ مضمون نگار آخوند فقير محمد “عاجز” ولد آخوند محمد موسيٰ قريشي حيدرآباد جي شيراڻي محلي ۾ ڄائو.
• 10 مارچ 1935ع تي شاعر، مترجم ۽ ڪهاڻيڪار بشير مورياڻي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
• 10 مارچ 1940ع تي سنڌ جو نالي وارو ليکڪ شاعر، ڊراما نگار ۽ تنقيدنگار امداد حسيني (سانول) ٽکڙ وسئين ملوڪ شاهه ۾ جنم ورتو.
• 10 مارچ 1974ع تي شاعر ۽ اسٽيج ڊراما نگار رفيق وقار محمد قاسم کهڙو جي گهر نئين ديري ۾ جنم ورتو.
• 10 مارچ 1986ع تي موتين جهڙو انسان تاج محمد ابڙو 62 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
• 10 مارچ 1995ع تي مشهور راڳي موهن ڀڳت وفات ڪئي.
• 10 مارچ 1938ع تي ذوالفقار راشدي ولد سيد محمد امام شاهه راشدي پير ڳوٺ (شاهه جو ڳوٺ) لڳ نئون ديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ معروف شاعر، اديب ۽ صحافي اٿس.
• 10 مارچ 1932ع تي زيب ڀٽي پورو نالو قادر بخش ڀٽي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. ادبي سڃاڻپ؛ اديب ۽ استاد اٿس.
• 10 مارچ 1945ع تي مشهور ليکڪ ڀڳوان اٽلاڻي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
• 10 مارچ 1973ع تي مشهور صحافي ۽ پروڊيوسر نور جوکيو گاجي کهاوڙ ۾ جنم ورتو.
• 10 مارچ 1910ع تي (سهڻا سائين) خواجه الله بخش غفاري ولد حضرت محمد مٺل (پير مٺا سائين رح) جو جنم شهر خانواهڻ تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو.
• 10 مارچ 1957ع تي شاعر عادل سخيراڻي اصل نالو غلام رسول ولد فقير محمد خان سخيراڻي جو جنم ٿيو.
• 11 مارچ 1924ع تي تحريڪ آزادي جو سورهيه سچو سپاهي هيمون ڪالاڻي پٽ پيسومل ڪالاڻي سندس اصل نالو راهي هيمن هو، پر پيار مان کيس هيمون چوندا هئا، هيمون ڪالاڻي سکر ۾ ڄائو.
• 11 مارچ 1969ع تي نوجوان دانشور، ڪالم نگار ۽ نقاد جامي چانڊيو ڳوٺ ٽوڙهي بجار، تعلقي قنبر، ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. اصل نالو جاويد احمد چانڊيو اٿس.
• 11 مارچ 1948ع تي مشهور تعليمدان ۽ ليکڪ سيد ديدار حسين شاهه ديهه ڪلانڪوٽ، چاچڙڪي مڪان، ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو.
• 12 مارچ 1948ع تي ڪراچي کي پاڪستان جي گاديءَ وارو هنڌ بنائڻ جو اعلان ڪيو ويو.
• 12 مارچ 1992ع تي سٺو ڳائڻو ريڊيو آرٽسٽ حسين بخش خادم وفات ڪئي.
• 12 مارچ 1944ع تي سنڌي ٻوليءَ جو سگهارو ڪهاڻيڪار غلام نبي مغل حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.
• 12 مارچ 1922ع تي سنڌي علم ادب جو روشن ستارو محبوب علي چنه سيوهڻ شريف ۾ جنم ورتو.
• 12 مارچ 1947ع تي نالي وارو شاعر عاجز اڄڻ جنم ورتو.
• 13 مارچ 1963ع تي سنڌي ٻوليءَ جو مزاحمتي شاعر حليم باغي اصل نالو عبدالحليم ولد محمد سومار ساند ڳوٺ روحل واءِ لڳ عمر ڪوٽ، ضلعي ميرپور خاص ۾ ڄائو.
• 14 مارچ 1900ع تي ڪميونسٽ انقلاب ۽ تاريخ جو نامور اڳواڻ ڪامريڊ جمال الدين بخاري ولد سيد زين العابدين بخاري ڀارت گجرات جي مشهور شهر احمد آباد ۾ جنم ورتو.
• 14 مارچ 1959ع تي اديب قوم پرست اڳواڻ ڊاڪٽر اديب انقلابي اصل نالو مظفر علي ولد علي حسن چانڊيو ڳوٺ گاهي خان چانڊيو تعلقو ميروخان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 14 مارچ 1953ع تي ناليوارو اديب ۽ ليکڪ محمد خان زرداري ڳوٺ عالم خان زرداري تعلقي شهدادپور ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو.
• 14 مارچ 1937ع تي قادر الڪلام شاعر سرويچ سجاولي اصل نالو محمد صديق ولد خميسو خان تارڙ ڳوٺ ابراهيم تارڙ لڳ سجاول ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.
• 14 مارچ 1987ع تي سنڌي ادب جو روشن باب پير علي محمد راشدي ڪراچي ۾ انتقال ڪيو.
• 14 مارچ 1954ع تي سنڌي ٻوليءَ جو صاحب فن شاعر قادر بخش “بشير” وفات ڪئي.
• 15 مارچ 1920ع تي مشهور سنڌي اخبار “الوحيد” جو پهريون پرچو شايع ٿيو.
• 15 مارچ 1953ع تي نذير ناز حيدرآباد ۾ پيدا ٿي ادبي سڃاڻپ شاعره ۽ ڪهاڻيڪاره اٿس. اصل نالو نذير ناز ٿيٻو اٿس.
• 15 مارچ 1941ع تي سنڌ جو نالي وارو ڪهاڻيڪار ۽ مترجم ولي رام ولڀ مٺي ضلعو ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو.
• 15 مارچ 1995ع تي (شهيد ڀٽو گروپ) جو قيام عمل ۾ آيو. جنهن جو چيئرمين مير مرتضيٰ ڀٽو ٿيو.
• 15 مارچ 1922ع تي گيتن جو خوبصورت شاعر بردو سنڌي اصل نالو محمد رمضان ولد خدا ڏنو لاشاري بلوچ هو ڳوٺ ماڪن ڪوري تعلقي ميرپور ماٿيلي ضلعي گهوٽڪي ۾ ولادت ٿيس.
• 15 مارچ 1846ع تي مشهور صوفي بزرگ ۽ شاعر رکيل شاهه ولد ميان نور محمد شاهه ڳوٺ حليم شاهه تعلقي ميرپور (بلوچستان) ۾ ڄائو.
• 15 مارچ 1925ع تي قادر الڪلام شاعر سليم ڳاڙهوي جو اصل نالو الهه ورايو ولد حاجي الهڏنو مهر هو. پاڻ ڳوٺ ڳاڙهوي ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
• 15 مارچ 1930ع تي ڊاڪٽر غلام علي الانا ولد خواجه الله ڏنو ڳوٺ تڙ خواجه تعلقي جاتي ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ مشهور اديب، عالم، محقق، دانشور ۽ ماهر لسانيات هو.
• 15 مارچ 1961ع تي نثر نويس محمد صالح کهڙو ولد فضل محمد کهڙو ڳوٺ کهڙا تعلقي لکي ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.
• 15 مارچ 1874ع تي جليل القدر ديني ۽ سماجي اڳواڻ محمد صادق (کڏي وارو) ولد مولانا عبدالله شيخ ڪراچي جي محلي کڏي ۾ جنم ورتو.
• 15 مارچ 1929ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر نشتر ناٿن شاهي اصل نالو غازي خان نشتر ولد بالو خان لغاري ڳوٺ ٻهاري تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ جنم ورتو.
• 15 مارچ 2001ع تي ماهر لسانيات ۽ لطيف سرڪار جو پارکو ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي ۾ لاڏاڻو ڪيو.
• 15 مارچ 1969ع تي استاد نظاماڻي اصل نالو محمد ابراهيم نظاماڻي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ ڪهاڻيڪار، محقق ۽ نثر نويس اٿس.
• 15 مارچ 1953ع تي نالي وارو چترڪار حفيظ الله کوهارو ڳوٺ سهڙا ڍورائي، تعلقي ڏوڪريءَ ۾ ڄائو.
• 15 مارچ 1846ع تي عالم ۽ شاعر مولوي الله بخش اٻوجهو جنم ورتو.
• 15 مارچ 1942ع تي لڪشمڻ امرومل دُبي ڳوٺ شر خيرپور ۾ جنم ورتو. سڃاڻپ شاعر اٿس.
• 16 مارچ 1903ع تي مشهور شاعر، اديب ۽ صوفي منش انسان آغا عبدالنبي عليگ ولد آغا گل حسن خان پٺاڻ شڪارپور ۾ ڄائو.
• 16 مارچ 1846ع تي نامور صوفي شاعر ۽ بزرگ سيد رکيل شاه ولد نور محمد شاه ڳوٺ حليم شاه، تعلقي ميرپور ۾ جنم ورتو.
• 16 مارچ 1996ع تي سنڌ جو سريلو فنڪار ڦوٽو زرداري وفات ڪئي ڦوٽي زرداري جي جنم ڀومي ضلعو سانگهڙ آهي پاڻ اٽڪل 1956ع تي پيدا ٿيو.
• 16 مارچ 1975ع تي سنڌي ٻوليءَ جي نوجوان شاعره ارم محبوب حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
• 16 مارچ 1909ع تي سنڌ جو مزاحيه شاعر امام الدين “ضامن“ ميهڙ جي ڀرسان دٻي ۾ جنم ورتو.
• 16 مارچ 1956ع تي شاعر نظر لاکائي ڳوٺ وڌالاکا ۾ جنم ورتو.
• 16 مارچ 1971ع تي نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار عزيز قاسماڻي اصل نالو عبدالعزيز چانڊيو ولد سونو خان (سرمد چانڊيو) جي گهر ڳوٺ جمع خان چانڊيي تعلقي قبو سعيد خان، ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
• 17 مارچ 1938ع تي اسلامي جدوجهد جي تاريخ جو امر انسان پير تراب علي شاهه راشدي لاڏاڻو ڪري ويو.
• 17 مارچ 1982ع تي سنڌ جو مشهور سيلاني فقير ۽ صوفي شاعر ولايت علي شاهه وصال ڪيو.
• 17 مارچ 1971ع تي نوجوان شاعر، ليکڪ ذوالفقار ڪورائي، سردار صاحب خان ڪورائي پنو عاقل ۾ جنم ورتو.
• 18 مارچ 1878ع تي مشهور عالم ۽ تحريڪ آزادي جو ڪارڪن عبدالرحيم شاهه سجاول ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.
• 18 مارچ 1993ع تي ملڪ جو وزير اعظم محمد خان جوڻيجو آمريڪا ۾ وفات ڪئي. 20 مارچ تي سنڌڙي لڳ سندس ابائي قبرستان ڳوٺ دين محمد جوڻيجو ۾ گهرجي ڀرسان باغ ۾ دفنايو ويو.
• 18 مارچ 1962ع تي ڊراما نويس، ڪمپيئر ۽ شاعر جبار آزاد منگي نصيرآباد، ضلعي قنبر - شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
• 18 مارچ 1975ع تي اسحاق سميجو ضلعي دادو جي ڳوٺ فضل پور ۾ ڄائو، اديب سڃاڻپ، شاعر، صحافي، ڪمپيئر ۽ ٻارن جو ليکڪ آهي.
• 18 مارچ 1999ع تي روازني تعمير سنڌ (اخبار) حيدرآباد مان قاضي شاهه محمد خريد ڪري جاري ڪئي.
• 19 مارچ 1885ع تي برصغير ۾ جديد شاعريءَ جو باني سرڳواسي ڪشن چند “بيوس“ لاڙڪاڻي شهر جي مشهور حڪيم تير ٿداس کتري جي گهر ۾ جنم ورتو.
• 19 مارچ 1898ع تي ميران محمد شاه (ٻيو) ولد سيد حاجي زين العابدين شاهه ٽکڙ ۾ جنم ورتو. ادبي خدمتون، معروف اديب، شاعر، سياسي اڳواڻ ۽ سماجي ورڪر هو.
• 19 مارچ 1933ع تي شاعر عبدالفتاح عبد بٺورائي ميرپور بٺورو ۾ جنم ورتو.
• 20 مارچ 1943ع تي پيرانِ پاگاره سلسلي جي پير صبغت الله شاهه ثاني کي انگريزن موت جي سزا ڏني.
• 20 مارچ 1971ع تي مترجم ۽ ڪهاڻيڪار جهانگير عباسي ولد غلام مصطفيٰ عباسي ڳوٺ محراب پور ڪلهوڙو تعلقه باقراڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 20 مارچ 1979ع تي نوجوان شاعر مخمور بخاريءَ جنم ورتو.
• 21 مارچ 1936ع تي سنڌ جو معروف ۽ دلير ڪامورو امداد الله ولد وڏيرو عبدالڪريم انڙ درياهه سنڌ جي سڄي ڪناري تي آباد قديم سرسبز ۽ شاداب ڳوٺ نئون آباد تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 21 مارچ 1962ع تي خواجه محمد طاهر نقشبندي، عالم معروف سڄڻ سائين جو جنم درگاهه رحمت پور، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.
• 21 مارچ 1897ع تي دين محمد اديب فيروز شاهي ڳوٺ فيروز شاهه تعلقي ميهڙ ضلعي دادو ۾ ڄائو. سڃاڻپ پاڻ بلند پايه عالم، نثر نويس ۽ شاعر هو.
• 21 مارچ 1942ع تي نامور اديب ۽ سماج سڌارڪ ڊاڪٽر درشهوار سيد، سنڌ جي قومي سياستدان جي ايم سيد جي گهر سن ضلعي ڄامشوري ۾ جنم ورتو.
• 22 مارچ 1844ع تي مولانا تاج محمد امروٽي ولد سيد القادر ڳوٺ ديواني لڳ ڳاڙهي موري ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو. مولانا تاج محمد امروٽي پاڻ برک عالم، فاضل، شاعر ۽ تحريڪ آزادي جو اڳواڻ ٿي گذريو آهي.
• 22 مارچ 1999ع تي سنڌ موسيقيءَ جو روشن ستارو وحيد علي اسلام آباد ۾ وفات ڪئي. وحيد علي 1950ع ۾ ٽنڊي آدم شهر ۾ جنم ورتو.
• 22 مارچ 1918ع تي شاعر ۽ ليکڪ اِندر ڀوڄواڻي اصل نالو اندر ديو ڄيٺانند ڀوڄواڻي ڳوٺ ٻيلي تعلقي سجاول ضلعي ڪراچيءَ (هاڻي ٺٽي) ۾ ڄائو.
• 22 مارچ 1954ع تي سڄاڻ شاعر بلبل کور واهي اصل نالو خان محمد جت آهي کورواهه ضلعي بدين ۾ جنم ورتو.
• 23 مارچ 1982ع تي ذوالفقار علي شيخ سوڀوديرو شهر ۾ پيدا ٿيو ادبي سڃاڻپ ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ۽ شاعري اٿس.
• 23 مارچ 1970ع تي شاعر، اديب، سياسي ۽ سماجي ڪارڪن صمد رضوي ساز لاڏاڻو ڪري ويو. آخري آرام گاهه لاڙڪاڻي ۾ ئي اٿس.
• 23 مارچ 1925ع تي مشهور نڙائي فنڪار مير محمد لنڊ ڳوٺ ڪيٽي مير نارو خان چڪ نمبر 3 تعلقي ڏيپلي ۾ پيدا ٿيو.
• 23 مارچ 1992ع تي مشهور صوفي راڳي ڍول فقير گڙدن جي تڪليف جي ڪري هن جهان کي الوداع ڪيو. ڍول فقير جو اصل نالو ڍولڻ ولد فقير محمد خاصخيلي هو.
• 23 مارچ 1963ع تي مشهور صوفي شاعر، نماڻو فقير ديهانت ڪئي سندس ارٿي سچل سائين جي پيرن کان آهي نماڻو فقير هڪ عورت جو نالو آهي. جنهن جو اصل نالو هاسي ٻائي يا رڪي ٻائي هو. جيڪا شڪارپور جي هڪ هندو ڏوڍاراهه جي نياڻي هئي. سخي قبول محمد (ثاني) نماڻو فقير نالو رکيس، نماڻو فقير جي ولادت 1888ع تي ٿي.
• 23 مارچ 1878ع تي آچاريه آسودو مل گدواڻي، سنڌ جي انهن آڳاٽن ليکڪن مان هو، جن سنڌي نثر ۽ ڪهاڻيءَ کي نئون رنگ ڏنو آسودومل گدواڻي ڪراچي ۾ جنم ورتو.
• 23 مارچ 1959ع تي سنڌي ٻوليءَ جو شاعر آصف مٺياڻوي شهر مٺياڻي ۾ ڄائو.
• 23 مارچ 1912ع تي آغا بدرالدين دُراني ولد آغا شمس الدين ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو سڃاڻپ، مشهور سياستدان ۽ علم ادب دوست رهيو.
• 23 مارچ 1929ع تي مشهور براڊڪا سٽر سرور بلوچ دڙي محلي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 23 مارچ 1952ع تي ناميارو شاعر ۽ اديب قادر بخش “مخلص” ولد صحبت خان چانڊيو ڳوٺ گهنور خان چانڊيي تعلقي ساماري، ضلعي عمر ڪوٽ ۾ ڄائو.
• 25 مارچ 1977ع تي ڪرم حسين ڪلهوڙو ولد محمد معشوق ڪلهوڙو جي گهر ڳوٺ سيد سردار شاهه لڳ ٻيڙو چانڊيو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ادبي خدمتون؛ استاد، سوشل ورڪر، مترجم ۽ شاعر.
• 25 مارچ 1957ع تي سنڌ جي مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار رحمت الله ماڄوٺي چوهڙ جمالي ضلعي ٺٽي ۾ عبدالرحمان ماڄوٺيءَ جي گهر جنم ورتو.
• 23 مارچ 1950ع تي شاعر احمد خان “آصف” مصراڻي جنم ورتو.
• 24 مارچ 1946ع تي ماهر لسانيات، محقق هدايت پريم رهڙي شهر ۾ جنم ورتو. اصل نالو هدايت الله آخوند هئس.
• 24 مارچ 1970ع تي ڊاڪٽر سيد عاشق علي جهانيان ڳوٺ قيصر خان شاهاڻي جي سيد هادي بخش شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.
• 25 مارچ 1896ع تي شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن دائودپوٽو ٽلٽي ۾ پيدا ٿيو.
• 25 مارچ 1943ع تي سنڌي سرويچ هوش محمد شيدي مياڻيءَ جي ميدان جنگ ۾ شهيد ٿيو.
• 25 مارچ 1952ع تي سنڌ جو نالي وارو گويو استاد بيبو خان حيدرآباد ۾ وفات ڪري ويو. استاد بيبوخان 1904ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.
• 25 مارچ 1955ع تي مشهور شاعر ۽ اديب مختيار گهمرو اصل نانءُ غلام عمر ولد الهه ڏنو گهمرو ڳوٺ ڪيٽي مير محمد گهمرو ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
• 25 مارچ 1952ع تي ماهر ڊاڪٽر، اديب، سماجي ۽ سياسي ڪارڪن ڊاڪٽر محبت ٻرڙو قنبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 25 مارچ 1916ع تي ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ٻارن لاءِ لکندڙ جيٺانند ڀاونداس لعلواڻي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو.
• 26 مارچ 1974ع تي بيگم نصرت حاجي عبدالله هارون ڪراچي ۾ وفات ڪئي.
• 26 مارچ 1936ع تي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب، نقاد، مترجم، ناٽڪ نويس، شاعر ۽ ايڊيٽر لڇمڻ ڪومل “ڀاٽيا“ ضلعي نوابشاهه (هاڻي نوشهري فيروز) جنم ورتو. جنم جو نالو لوڪومل هئس.
• 26 مارچ 1942ع تي ناميارو ديني عالم ۽ ماهوار شريعت جو ايڊيٽر مفتي عبدالوهاب چاچڙ ڳوڪنڊي چاچڙ تعلقي گهوٽڪي ۾ پيدا ٿيو.
• 27 مارچ 1994ع تي شاهه لطيف جو شارح ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب ڪلياڻ آڏواڻي ديهانت ڪئي.
• 27 مارچ 1999ع تي ڪهنه مشق شاعر مسڪين ملاڪاتيار انتقال ڪيو.
• 27 مارچ 1971ع تي ليکڪ ۽ صحافي توفيق علي منگي دادو ۾ جنم ورتو.
• 27 مارچ 1300ع تي قومي سورمو دودو سومرو ڌرتيءَ خاطر وڙهندي شهيد ٿيو سندس آخري آرام گاهه بدين ضلعي جي سرحد سان لڳ ڳوٺ روپا ماڙيءَ ۾ آهي.
• 27 مارچ 1962ع تي شاعر ۽ سياسي اڳواڻ جميل الزمان “جميل” جنم ورتو.
• 27 مارچ 1978ع تي نوجوان شاعره ساجده جبين (ساجد شاهه) ڳوٺ باجارا ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
• 28 مارچ 1964ع تي سنڌي ٻولي جو شاعر نصير احمد سومرو ولد الله بخش سومرو هنگورجه شهر ۾ جنم ورتو.
• 28 مارچ 1898ع تي مولانا محمد قاسم مشوري ولد حاجي محمد عثمان مشوري ڳوٺ مشوري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. مولانا مشوري جو تعلق بگٽي بلوچن جي مشهور قبيلي مشوري سان آهي.
• 28 مارچ 1990ع تي پاڪستان جي وڏي ديني شخصيت، عالم، مفتي دين اسلام جو خادم مولانا محمد قاسم مشوري هن فاني جهان کي الوداع ڪيو.
• 28 مارچ 1985ع تي ملهه پهلوان شير ميربحر انتقال ڪيو. سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ پهلوان شير ميربحر تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ آهي.
• 28 مارچ 1942ع تي ڊاڪٽر دُرشهوار سيد ولد سائين جي ايم سيد سن شهر ضلعي دادو ۾ پيدا ٿي. پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ دي پوئٽري آف شاهه عبداللطيف اٿس.
• 29 مارچ 1931ع تي گيتن ۽ ڪافين جو شاعر بلاول پرديسي هالا تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ خاڻوٺ ۾ جنم ورتو.
• 29 مارچ 1939ع تي هفت زبان شاعر ۽ صوفي بزرگ هدايت علي نجفي تارڪ وفات ڪئي.
• 29 مارچ 1911ع تي خير محمد “اوحدي” ولد محمد ابراهيم انصاري شڪارپور ۾ ڄائو ادبي سڃاڻپ مشهور اديب، شاعر، نقاد، صحافي ۽ تحريڪ آزاديءَ جو ڪارڪن ٿي گذريو آهي.
• 29 مارچ 1954ع تي سنڌي ٻاراڻي ادب جي ناليواري ليکڪ ۽ صحافي اسرار شاهه ٽنڊي ڄام ۾ پيدا ٿيو.
• 29 مارچ 1992ع تي نالي واري شاعر لقمان حڪيم کوکر، ولد عبدالرحمان کوکر هن فاني جهان کي الوداع چيو.
• 30 مارچ 1890ع تي معروف اديب ۽ سماجي ورڪر محمد صديق ميمڻ حيدرآباد ۾ ڄائو.
• 30 مارچ 1978ع تي مير حسن علي خان ٽالپر هن فاني جهان کي الوداع ڪيو.
• 30 مارچ 1905ع تي نثر نويس الهه بخش، ٺري لڳ ٽنڊو غلام علي ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
• 31 مارچ 1973ع تي قومي آزادي کي سائين جي ايم سيد باقاعدي هڪ نظريي ۽ پروگرام جي صورت ۾ پيش ڪيو. جنهن جا نظرياتي اصول هئا، قومپرستي، سوشلزم، سيڪيولرزم ۽ جهموريت شامل رکيا.
• 31 مارچ 1968ع تي قادرالڪلام شاعر ۽ ڪهاڻيڪار فيض محمد “فيض” حيدري وفات ڪئي.