سيرت پاڪ جو تت
اِن جي برخلاف جيڪي مذهب ۽ فڪري سوچون تنگ نظري ۽ رڳو هڪ خاص ٽولي جو ئي ڀلو گھرن ٿيون ۽ انسان جي معاشرتي زندگيءَ کي ناهموار ورڇ ڪري برابريءَ وارن حقن ۽ ترقيءَ کي روڪين ٿيون سي باطل آهن ۽ اونداهي ۽ گمراهيءَ ڏانهن وٺي وڃن ٿيون.
سموري دنيا جي آخرت ۽ دنيا جي ڀلائيءَ جي لاءِ رسول الله ﷺ به اهو ئي محبت وارو پيغام دنيا اڳيان آڻي پيش ڪيو جيڪو انساني تاريخ جي شروع کان ئي هر هادي ۽ مصلح (نبي) پيش ڪندو آيو آهي ته:
(1) هڪڙي الله جا فرمانبردار يعني مسلم ٿي وڃو.
(2) اهو مڃو ته هر چڱي ڪم جو اجر ۽ هر بڇڙي ڪم جي سزا ضرور ملندي، پوءِ اها هن دنيا ۾ ملي يا آخرت ۾.
الله تعالى جو فرمانبردار يا ٻانهو ٿي رهڻ جو اهو مطلب آهي ته سمورا انسان پاڻ ۾ برابر آهن. يعني انساني حيثيت ۾ ڪنهن انسان يا قوم کي ٻين انسانن يا قوم تي رنگ، نسل، وطن جي لحاظ کان ڪابه فوقيت حاصل نه آهي. آدم جو اولاد هئڻ جي ڪري پاڻ ۾ ڀائر بڻجي رهو. مال دولت ۽ اقتدار ۾ واڌاري جي لاءِ پنهنجي ڀائرن جي رت ۾ هٿ نه رڱيو. محبت جو مطلب آهي ته محبوب جي ڀلائي سامهون هجي. محبت انهيءَ کي چوندا آهن جنهن ۾ ماءُ پيءُ وانگر اهڙو جوش، جذبو ۽ قربانيءَ جو جذبو پيدا ٿي پوي جو ٻار جي خدمت ۽ پالنا جي مصيبت به راحت لڳي.
دنيا جي تاريخ ۾ رڳو رسول عربي حضرت محمد ﷺ جن کي ئي انهيءَ سلسلي ۾ ڪاميابي ملي سگھي جو رڳو مختلف نبين، ڏاهن، هادين، سڌارڪن ۽ فلسفين وانگر خالي محبت ۽ رحمت جو پيغام ئي نه ڏنائون، پر هڪ اهڙو انقلابي معاشرو جوڙيائون جنهن ۾ اها صلاحيت هئي ته اهو نفرت ۽ خود غرضي، جنسي ڇڙواڳي، مال جي حُب، ڏيک ويک ۽ حرص ۽ هٻڇ جو خاتمو ڪري ڇڏي. اُن معاشري پنهنجي انهيءَ مقصد کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ مديني ۾ هڪڙي رياست قائم ڪري ورتي جيڪا ڊاڪٽر خليفي عبدالحميد اشتراڪيءَ چواڻي: هڪ اشتراڪي جمهوريت هئي پر افسوس جو انهيءَ رياست يا انهيءَ خلافت کي، جيڪا نبوي طريقي تي قائم هئي، انقلاب دشمن قوتن ختم ڪري انهيءَ جي جاءِ تي بادشاهت واري حڪومت قائم ڪري ڇڏي جنهن جي شروعات حڪومت جي گادي مديني کان دمشق ڏانهن کڻي وڃڻ سان ٿي.
نبي ڪريمﷺ جن پنهنجي زندگيءَ ۾ اهو عظيم الشان ڪم ڪهڙي طرح پورو ڪيو، سو سيرت جي مطالعي مان چڱيءَ پر پروڙي سگھجي ٿو پر انهيءَ لاءِ شرط اهو آهي ته انهيءَ کي قرآني نزول جي تاريخي ترتيب سان پڙهجي. پاڻ ڪريمﷺ جن جي مختلف دؤرن مان گذرندڙ جاکوڙ، سندن تعليم ۽ انهيءَ تعليم جي نتيجي ۾ جيڪا انقلابي جماعت جڙي، تنهن تي روشني وجھڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي.
سيرت جو مطالعو ڪرڻ وقت انهيءَ ڳالهه کي ذهن ۾ هر وقت رکڻ گھرجي ته رسول الله ﷺ جن جنهن حق تي مبني دين جي تعليم ڏني، انهيءَ جو مقصد رڳو ظاهري عبادتن ۽ رسمن جي ادائگي ۽ مسجدن جي ٺاهه ٺوهه ۽ سينگار ڪرڻ نه هو پر سموري اسلامي دنيا مان مذهب ۽ ملت جي لحاظ کان جهالت، غربت، مسڪيني، خون خرابي، جنسي ڇڙواڳي، شراب نوشي، جوئا بازي، محنت جي استحصال، مذهبن جي وچ ۾ نفرت ۽ جارحيت، فڪر ۽ عمل جي آزادي جي انڪار فساد ۽ ويڙهه جھيڙي جو خاتمو ڪرڻ هو پر ٻين مذهبن وانگر ڪن مذهبي قوتن بادشاهت واري نظام جي پٺڀرائي ڪري اسلام کي هڪ مذهبي ٽولي جي حيثيت ڏئي ڇڏي. جڏهن ته ختم نبوت موجب اسلام انقلاب جي هڪ بين الاقوامي هلچل هئي. ان جو مقصد معاشري ۾ اهڙي تبديلي آڻڻ هو ته جيئن هر ماڻهو پنهنجي مادي ۽ جسماني ضرورتن کان مطمئن ٿي، پنهنجو توجهه ۽ تعلق الله تعالى سان قائم رکڻ جي لائق ٿي وڃي. ڇو ته هن زندگيءَ جو مقصد انا لله و انا اليه راجعون مطابق پنهنجي دل ۾ الله تعالى جو خوف پيدا ڪرڻ آهي.
رسول الله ﷺ پنهنجي واپاري سفرن ۽ مڪي ۾ حج اڪبر جي موقعي تي لڳندڙ بازارن (سوق عڪاظ ۾ مختلف ملڪن کان ايندڙ واپاري قافلن جي ماڻهن سان ملاقاتن دوران سندن مذهبن ۽ فڪرن جي باري ۾ معلومات وٺي الله تعالى جي فضل ۽ ڪرم سان اهو نتيجو ڪڍي ورتو هو ته تاريخ جي شروع کان علم ۽ دولت هڪ ننڍڙي طبقي ۾ محدود ٿي چڪي آهي، جنهن ڪري اُن ننڍڙي مالدار ۽ غلام ساز طبقي کانسواءِ انسانن جي گھڻائي غلام بڻجي چڪي آهي ۽ اهي غلام ۽ پٺتي پيل انسان معاشي بدحالي، جهالت، غربت ۽ محڪومي ۾ ڦاسي پيا آهن.
اهڙي طرح مالدارن ۽ پروهتن يعني مذهبي پيشوائن جي ور چڙهيل طبقو نه رڳو پاڻ ئي خود غرضي ۽ هٻڇ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پوي ٿو پر جاهل ۽ غريب مظلومن جي سوچ ۽ فڪر کي به اپاهج ڪري ڇڏي ٿو ۽ اهي سڀئي شيطاني طريقن سان زنده رهڻ جا منصوبا تيار ڪرڻ لڳندا آهن. اهڙي طرح پنهنجو پاڻ ۾ ڇڪتاڻ، جنگ ۽ غربت جي شڪل ۾ ظاهر ٿي ٻنهي کي تباهه ڪري ڇڏي ٿي. انساني تاريخ انهيءَ ئي طبقاتي ڇڪتاڻ ۽ انهيءَ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ خون خرابي، بغاوت ۽ رتوڇاڻ سان رتو رت ٿي وئي آهي.
دنيا کي خوف (جنگ ۽ ويڙهه جھيڙي) کان امن ڏانهن، بک کان معاشي خوشحالي ڏانهن، جهالت جي تاريڪيءَ کان علم ۽ عقل جي روشني يا ايمان ڏانهن وٺي وڃڻ ڪو آسان ڪم نه هو. انهيءَ انقلابي ڪوشش ۾ پاڻ ڪريمﷺ جن ٽيويهه سال لڳائي ڇڏيا. وک وک تي مذهبي پيشوائن جي هٿ يرغمال بڻيل جماعتن رڪاوٽون وڌيون ۽ تشدد ڪيو. ايتري تائين جو کين قتل ڪرڻ جون سازشون به ڪيون. مٿن ٺٺوليون ڪيون ويون ۽ پنهنجي لوفر ڇورن کي پاڻ ڪريم ﷺ جن کي تنگ ڪرڻ لاءِ سندن پويان لڳائي ڇڏيو.
اِن سلسلي ۾ عرض ڪيو وڃي ٿو ته سيرت نبويءَ کي طبقاتي معاشري کان توحيدي معاشري ۾ بدلائڻ واري هڪ انقلاب پسند داعي الي الله جي حيثيت سان مطالعو ڪيو وڃي ته جيئن اها خبر پئجي سگھي ته قرآني يا آسماني انقلاب ڪهڙن ڏکين منزلن مان لنگھيو ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن ڪهڙي طرح انسانذات کي جهالت ۽ ڏتڙيل حالت مان ڪڍي علم ۽ خوشحالي جي سڌي واٽ تي وٺي آيا هئا ۽ نفرتن جي ٻاٽ اونداهيءَ کي محبت ۽ رحمت جي چانڊوڪيءَ سان روشن ڪري ڇڏيو هو.
جيڪڏهن سيرت پاڪ جو انهيءَ انقلابي نظر سان مطالعو ڪيو وڃي ته هر دؤر جو مسلمان پنهنجي دؤر جي معاشري کي توحيدي معاشرو بڻائڻ ۾ روشني حاصل ڪري سگھندو. انهيءَ لاءِ شرط اهو آهي ته مسلمان اسلام جي انقلابي ۽ عالمگير ڪردار کي سامهون رکي ۽ اهو سمجھي ته معاشري کي بدلائڻ لاءِ جاکوڙ انفرادي عبادت کان وڌيڪ اهم آهي. جيئن ته الله تعالى پاڻ به سورت مزمل ۾ رسول الله ﷺ جن کي پنهنجي عبادت جو وقت گهٽائڻ جي تاڪيد فرمائي آهي ته جيئن معاشري جي تبديليءَ واري عمل ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺي سگھن.
اهو ياد رهي ته مذهبي ٺيڪيدارن وٽ يرغمال بڻيل جماعتن ۽ تبديلي ۽ انقلاب جي دشمن قوتن کي قائم رکندي، معاشري ۾ ڪابه تبديلي نٿي آڻي سگھجي. انهن جي موجودگيءَ ۾ اسلام جي جياپي ۽ شريعت جي نفاذ جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿينديون رهنديون.
انهيءَ دؤر جون قرآني سورتون هي آهن:
(1) سورت علق جون پهريون پنج آيتون: جسماني بک ۽ غلامي، روحاني خوف ۽ مذهبي ٺيڪيدارن کان آزاديءَ جو پروگرام بڻجي چڪو هو. آزاد ۽ غلام، عورت ۽ مرد سڀئي رسول الله ﷺ جي تصديق ڪري رهيا هئا ۽ جهانن جي پالڻهار ۽ خلقڻهار جي ٻانهپ جي ڳجھي تياري جاري هئي.
(2) والضحى: پڪ سان توهان جي ڳالهه ئي آخرڪار مٿانهين ٿيندي. جهڙي طرح يتيميءَ جي حالت ۾ توکي پناهه ملي ۽ حق جي ڳولا ۾ تڙپ کان پوءِ توکي هدايت ملي، غربت کان پوءِ توهان کي شاهوڪاري ملي، اهڙي طرح ايندڙ زمانو پوئين زماني کان ڀلو هوندو.
(3) الم نشرح: انهيءَ زماني ۾ الله تعالى جي طرف کان سندن دل کي سگھه ڏني پئي وئي. چيو ويندو هو ته توهان جو سينو کوليو ويو آهي. ڏک کان پوءِ سک جو اچڻ لازمي آهي.
(4) الفلق: فلق جو پالڻهار توکي حاسدن ۽ جادوگرن کان پناهه ۾ رکندو.
(5) الفيل: توسان حسد يا ساڙ ڪندڙ جادوگر اصحاب فيل (هاٿين وارن) وانگر تباهه ۽ برباد ٿي ويندا.
(6) القدر: انهن حسد ڪندڙن ۽ جادوگرن جو مقابلو تون انهيءَ اسلامي تعليم سان ڪري سگھندين جيڪو الروح يا قرآن آهي. انهيءَ سان گڏ ملائڪ آهن جيڪي امن ۽ سلامتي پيدا ڪن ٿا. انهيءَ سموري خدائي ڪلام کي پاڻ ﷺ جن کُليءَ طرح اسلام جي دعوت واري زماني ۾ ماڻهن کي ٻڌايو.
هاڻي اسلامي انقلاب جي مڪي ۽ مدني دؤرن تي روشني وڌي وڃي ٿي. انهن دؤرن جو هر هر مطالعو ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن قرآني فڪر جي نوعيت ۽ انهيءَ بنياد تي معاشري جي نئين سر اڏاوت ڪرڻ واري جاکوڙ کي سمجھي سگھجي.