اسلامي انقلاب جي ٽِين منزل رحمان پرستن سان دوستي:
اُن زماني ۾ رسول الله ﷺ جن کي قرآن ڪريم المبشر جو لقب ڏنو. ان سان گڏوگڏ رسول الله ﷺجن عيسائين ڏانهن ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو ۽ کين ٻڌايو ته اسان به رحمان کي مڃون ٿا ۽ ان جا ٻانها آهيون. رحمان الله تعالى جو نالو آهي ۽ اسان به عيسى ؑ کي الله تعالى جو ٻانهو سمجھون ٿا پر کيس الله تعالى جو پٽ نٿا مڃون. الله تعالى هر شيءِ تي وسوارو آهي، اِن ڪري هو انهيءَ ڳالهه تي به وسوارو آهي ته بنا پيءُ جي پٽ پيدا ڪري، جيئن هن ڪراڙي ۽ سنڍ پيءُ ماءُ جي گھر ۾ يحيى کي پيدا ڪيو (سورت مريم). اهو ساڳيو ئي بحث مديني ۾ نجران جي عيسائين جي وفد سان به ٿيو هو. ايمان آڻڻ وارن حبشه ڏانهن لڏپلاڻ شروع ڪئي. اُن دور ۾ هيٺيون ڳالهيون بحث هيٺ آيون:
أ. شفاعت ۽ ڪفارو: ڪافر گھرن پيا ته پاڻ ڪريم ﷺ جن انهن ديوين جي شفاعت کي مڃن. پاڻ ڪريم ﷺ جن پڻ انهن جي باري ۾ ڪجھه نرمي رکن پيا پر نه رڳو قريشن، پر عيسائين کي به چئي ڇڏيائون ته ظالم جي ڪوبه سفارش نٿو ڪري سگھي. جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي وارو اصول سڀني جي مٿان لاڳو ٿئي ٿو. شفاعت ۽ ڪفارو ڪابه معنى نٿو رکي.
ب. الله تعالى جي وجود جون نشانيون (آيتون): ڪافر چوڻ لڳا ته الله تعالى جي موجودگيءَ جو ڪهڙو ثبوت آهي. قرآن انهن کي چيو ته ڇا الله نه ته توهان جون ديويون خلقيندڙ آهن؟ (العلق) ڇا پکين کي اڏامڻ جي طاقت الله کانسواءِ ٻيو ڪو ڏئي ٿو؟ (الملڪ) هر هڪ مخلوق ان جي نشاني (آيت) آهي ته ڪائنات جي اندر هڪ خالق آهي (يٰسين، رعد، الشعراء) ڇا انهيءَ ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ ته هر عمل جي جزا يا سزا ملندي، ڪنهن ٻئي دليل جي ضرورت آهي؟ پڪ سان جيڪڏهن توهان نه مڃيندؤ ته توهان تي الله تعالى جو عذاب ايندو (الدخان). مرڻ کان پوءِ ٻيهر جيئرو ٿي اٿڻ برحق آهي (الحجر). جانورن کي ڏسو، ٻيڙين تي نظر وجھو، اهي سڀئي الله تعالى جي خالق هجڻ جا اهڃاڻ آهن.
ت. ڪافرن جو عذاب گھرڻ: ڪافرن مرڻ کان پوءِ واري زندگي ۽ الله تعالى جي قيامت جي ڏينهن جو مالڪ هئڻ جو انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اسان تي الله تعالى جي طرف کان ڀلي ته پٿر وسراءِ. قرآن انهن کي چيو ته جڏهن وقت آيو ته توهان تي عذاب به اچي ئي ويندو. (الحجر) ۽ بداعماليءَ جو ضرور مزو چکندؤ (الڪهف). مالدار ماڻهو ئي آخرت جي عذاب کي نٿا مڃن، ڇو جو اهي ظالم آهن. تنهن ڪري اهي مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ جا ئي انڪاري آهن. ياد رکو ته الله تعالى عدل ڪرڻ وارو آهي تنهن ڪري هو هر شيءِ جو بدلو ڏيندو. ان لاءِ ڪنهن دليل (معجزي) جي ضرورت نه آهي. (الانبياء)
ث. قرآن جي تعليم خدائي تعليم آهي: رسول الله ﷺ جن فرمايو ته مان چوان ٿو ته ظلم نه ڪريو، اڃا به بڇڙائيءَ جو بدلو نيڪيءَ سان ڏيو. ڇا هيءُ جنن ۽ شيطانن جو ڪلام آهي؟ (المؤمنون) هيءُ ڪلام هڪ ملائڪ جي ذريعي مون کي ملي ٿو. شاعرن وانگر اهو شيطاني ڪلام نه آهي. اهو خدائي ڪلام آهي ۽ ظالمن کي ظلم کان ڊيڄاري ٿو. اهو ڪم شاعر نه ڪندا آهن. (الشعراء) اهو ڪلام صاف ۽ آسان (عربي) ٻوليءَ ۾ آهي. ڀوپن واريون ڪي منجھيل ڳالهيون نه آهن. اهو آڳاٽن رسولن تي موڪليل وحي وانگر ئي آهي (الشورى، الانبياء) جيڪڏهن توهان جي ڀوپن ۽ شاعرن وٽ نيڪي ۽ محبت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪلام آهي ته اهو کڻي اچو (اها للڪار الاحقاف ۾ آهي: (اِيْتُوْنِيْ بِكِتٰبٍ مِّنْ قَبْلِ ھٰذَآ اَوْ اَثٰرَۃٍ مِّنْ عِلْمٍ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ) اها تعليم عيسائين جي لاءِ ڪتاب يا انجيل واري آهي (الڪهف). ياد رکو ته الله تعالى ڪنهن انسان سان ناهي ڳالهائيندو يعني هيءُ الله جو ڪلام برزبان الله ناهي. باقي الله تعالى وحيءَ جي ذريعي دل ۾ هڪ علم ۽ جز پيدا ڪندو آهي. اهو هڪ ڪلام آهي جيڪو پردي پٺيان (من وراءِ الحجاب) ايندو آهي. يعني قرآن ”ڪلام من عندالله“ آهي. اهو خدائي الهام آهي خدا جو ڪلام نه آهي. (الشورى). اهو حق ۽ سچ آهي، جادو نه آهي. ان جي تعليم اها آهي ته ظلم کي ڇڏي ڏيو (السباء) الله تعالى جنهن تي گھري پنهنجو ڪلام (روح) نازل ڪري ڇڏي (المؤمن) اهو قرآن ٽيڏو ڦڏو ڪلام نه آهي. ان ۾ اڳين نبين جي تعليم کي هر هر ورجايو ويو آهي ۽ انهن سان هڪجهڙائي (مشابه) رکي ٿو. (الزمر: كِتٰبًا مُّتَشَابِہًا مَّثَانِيَ). مطلب اهو ته 7 نبوي تائين قريش ظلمن ۾ حد کان لنگھي ويا ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن سان بائيڪاٽ ڪيائون. پاڻ شعب ابي طالب ۾ 10هين نبوي تائين قيد رهيا.