مذهبي اهميت:
يتيم محمد ﷺ ۾ هاڻي ايتري سمجھ اچي وئي هئي ته هو مختلف قومن ۽ هڪ قوم جي مختلف طبقن يعني غلام ۽ آقا جي صحيح حالت جو اندازو ڪري ۽ انهن مان سبق وٺي سگهي. هاڻي ان ڳالهه جي ضرورت نه هئي ته ڪو بحيرا راهب يا ڪو نصراني يا ڪو زرتشي رسول الله ﷺ کي اهو ٻڌائي ته غريبن، يتيمن، بيواهن ۽ غلامن جي هڪ اهڙي ٽولي آهي، جنهن جي ساهه ۽ عزت جو دنيا ۾ ڪو مُلهه نه آهي. سندن عمريون ٻين جي لاءِ وقف آهن ۽ انهن جي مصيبتن جو ڇوٽڪارو رڳو سندن موت آهي. مطلب ته حالتن جو مطالعو ڪرڻ جي لاءِ پاڻ سڳورن ﷺ جي اندر طبقاتي نقطه نظر پڪو پختو ٿي چڪو هو. افسوس آهي جو مسلمان عالمن، سنت نبويءَ جي پيرويءَ ۾ طبقاتي نقطه نظر اپنائڻ ۽ بيڪسن، مظلومن ۽ پيڙهيل طبقن جي اهنجن جو احساس ڪرڻ جي بدران، غلاميءَ جي اداري کي هٿي ڏئي، معيشت جي جاگيرداري نظام کي به اسلامي معاشي نظام طور پنهنجائي ورتو. ڳالهه اڃا اتي ختم نٿي ٿئي؛ مشين جي ايجاد کان پوءِ صنعتي سرمائيداري نظام کي به اسلامي معاشي نظام سڏي، محنت جي استحصال کي جائز سمجھيو ويو. اهڙيءَ طرح اسلام جي نالي تي هڪ اهڙو معاشي نظام پنهنجايو ويو، جنهن ۾ غريب مزدور ۽ هاريءَ جي مقابلي ۾ جاگيردار، مالدار ۽ صنعتي سرمائيدار کي الله جي جوڙيل تقدير سمجھيو ويو. ائين اڄ تائين ”ہے وہی سرمایہ داری بندہ مؤمن کا دین“ وانگر سرمائيداري نظام کي اسلامي نقطه نظر کان جائز سمجھيو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري ئي عالمن جا خطبا، تقريرون ۽ تفسيرون امت جي زوال کي روڪي نه سگھيون؛ ايتري تائين جو ابراهم لنڪن غلاميءَ کي ختم ڪيو ۽ مارڪس جي سائنسي تحقيقن جاگيرداري ۽ صنعتي سرمائيداري تي ڳاٽي ٽوڙ ڌڪ هنيو.
شام جي سفر ۾ پاڻ ڏٺائون ته رستي ۾ ڪجھه شهر وايران پيا آهن. انهن تي خدائي عذاب نازل ٿيو هو ۽ اهي تباهه ڪيا ويا هئا. رومي، مصري، يوناني ۽ ايراني رهڻي ڪهڻي ۽ انهن جي مٽ سٽ، ٻولين ۽ مذهبي ۽ سماجي ريتن رسمن کي به چڱيءَ طرح ڏٺائون ۽ محسوس ڪيائون. پاڻ ڏٺائون ته انهن ۾ ڪي ته الله تعالى جي نعمتن سان فيضياب آهن ۽ وڏو تعداد اهڙڻ ماڻهن جو آهي جيڪو عرب جي واپارين وانگر محنت مزدوري جي زندگيءَ ۾ گھيريل آهن. چون ٿا ته انهيءَ سفر ۾ پاڻ ڪريمن ﷺ تي بحيرا راهب جي سادگي ۽ خداپرستيءَ جو گھرو اثر ٿيو. هو هڪ نسطوري توحيد پرست فرقي جو عيسائي هو ۽ انهيءَ دؤر ۾ آريوس ۽ نسطورين وغيره جي موحد ساٿين تي تثليث پرستن جيڪي ظلم روا رکيا هئا، تن بابت هيءُ راهب داستان ٻڌائيندو هو. بهرحال، اهو چوڻ صحيح نه آهي ته ڪنهن هڪ راهب يا دستور يا غلام يا رومي آفيسر کان پاڻ سڳورن ﷺ انهيءَ زماني جي معاشري جو صحيح نقشو سکيو هو. حقيقت هيءَ آهي ته پاڻ سڳورن ﷺ جي شروعاتي سادي ۽ فطري پالنا، سندن اندر اها صلاحيت پيدا ڪري ڇڏي هئي ته جڏهن کين بازنطيني ۽ ايراني تمدن سان واسطو پيو ته ان جي ظاهري ڏيک ويک کان پاڻ مرعوب نه ٿيا بلڪه انهيءَ شهري زندگيءَ جي اندروني اوڻائين کي هڪ ئي نظر ۾ سمجھي ورتائون. امير هجي يا غريب، هر ماڻهو مڪي وارن وانگر خوف، بک ۽ بدحاليءَ ۾ گرفتار نظر ايندو هو، ڇو ته هر ماڻهو دولت گڏ ڪرڻ کي ئي پنهنجي زندگي سمجھيو ويٺو هو. مال جي لالچ هر ماڻهوءَ کي اجتماعي طور تي سوچڻ ۽ عام انساني ڀلائي تي سوچڻ کان محروم ڪري ڇڏيو هو.
اهو به سوچڻ گھرجي ته چاليهن سالن جي عمر تائين پاڻ لڳاتار واپار جي ڌنڌي سان لڳا رهيا ۽ عرب جي هر ڪنهن بازار ۽ ميلي (حج جي گڏيل واپاري سرگرمين) ۾ شامل ٿيا ۽ عرب کان ٻاهر به عيسائي ۽ مجوسي ملڪن ۾ ويا ۽ رڳو بحيرا راهب کي نه، پر سوين راهبن، برهمڻن ۽ غير عرب ڀوپن ۽ واپارين کي ڏٺائون. شام جي سفر کان پوءِ اهم واقعن منجھان حرب الفجار ۾ عملي طرح حصو نه ڳنڍڻ ۽ حلف الفضول جي منڊليءَ جو قيام، حضرت خديجه سان نڪاح، شام ۽ يمن ۽ بحرين تائين جو سانگ ۽ ڪعبي جي اڏاوت ۾ حصو ڳنڍڻ رسول الله ﷺ جن جي زندگيءَ جا اهم موڙ آهن.