مڪي وارو انقلاب اصل ۾ ڇا هو؟
حضرت محمدﷺ جو آندل اهو انقلاب انسانيت لاءِ هڪ وڏو موڙ (Diversion) هو ۽ اتان کان اسلام موجوده نئين دور جو خالق بڻيو.
اسلام جي پيغمبرﷺ قرآن ۾ مليل اصولن تي انسانذات کي منظم ڪيو ۽ ان وقت توڙي گذريل تاريخ ۾ جيڪي به انسانذات جا دشمن طبقا ۽ انسانيت کي نهوڙيندڙ ڳالهيون هيون، انهن کان آجپو عطا ڪري امن، سلامتي ۽ فلاح جي اصولن تي انسانذات کي منظم ڪيو. هُن وڏي جدوجهد سان هڪ سگهاري قومي سماجوادي رياست جو بنياد وجهي امن، سلامتي ۽ فلاح جي اڳيان آيل سڀني رڪاوٽن کي به ختم ڪري ڇڏيو.
پيغمبر اسلامﷺ جي آندل ان انقلاب ذريعي انساني آزادين، سلامتي ۽ فلاح جون صورتون انسانذات جو عالمي ۽ آفاقي ورثو بڻجي ويون ۽ اهي جيئن جيئن دنيا ۾ متعارف ٿينديون ويون، تيئن تيئن انسانذات انهن اصولن کي پنهنجائيندي وئي. انسانذات فڪر جي آزاديءَ کي به پنهنجايو، نسلي فرق جي خاتمي کي به پنهنجايو، مواخات ۽ ڀائپيءَ کي ڀلو قدر سمجهيو، طبقاتي فرق کي بڇڙائي قرار ڏنو، محنت ۽ پورهئي کي سرمائي جو اصل بنياد مڃيو ۽ ماڻهوءَ جا چڱا عمل ۽ نيڪوڪاري ئي اصل ماڻهپو ۽ تقويٰ شمار ڪيا ويا. اهي سڀ اصول ۽ قدر حضرت محمدﷺ انسانيت جو ازلي ورثو بڻائي ڇڏيا ۽ پٺيان ڇڏيل دنيا ۾ جتي به انسانذات جي سلامتي، فلاح ۽ آجپي جون تحريڪون هليون ته اهي ان ازلي ورثي جي حاصلات جو ئي تسلسل هيون.
پر تاريخ ۾ ٿيندو ائين پئي آيو ته جيئن اڳين پيغمبرن جي تعليم ۽ جدوجهد کي پونيئرن پنهنجي تڪڙن مفادن لاءِ مسخ پئي ڪيو ۽ ڏاڍ، جبر ۽ استحصال جي قوتن پنهنجي مفادن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ انحراف جي واٽ پئي ورتي، تيئن حضرت محمدﷺ جي تعليم، جدوجهد ۽ ان جي آندل انقلاب سان به ساڳيون وارتائون ٿيون. ويتر پيغمبر اسلام جي تعليمات سان يهودي سوچ جهڙي طرح اسلام جي لبادي ۾ اچي مخالف وارتائون ڪيون، سي اڃا به وڌيڪ خطرناڪ هيون. اسلام جي اُڀار کي دنيا مٿان يهودين پنهنجي غلبي واري سوچ لاءِ چئلينج سمجهيو. جڏهن هنن ڏٺو ته اسلام سان فڪري بنيادن تي ٽڪر کائڻ ممڪن نه آهي ته پوءِ هنن منافقت سان مسلمانيءَ جي لبادي ۾ قرآن جي اصل تعليم ۽ اسلام جي اصل فڪر کي مسخ ڪري فرقيوارانه ۽ پيشه ور مذهبيت جون ڀانت ڀانت جون شڪليون متعارف ڪرايون. عرب دنيا کان ٻاهر منتقل ٿيندڙ مسخ ٿيل اسلام ۾ ايراني اثرن بنيادي اصولن ۾ بگاڙ پيدا ڪندڙ خرابيون پئي متعارف ڪرايون. ڪسريٰ جي سلطنت عربن کان شڪست کاڌي هئي، جنهن جو بدلو چڪائڻ لاءِ اها يهودي منافقت واري لبادي جو آماجگاهه بڻجي وئي. پوءِ اتي ايران ۾ اسلام جو جيئن اصل روح زخمبو ويو تيئن اُتي اسلام جي سڄي تاريخ کي به مسخ ڪري هٿ ٺوڪين واقعن ۽ قصن سان مدون ڪيو ويو. اهي بگڙيل شڪليون آهستي آهستي مذهب بڻبيون ويون ۽ اسلامي ملڪن ۾ پڙهيل طبقو ۽ نوجوان نسل ان مسخ ٿيل مذهبيت تي سوال اُٿاري بيهي رهيو.
جيئن ته اسلام جو اصل منشور قرآن مجيد جيئن جو تيئن محفوظ رهيو، ان ڪري ان جا ٻڌايل اصول، سلامتي ۽ آجپي جو فڪر انسانيت کي اتساهيندا رهيا. وري جڏهن علمن جي ترقي ٿي ۽ ٻين علمن وانگر خودبخود تاريخ ۽ انقلابن کي سائنسي طرح جاچڻ جون روايتون پيون ته حقيقتن جي مٿان چڙهيل غلاف لهندا ويا. جڏهن تاريخدانن ۽ نظرئي دان عالمن انسانذات جي ترقيءَ لاءِ ڪيل ڪوششن کي غيرجانبداراڻن علمي طريقن سان جاچيو ته اتي اسلام جي پيغمبر جي انسانذات جي سلامتي ۽ فلاح واسطي ڪيل جدوجهد سڄي انسانيت جي ورثي طور مشهود ٿي. پيغمبرن جي ڊگهي تاريخ جي پسمنظر ۾ انسانذات لاءِ منشور بڻايل آخري ڪتاب قرآن مجيد جا ٻڌايل اصول، اهڙي طرح خود آخري پيغمبر حضرت محمدﷺ اعليٰ انسانيت جي قيام لاءِ جيڪي غيرمعمولي ڪوششون ورتيون، انهن کي پڙهيو ۽ سمجهيو ويو ته حقيقتون آشڪار ٿي اڳيان اچي بيٺيون. جتي علمي رويا آهن ۽ جتي سچ ۽ حقيقت جي تلاش جو رجحان آهي ۽ جتي جاهلاڻو بغض ڪونهي، اتي علمي طرح انهن حقيقتن جي روشنيءَ ۾ ئي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.
اسان ان جو هتي رڳو هڪ مثال پيش ڪريون ته جڳ مشهور ليکڪ مائيڪل ايڇ هارٽ جڏهن دنيا تي سڀ کان وڌيڪ اثرانداز ٿيندڙ هڪ سؤ شخصيتن جي ڪردار، ڪارنامن ۽ حاصلات کي اجاگر ڪرڻ لاءِ درجي بندي ڪئي ته ان ۾ حضرت محمدﷺ کي دنيا جي سڀ کان مؤثر ترين شخصيت ڄاڻائي سڀ کان پهرين نمبر تي آندو ۽ کين دنيا جي سڀ کان وڌيڪ اثرائتي شخصيت قرار ڏيڻ جي لاءِ هُن تفصيل سان ان جا سبب به ٻڌايا. هارٽ کي ان تفصيل ڏيڻ جي ضرورت انهيءَ ڪري محسوس ٿي ته حضرت عيسيٰؑ جي مڃيندڙن جو تعداد هينئر به دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي ته پوءِ حضرت محمدﷺ کي سڀ کان وڌيڪ اثرائتي شخصيت قرار ڏيڻ لاءِ توجيهه هر حال ۾ گهربل آهي. اها ڳالهه ڳڻيندي هُن پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو ته واقعي دنيا ۾ حضرت عيسيٰؑ جي مڃيندڙن (عيسائين) جو تعداد وڌيڪ آهي پر تاريخ تي مذهبي توڙي دنيائي معاملن ۾ اثر انگيزي حضرت محمدﷺ جي سڀ کان مٿاهين آهي. هُن لکيو آهي ته: ”محمدﷺ غريب گهراڻي مان هو، ان هوندي به هُن دنيا جي وڏن مذهبن مان هڪ جو بنياد وڌو، ان کي پکيڙيو ۽ بيحد اثرائتو سياسي اڳواڻ به بڻيو. هُن کي وفات ڪئي تيرهن (هاڻي چوڏهن) صديون گذري ويون آهن، تنهن هوندي به اڄ تائين سندس اثر نه صرف قائم دائم آهي، پر ماڻهن جي رڳ رڳ ۾ سمايل آهي.“
هُن وڌيڪ لکيو آهي ته: ”تاريخ جا ٻيا وڏا ماڻهو تهذيبي مرڪزن ۾ ڄاوا پننا ۽ سندن تعلق مرڪزي اهميت رکندڙ انتهائي مهذب قومن سان هو. سندن ابتڙ محمدﷺ 570ع ۾ ڌاري ڏاکڻين عربستان جي شهر مڪي ۾ ڄائو هو. انهيءَ زماني ۾ اهو علائقو دنيا جو پوئتي پيل علائقو ليکبو هو ۽ علمي، هنري توڻي واپاري مرڪزن کان گهڻو پري هو. هو ڇهن سالن جي ڄمار ۾ مڪمل يتيم ٿي ويو هو ۽ سندس پالنا به وچولي طبقي ۾ ٿي هئي. هو اُمي (ڪنهن به استاد وٽ نه پڙهيل) هو ۽ هُن جي مالي حالت به تڏهن سڌري سگهي جڏهن پنجويهن سالن جي ڄمار ۾ هڪ مالدار بيواهه سان شادي ڪئي ڪيائين. هو چاليهن سالن جو ٿيڻ وارو هو تڏهن به ڪو اهڙو اهڃاڻ نظر نه ٿي آيو جنهن مان ڪو اندازو لڳائي سگهجي ته هو سموري تاريخ جي عظيم ترين هستي ٿي اڀرندو. ٻين لفظن ۾ ته کيس پاڻ مڃائڻ لاءِ تمام ٿورو وقت ملي سگهيو هو. مطلب ته ٻين نامور ماڻهن جي ڀيٽ ۾ محمدﷺ کي ڏاڍيون ڏکيون حالتون مليون هيون.“
مائيڪل ايڇ هارٽ پنهنجي پنجن صفحن واري مضمون ۾ پيغمبر اسلامﷺ جي زندگي، ڪارنامن ۽ حاصلات جو جيڪو مختصر خاڪو بيان ڪيو آهي سو بيحد معلوماتي ۽ حيرت ۾ وجهندڙ آهي ۽ پيغمبر اسلام جي انساني تاريخ ۾ آندل وڏي تبديليءَ کي سمجهڻ ۾ بيحد سولي ۽ چِٽي رهنمائي ڪري ٿو. هو لکي ٿو ته:
”عربن جي اڪثريت بت پرست هوندي هئي ۽ گهڻن خدائن (سردارن، پروهتن ۽ ديوتائن) کي مڃيندي هئي. مڪي ۾ ٿورڙا يهودي ۽ عيسائي به رهندا هئا، جيڪي هڪ خدا کي مڃيندا هئا. پاڻ سڳورا انساني فطرت جي تقاضا موجب ڄمڻ کان ئي توحيد تي قائم هئا. محمد صه جڏهن چاليهن سالن جو ٿيو ته کيس يقين ٿي ويو ته اهو واحد خدا (وحي وسيلي) ساڻس ڳالهائي رهيو هو ۽ پنهنجي سچي مذهب پکيڙڻ لاءِ کيس چونڊيو هئائين.
ٽن سالن تائين محمد صه فقط پنهنجي ويجهن دوستن ۽ ساٿين ۾ تبليغ ڪندو رهيو. تنهن کانپوءِ اٽڪل 613ع ڌاري عوام ۾ تبليغ شروع ڪيائين. آهستي آهستي سندس پوئلڳن جو انگ وڌڻ لڳو، جنهن ڪري مڪي جا حاڪم کيس خطرو سمجهڻ لڳا. محمد صه پنهنجي سلامتي خاطر 622ع ۾ مديني ڏانهن هجرت ڪئي. (اهو شهر مڪي جي اتر ۾ 200 ميل کن پري آهي) مديني مان کيس ڳچ سياسي طاقت ملڻ جي آڇ ٿي هئي.
هجرت پيغمبر صه جي حياتيءَ ۾ هڪ نئون سفر ثابت ٿي. مڪي ۾ سندس پوئلڳن جو تعداد ٿورو هو. مديني ۾ کيس ٻيا به ڪيترائي پوئلڳ ملي ويا، جنهن ڪري جلد ئي ايترو اثرائتو ٿي ويو، جو ڪنهن جي مجال نه هئي جو سندس حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري سگهي. ايندڙ ڪجهه سالن ۾ محمد صه جي پوئلڳن جو انگ تيزيءَ سان وڌيو جنهن ڪري مڪي جي حاڪمن مديني تي ڪاهه ڪئي. انهيءَ کان پوءِ لڙاين جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويو، جن جي پڄاڻي تڏهن ٿي جڏهن محمد صه 630ع ۾ مڪو فتح ڪيو. هن جي زندگيءَ جي پوئين اڍائي سالن اندر عرب قبيلا تيزيءَ سان مسلمان ٿيندا ويا. محمد صه 632ع ۾ پنهنجي وفات تائين سڄي ڏاکڻين عربستان جو اثرائتو حاڪم ٿي چڪو هو.
عربستان جا بدو قبائلي، ڇتا ويڙهاڪ ليکبا هئا، پر اهي پنهنجين اترئين مهذب پاڙيسري سلطنت جي ڀيٽ ۾ ڪمزور هوندا هئا، ڇو ته اهي سلطنتون زرخيز ملڪن تي ٻڌل هيون ۽ وٽن وڏا وڏا لشڪر هئا. ان جي ابتڙ هڪ ته بدو مختلف قبيلن ۾ ورهايل هئا ۽ اهي قبيلا لڳاتار پاڻ ۾ وڙهندا رهندا هئا، ٻيو ته سندن تعداد به گهٽ هو. محمد صه تاريخ ۾ پهريون ڀيرو کين متحد ڪيو ۽ منجهن هڪ سچي خدا تي ايمان رکڻ سيکاريو. انهيءَ ايمان سببان انهن ۾ اهڙو ته جوش ولولو پيدا ٿيو، جنهن اڳيان اهي وڏيون وڏيون سلطنتون به بيهي نه سگهيون. عربن جي ننڍڙن ننڍڙن لشڪرن جيڪي اچرج ۾ وجهڻ جهڙيو فتحون ماڻيون، تن جو مثال انساني تاريخ ۾ ملڻ محال آهي. عربستان جي اتر اوڀر ۾ ساسانين جي ٺاهيل وسيع ايراني سلطنت هئي ۽ سندس اتر اولهه ۾ بازنطيني يا اوڀرندي رومي سلطنت هئي، جنهن جي گادي قسطنطنيه ۾ هئي. تعداد جي لحاظ کان عربن جو پنهنجن دشمنن سان ڪو مقابلو ئي ڪو نه هو، تنهن هوندي به اتساهيل عربن تيزيءَ سان سڄو عراق، شام ۽ فلسطين فتح ڪري ورتو. هنن 642ع ۾ بازنطيني سلطنت کان مصر کسي ورتو ۽ ايراني فوجن کي 637ع ۾ قادسيه جي جنگ ۾ 642ع ۾ نهاوند جي لڙائي ۾ موتمار شڪست ڏنائون. اهي فتحون محمد صه جي پهرين ٻن خليفن ابوبڪر رضه، عمر بن الخطاب رضه جي ڏينهن ۾ ٿيون، پر انهن سان عرب فتحون بس نه ٿيون. عرب فوجون 711ع ڌاري سڄي اتر آفريڪا کي مڪمل طرح لتاڙي وڃي ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ تائين پهتيون. اتان انهن اتر طرف رخ ڪيو۽ جبرالٽر جو ڳچي سمنڊ اڪري وڃي اسپين جي وسيگوئي بادشاهي مٿان غالب پيون.
هڪڙو زمانو اهڙو به آيو، جڏهن لڳو ٿي ته مسلمان سڄي عيسائي يورپ تي غلبو ڪري ويندا. مسلمانن جي هڪ فوج وڃي وچ يورپ تائين پڳي هئي پر 732ع ۾ ٽوئرس واري مشهور لڙائي ۾ آخرڪار فرينچن کين شڪست ڏني. بهرحال هڪ صديءَ کان به گهٽ عرصي ۾انهن عرب بدوين پيغمبر صه جي واعدي کان متاثر ٿي، هڪ اهڙي سلطنت حاصل ڪري ورتي هئي، جيڪا هندستان جي سرحدن کان وٺي ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ تائين پکڙيل هئي. ان جهڙي وسيع سلطنت دنيا اڳي ڪڏهن به نه ڏٺي هئي، ۽ نه وري فتح ٿيل علائقي جي ايڏن ماڻهن هن کان اڳ ڪڏهن پنهنجو مذهب مٽايو هو.
ائين به ناهي ته اهي سموريون فتحون دائمي ثابت ٿيون. ايراني جيتوڻيڪ پيغمبر صه جي دين تي اڃا تائين قائم آهن پر انهن عربن کان وري آزادي حاصل ڪري ورتي ۽ اسپين ۾ ستن صدين جي لڙاين کان پوءِ عيسائي نيٺ وري سڄو اپکنڊ فتح ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. تنهن هوندي به اتر آفريڪا جي سامونڊي ڪناري واري سموري علائقي وانگر، قديم تهذيب جي پرورش ڪندڙ ٻه ملڪ ميسپوٽيميا (عراق) ۽ مصر اڃا تائين عرب آهن. مسلمانن جو هي نئون مذهب نه فقط انهن علائقن ۾ پکڙيو جيڪي مسلمانن منڍ ۾ فتح ڪيا هئا، پر وچ وارين صدين ۾ ٻين ڏورانهن علائقن ڏانهن پکڙجندو رهيو. اڄ ڪلهه انهيءَ مذهب جا ڪروڙين مڃيندڙ آفريڪا توڙي وچ ايشيا ۾ موجود آهن. پاڪستان ۽ اتر هندستان ۾ ته سندن تعداد اڃا به وڌيڪ آهي. انڊونيشيا کي متحد رکڻ جو ڪم به هن نئين مذهب ڏنو آهي. البت هندستاني ننڍي کنڊ ۾ مسلمانن ۽ هندن جو جهيڙو، اڃا تائين سندن ٻڌيءَ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي.
آخر، انساني تاريخ تي محمد صه جي پيل اثرن جو ڪاٿو ڪيئن ڪجي؟ ڇڙو اسلام پنهنجن مڃيندڙن تي وڏو اثر نٿو رکي، ٻيا مذهب به پنهنجن مڃيندڙن تي اثر رکن ٿا. دنيا ۾ عيسائين جو انگ ته مسلمانن کان ٿلهي ليکي ٻيڻو آهي. پوءِ به هن ڪتاب ۾ محمد صه کي عيسيٰ عه کان مٿانهون درجو ملڻ تي، ٿي سگهي ٿو ته پهريائين ڪجهه عجيب لڳي. انهيءَ فيصلي (محمد صه کي عيسيٰ عه کان مٿي رکڻ) جا ٻه مکيه سبب آهن. هڪ ته عيسيٰ عه عيسائيت جا مکيه واجبي ۽ اخلاقي حڪم (خاص ڪري اهي، جيڪي يهوديت کان مختلف آهن) بنيادي طرح عيسيٰ عه کان ئي مليل آهن، پر نئون عهدنامو (انجيل) گهڻي ڀاڱي حضرت عيسيٰ جو نه، پر سينٽ پال جو لکيل آهي. سينٽ پال ئي عيسائيت جو مکيه پکڙيندڙ ۽ عيسائي مذهب جي ڏنل خدائي علم جو مکيه اڏيندڙ آهي.
ٻيو ته عيسيٰ عه جي ڀيٽ ۾ محمد صه پاڻ نه فقط اسلام جو عقيدو ڏنو پر انهيءَ مذهب جا شريعتي ۽ اخلاقي اصول پڻ سندس ڏنل آهن، تنهن کانسواءِ محمد صه بنيادي طور پنهنجي سر نئون مذهب پکيڙيو ۽ اسلامي شريعت به پاڻ سر لاڳو ڪئي. اسلام جو مقدس ڪتاب قرآن به هن پاڻ ڏنو. قرآن ۾ اهي آيتون گڏ ٿيل آهن، جن جي باري ۾ محمد صه کي يقين هو ته اهي وحي وسيلي الله پنهنجي ڏانهس موڪليون هيون. محمد صه جي جيئري ئي سندن پوئلڳن (مومنن) اهي آيتون عقيدتمنديءَ وچان لکي ڇڏيون هيون ۽ کيس وفات ڪئي ڪو گهڻو عرصو نه گذريو هو، جو انهن آيتن کي معتبر ڪتابي صورت ڏني وئي هئي، تنهن ڪري قرآن محمد صه جي عقيدن ۽ سندس ڏنل سکيا جي ئي نمائندگي ڪري ٿو ۽ ان ۾ اهي ئي آيتون آهن جيڪي سندس واتان نڪتيون هيون. اهڙي طرح گڏ ٿيل عيسيٰ عه جي سکيا، ڪٿي به نٿي ملي. جيئن ته قرآن به مسلمانن لاءِ ايتري ئي اهميت رکي ٿو، جيتري انجيل عيسائين لاءِ، تنهن ڪري قرآن وسيلي محمد صه جو اثر وڌيڪ پيوآهي. جيڪڏهن عيسيٰ عه ۽ سينٽ پال جو گڏيل اثر هڪ پُڙ ۾ وجهجي ۽ ٻئي پُڙ ۾ محمد صه جو اثر رکجي ته گهڻو ڪري محمد صه جو اثر ٻنهي جي گڏيل اثر کان به وڌيڪ وزنائتو لڳندو. خالص مذهبي سطح تي به محمد صه اوترو ئي اثرائتو لڳندو جيترو عيسيٰ عه.
اڃا به اهو ته عيسيٰ فقط ديني رهبر هو پر محمد صه نه فقط ديني پر دنيائي اڳواڻ پڻ هو. حقيقت ۾ ته عربن جيڪي به فتحون ماڻيون، تن پوئتان محمد صه جي شخصيت ئي ڪم ٿي ڪيو. انهيءَ حساب سان ڏسجي ته محمد صه جهڙو اثرائتو سياسي اڳواڻ اسان کي انساني تاريخ جي ڪنهن به زماني ۾ نه ملندو.
ٻين اهم تاريخي واقعن جي باري ۾ڪو چئي سگهي ٿو ته جيڪڏهن ان زماني ۾ فلاڻو سياسي اڳواڻ رهبري ڪرڻ لاءِ پيدا نه به ٿئي ها ته به اهي واقعا ضرور ٿين ها ڇو ته انهن جو ٿيڻ اڻٽر ٿي چڪو هو. مثال طور سائمن بوليور کڻي پيدا نه ٿئي ها ته به ڏکڻ آمريڪا جون بيٺڪون اسپين کان آزادي وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ها، پر عرب فتحن جي باري ۾ ائين چئي نٿو سگهجي.
محمد صه کان اڳ اهڙي قسم جو ڪو به واقعو نه ٿيو هو، تنهن ڪري اهو چوڻ اجايو ٿيندو ته هن کانسواءِ به عرب اهڙيون فتحون ماڻي سگهن ها. عربن جي فتحن سان فقط منگولن جون اهي فتحون ڀيٽي سگهجن ٿيون، جيڪي هنن تيرهين صديءَ ۾ چنگيز خان جي اڳواڻيءَ ۾ حاصل ڪيون هيون. منگولن جي حاصل ڪيل علائقن جي پکيڙ، جيتوڻيڪ عربن جي فتح ڪيل علائقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هئي، پر پوءِ به سندن فتحون پائيدار ثابت به ٿيون ۽ اڄ ڪلهه منگولن وٽ فقط اهي علائقا وڃي بچيا آهن، جيڪي چنگيز خان جي زماني کان اڳي وٽن هئا.
عربن جي فتحن جو معاملو گهڻو مختلف آهي، عراق کان وٺي مراڪش تائين، عرب قومن جو هڪ اهڙو سلسلو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي جيڪو نه فقط اسلام تي هڪ جهڙو ايمان رکي ٿو پر عربي زبان، تاريخ ۽ ثقافت جي هڪجهڙائيءَ جي اڌار تي به پاڻ ۾ جڙيل آهي. اسلام ۾ قرآن کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي ۽ اهو عربي زبان ۾ لکيل آهي. قرآن جي مرڪزي حيثيت عربي زبان کي ٽٽڻ ۽ اڻ چٽين مقامي ٻولين ۾ بدلجڻ کان بچائي ڇڏيو آهي، نه ته ٿي سگهي ٿو ته اها زبان هن مهل تائين ڌار ڌار مقامي ٻولين ۾ ورهائجي وڃي ها. بيشڪ، عرب رياستن ۾ ڪافي اختلاف آهن ۽ اهي پاڻ ۾ ورهايل به آهن، پر اهڙي جزوي نفاق جي ڪري اسان کي نٿو جڳائي ته حضرت محمد صه جي پيدا ڪيل اتحاد جي دائمي عنصرن کان اکيون پوري ڇڏيون، جيڪي اڃا تائين قائم آهن. مثال طور: ايران ۽ انڊونيشيا، توڙي جو ٻئي مسلمان ۽ تيل پيدا ڪندڙ ملڪ آهن پر اهي 74-1973ع جي سياري واري تيل جي بندش ۾ شريڪ نه ٿيا. اها ڪا اتفاقي ڳالهه نه هئي ته سڀيئي عرب رياستون ۽ فقط عرب رياستون ئي اُن معاملي ۾ هڪ ٻئي جون ساٿياري بڻيون هيون.
اهڙي ريت اسان ڏسون ٿا ته ستين صديءَ واريون عرب فتحون اڄ ڏينهن تائين انساني تاريخ ۾ پنهنجو مکيه ڪردار ادا ڪنديون اچن ٿيون. مون کي سڄي انساني تاريخ ۾ ٻي ڪا به اهڙي هستي نظر نٿي اچي جنهن مذهبي توڙي غيرمذهبي ميدانن ۾ محمد صه جيترو دائمي اثر ڇڏيو هجي. اهوئي سبب آهي جو مون کيس انساني تاريخ تي وڌ ۾ وڌ اثر ڇڏيندڙن جي فهرست ۾ اول نمبر تي رکيو آهي.“
مائيڪل ايڇ هارٽ جي هن مضمون جي آخري پيراگراف ۾ هي لفظ بيحد توجهه لائق آهن ته: ”مونکي سڄي انساني تاريخ ۾ ٻي ڪا به اهڙي هستي نظر نٿي اچي جنهن مذهبي توڙي دنيائي ميدانن ۾ محمدﷺ جيترو دائمي اثر ڇڏيو هجي.“ هيءَ ڳالهه هُن انگريزيءَ جي هن جملي ۾ ادا ڪئي آهي:
He was the only man in history who was supremely successful on both the religious and secular levels.
(The 100, Page 33)
اسان وٽ عام طور تي رليجس ۽ سيڪيولر لفظ هڪ ٻئي جو ضد ڪري بيان ڪيا ويندا آهن پر هي ٻوليءَ جو اصل ڄاڻو، حضرت محمدﷺ کي ٻنهي ميدانن جو ڪامياب شهسوار ٿو ڳڻي. جڏهن هو سيڪيولر ميدان ۾ پاڻ سڳورن جي ڪاميابيءَ جو ذڪر ٿو ڪري ته ان مان مراد دنيائي ميدان ۾ ڪاميابي آهي. ان وقت موجود ”ترڪ دنيا“ جي تعليم ڏيندڙ مذهبن جي مقابلي ۾ دنيا کي انسانذات جي ڀلائي ۽ فلاح جو مرڪز بنائيندڙ هن هستيءَ پنهنجي پوئلڳن کي ڏهه لک چورس ميل جي هڪ وڏي اهڙي سلطنت جو بنياد وجهي ڏنو جنهن جا هلائيندڙ حضرت ابوبڪر صديقؐ ۽ حضرت عمرؐ جهڙا درويش صفت انسان هئا جيڪي هڪ ملازم جيتري وظيفي تي پنهنجي زندگي بسر ڪندا هئا. پيغمبر اسلام انسانيت کي فلاح جو فڪر ڏنو، ان جو بنياد وحدانيت پرستيءَ تي رکيو. توحيد جو فڪر هُن جو نظرياتي بنياد هو جنهن ۾ سڀني انساني غلامين جي نفي هئي. فرد جي فرد هيٺ غلاميءَ جي نفي به هئي ته طبقي جي طبقي هيٺ غلامي ۽ قومن جي مٿان قومن جي غلاميءَ جي نفي به هئي. پر حضرت محمدﷺ جي توحيد واري فڪر ۾ ته غلاميءَ جي لڪل قسمن جو انڪار به هو. انسان خواهشن جو غلام بڻجي زندگي گذاري ٿو ته ان جو انڪار به هو ۽ مذهبي پروهتن ۽ پيشه ورن ۽ مرشدن جي غلامي ۽ طاغوت (آمريت ۽ سامراجيت جي مختلف نمونن) جي غلاميءَ جو انڪار به هو، انهن سڀني غلامين جي انڪار کان پوءِ حضرت محمدﷺ وحدانيت جي اقرار تي ٻڌل ايمان ماڻهن جي دلين ۾ لاٿو. هُن جڏهن ڏٺو ته انسانن لاءِ عملي طرح اهو انڪار ممڪن ناهي. حڪمران طبقو، سردار ۽ مذهبي پروهت انسانن جي لاءِ پنهنجي مرضيءَ جو دين ۽ رستو اختيار ڪرڻ ۾ رڪاوٽ آهن. بادشاهه جو دين رعيت کي لازمي طرح مڃڻو آهي ۽ سڄي دنيا وانگر ان وقت جي مڪي ۾ سماج ۾ به ممڪن نه هو ته مڪي جا سردار ۽ مذهبي پروهت ماڻهن کي پنهنجي مرضيءَ جو فڪر ۽ دين قبول ڪرڻ ڏين، ته پوءِ هُن مديني ڏانهن هجرت ڪري اتي ڪنهن به مذهبي رياست بجاءِ قومي ۽ سماجوادي بنيادن تي ”دولت عربيہ“ جي نالي سان نئين رياست جو بنياد رکيو. ”دولت عربيہ“ جي قومي سماجوادي حڪومت جي لاءِ هن جيڪو ميثاق مدينه تيار ڪيو، اهو ميثاق ايندڙ دور جي انساني مسئلن جي حل جو هڪ شاندار چارٽر هو. ان چارٽر تحت پيغمبر اسلامﷺ هميشه لاءِ رياست جا قومي ۽ سماجوادي بنياد سگهارا ڪري ڇڏيا. اهڙي طرح لَاۤ اِكْرَاہَ فِی الدِّیۡنِ يعني دين جي معاملن ۾ زبردستي ناهي ۽ لَكُمْ دِیۡنُكُمْ وَلِیَ دِیۡنِ يعني اوهان لاءِ اوهان جو دين ۽ منهنجي لاءِ منهنجو دين جو تصور پڌرو ڪري پنهنجي پوئلڳن کي ڪاميابين جو ڪشادو رستو ٺاهي ڏنو.
حضرت محمدﷺ جي مديني ۾ جوڙيل ”دولت عربيہ“ عربن جي قومي سگهه کي سگهارو ڪري ان لائق بڻايو ته اهي هاڻي اسلام جي فڪر کي بين الاقوامي فڪر بڻائين ۽ پوءِ مائيڪل ايڇ هارٽ چواڻي ”ستين صديءَ واريون عرب فتحون اڄ ڏينهن تائين انساني تاريخ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪنديون اچن ٿيون.“ اها حضرت محمدﷺ جي سيڪيولر ليول تي ڪاميابي آهي ته هُن دنيا کي پيغام ڏنو ته ”ترڪ دنيا“ مذهب ۽ دين جو روح نه آهي بلڪه دنيا جون حسناڪيون به انسانن جي طبعي ضرورت آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ ملندڙ آخرت جون حسناڪيون به انسانيت جو ازلي ورثو آهن.
حضرت محمدﷺ کان اڳ موجود دينن بت پرستي، ترڪ دنيا ۽ انساني شرف جي زوال سان وڏا مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا هئا. ٻڌ ڌرم ترڪ دنيا جي مسئلي ۾ سڀ کان اڳرو هو. گوتم ٻڌ بادشاهت ڇڏي جهنگ ۾ چله ڪشين جي ذريعي نرواڻ حاصل ڪرڻ کي ٻڌمت جو اصل متو بڻائي ڇڏيو هو. هندو مذهب جي ديوتائن جو تعداد 33 ڪروڙن تائين پهتل هو ۽ ماڻهو انهن مان گهڻي کان گهڻي ديوتائن کي راضي ڪرڻ لاءِ پابند بڻيل هئا. ان دور ۾ هر پسنديده ۽ ڪشش رکندڙ شيءِ ۽ ضرورت پوري ڪندڙ شيءِ ديوتا بڻيل هئي. عيسائيت راهبانه زندگيءَ جون نت نيون شڪليون پئي ماڻهن ۾ مروج ڪيون.
تمدني طرح هر طرف انڌوڪار ڇانيل هو ۽ انساني غلامين جون بدترين شڪليون رواج ۾ اچي چڪيون هيون. دنيا جي ٻن وڏين شهنشاهتن قيصر ۽ ڪسريٰ ماڻهن کي ظلم ۽ جبر جي اهڙن ڪڙن ۾ سوگهو ڪري ڇڏيو هو جو انهيءَ مان آجي ٿيڻ جي ڪا صورت ڪونه هئي. ايران جي آتش پرستن عام ماڻهن تي پابند وجهي ڇڏي هئي ته اُهي امير طبقن جي جائيداد کي ڪنهن به صورت ۾ خريد نٿا ڪري سگهن. ساساني حڪمرانن هيءُ اصول طئي ڪري ڇڏيو هو ته ڪو به ماڻهو پنهنجي ان رتبي کان وڌڻ جي ڪوشش نه ڪري جيڪو پيدائشي طرح ان کي حاصل آهي. اهڙي طرح ڪو به ماڻهو ان پيشي کانسواءِ ڪو ٻيو پيشو اختيار نٿو ڪري سگهي جيڪو ڄمندي خدا ان لاءِ پيدا ڪري ڇڏيو.
(بحواله ايران: بعهد سامانيان)
رابرٽ بريفالٽ پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب (The Making of Humanity) ۾ ان دور جي يورپ جو نقشو هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي ته: ”پنجين صدي عيسويءَ کان ڏهين صدي عيسويءَ تائين يورپ تي ٻاٽ اونداهي ڇانيل هئي ۽ اها اونداهي آهستي آهستي وڌي ويتر ڊيڄاريندڙ بڻجندي پئي وئي. ان دور جي وحشت قديم زماني جي وحشت کان به وڌيڪ هئي، ڇاڪاڻ ته ان دور جو تمدن هڪ سڙيل لاش وانگر ڌپ ڪري چڪو هو ۽ ان تمدن جا نشان مٽجي رهيا هئا. ايستائين جو اتان جو ڪنهن زماني ۾ پنهنجي ترقيءَ تي پهتل اٽلي ۽ فرانس وارو تمدن به طوائف الملوڪي ۽ ويرانيءَ جو شڪار هو.“
(صفحو: 164)
حضرت محمدﷺ عملي طرح مديني ۾ ”دولت عربيہ“ جي قيام سان ”دنيائيت“ کي پنهنجايو. نه صرف پنهنجايو پر ان جي ذريعي سڄي دنيا ۾ شرڪ ۽ غلاميءَ جي پنجوڙن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي خلاصگي ڏيارڻ جو عربن کي ٽاسڪ ڏنو. سندس ساٿ جي ٻن ماڻهن حضرت ابوبڪر صديقؐ ۽ حضرت عمر فاروقؐ ان ٽاسڪ کي وڏي حد تائين پورو ڪري ڏيکاريو ۽ ان کانپوءِ ان جي پيدا ڪيل جماعت ان فڪر کي بين الاقوامي بنائڻ ۾ وڏيون ڪوششون ورتيون.
حضرت محمدﷺ انسانيت کي جنهن وڏي ڪتاب کان روشناس ڪرايو، ان ۾ چيو ويو ته سج چنڊ تارا پوڄا جي شيءِ ڪونهن پر غور، فڪر ۽ تحقيق جي شيءِ آهن. اهي خدا جي جوڙيل شاهڪار ڪائنات ۾ خدا جي مقرر ڪيل ضابطن ۽ پدن تي هلن ٿا. هيءَ سڄي ڪائنات توازن، ڇڪ ۽ ڪشش جي اصولن تي آهي، انهيءَ ڪري ڪائنات ۾ انهيءَ توازن، ڇڪ ۽ ڪشش کي تلاشيو ۽ انهن اصولن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ آسانين پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪريو. نتيجي ۾ مسلمانن ڪائنات ۾ سيارن جو مطالعو ڪرڻ لاءِ وڏيون رسد گاهون ٺاهيون. زميني معدنيات جي لاءِ ڪيمسٽريءَ جو فن دريافت ڪري مادي کي تحقيق ۽ تجزيي جو موضوع بڻايو. زمين جي ماپ ڪري جاگرافيءَ جا تفصيل پڌرا ڪيا. سمنڊ کي انسان رڳو پوڄا جي شيءِ سمجهندو هو، مسلمانن ان ۾ پنهنجا وڏا بحري ٻيڙا لاهي انهن کي آبي گذرگاهه جي طور استعمال ڪيو. طوفان ۽ هوا انسانن لاءِ پراسرار شيون بڻيل هيون، مسلمانن ان کي هوا چڪي (Wind Mill) ۾ بدلائي ان مان توانائي حاصل ڪرڻ جو بنياد وڌو. وڻن سان پراسرار ڳالهيون جوڙي انهن کي عجيب و غريب سمجهيو ويندو هو، مسلمانن انهن تي تحقيق ڪري نباتات ۾ ٻه هزار ٻوٽن جو اضافو ڪيو. اهڙي طرح انساني تاريخ ۾ فطري مظهرن کي کولي انسانن لاءِ نفعي بخش بنائڻ واسطي آزاد تحقيق جو هڪ نئون دور شروع ٿيو جيڪو ڪجهه سئو سالن جي لڳاتار تحقيق کانپوءِ آخرڪار سائنس ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ تائين پهتو.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته قديم زماني ۾ به ڪجهه ملڪن ۾ تخليقي ذهن پيدا ٿيا، جن پنهنجي ماحول کان الڳ ٿي ڪري سوچيو، پر ماحول انهن جو ساٿ نه ٿي ڏنو ۽ ان مخالفت جي ڪري سندن ڪوششون انسانن لاءِ ڦلدائڪ نه پئي بنيون. ان جي مقابلي ۾ مسلمانن کي پنهنجي ڪتاب ۽ پيغمبر جي تعليم ۽ مسلمان حڪمرانن جي پاران انهن تحقيقن لاءِ برابر موقعا پئي مليا ۽ اسپين انهن موقعن جو ڳڙهه بڻيل هو.
ڇهين صدي عيسويءَ کان ڏهين صدي عيسويءَ جي زماني کي يورپ جي تاريخ ۾ تاريڪ دور (Dark Ages) ليکيو وڃي ٿو. هي اهو زمانو آهي جڏهن يورپ تهذيب ۽ تمدن کان ڪوهين ڏور هو. اهو يورپ لاءِ ذهني تاريڪي ۽ وحشت جو دور هو، جنهن لاءِ برٽرينڊ رسل واضح لفظن ۾ چيو هو:
“A period of intellectual darkness and barbarity”
بلڪل انهيءَ وقت جڏهن يورپ تي تاريڪ دور جو انڌيرو ڇانيل هو، اسلام جي اثر هيٺ آيل ملڪن ۾ تهذيبي روشني پوري طرح موجود هئي. برٽرينڊ رسل چواڻي: ”ٺيڪ انهيءَ زماني ۾ هندستان کان اسپين تائين اسلام جي عاليشان تهذيب وجود ۾ اچي چڪي هئي.“
“From India to spain, the brilliant civilization of Islam flourished. ”
مسلمان جيڪي سسلي ۽ اسپين ۾ داخل ٿي يورپ جي اندر تائين پهچي چڪا هئا، انهن يورپ جي ماڻهن کي متاثر ڪيو. مغربي يورپ جا شاگرد اسپين جي اسلامي يونيورسٽين ۾ تعليم واسطي اچڻ لڳا هئا ۽ انهن مسلمانن جي عربي ڪتابن جو ترجمو لاطيني زبان ۾ ڪرڻ شروع ڪيو. گستاؤلي بان، رابرٽ بريفالٽ، جي ايم رابرٽس ۽ منٽگمري واٽس جهڙا جڳ مشهور ليکڪ اهو کليل اعتراف ڪن ٿا ته عربن جي تحقيقات ذريعي ئي يورپ ۾ جديد سائنس جو دور شروع ٿيو.
شرڪ، وهم پرستي ۽ جبر کي ختم ڪرڻ لاءِ حضرت محمدﷺ کي پنهنجي دور سان وڏيون ويڙهيون وڙهڻيون پيون. شرڪ ۽ وهم پرستي بادشاهي نظام کي طاقتور بڻائيندڙ هئا. انساني غلامين جي سڀني قسمن کي سگهارو ڪندڙ هئا، انهيءَ ڪري بادشاهه ان جا محافظ بڻيل هئا. انساني تاريخ ۾ جيڪي به پيغمبر شرڪ ۽ وهم پرستيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ آيا ته بادشاهن ۽ انهن سماجن جي دولتمند ماڻهن پيغمبرن جي سخت مخالفت ڪري کين ايذاءَ ۽ تڪليفون ڏنيون. بادشاهن پنهنجي مفادن کي تحفظ ڏيندڙ دين ماڻهن جي مٿان مسلط ڪري ڇڏيو هو ۽ جيڪو بادشاهه جو دين هو اهو ئي رعيت جو دين هو. رعيت جو ان کان ٻاهر وڃڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿيندو هو. خاص طور تي روم ۽ ايران جون ٻه وڏيون شهنشاهيتون انسانيت جي مٿان جبر جون وڏيون ڇپون بڻيل هيون جيڪي ماڻهن کي آزاد راءِ جو حق ڏيڻ بجاءِ رعيت کي بادشاهه جي مذهب تي هلائڻ لاءِ هر قسم جو جبر ڪندڙ هيون. اهڙي طرح انهن هارين کي جانورن وانگر وهائي مٿن ظلم جون حدون اورانگهي ڇڏيون هيون. باقي دنيا جا سردار ۽ حڪمران به انهن جي اثر هيٺ جبر ۽ ڏاڍ جي نظام کي سگهارو بڻائي بيٺا هئا. جڳ مشهور ليکڪ هينري پرين پنهنجي تحريرن ۾ صاف لکيو آهي ته: ”قديم رومي سلطنت جيڪا قلزم سمنڊ جي ٻنهي طرفن تي ڇانيل هئي، اها انسانن جي آزاد راءِ کي ختم ڪري، انساني ترقيءَ جو دروازو بند ڪيو ويٺي هئي. انهيءَ مطلق نوعيت جي شهنشاهيت کي نابود ڪرڻ کانسواءِ انساني ذهن کي آزادي نه ٿي ملي سگهي ۽ انساني ذهن کي جيستائين آزاد ماحول ۾ عمل ڪرڻ جو موقعو نه ملندو، تيستائين انساني ترقين جو آغاز به نه پئي ٿي سگهيو.“
حضرت محمدﷺ کي ان سرداري ۽ بادشاهي جبر کي ختم ڪرڻ لاءِ ننڍيون وڏيون اسي ويڙهيون وڙهڻيون پيون ۽ پاڻ سڳورن روم جي شهنشاهه کي خط لکيو ته ”تو انسانن کي غلام بڻائي هارين تي ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي جنهن جو وبال تنهنجي مٿان آهي.“ حضرت محمدﷺ پنهنجي ساٿي صحابين کي انهن ٻنهي سلطنتن کي ختم ڪرڻ جو ٽاسڪ به ڏنو. ان کان پوءِ ئي هُن کي، هن ڌرتيءَ جي مٿان اهڙو نظام قائم ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي جنهن ۾ لَاۤ اِكْرَاہَ فِی الدِّیۡنِ يعني ”دين ۾ ڪا به زبردستي نه آهي“ ۽ لَكُمْ دِیۡنُكُمْ وَلِیَ دِیۡنِ يعني ”توهان لاءِ توهان جو دين ۽ منهنجي لاءِ منهنجو دين“ وارو اصول انسانيت کي ايندڙ دور جي تهذيبي ترقين لاءِ هڪ وڏي آدرش جي صورت ۾ مليو.
حضرت محمدﷺ انساني آزادين جو اهو هڪ نئون عالمي فڪر ۽ نظام انسانيت کي ڏنو ۽ اُن لاءِ کيس توڻي جو اسي ويڙهيون به وڙهڻيون پيون پر اهو سڀ ڪجهه هُن مضبوط ۽ سگهارن فڪري بنيادن تي اهڙي طرح ڪري ڏيکاريو جو ان انقلاب ۽ ويڙهه ۾ گهٽ کان گهٽ انساني جانين جو نقصان ٿئي. انهيءَ ڪري اسان ڏسون ٿا ته ان سڄي تبديليءَ ۾ حضرت محمدﷺ کي صرف پنهنجي 350 ساٿين جي جان جي قرباني ڏيڻي پئي. هوڏانهن رد انقلاب جي ڪافر قوتن جو جاني نقصان به 1050 موتن کان وڌيڪ نه آهي ۽ ڪل ملائي چوڏهن سؤ انساني جانيون تلف ٿيون. ٻئي پاسي چنگيز خان کي پنهنجي سلطنت وڌائڻ لاءِ لکين انسانن کي موت جي ننڊ سمهارڻو پيو هو ۽ يورپ اندر قومي برتريءَ ۽ غلبي جي ٻن عالمگير جنگين ڪروڙين انسانن جي تباهي ۽ موت انسانيت کي ورثي ۾ ڏنا هئا. اُن جي مقابلي ۾ حضرت محمدﷺ جي پاران انساني تاريخ ۾ هيڏي وڏي تبديليءَ تنهن ۾ چوڏهن سؤ جانين جو نقصان حيرتناڪ حد تائين گهٽ نقصان آهي. اهو صرف حضرت محمدﷺ جي جنگي حڪمت عملين جو نتيجو هو ۽ هو هر مرحلي تي صلح جو صورتون ڪڍي انساني جانين کي بچائڻ ۽ جنگي نقصان کي ٽارڻ جو مقصد هميشه سامهون رکندو هو.
پيغمبر اسلامﷺ انسانيت جي لاءِ آخري ۽ عالمي پيغمبر جي حيثيت ۾ گهڻ رُخيون تبديليون آنديون پر انهن ۾ ٻه ڳالهيون ڪمال جون آهن. هڪ نئين انسان کي جنم ڏيڻ ۽ ٻيو نئين سماج ۽ نئين دور جو آغاز ڪرڻ.
نئين انسان کي جنم ڏيڻ لاءِ هُن احترام آدميت جي هڪ بيحد سگهاري ٿيوري پيش ڪئي. ان ٿيوريءَ جي بنياد طور هيءَ ڳالهه پيش ڪئي ته الله تعاليٰ انسان کي خلقي ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيو آهي، انهيءَ ڪري آدم بيحد محترم آهي ۽ انهيءَ احترام جي صداقت ۾ الله تعاليٰ ملائڪن، جنن ۽ ٻي مخلوقات کان آدم کي سجدو ڪرايو آهي. احترام، تعظيم ۽ حقن جي ادائيگيءَ جو جنهن به اهو سجدو ڪيو آهي ته اهو ملائڪن جي رتبي ۾ فرمانبردار ليکيو ويو آهي ۽ جنهن انهيءَ سجدي جو انڪار ڪيو آهي سو شيطانن جي صف ۾ بيهاريو ويو آهي. پيغمبر اسلامﷺ پنهنجي سڄي تعليم جو بنياد هن ڳالهه تي رکيو ته الله تعاليٰ جيڪو غائب ۾ آدم کي سجدو ڪرائي ان جي احترام، تعظيم ۽ حقن جي ادائيگي کي پنهنجي فرمانبرداري، مڃتا ۽ ايمان جو بنياد قرار ڏنو، ڌرتيءَ جي مٿان حاضر ۾ انسان کي انهيءَ سجدي کي ثابت (Prove) ڪرڻوآهي. جيڪو ماڻهو ڌرتيءَ تي ان احترام، تعظيم ۽ حقن جي ادائيگي جي سجدي کي ثابت ڪري ويو ته اهو ڪامياب ۽ سعادتمنديءَ وارو آهي. پيغمبر اسلام آدم کي احترام، تعظيم ۽ حقن جي ادائگي جي ان سجدي جون سوين صورتون کولي کولي ٻڌايون ته انسانن سان ڀلائي ۽ خير ڇا آهي؟ تعظيم ۽ احترام جا ڪهڙا مراتب آهن؟ ليکو لهڻو ۽ حق ادايون ڇا آهن؟ فرائض ۽ ذميواريون ڇا آهن؟ ۽ مختلف حيثيتن ۾ ان جا پئمانا ڪهڙا آهن؟
ماڻهپو ڇا آهي ۽ ان ماڻهپي يا انسان پڻي جي ماڻڻ جون ڪهڙيون صورتون آهن؟ ماڻهو تخليقي طرح هڪ بشر جي حيثيت ۾ پيد اٿئي ٿو ته ان بشر کان انسان/ماڻهوءَ جي طرف اهو سفر ۽ ارتقا ڪهڙي طرح ٿئي ٿو؟ هڪ متوازن (Balanced) انسان ڪيئن بڻجي ٿو؟ هو تزڪيي، علم ۽ حڪمت جو صاحب ڪيئن بڻجي ٿو؟ حضرت محمدﷺ پاڻ تي نازل ٿيل ڪتاب جي ذريعي تفصيلي آيتون پنهنجي عملي زندگيءَ جي روشنيءَ ۾ مڪمل تشريحن سان انسانن جي آڏو رکيون.
زندگيءَ جي اهڙين پريڪٽيڪل ديني تشريحن ۽ انهن جي عملي صورتن انساني دنيا کي هڪ نئون موڙ ڏنو جنهن سان انساني شرف، مرتبي، همت ۽ تعمير جا نوان دروازا کلندا ويا. ماڻهن پاڻ کي انهيءَ مرتبي تي ڄاتو ۽ منجهن اها همت پيدا ٿي جو هڪ عام ماڻهو ڏهه لک چورس ميل جي حاڪم حضرت عمرؒ جهڙي عظيم حڪمران کي سامهون چئي پئي سگهيو ته ”جيستائين تون پنهنجي جسم تي پهريل وڏي جبي جي ملڪيت جو جواز نه ٻڌائيندين تيستائين نه تنهنجي ڳالهه ٻڌنداسون ۽ نه تنهنجي اطاعت ڪنداسون.“ پوءِ حضرت عمرؒ جڏهن ٻڌايو ته اهو وڏو جبو منهنجي ۽ منهنجي پٽ جي گڏيل ڪپڙي مان ٺهيو آهي، تڏهن اُن کي پنهنجو خطبو مڪمل ڪرڻ جو موقعو ملي سگهيو. اهو ساڳيو حضرت عمرؒ هو جنهن هڪ شڪايت تي مصر جي گورنر عمرو بن العاص کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته ”اي عمرو! تو ڪڏهن کان ماڻهن کي غلام بنائڻ شروع ڪيو آهي، جڏهن ته انهن جي مائرن انهن کي آزاد پيدا ڪيو هو.“
اها اهائي ڳالهه هئي جيڪا حضرت عمر بن خطاب کان هڪ هزار سال پوءِ فرانس جي مفڪر روسو هنن لفظن ۾ ورجائي هئي ته: ”انسان آزاد پيدا ٿيو آهي ۽ پوءِ هُن کي زنجيرن ۾ جڪڙي غلام بڻايو ويو آهي.“
حضرت محمدﷺ هڪ آدم جي اولاد جو تصور سگهارو ڪري انساني مساوات جا تصور بيحد سگهارا ڪيا. ان مقصد جي لاءِ توهمات جي ذريعي هن شخصي برترين جا جڙيل بت ڀوري ناس ڪري ڇڏيا. سماج ۾ بري طرح ڦهليل شرڪ جيئن ٻين انساني ترقين ۾ رڪاوٽ بڻيل هو، تيئن شرڪ جي غلبي انسانن جي اندر به نابرابري قائم ڪري ڇڏي هئي. ان جي مقابلي ۾ وحدانيت پرستيءَ جي تصور کي سگهارو ڪري ماڻهن اندر انساني برابريءَ جو نظام قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. قديم زماني ۾ شرڪ جي ذريعي جيڪا وهم پرستي پيدا ٿي، ان جي نتيجي ۾ جيئن سج چنڊ تارن، پاڻي، وڻن ۽ پٿرن جي باري ۾ غيرواقعي نظريا قائم ٿيا، اهڙي طرح انسانن جي باري ۾ به برتر هئڻ جا سڄي دنيا منجهه غيرواقعي نظريا قائم ٿيا. بعد ۾ صدين پڄاڻا اهي پختا ٿي قومن جي روايتن ۾ شامل ٿي ويا. انهيءَ جي اثر هيٺ ڪٿي ذات پات جو عقيدو بڻايو ويو. ڪن لاءِ چيو ويو ته اهي خدا جي مٿي مان پيدا ٿيا آهن ۽ ڪي وري خدا جي پيرن مان پيدا ٿيل آهن. اهڙي طرح مٿين ذات ۽ هيٺين ذات جي تقسيم رواج ۾ آئي. پيدائشي نسلي برتريءَ جو عقيدو ماڻهن جي مٿي ۾ ويهاريو ويو ۽ سردارن ۽ بادشاهن جي باري ۾ هيءُ عقيدو بڻايو ويو ته اهي ديوتائي نسل مان آهن ۽ عام ماڻهو انهن جي خدمت لاءِ پيدا ڪيل آهن. صدين جي عمل سان اهي وهم پرستيون اهڙيون پختيون بڻجي ويون جو هزارين پيغمبرن جي اچڻ باوجود به ماڻهو سردارن ۽ بادشاهن جي اثر ۽ اقتدار مان نڪري نه سگهيا. حضرت محمدﷺ انسانيت لاءِ آخري پيغمبر جي حيثيت ۾ پيغام ڏنو ته هُن جهالت جي دور جون سڀ وهم پرستيون پنهنجي پيرن هيٺان چيڀاٽي ڇڏيون آهن. هاڻي نه ڪنهن عربيءَ کي عجميءَ تي فضيلت آهي، نه عجميءَ کي عربيءَ تي برتري حاصل آهي. نه ڪنهن ڪاري کي ڳاڙهي تي فضيلت آهي ۽ نه ڪنهن ڳاڙهي کي ڪاري مٿان فضيلت آهي. ٻڌي ڇڏيو توهان سڀ آدمؑ جو اولاد آهيو ۽ آدمؑ کي مٽيءَ مان خلقيو ويو هو. حجة الوداع ۾ حضرت محمدﷺ جو اهو رڳو خطبو نه هو بلڪه پيغمبر اسلام جو انسانيت ڏانهن حتمي پيغام هو ته نسلي برترين جي دور جو خاتمو اچي چڪو آهي.
پيغمبر اسلام پنهنجي پوئلڳن ۾ عملي طرح ڀائپي (مواخاة) جو بنياد وڌو ۽ مڪي ۽ مدني زندگيءَ ۾ ٻه ڀيرا عملي طرح اها ڀائپي نافذ ڪئي. هوند وارن ماڻهن کي حڪم ڪيو ته اهي کُٽل ٽٽل ماڻهن کي پنهنجي وسيلن جو اڌو اڌ ورهائي ڏين. پيغمبر جي مڃيندڙن ان دور ۾ ائين ڪري ڏيکاريو ۽ ايندڙ دور جي انسانن لاءِ بهتر مثال ڇڏيو.
قرآن مجيد ۾ حضرت محمدﷺ کي ٻڌايو ويو هو ته دولت جو چند هٿن ۾ ڪٺو ٿيڻ ۽ محنت جي استحصال سان سماجي اڻبرابري سماجي خرابين جو ڪارڻ بڻجي ٿي. سردار، امير ۽ دولتمند طبقا ڪمزور طبقن کي غلام بڻائي وسيلن تي پنهنجو قبضو دائمي ڄمائي ڇڏين ٿا ۽ جيڪي به پيغمبر وحدانيت جي تعليم ڏين ٿا ته اهي دولتمند طبقا ئي ان جي مخالفت ڪن ٿا. انهيءَ ڪري حضرت محمدﷺ جيئن توحيد جي فڪر ذريعي نظري طور تي انهيءَ طبقاتي تقسيم جو خاتمو آڻي ڇڏيو تيئن عملي طور تي مواخات جي نفاذ ۽ زمين جي ذاتي ملڪيت کي ختم ڪري، زمين جي کيڙيندڙ کي ان جو مالڪ بڻائي، محنت کي سرمائي جو بنياد بڻائي ڇڏيو. هُن پئسي تي پئسو ڪمائڻ جي سڀني شڪلين کي حرام بڻايو ۽ اهڙي عمل کي خدا ۽ رسول سان جنگ جي برابر قرار ڏنو ۽ قرآن جي ٻڌايل هن اصول کي عام ڪيو ته سرمايو دولتمندن جي وچ ۾ گردش نه ڪري. هُن مال ۽ دولت جي ارتڪاز جون سڀ ئي شڪليون حرام ۽ ناجائز قرار ڏنيون. هُن تجارت جي حلال طريقن ۽ اصولن کي روشناس ڪرايو ۽ حلال طريقن سان ڪمايل مال کي پنهنجي اولاد، مٽن مائٽن، غريبن، ۽ محروم انسانن تي صرف ڪرڻ لاءِ زڪوات ۽ انفاق جو هڪ نظام جوڙي ڏنو. هن نماز، روزي، حج ۽ زڪوات جو هڪ شاندار مشقي نظام پنهنجي پوئلڳن ۾ رائج ڪيو، جنهن سان اهي هر وقت پاڻ ۾ اتحاد، تعاون، تربيت ۽ پرچارڪ مقصدن سان رابطي ۽ سهڪار ۾ رهن ۽ انهن جي عالمي شناخت پڌري هجي. هُن نيڪيءَ جي لاءِ هي تصور سگهارو ڪيو ته جيستائين اوهان جان ۽ مال کي امانت سمجهي ان کي الله جي راهه ۾ قربان نٿا ڪيو تيستائين نيڪوڪار نٿا بڻجي سگهو. الله جي راهه ۾ قربان ڪرڻ کي هُن انسانن جي فائدي واري مقصد سان سلهاڙيو ۽ انساني نفعي بخشيءَ جي ڪمن کي ڪنهن به صالح انسان جي شخصي ترقي ۽ ولايت جو ذريعو قرار ڏنو.
هاڻي توحيد/وحدانيت پرستيءَ جي فڪر کان پوءِ غلاميءَ جون سڀ شڪليون انسانيت لاءِ لعنت بڻجي ويون. خدا جي کليل ضابطن کانپوءِ سردارن، بادشاهن ۽ آمرن جا ضابطا نابود ٿي ويا. مواخات کان پوءِ طبقاتي سماج جي ڪا گنجائش باقي نه رهي. ميثاق مدينه کان پوءِ مذهبي رياست شجر ممنوعہ بڻجي وئي. سود حرام ٿيڻ کانپوءِ پئسي تي پئسو ڪمائڻ جي هر شڪل الله ۽ ان جي رسول سان جنگ جي مترادف ٿي پئي. هڪ آدم جي اولاد واري تصور کانپوءِ ذات پات ۽ اونچ نيچ جو خاتمو ٿيو ۽ آدم کي سجدي واري فڪر کانپوءِ ماڻهوءَ جو احترام مذهب جو روح بڻجي پيو. ماڻهوءَ جي تزڪيي ۽ مرتبي جو بنياد ايمان ۽ سندس عملي زندگي بڻايا ويا ۽ ترڪ دنيا جي مقابلي ۾ دنيا جي حسناڪين کي اپنائي، ان کي انسانذات لاءِ جنت ارضي بنائڻ جو تصور سگهارو ٿيو. پنهنجي ماضيءَ جي سڄي تاريخ ۾ انسانذات پنهنجي سلامتي، امن ۽ فلاح جي لاءِ جن آدرشن جي تلاش ۾ رهي، اهي آدرش ۽ اصول حضرت محمدﷺ جي ذريعي کليل ۽ واضح صورتن ۾ انسانيت کي مليا آهن. جيڪي ماڻهو اهي اصول ۽ آدرشن ڏسڻ ۽ ماڻڻ کان محروم آهن، اهي پنهنجي ٻين هنڌن تان نقل ڪيل تعصب جو رويو ترڪ ڪن ته مائيڪل ايڇ هارٽ ۽ اهڙن دنيا جي سوين ڏاهن وانگر حقيقت کي ڏسي ۽ پسي سگهندا.
هي ڪتاب حضرت محمدﷺ جي آندل ان مڪي واري انقلاب جي طبقاتي پهلوءَ تي روشني وجهي ٿو. حقيقت ۾ اهو انقلاب موجوده جديد دور کي تخليق ڪندڙ هو، جنهن جو سرسري تذڪرو مون هن مهاڳ ۾ مائيڪل ايڇ هارٽ جي لکيل مضمون جي روشنيءَ ۾ ڪيو آهي، پر ان انقلاب جي تفصيلي پهلوئن کي سيرت جي جامع ڪتابن جي روشنيءَ ۾ پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت آهي. ان انقلاب جي طبقاتي پهلوءَ تي ڊاڪٽر الطاف جاويد جي اردو ڪتاب ”انقلابِ مکہ“ کي اسان سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي پاران 2015ع ۾ ”انقلاب مڪه: مڪي جي انقلاب جو طبقاتي مطالعو“ جي عنوان سان ئي ڇاپيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڏنل مواد ٽن مختلف جاين تان سهيڙي شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن مختصر طرح اسان ان مان استفادو حاصل ڪري سگهون. مون کي اميد آهي ته هن ڪتاب جا پڙهندڙ پيغمبر اسلام جي برپا ڪيل انقلاب جي طبقاتي حقيقتن کي هن ڪتاب مان ڪي قدر سمجهي وٺندا ۽ ان سان منجهن هي امنگ ضرور پيدا ٿيندي ته هو ان انقلاب جي ٻين پهلوئن کي به تفصيل سان اڃا وڌيڪ پڙهن، حضرت محمدﷺ جو امتي ۽ پوئلڳ هئڻ تي فخر ڪن ۽ ان جي آندل انقلاب جا پرچارڪ بڻجن.
نور احمد ميمڻ
چيئرمين سنڌيڪا اڪيڊمي
0313-2707097