زندگي ۽ ڪائنات بابت اسلامي نظريي جا بنيادي اصول ۽ انهن جي قرآني تشريح:
(1) خالقِ ڪائنات ۽ زندگيءَ جو تصور
(2) مرڻ کان پوءِ وري جيئرو ٿيڻ، جنهن ۾ عملن موجب جزا ۽ سزا ڏني ويندي.
(3) رسالت ۽ وحي الاهي.
(4) الله تعالى پيداواري ذريعا پنهنجي مخلوق جي لاءِ خلقيا آهن، انهيءَ ڪري ٿورڙن ماڻهن جو انهن تي قبضو الله جي رضا جي خلاف آهي، تنهن ڪري اهي عوام جي ملڪيت آهن.
(5) غير انساني ۽ غير معاشرتي اخلاقي قدرن تي تنقيد ۽ انهن جا نتيجا.
(6) انساني ۽ معاشرتي اخلاقي قدرن جي سڃاڻ ۽ نشاندهي.
(7) علم بالقلم يعني تجربي ۽ مشاهدي تي ٻڌل علم جو رستو.
سموري مڪي دؤر ۾ نازل ٿيڻ وارو قرآن انهن بنيادي جزن تي دليلن سان ڀريل آهي ۽ انهن دليلن کي هر هر ورجايو ويو آهي ته جيئن ماڻهن جي ذهنن ۾ چڱيءَ طرح اها ڳالهه ويهي وڃي ۽ ذهني ۽ معاشرتي انقلاب جو سبب بڻجي.
مڪي دؤر ۾ نازل ٿيڻ واري قرآني حصي جون ٻه خاصيتون آهن:
(1) مڪي آيتن ۾ ڏنل تعليم عام انسانن جي لاءِ آهي. قومن جو عروج ۽ زوال، انهيءَ تعليم تي عمل ڪرڻ يا نه ڪرڻ تي دارومدار رکي ٿو. ان ۾ ڇڙا اصول ڏنا ويا آهن. اها تعليم ۽ اهي اصول دنيا جي سڀني مذهبن جي تعليم جا بنيادي اصول آهن.
(2) مڪي قرآن، فلسفي جي ٻن بنيادي سوالن يعني وجود (Ontology) ڇا آهي؟ ۽ علم (Epistemology) ڇا آهي؟ تي روشني وڌي آهي. ان کان پوءِ فلسفي جي سڀني مڪتبن جيڪي يونان، اسڪندريه، جمشيد پور (ايران)، هندستان ۽ چين کان اڀريا، تن انهن ٻنهي بنيادي اصولن جو جواب ڏنو ۽ انهيءَ تي تنقيد ڪندي قرآن پنهنجو نقطه نظر پيش ڪيو آهي.
اختصار جي ڪري فلسفي جي سڀني فڪري ڌارائن جا جواب هتي نقل نه پيا ڪري سگھجن، تنهن ڪري جيڪو جواب قرآن انهيءَ باري ۾ ڏنو آهي، رڳو ان کي پيش ڪيو ويو آهي.