اسلامي انقلاب جي ٻِين منزل اعلانيه دعوت:
انهيءَ صورتحال جو علاج ڪرڻ لاءِ توحيد ۽ عملن جي جزا ۽ سزا لاءِ مرڻ کان پوءِ ٻيهر جيئرو ٿي اٿڻ جو تصور ڏنو ويو. قريشن کي چيو ويو ته پنهنجي معبودن جي پيدا ڪيل ڪا شيءِ ڏيکارين ۽ جيڪڏهن ظالم کي ان جي ظلم جي سزا هن دنيا ۾ پوريءَ طرح نه ملي ته اهو ظلم ٿيندو پر جيئن ته الله تعالى ظالم نه آهي، انهيءَ ڪري آخرت واري زندگيءَ ۾ انهيءَ سزا جو پورائو ڪيو ويندو. اِن جي لاءِ ضروري آهي ته ڀوپن ۽ جادوگرن جي ٺڳين کان ماڻهن کي آجو ڪري انساني عقل کي انهن شيطانن کان ڇوٽڪارو ڏيارجي.
پهريان ته قريشن اهو سمجھو ته رسول الله ﷺ جن به ٻين وانگر ڪي ڀوپا يا جادوگر آهن، جنهن پنهنجو پيٽ پالڻ لاءِ اهو ڍنگ رچايو آهي پر پوءِ جڏهن انهن ڏٺو ته مظلوم طبقن جا ماڻهو جھجھائيءَ سان ۽ عام آزاد شهري گھٽ تعداد ۾ رسول الله ﷺ جي تعليم کان متاثر ٿي، سندن ساٿاري ٿي رهيا آهن، ته انهن پاڻ ڪريم ﷺ جن جي مخالفت شروع ڪري ڏني، کين ڪوڙو سڏيو ۽ مٿن ٺٺوليون ڪرڻ شروع ڪيون.
(1) قريشن جو چوڻ هو ته عملن واري جزا جي ڪابه پرواهه نه آهي، تنهن ڪري نه ته مرڻ کان پوءِ ڪا زندگي آهي ۽ نه ئي ڪو اهڙو خدا موجود آهي، جيڪو اسان جي ظلم ۽ عيش عشرت تي اسان کي ڪا سزا ڏئي سگھي. جيڪڏهن اهڙو ڪو خدا هوندو به ته اهو اسان جي ديوين لات ۽ عزى جو پيءُ آهي ۽ اهي ديويون پنهنجي پيءُ وٽ سفارش ڪري اسان کي بچائي وٺنديون.
(2) سندن چوڻ هو ته اسان اڄ تائين اهڙي ڳالهه نه ٻڌي آهي ته الله تعالى به ڪنهن سان ڳالهائي ٿو. باقي اسان جي شاعرن ۽ جادوگرن سان شيطان ۽ جن ڳالهيون ڪندا رهندا آهن. اهڙن سوالن جا جواب وحيءَ جي ذريعي دليلن سان ڏنا ويا سي مختصر طور هن طرح آهن:
أ. هيءُ قرآن قول فيصل آهي، هزل نه آهي. (الطارق) جهڙي طرح موسى جي تختين ۾ لکيل توريت جي تعليم هئي، اهڙي ئي تعليم قرآن ۾ پڻ موجود آهي. (البروج) اهو ڪلام پراڻن قومن جا قصا نه آهن پر ذڪر ۽ نصيحت آهي ۽ انهيءَ ۾ اهڙا دليل آهن جن سان الله تعالى جي هستي ۽ قيامت جو ثبوت ملي ٿو. اهو ڪو جادو نه پر هڪ نصيحت آهي (القلم) اهو خدائي ڪلام آهي جيڪو هڪ امانتدار ملائڪ کڻي اچي ٿو. شيطان يا جن جو ڪلام نه آهي. (التڪوير) آئون ڀوپن يا شاعرن وانگر هن تعليم جو ڪوبه معاوضو ڪونه ٿو وٺان. (الذاريات)
انهيءَ دؤر ۾ خدائي وحيءَ جي ذريعي جيترو ڪلام نازل ٿيو سو الله تعالى جي ثبوت ۽ قيامت جي قائم ٿيڻ ۽ مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ ۾ چڱن بڇڙن عملن جي جزا ۽ سزا ملڻ تي روشني وجھي ٿو. جيڪڏهن انهن دليلن تي گهرائيءَ سان غور ڪيو وڃي ته اهو مڃڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه چارو نه آهي ته اها قريشن جي هٺ ڌرمي هئي جو هو اِن خدائي ڪلام جو انڪار ڪندا هئا.
ب. قرآن قريش جي شاعرن، جادوگرن ۽ ڀوپن کي للڪاريو ته هن ڪلام جهڙو ڪلام ٺاهي پيش ڪن! رسول الله ﷺ جن فرمايو ته هن ڪلام جو الله تعالى جي طرف کان هئڻ جو ثبوت اهو آهي ته جيڪڏهن مان ڪوڙ هڻان ته الله تعالى مون کي تباهه ڪري ڇڏيندو. هيءَ وحي انهيءَ خدائي وحيءَ وانگر آهي جيڪا سمورن رسولن تي نازل ٿيندي رهي آهي. انهيءَ للڪار جي شروعات سورت الحاقه سان ٿئي ٿي. رسول الله ﷺ جن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته هو نه مڃيندڙن کان منهن موڙين.
بهرحال جيڪي ماڻهو دولتمند ۽ اولي نعمة آهن، اهي نه ته مسڪينن کي کاڌو کارائين ٿا ۽ نه ئي اهو اهو مڃن ٿا ته الله تعالى موجود آهي جيڪو انهن کي سندن عملن جو بدلو ڏيندو. جيئن ته قريش تشدد ۽ ٺٺوليون ڪرڻ ۾ حد کان لنگهي ويا هئا، انهيءَ ڪري رسول الله ﷺ جن الله تعالى جي حڪم سان انهن کان منهن موڙي پنهنجي ڪلام جو رخ عيسائين ڏانهن ڪري ڇڏيو.