مذهب

حضرت محمد ﷺ جو انقلاب اصل ۾ ڇا هو؟

ڪتاب ”حضرت محمد صه جو انقلاب اصل ۾ ڇا هو؟“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر الطاف جاويد ۽ سنڌيڪار احمد الدين شر صاحب آهي. نور احمد ميمڻ لکي ٿو:”هي ڪتاب حضرت محمدﷺ جي آندل مڪي واري انقلاب جي طبقاتي پهلوءَ تي روشني وجهي ٿو. حقيقت ۾ اهو انقلاب موجوده جديد دور کي تخليق ڪندڙ هو. هن ڪتاب ۾ ڏنل مواد ٽن مختلف جاين تان سهيڙي شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن مختصر طرح اسان ان مان استفادو حاصل ڪري سگهون. مون کي اميد آهي ته هن ڪتاب جا پڙهندڙ پيغمبر اسلام جي برپا ڪيل انقلاب جي طبقاتي حقيقتن کي هن ڪتاب مان ڪي قدر سمجهي وٺندا ۽..
Title Cover of book حضرت محمد ﷺ  جو انقلاب اصل ۾ ڇا هو؟

مڪِي تعليم جو تت

قرآن جي ذريعي پاڻ ڪريم ﷺ جن جيڪا مڪي تعليم ڏني، انهيءَ جو تت اهو آهي ته هن سموري تعليم ۾ انقلابي نظريي وارا جزا ڏنا ويا آهن. مديني ۾ انهيءَ نظرئي تي معاشري جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي آهي:
الف- رحمت وارو الله: الله اهو آهي جنهن جي ڪوبه سفارش نٿو ڪري سگھي. اُن جي قدرت ۾ ڪوبه شريڪ نه آهي. اهو ظالمن کي سزا ۽ نيڪن کي اجر ڏيندو آهي ۽ قيامت جي ڏينهن آخري فيصلو ڪندو. هو سڀني تي ڪرم ڪندڙ آهي، تنهن ڪري ان جي انصاف ۾ رحمت به داخل آهي ۽ هن پنهنجي لاءِ به رحمت جو قانون جوڙي رکيو آهي، تنهن ڪري عدل سان گڏوگڏ رحم ڪرڻ به پاڻ تي لازم ڪيو اٿس. (کَتَبَ عَلٰی نَفْسِہِ الرَّحْمَۃَ). هو ڪرم ڪندڙ ۽ مالڪ آهي. هو سڀ ڪجھه ڪري سگھي ٿو پر ظلم نٿو ڪري ”وَمَآ رَبُکَ بِظَلَّامٍ لِّلْعَبِيْدِ“. هو رحم ڪندڙ آهي. هو ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جي ڏوهه جي سزا ٻئي ڪنهن کي نٿو ڏئي، تنهن ڪري شفاعت ۽ ڪفارو بي معنى شيءِ آهي. هو سڀني قومن جو پالڻهار آهي ۽ ڪابه قوم هن جي لاڏلي نه آهي. ان جي قدرت جون نشانيون هر جاءِ تي پکڙيل آهن. معجزن جي ڪابه ضرورت نه آهي.
ب- مرڻ کان پوءِ واري زندگي ۽ مايوسي: ظلم ۽ ڏاڍ کان مڙي وڃو. دنيا جون قومون انهيءَ جي ڪري ئي تباهه ۽ برباد ٿي ويون. اهو نه سمجھو ته ظلم جي سزا کان بچي ويندؤ. پڪ ڄاڻو ته جهڙي پوک پوکيندؤ، تهڙي ئي لڻندؤ. اها ئي الله تعالى جي سنت آهي. جيڪڏهن دنيا ۾ توهان بچي به ويؤ ته آخرت ۾ ضرور سزا ڀوڳيندؤ. مرڻ کان پوءِ جيئرو ٿي اٿڻ پڪي ڳالهه آهي پر جيڪي ماڻهو ظالم آهن سي مايوسيءَ واري دنيا ۾ آهن ۽ ٻيهر پيدا ٿيڻ واري ڳالهه جا انهيءَ ڪري ئي انڪاري آهن. انڪار سان مايوسي پيدا ٿيندي آهي.
ٻيهر جياپو ۽ الله ۾ اميد: نيڪوڪاري (عدل سان گڏ رحمت) جو نتيجو هن دنيا ۾ خوشحالي آهي ۽ مرڻ کان پوءِ به بهشت آهي، تنهن ڪري محبت ۽ رحمت جي دنيا وسايو ۽ نا اميديءَ کي ڪفر سمجھو. خدا پرستيءَ جو لازمي نتيجو خوشي، زندگي ۽ اميد آهي. گناهه کان پوءِ توبه ڪريو، الله تعالى رحم ڪندڙ آهي، اميد آهي ته معاف ڪري ڇڏيندو. هن وٽ ڪنهن جي به سفارش جي ضرورت نه آهي.
ت- فڪري آزادي: سمورن هادين ۽ نبين جي اها ئي تعليم رهي آهي. يعني اها ئي قرآن واري تعليم. انڪار ڪندڙن جي لاءِ نه رڳو قرآن پر سمورا حڪم ۽ خدائي ڪتاب معجزو آهن. انهيءَ ڪري اهي نه ته الله تعالى جي وجود جا قائل آهن ۽ نه ئي مرڻ کان پوءِ جيئرو ٿي اٿڻ تي ويساهه ڪن ٿا. اهي پنهنجي عقلن کي مذهبي ٺيڪيدارن ۽ ڀوپن (موجوده دؤر ۾ سائنس ۽ مذهبي پيشوائن) جي هٿ وڪڻي چڪا آهن. تنهن ڪري ڀلو انهيءَ ۾ اٿوَ ته خدائي ڪتابن کي مڃو جنهن جو لازمي نتيجو فڪري آزادي آهي. انهيءَ سان طبقاتي ڪشمڪش ختم ٿي وڃي ٿي ۽ محبت ۽ رحمت جي ڪري ضمير جو سچو آواز خدائي آواز بڻجي ويندو آهي.
ث- محنت جي استحصال سان دولت ميڙڻ ۽ نبين سڳورن سان دشمني: مڪي ۾ نازل ٿيندڙ قرآن ۾ آسودن تي سخت تنقيد ڪئي وئي آهي ۽ معاشي طبقي جي لحاظ کان انهن کي نبين جو دشمن سڏيو ويو آهي. سورت سبا ۾ چٽائي ڪئي وئي آهي ته نبين سڳورن کي تڪليفون ڏيڻ وارا اهي ئي آسودا ماڻهو آهن. ايترو به چيو ويو ته سمورين بد اخلاقين جو بنياد اهو ئي آسودو طبقو آهي. سوال اهو آهي ته اها دولت انهن وٽ آئي ڪٿان آهي؟
زرعي دور کان وٺي اسلام جي ظاهر ٿيڻ تائين اها دولت غلام ۽ زرعي غلام جي محنت جي استحصال سان آئي هئي. مالڪ ۽ جاگيردار انهيءَ دولت جا مالڪ هئا. اسلام کان پوءِ جڏهن يورپ ۾ تحقيق جي سائنسي طريقي جو رواج پيو ته مشينون ايجاد ٿيون ۽ پهريون دفعو هڪ ڪارخاني جي ڇت هيٺ هزارين مزدورن ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته محنت جي استحصال ۽ انهيءَ مان حاصل ٿيندڙ دولت جي سموري عمل تي روشني پئي. اهڙي طرح خبر پئي ته دولت نه ته آسمان مان لهي ايندي آهي، ۽ نه ئي زمين مان نڪرندي آهي پر اها مزدور جي محنت مان حاصل ٿيندڙ پيداوار جي هڪ وڏي حصي تي ڪارخانيدار مالڪ بڻجي قبضو ڪري وٺندو آهي. غلام ۽ زرعي غلام جي محنت جو استحصال اهڙيءَ ئي طرح ٿيندو آيو آهي، جهڙي طرح اڄ به مزدور جو ٿي رهيو آهي. مالڪ، جاگيردار ۽ ڪارخانيدار جي سموري دولت انهيءَ استحصال جو ئي نتيجو آهي.
قرآن ۽ ٻين پاڪ ڪتابن جي تفسير ۽ تشريح ڪندي مذهبي پيشوائن انهن ڪتابن جو انهن جي تاريخي پس منظر کان جدا ڪري مطالعو ڪيو، جنهن جو وڏو فائدو غلام بڻائيندڙ آقا، جاگيردار ۽ ڪارخانيدار کي حاصل ٿيو. قرآن ڪيترن ئي جاين تي ٻڌايو آهي ته الله تعالى رزق جا سمورا وسيلا پنهنجي ٻانهن لاءِ پيدا ڪيا آهن. هابيل جي قتل ۽ آدم جي زمين تي اچڻ کان پوءِ جيڪو معاشي نظام قائم ٿيو، اُن ۾ ڏهه سيڪڙو ماڻهن جو پيداواري وسيلن تي قبضو ٿي ويو ۽ نوي سيڪڙو اڪثريت انهن وسيلن مان فائدو ماڻڻ کان محروم ٿي وئي.
انسان پنهنجي عملن ۾ خودمختيار آهي. اهو هن جو فرض هو ته هو اهڙو معاشي نظام جوڙي جو پيداواري وسيلا عوام کي فائدو ڏيڻ لاءِ کليل رهن ها پر ايئن نه ٿيو. قرآن پاڪ جي موجوده ترتيب اندر مڪي ۽ مدني سورتن کي پاڻ ۾ ملائي ڇڏيو ويو آهي. انهيءَ سان مڪي دؤر ۾ نازل ٿيڻ واري قرآن ۾ مالدارن تي جيڪا سخت تنقيد ڪئي وئي آهي، سا نظرن کان اوجهل ٿي وئي آهي. انهيءَ سبب جي ڪري قرآن معاشري ۾ ڪابه بنيادي تبديلي آڻڻ ۾ مدد نه ڏئي سگھيو، اڃا به غلاميءَ جو ادارو دائمي بڻايو ويو. سياسي نظام ۾ بادشاهت قائم ڪئي ويئي. عوام ۽ ان جي مفادن کي حڪومت، قانون سازي ۽ معاشي نظام جوڙڻ کان بي دخل ڪري ڇڏيو.
جيستائين قرآن جي تعليم موجب پيداواري وسيلن کي ٿورڙن ماڻهن جي قبضي مان ڪڍي پورهيت عوام جي ملڪيت ۾ نٿو ڏنو وڃي، اها صورتحال جيئن جو تيئن قائم رهندي.
مون پنهنجي لکڻي ”انقلاب مڪه“ ۽ ”فهم قرآن ڪي جديد طريقي“ ۾ امام ابن تيميه جي فتوى نقل ڪئي آهي، جنهن ۾ امام موصوف چيو آهي ته موجوده صحيفي واري ترتيب تلاوت جي لاءِ آهي، باقي تحقيق جي لاءِ ڪنهن به ترتيب کان ڪم وٺي سگھجي ٿو، تنهن ڪري ضروري آهي ته تحقيق جي لاءِ مڪي ۽ مدني دؤر ۾ نازل ٿيندڙ قرآن جو جدا جدا مطالعو ڪيو وڃي.
اسلامي جي معاشي نظام جي باري ۾ اها ڳالهه سمجهي ڇڏڻ گھرجي ته مديني ۾ نبي ڪريم ﷺ جن ڪڙمت کي وياج تي مبني ڪاروبار سڏيو هو. پر بغداد واري خلافت جي دٻاءَ هيٺ اچي مجتهد فقيهن جي شاگردن ڪڙمت کي ڪن شرطن سان جائز سڏيو. جڏهن ته حضرت ابوبڪر صديق ؒ مال غنيمت جي برابر ورڇ لازم ۽ حضرت عمرؒ مصر ۽ شام مان حاصل ٿيندڙ زمينن کي بيت المال جي ملڪيت چئي ڇڏيو هو. اهو ئي عمل خيبر جي فتح کان پوءِ پاڻ ڪريم ﷺجن به اختيار ڪيو هو ته زمينن ۽ باغن کي ته رياست جي ملڪيت ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽ يهودي هارين کان ڍل وٺڻ شروع ڪئي.
جيئن ته ڪڙمت کي جائز سڏيو ويو هو، انهيءَ ڪري مشين جي ايجاد کان پوءِ ڪارخاني کي به انهيءَ ئي اصول هيٺ مالڪ ۽ مزدور جي شڪل ڏني وئي. فقيهن جهڙي طرح جاگيرداري کي جائز سڏيو، اهڙيءَ ئي طرح ڪارخانيداري کي به جائز چئي ڇڏيو. هاريءَ جي محنت جي استحصال وانگر مزدور جي محنت جو استحصال به رڳو فقهي نقطه نظر کان جائز سڏيو ويو. جيستائين اها صورتحال رهندي، دولت هڪڙي ننڍڙي طبقي جي ملڪيت ۾ گڏ ٿيندي رهندي.
قرآن چيو آهي ته ڪمزور ۽ غريب طبقي جي ماڻهن جو فرض آهي ته اهي پنهنجي شعور کي بيدار ڪن ۽ پنهنجي تنظيم قائم ڪري، هلندڙ جاگيرداري ۽ سرمائيداري معاشِي نظام جو خاتمو ڪري ڇڏين. هن دؤر جي انسان جو معاشي ڇوٽڪارو گڏيل معيشت اختيار ڪرڻ ۽ حقيقي مذهب يعني توحيد خدائي جي نظريي هيٺ اخلاقي ۽ روحاني خصوصيتون اختيار ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي جزا ۽ سزا جي لاءِ مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ تي ايمان آڻڻ ۾ آهي. جيستائين اهي ٻئي جزا جدا جدا رهندا، انساني معاشرو تباهيءَ جي ڪُن ۾ ڦاٿل رهندو. حقيقي مذهب ۾، جنهن کي پاڪ مذهبن جي بانين رواج ۾ آندو هو، اهي ٻئي جزا گڏايا ويا آهن پر مذهبي پيشوائن انهن کي جدا جدا ڪري ڇڏيو.
تنهن ڪري قرآن پاڪ ۽ سيرت پاڪ جو جيستائين طبقاتي نقطه نظر ۽ ترتيب نزول جي روشنيءَ ۾ مطالعو نه ڪيو ويندو، قرآن ۽ سيرت معاشري ۾ ڪابه تبديلي نٿا آڻي سگھن.