خدا کي مڃڻ جو مطلب ڇا آهي؟:
• پهريون پاسو: پهريون پاسو ڪائنات جي باري ۾ آهي. جيڪڏهن ڪائنات شعور ۽ سمجھه کان خالي آهي ته اِن جو اهو مطلب ٿيو ته انهيءَ جي تخليق جو ڪو مقصد نه آهي. تنهن ڪري انسان، جيڪو ڪائنات جو شعور ۽ ارادي وارو حصو آهي، تنهن تي ڪنهن به قسم جي ذميواري نٿي لاڳو ٿئي. دوستو وسڪي چيو آهي ته هڪ ماڻهو جيڪڏهن خالي گھر ۾ هجي ته جيئن گھري تيئن رهي سگھي ٿو، ڪپڙا پائي يا اگھاڙو ٿي وڃي. جيڪڏهن کيس خبر پئجي وڃي ته گھر ۾ ڪو ٻيو ماڻهو به موجود آهي ته هو پنهنجي عملن ۾ محتاط ٿي ويندو. ائين جيڪڏهن ڪائنات شعور يا سمجھه کان خالي آهي ته انسان پنهنجي زندگيءَ جي لاءِ، پنهنجي مرضيءَ وارا مقصد مقرر ڪندو، پوءِ اهي اخلاقي لحاظ کان ڀلي ڪيترائي خراب ڇونه هجن. پر خدا جي موجودگيءَ ۾ هو اهڙا مقصد مقرر ڪندو، جيڪي اخلاقي معيار تي پورا لهندا هجن. اهڙيءَ طرح فرد هڪ ”ذميوار“ فرد جي حيثيت اختيار ڪري وٺندو.
خدا جي موجودگيءَ ۾ هر شيءِ مقصد واري ٿي ويندي آهي ۽ ڪائنات جو سمورو عمل ڪنهن نصب العين ۽ مقصد سان واڳيل ٿي ويندو آهي. خدا جي تصور کان سواءِ ڪائنات جي هر شيءِ ۽ ان جي ارتقائي چرپر
بي معنى ۽ بي مقصد ٿي ويندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو تاريخ جون اهي سڀئي تهذيبون، جيڪي انساني جبلتن جي حيواني گھرجن جي پورائي ۾ لڳيون رهيون، انهن جو نالو نشان ئي مٽجي ويو آهي. ڇو ته خدا جو تصور زندگيءَ کي هڪ مقصد عطا ڪري ٿو، جنهن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن وصفن ۽ گڻن کي اختيار ڪرڻو پوندو آهي، جيڪي خدا جون وصفون آهن. اهڙيءَ طرح اهو الله جي ويجھڙائي کي حاصل ڪرڻ جي عمل ۾ حسي ۽ مادي سطح کان مٿانهون ٿيندو ويندو آهي ۽ هن جو معاشرو اعلى اخلاقي گڻن وارو هجڻ جي ڪري، خلافت ۽ نيابت الاهي جي حاصلات ۾ مددگار هوندو آهي.
• ٻيو پاسو: خدا جي تصور جو ٻيو پاسو انسان جي نفسيات جي باري ۾ هوندو آهي، جنهن جي ڪري ماڻهو جبلتن جي حيواني گھرجن کي پورو ڪرڻ جي بدران اعلى اخلاقي گڻن کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ته جيئن هو جبلتن جي حيواني گھرجن کي پنهنجي وس ۾ رکي ۽ انهن کي اعلى اخلاقي گڻن جو پابند بڻائي سگھي. ڇو ته هن جو انهيءَ ڳالهه تي پڪو ويساهه هوندو آهي ته هو خدا جي نور سان ظاهر ٿيو آهي ۽ خدا جي نور ڏانهن ئي وڌي رهيو آهي. جيڪڏهن هو ائين نه ڪندو ته زندگيءَ جي حيواني گھرجن جي سطح تائين محدود ٿي ويندو. اهڙي ماڻهوءَ جو معاشرو، تمدن ۽ تهذيب شراب نوشي، جنسي ڇڙواڳي، جوا بازي ۽ هر ناجائز طريقي سان دولت ميڙڻ ۽ هم جنس پرستي جهڙن غيراخلاقي اوگڻن جي عڪاسي ڪندڙ هوندو. اهڙي طرح اڄوڪي اولهه جي تهذيب اسان جي سامهون آهي جيڪا تحقيق جي سائنسي طريقي سان فطرت جي قوتن تي پهچ حاصل ڪري، انهن سان جبلتن جي حيواني گھرجن جي پورائي واري عمل ۾ لڳي پئي آهي.
• ٽيون پاسو: خدا جي تصور جو ٽيون پاسو انساني معاشري جي باري ۾ آهي. الخلق عيال الله موجب الله تعالى انسان کي پيدا ڪيو ۽ ان جي پالڻ لاءِ وسيلا به پيدا ڪيا، جنهن جو مطلب اهو آهي ته هر ماڻهو انهن وسيلن مان فائدو وٺي، پنهنجي مادي ۽ جسماني ضرورتن کي حاصل ڪري ۽ انهن ضرورتن جي پورائي کان پوءِ عبادت ۽ نفس جي پاڪائيءَ جي مدد سان الله ڏانهن موٽڻ جي تياري ڪري.
جيڪڏهن پيداواري وسيلن تي عوام جي گڏيل ملڪيت جي بدران ڪن ٿورڙن ماڻهن جو قبضو ٿي وڃي ۽ معاشري ۾ متضاد مفاد رکڻ وارا معاشي طبقا پيدا ٿي وڃن، ته پوءِ تمام ٿورڙي تعداد وارا ماڻهو، پيداواري وسيلن تي قابض ٿي وڃن ٿا ۽ گھڻائي انهن وسيلن مان فائدو ماڻڻ کان محروم رهجي وڃي ٿي. انهيءَ اڪثريت وٽ رڳو پنهنجي محنت هوندي آهي، جنهن کي اها پيداواري وسيلن تي قابض اقليت کي وڪڻي، پنهنجو پيٽ پالي ٿي. اهڙي طرح اڪثريت حيواني سطح کان هيٺ ٿي، انساني مرتبو حاصل ڪرڻ کان محروم ٿي وڃي ٿي.
زرعي دور کان وٺي انسان آقا ۽ غلام جي ٻن طبقن ۾ ورهائجي ويو هو. آقا تي ٻڌل طبقي وٽ دولت جي جھجھائي هوندي هئي. اُن جي قبضي ۾ علم ۽ تهذيب جا ادارا به هوندا هئا. جڏهن ته غلام طبقو گھڻائي ۾ هجڻ جي باوجود به علم ۽ تهذيب کان محروم هوندو هو. معاشرتي ارتقا سان گڏوگڏ آقا جاگيردار ۽ ڪارخانن جو مالڪ بڻجي ويو، جڏهن ته غلام زرعي غلام ۽ پگھاردار غلام بڻجي ويو.
مشين جي ايجاد ٿيڻ کان پوءِ معاشري جا ٻه طبقا وڌيڪ واضح ۽ مٿاهين حيثيت اختيار ڪري ويا، ڇو ته هڪ ڪارخاني جي ڇت جي هيٺان سوين مزدور گڏجي ڪم ڪندا هئا ۽ تحقيق جي سائنسي طريقي جي ڪري هن ڳالهه جي خبر پئي ته دولت اچي ڪٿان ٿي؟ اهڙيءَ طرح ثابت ٿيو ته اها غلام، زرعي غلام ۽ پگھاردار غلام جي محنت جي استحصال جو نتيجو هوندي آهي.
زرعي معاشري جي شروعات کان ئي غلام پنهنجي مالڪن جون ٻنيون کيڙيندا هئا، انهن جي لاءِ محلات جوڙيندا هئا. سندن فوجن ۾ ڀرتي ٿي انهن جي بادشاهت کي وڌائيندا هئا. مالڪ انهن تي تمام گھڻا ظلم ڪندا هئا. انهن کي قتل ڪندا، لڱ ڪانڊاريندڙ سزائون ڏيندا ۽ وڪرو به ڪري ڇڏيندا هئا. اهڙيءَ طرح انسان جو انسان تي ظلم وڌندو ويو ته انهيءَ صورتحال کي بدلائڻ جي لاءِ نبين سڳورن کي موڪلڻ جي شروعات ٿي. اهي پاڪباز ماڻهو هر ملڪ، هر قوم ۽ هر وسنديءَ ۾ آيا. انهن سڀني جي دعوت ساڳي ئي هئي. هُنن ٻڌايو ته هن ڪائنات جو خالق هڪڙو ئي آهي. هيءُ خالق سڀني قومن جو خالق پڻ آهي. هُنن توحيد الاهي جي تصور تي زور ڏنو. جيئن ته هر قبيلي ۽ هرقوم جا بت جدا جدا هئا، جن جي اهي پوڄا ڪندا هئا ۽ هر قوم يا قبيلو پنهنجي بُت جي، ٻين قومن ۽ قبيلن جي بتن تي وڏائي ثابت ڪرڻ لاءِ جتن ڪندو رهندو هو، تنهن ڪري انهن جو پاڻ ۾ جنگين ۽ فسادن جو سلسلو هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين هلندو ايندو هو.
نبين سڳورن توحيد الاهي جي تصور کي پيش ڪيو ۽ ٻڌايو ته سڀني قومن جو خلقيندڙ هڪ آهي، جنهن جي پوڄا ڪرڻ گھرجي. انهيءَ ڪري توحيد الاهي جو تصور حقيقت ۾ انساني اتحاد جو تصور هو. توحيد الاهي جي تصور کي جڏهن معاشري تي لاڳو ڪيو ويو ته توحيدي معاشرو وجود ۾ اچي ويو، جيڪو متضاد مفاد رکڻ واري معاشي طبقي جي ڇڪتاڻ کان پاڪ ۽ صاف هو پر ٿيو ائين جو مذهب جي پاڪباز بانين ۽ سندن ٿورڙن سچن پيروڪارن کان پوءِ، مذهبي پيشوائن پنهنجي دنياوي زندگي جي سهولتن ۽ آسائشن جي لاءِ، پيداواري وسيلن تي قابض طبقي جي مفادن کي تحفظ ڏيڻ جي خيال سان مذهب جي بنيادي نظريي کي پٺيءَ پويان ڦٽو ڪري ڇڏيو جنهن موجب خدا جي وحدانيت جو مطلب معاشري کي متضاد طبقن کان پاڪ ۽ صاف ڪرڻ آهي. اهڙي لوڀي مذهبي پيشوائيت عوام کي ٻڌايو ته غربت، جهالت ۽ مسڪيني الله تعالى سندن تقدير ۾ لکي ڇڏي آهي، جنهن کي بدلائي نٿو سگھجي. غربت ۽ دولت جي جھجھائي انسان کي الله تعالى جي طرفان ئي ملندي آهي. غريب کي ان جي تڪليفن ۽ پورهئي جو اجر مرڻ کان پوءِ ملندو، تنهن ڪري کيس صبر ۽ خوشيءَ سان زندگي گذارڻ گهرجي ۽ کيس پنهنجي مالڪ يا آقا جو فرمانبردار ٿي رهڻ گهرجي. سڀني مذهبن جا مذهبي اڳواڻ ۽ پيشوا اڄ تائين اها تعليم ڏيندا رهيا آهن پر هاڻي علم جي ترقي ۽ تحقيق جي سائنسي طريقن، انهيءَ ٺڳيءَ کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي ۽ چٽائي ڪري ڇڏي آهي ته غربت ۽ حڪومت اصل ۾ محنت جي استحصال جي ڪري ئي آهي. جيڪو طبقو محنت جو استحصال ڪري ٿو سو امير آهي ۽ محنت وڪرو ڪندڙ غريب رهجي وڃي ٿو.
خدا جي وحدانيت يا توحيد الاهي جي عقيدي جو معاشرتي مقصد معاشري کي متضاد معاشي طبقن کان پاڪ ڪري محنت ڪرڻ وارن فردن تي مشتمل غير طبقاتي معاشرو قائم ڪرڻ آهي. رڳو زباني طور خدا جي توحيد جو اقرار، هڪ ڳجھو ۽ اجايو عمل آهي. سوشلسٽ فلسفي معاشري کي غير طبقاتي بڻائڻ جي عمل مان خدا جي تصور کي ڪڍي ڇڏيو، جنهن جي ڪري ڪيترا ئي ناڪاري اثر ظاهر ٿيا ۽ سوشلسٽ معاشرو اخلاقي ڇڙواڳيءَ جي ڪري پريشاني جو شڪار ٿي ويو.