عرب جو ادبي ماحول:
اُن وقت جي مشهور شاعر امراء القيس، عمرو بن ڪلثوم، طرفه، نابغه، علقمه، الاعبثيل لبعيد، ڪعب بن زهير جا خوبصورتيءَ سان سينگاري لکيل شعر ڪعبي تي لٽڪيل هئا. تابط شرا ۽ شنفره جي شاعري دليري ۽ بهادري جا معيار مقرر ڪري ڇڏيا هئا. سخاوت، دليري، غيرت، ننگ ۽ حڪمت جا قدر سيکارڻ وارن شاعرن جي کوٽ نه هئي. کل ڀوڳ ۽ چرچن ۾ به کين ڪمال حاصل هو. اميه بن ابي الصلت جو ڪلام قرآن سان گهڻو ملندڙ جلندڙ هو. انهيءَ ۾ شڪ جي ڪابه گنجائش نه هئي ته مڪو نه رڳو واپار ۽ مذهب جو مرڪز هو پر شعر و شاعري، تقرير ۽ داستان گوئي جو به مرڪز ۽ معيار هو.
اهڙي ادبي ماحول ۾ پاڻ سڳورن ﷺ جن جي ذهني پرورش ٿي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ دعوت اسلام کان پهريان ئي پاڻ شاعري ۽ تقرير جا بهترين نقاد هئا ۽ کين عرب جي شاعرن جا ڪيترائي شعر ياد هئا. عرب شاعرن جي ڪلام جا ڪيترائي نمونا اڃا تائين موجود هئا، پر اهي انسان ۾ خود اعتمادي پيدا ڪرڻ جي بدران شيطانن تي ڀروسو ۽ قسمت تي شاڪر رهڻ سيکاريندا هئا. پاڻ سڀني کي ادبي حقيقت پسنديءَ (Literary Realism) جي معيار تي پرکي انهن کي بيڪار ۽ بيهوديون ڳالهيون سڏيو. سندن سڄي ڄمار انهيءَ ڳالهه جي شاهد آهي ته هر ڪلام کي، پوءِ اهو ادبي هجي يا اخلاقي، ديني هجي يا سياسي، حق هجي يا باطل، پرکڻ جو معيار پنهنجو هو. اهو هيءُ ته اهو ادب يا اخلاق جيڪو خود اعتماديءَ سان خدا شناسي سيکاري ٿو، اهو ئي حق، خدا طرفان ۽ سٺو آهي، نه ته اهو باطل، شيطاني ۽ بڇڙو آهي.
پاڻ طائف جي ميدان ۾ ملهه وڙهڻ، کانڀاڻي هلائڻ ۽ پنهنجي حفاظت ڪرڻ سکي چڪا هئا. مديني ۾ جڏهن ماءُ سان گڏ آيا ته ترڻ به سکي ورتائون. مڪي واپس ويندي ابواء واري هنڌ سندن ماءُ گذاري وئي. اهو خود اعتماديءَ جو ٻيو سبق هو. ام ايمن يتيم ۽ بي سهاري ٻار کي مڪي ۾ وٺي آئي. قضا ۽ قدرت جا ڪارندا، جيڪي سندن تعليم تي مقرر هئا، ڇهن سالن جي ٻالڪ کي دنيا جي ور وڪڙ واٽن تي هلڻ سيکاري رهيا هئا!