حق جا ڳولائو:
يورپ ۾ جيتوڻيڪ رومي ڪليسا ۽ شهنشاهيت جي حڪم هيٺ عقل جي استعمال کان روڪيو ويو هو پر پوءِ به اهڙا ماڻهو موجود هئا، جيڪي حقيقتن جي ڳولا ۾ رهندا هئا. تعويذ جي جاءِ تي علاج ۽ انجيل جي جاءِ تي فلسفي کي پسند ڪندا هئا. اهڙا ماڻهو به هئا جن حق پرستي ۽ حق جي ڳولا ۾ پنهنجا سِرَ گھوري ڇڏيا.
هندستان ۾ هندو فلسفو ۽ چاڻڪيه ٻڌ فلسفي جي عقليت جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. هندستان ۾ جيتوڻيڪ تانترڪ مذهب به پکڙجي چڪو هو ۽ ماڻهن جادو ٽوڻي، قرباني ۽ ڏنَ کي صوفياڻو رنگ ڏئي، عقل کي ڏيهه نيڪالي ڏئي ڇڏي هئي پر پوءِ به پنجين صديءَ کان ستين صديءَ تائين تاريخ علم ۽ عقل وارن جي ڪارنامن کان خالي نه آهي. جيتوڻيڪ عام ماڻهن جي پالي ٻولي ختم ڪئي وئي هئي ۽ علم کي ڳجھو رکڻ لاءِ سنسڪرت، يعني برهمڻ مذهب ۽ برهمڻي ٻوليءَ ۾ ٻڌ کي جاري ڪيو ويو هو، تنهن هوندي به وڪرماجيت جي زماني (پنجين صدي عيسوي) ۾ اجين جيڪي نورتن پيدا ڪيا، اهي شعر، ٻولي ۽ طب ۾ اڄ به مشهور آهن: ڪاليداس، امر سنگھه ۽ ڌن ونتري جا نالا سدا حيات ٿي ويا آهن. ڇهين صدي ۾ آريه ڀٽ، وراهمي هيرا ۽ برهما گپت پيدا ٿيا. گپت نجوم ۽ رياضيءَ جو ماهر هو. ستين صدي ۾ انهيءَ دؤر جون حالتون چيني سياح هيون سانگ لکيون آهن، جن مان خبر پوي ٿي ته راجه هرش پاڻ به شيوِ پرستي ڇڏي، ٻڌ ڌرم اختيار ڪري ورتو هو. نالنده يونيورسٽيءَ ۾ برهمڻن ۽ بت پرستن جي مذهبن جي سنسڪرت ۾ تعليم ڏني ويندي هئي، جتي فلسفي، طب ۽ رياضيءَ جي تعليم به هوندي هئي ۽ مٿين ذاتين ۾ ڀلئون ڀلا ماڻهو پيدا ٿي رهيا هئا. جيتوڻيڪ اهي سڀئي ذات پات جي ٻنڌڻن، پوڄارين ۽ برهمڻن جي ٻڌاين اصولن کان اڳتي وڌي نه سگھيا هئا، قدامت پرستي چوٽ چڙهي وئي هئي پر جيڪي قدامت پرست هئا، اهي سنسڪرت ادب کان محروم ڪونه هئا.
عرب، خاص طرح مڪو، سڀني قومن جو واپاري مرڪز هو. اوڀر ۽ اولهه، روم، هندستان ۽ ايران جا واپاري ۽ ڪي محبتي ماڻهو هتي اچي گڏ ٿيندا هئا. اهي عوام جي مشرڪاڻن وهمي عقيدن کان بيزار ٿي چڪا هئا. ستين صدي عيسوي ۾ ڪيترائي اهڙا نالا ملن ٿا، جن بت پرستي ڇڏي ڏني هئي. بتن جي نالي تي جيڪي ديڳيون لهنديون هيون ۽ جيڪي قربانيون ٿينديون هيون، تن کي اهي حرام سمجھندا هئا. نياڻين کي ماري ڇڏڻ گناهه ڀائيندا هئا ۽ اوائلي سادگي ۽ ايمانداري، جيڪا انسان جي فطري خصلت هئي ۽ جيڪا حضرت ابراهيم ؑ جي وقت ۾ الله وارن جاري ڪئي هئي، تنهن جا ڳولائو هئا ۽ ان کي جيئارڻ گھرن پيا. زيد بن عمر بت پرستي کي ڇڏي چڪو هو. ورقه بن نوفل عيسائي ٿي ويو هو ۽ انجيل جو عربي ۾ ترجمو ڪري رهيو هو. عبيدالله بن جحش رسول الله ﷺ جي شروعاتي ڪلام کي ٻڌو ۽ مسلمان ٿي ڪري حبشه ڏانهن هجرت ڪري ويو. عثمان بن الحويرث قيصر روم وٽ هليو ويو هو ۽ عيسائي ٿي ويو هو. انهن حق جي کاهوڙين ۾ ابوبڪر صديق ؒ به شامل هو. مطلب ته ان قسم جا ڪيترا ئي حق جا ڳولائو هئا، جيڪي شرڪ جي ريتن رسمن کي ڇڏي حق جي ڳولا ۾ هئا. ايتري تائين جو رسول عربي محمد ﷺ بن عبدالله خدائي سڏ ٻڌو ۽ انهيءَ خوداعتمادي ۽ يقين سان گڏ جيڪو کين ورثي ۾ مليو هو، انسانيت جي اصلاح جي لاءِ ڪم شروع ڪري ڏنائون. هتان کان پاڻ سڳورن ﷺ جي اها تاريخي زندگي شروع ٿئي ٿي، جنهن جي باري ۾ سمورو قرآن شاهد آهي ۽ جنهن جو هڪ هڪ لفظ، ڪلام الاهي هجڻ جي ڪري، ان ئي حالت ۾ محفوظ آهي، جهڙي ريت رسول الله ﷺ جن مسلمانن کي ٻڌايو هو.
محمد عربي ﷺ جن جيئن ئي نبوت جي منصب تي فائز ٿيا، ته کين تمام گھڻين تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. رسول الله ﷺ کان پهريان جيترا به نبي ٿي گذريا آهن، انهن کي به قرآن چواڻي: شاهوڪار طبقي جي هٿان اهنج ۽ ايذاءَ سَهڻا پيا (سورة السباء، آيت 35). ائين اسان ڏسون ٿا ته سقراط کي زهر پياريو ويو، ڇو ته هن بت پرستيءَ جي خلاف نصيحت ڪرڻ شروع ڪئي هئي ۽ نوجوانن جي اخلاقي سڌاري جي لاءِ، کين ڏاهپ ۽ فڪر جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو. حضرت موسى ؑ غلامن جو لشڪر وٺي رات جي وقت ۾ نيل درياهه ٽپڻ جو عزم ڪيو. حضرت عيسى کي ٽن سالن جي تبليغ کان پوءِ رومي ڪارندن ۽ يهودي عالمن سوري تي چاڙهڻ جي سِٽ سٽي. حضرت ابراهيم ؑ کي بتن جي پوڄا جي مخالفت ڪرڻ تي باهه ۾ وڌو ويو. ڪرشن جي کي پانڊوئن جو حق ڏيارڻ جي لاءِ ڪوروئن سان خوفناڪ جنگ جوٽڻي پئي، رام چندر جي کي چوڏهن سالن جي لاءِ ڏيهه نيڪالي جي سزا ڏني وئي. گوتم ٻڌ ملڪ مڏي ڇڏي بک ۽ بيماري ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪيترن ئي سالن تائين جاکوڙ ڪئي. زرتشت کي اتر ايران ڏانهن ڪڍيو ويو. ڪنفيوشس نيڪ ۽ سٺي حياتيءَ جي تبليغ جي لاءِ در در رلندو رهيو. انهن سڀني حق جي طالبن کي مالدار طبقي جي هٿان اهنج ۽ ايذاءَ سَهڻا پيا، ڇو ته اهي سڀئي توحيد رباني جي بنياد تي غير طبقاتي معاشرو قائم ڪرڻ گھرن پيا. اهي آقا ۽ غلام، جاگيردار ۽ هاري، ڪارخانيدار ۽ مزدور جي ٽڪراءَ وارا مفاد رکڻ وارن طبقن کي ختم ڪري، غيرطبقاتي معاشرو اڏڻ گھرن پيا. رسول عربيﷺ جيتوڻيڪ اهڙي رياست قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پر سندن وفات کان پوءِ ٽيهن سالن جي اندر ئي نبوت واري طريقي تي هلندڙ خلافت کي مورثي بادشاهت ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ اهو عمل اڄ تائين جاري آهي