پهرين وحيءَ جو نازل ٿيڻ:
اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّكَ الَّذِيْ خَلَقَ۱ۚ خَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ عَلَقٍ۲ۚ اِقْرَاْ وَرَبُّكَ الْاَكْرَمُ۳ۙ الَّذِيْ عَلَّمَ بِالْقَلَمِ۴ۙ عَلَّمَ الْاِنْسَانَ مَا لَمْ يَعْلَمْ۵ۭ
هِنن پنجن آيتن ۾ اسلام جي ظاهر ٿيڻ کان اڳ وارن ڏهه هزار سالن جو معاشي، سياسي ۽ ثقافتي پس منظر موجود آهي. پاڻ ڪريم ﷺ انسانن جي ڇوٽڪاري جي ڳولا ۾ حرا غار جي اڪيلائين ۾ غور ۽ فڪر ڪندا هئا. هنن پنجن آيتن ۾ کين انهيءَ دڳ جو ڏس ڏنو ويو، جنهن موجب رڳو هڪ آقا، هڪ مالڪ، هڪ پالڻهار جي ٻانهپ ڪئي وڃي ۽ ٻين آقائن، مالڪن ۽ پالڻهارن جي خلاف بغاوت ڪئي وڃي ۽ انهن کي هڪ طبقي جي حيثيت ۾ ختم ڪيو وڃي. ڇو ته انهن جي ڪري انسان ظالم ۽ مظلوم، آقا ۽ غلام جي طبقن ۾ ورهائجي، انساني وحدت وڃائي چڪو هو. ان سان گڏوگڏ جادوگرن، ڀوپن، شاعرن، مذهبي پيشوائن، بادشاهن ۽ مغرور اميرن کي، جيڪي غلامن جي محنت جو استحصال ڪري دولت گڏ ڪندا ۽ اقتدار تي قبضو ڪندا آهن، تن کي هڪ طبقي جي حيثيت ۾ ختم ڪيو وڃي ۽ اهو اعلان ڪيو وڃي ته سڀ انسان انساني مرتبي ۾ هڪجهڙا آهن. ڇو ته اهي سڀئي هڪ ئي خالق جا خلقيل آهن ۽ سڀئي پاڻ ۾ ڀائر آهن، ڇو جو انهن جو خلقيندڙ ۽ پالڻهار هڪ آهي. اُن ئي کين علم ۽ سمجھه ڏني آهي. هو انتهائي ٻاجھارو ۽ مهربان آهي ۽ انساني آقائن وانگر مطلبي نه آهي. خود غرضي، ٺڳي، ظلم ۽ جهالت ته شيطاني ڪم آهن. هنن پنجن آيتن ۾ انهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي ته توحيد الاهيءَ جي تصور کي معاشري تي لاڳو ڪيو وڃي ته جيئن معاشرو، جيڪو مخالف معاشي طبقن ۾ ورڇجي چڪو آهي، طبقن کي ختم ڪري هڪ وحدت جي شڪل اختيار ڪري وٺي. ڇو ته خالق عليم ئي رزق يا پيداوار جا وسيلا سڀني انسانن جي لاءِ پيدا ڪيا آهن ۽ انهن کي عقل ۽ سمجھه عطا ڪري ڇڏي آهي ته جيئن اهي انهن وسيلن مان فائدو وٺي سگھن ۽ هر ماڻهو پنهنجي محنت جو فائدو پاڻ ئي ماڻي. ٻيو ڪو ماڻهو انهن وسيلن تي قبضو ڪري، ٻين جي محنت جي ثمر تي قبضو نه ڪري سگھي. جيئن ته زراعت واري زماني کان وٺي انساني معاشرو آقا ۽ غلام جي طبقن ۾ ورهائجي ويو هو، تنهن ڪري وحدت الاهي جو مطلب وحدت انسانيت به آهي. اهي معاشي طبقا ڪٿان کان آيا آهن؟ انهيءَ تي مون پنهنجي تصنيف ” انقلاب مڪه“ ۽ ”فهم قرآن ڪي جديد منهاج“ ۾ طبقاتي پيراڊائم جي عنوان هيٺ تفصيل سان بيان ڪيو آهي.
ڄاڻايل پنجن آيتن ۾ جتي توحيد الاهي جي تصور کي، معاشرتي لاڳاپي سان توحيدي معاشري جي قيام تي روشني وڌي وئي آهي، اتي فلسفي جي ٻن بنيادي مسئلن تي به توجھه ڏنو ويو آهي. يعني وجود (Ontology) ڇا آهي ۽ علم (Epistemology) ڇا آهي؟ جڏهن کان انسان سوچ ۽ سمجھه کان ڪم وٺڻ شروع ڪيو آهي، اهي ٻئي مسئلا ان جي ڌيان هيٺ رهيا آهن ۽ فلسفي جي مختلف اسڪولن ان جو جواب ڏنو آهي.