علم ڇا آهي؟
اسلام جي ظاهر ٿيڻ وقت يوناني عقليت هر طرف ڇانيل هئي. ارسطو جيتوڻيڪ منطق جي ٻنهي قسمن يعني داخلي منطق (Inductive Logic) ۽ استخراجي منطق (Deductive Logic) جو ذڪر ڪيو آهي پر معاشرتي حالتن جي ڪري داخلي منطق وڌي ويجھي نه سگھيو، ان جي بدران استخراجي منطق سوچڻ جو اوزار بڻجي ويو.
ٻنهي ۾ فرق اهو آهي ته استخراجي منطق گھڻائي کان هيڪڙائي ڏانهن اچي ٿو، جڏهن ته داخلي منطق هيڪڙائيءَ جي مطالعي سان گھڻائي کي ترتيب ڏئي ٿو: مثال طور جيڪڏهن چيو وڃي ته انسان فاني آهي، ته استخراجي منطق انهيءَ مان اهو نتيجو ڪڍي ٿو ته جيئن ته سمورا انسان فاني آهن انهيءَ ڪري زيد به فاني آهي جو اهو ”هڪ“ انسان آهي. پر داخلي سوچ جو ذريعو زمين جي هر خطي جي هر انسان جو مطالعو ڪري ٿو ۽ انهيءَ جي تفصيلي مطالعي مان اهو نتيجو ڪڍي ٿو ته سمورا انسان فاني آهن. ارسطو جي زماني ۾ پيغام رساني ۽ لڏپلاڻ جا وسيلا به ترقي يافته نه هئا، انهيءَ ڪري هيڪڙائي وارو مطالعو تمام ڏکيو هو، جنهن ڪري داخلي منطق وڌيو ويجھيو، جنهن ۾ هيڪڙائيءَ جي تفصيلي مطالعي جي ضرورت نه هئي.
ڄاڻايل ٻنهي منطقن جي باري ۾ سترهين صديءَ جي محقق فرانس بيڪن چيو آهي ته استخراجي منطق جو مثال هڪ ڪوريئڙي وانگر آهي، جيڪو هڪڙي ڪنڊ ۾ ويهي پنهنجي اندران پِڪَ ڪڍي پنهنجي شڪار کي ڦاسائڻ جي لاءِ ڄارو اڻيندو رهندو آهي. اهڙيءَ طرح استخراجي محقق به پنهنجي ڪمري ۾ ويهي گھڻائيءَ مان هيڪڙائي نتيجو ڪڍندو رهندو آهي. جڏهن ته داخلي محقق جو مثال ماکيءَ جي مک وانگر آهي جيڪا سوين گلن ۽ ميون مان رس چوسي پنهنجي ماناري ۾ ماکي ٺاهي ٿي. داخلي محقق ڪنهن وڏي واقعي (General Proposition) مان نتيجو ڪڍڻ جي لاءِ تفصيلي مطالعو ڪندو آهي، جنهن ۾ ان کي ڪيترين ئي جاين جو سفر به ڪرڻو پوندو آهي. تحيق جي داخلي طريقي کي تحقيق جو سائنسي طريقو سڏيو وڃي ٿو.
علم بالقلم جو مطلب تحقيق جو داخلي طريقو آهي، ڇو ته قلم تفصيلي تحقيق جي نتيجن کي لکي ٿو، جنهن مان ڪو نتيجو نڪري ٿو. قلم بنا حاصل ٿيڻ وارو علم تجربي ۽ مشاهدي تي ٻڌل نه هوندو آهي، جڏهن ته قلم جي ذريعي حاصل ٿيندڙ علم تجربي ۽ مشاهدي تي ٻڌل هوندو آهي. پهرين وحي علم بالقلم چئي ڪري سائنسي علم جو ڏس ڏنو آهي، يعني غير سائنسي يا غير داخلي علم کي پيش نه ڪيو آهي. اصل ۾ تحقيق جو داخلي طريقو وڏي يا ننڍي نتيجي جي معروضي يا مادي حقيقت سان مطابقت نٿو رکي. مثال طور جيڪڏهن چيو وڃي ته وڻ دسترخوان هوندا آهن (وڏو نتيجو) هي به وڻ آهي؛ (ننڍو نتيجو) انهيءَ ڪري هي به دسترخوان آهي. (نتيجو) جيستائين وڏي نتيجي ۽ ننڍي نتيجي جو تعلق آهي، نتيجو صحيح آهي پر وڏو نتيجو معروضي حقيقت جي مطابق نه آهي، وڻ دسترخوان نه هوندا آهن، انهيءَ ڪري نتيجو معروضي حقيقت مطابق نه آهي.
انهيءَ جي مقابلي ۾ تحقيق جي داخلي يا سائنسي طريقي موجب جيڪڏهن وڏو نتيجو معروضي حقيقت سان هڪجهڙائي نٿو رکي ته سائنسي طريقو نتيجي کي قبول نه ڪندو آهي ۽ ان کي غلط سڏيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اولهه واري تحقيق جي سائنسي طريقي جي استعمال سان، صحيح علم کي اخذ ڪيو آهي جنهن جي ڪري يورپ تمام گھڻي ترقي ڪري ويو آهي. ڇو ته سائنسي طريقي سان حاصل ڪيل علم فرضي ڳالهين تي ٻڌل نه هوندو آهي، پر پڪين حقيقتن تي ٻڌل هوندو آهي ۽ تجربي ۽ مشاهدي سان اُن جي سچائيءَ کي پرکي سگھجي ٿو.
پر افسوس هيءُ آهي ته اسان جي عالمن ۽ مفسرن علم بالقلم جي حقيقت کي سمجھڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي، جنهن جو نتيجو هيءُ نڪتو آهي جو مسلم معاشرو اڄ ڏيڍ هزار سال گذري وڃڻ کان پوءِ به پوئتي پيل ۽ غير ترقي يافته آهي. مسلم ملڪن جي يونيورسٽين ۾ جيڪي علم پڙهايا وڃن ٿا اهي سڀئي علم اولهه جي محققن جا تحقيق ڪيل آهن. پهرين وحيءَ جي انهيءَ علمي حقيقت جي نشاندهي جي باوجود، مسلم عالم ۽ محقق عام طور استخراجي عقليت جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل رهيا. ايتري تائين جو اڄ به ديني مدرسن ۾ استخراجي عقليت کان ئي ڪم ورتو پيو وڃي ۽ ان جي لاءِ دليل اهو پيو ڏنو وڃي ته خدا جي هستي ۽ طبعيات کان هٽي ڪري ٻيا عقيدا، تجربن ۽ مشاهدن سان معلوم نٿا ڪري سگھجن. جڏهن ته اها ڳالهه بلڪل ئي غلط آهي. قرآن ڪريم وري وري فطرت جي مطالعي جي تاڪيد ڪئي آهي. جيتوڻيڪ امام غزالي ۽ ڪانٽ ٻڌايو آهي ته طبعيات کان هٽي ڪري، حقيقتن کي ڄاڻڻ جي لاءِ عقل ڪم نٿو ڏئي سگھي پر غزالي ۽ ڪانٽ پاڻ به وجدان جي واڌويجھه جي ذريعي، طبعيات کان پوءِ وارين حقيقتن جو مشاهدو ڪرڻ جي امڪان جو اظهار ڪيو آهي. دنيا جي هر مذهب جي صوفين سڳورن انهن حقيقتن جو مشاهدو ڪري ثابت ڪيو آهي ته اهي حقيقتون ڪنهن فرضي ڳالهه تي ٻڌل نه، پر صحيح معنى ۾ حقيقتون آهن. تنهن ڪري علم بالقلم تجربي ۽ مشاهدي تي ٻڌل هوندو آهي، پوءِ ڀلي اهو عقل جي ذريعي حاصل ٿئي يا وجدان جي ذريعي حاصل ٿئي. وري جيڪڏهن مشاهدن تي غور ڪيو وڃي ته انهن مشاهدن جي هڪجهڙائي انهيءَ ڳالهه جو دليل بڻجي وڃي ٿي ته طبعيات کان پوءِ واريون حقيقتون فرضي ڳالهيون نه آهن پر ڪي حقيقتون آهن جيڪي زندگيءَ تي پنهنجو اثر ڇڏينديون آهن.
برگسان وقت (Time) جون ٻه شڪليون ٻڌايون آهن. انهن مان هڪ زمان متسلسل (Serial Time) ۽ ٻيو زمان خالص (Duration) آهي، جنهن جي ذريعي حواس ۽ عقل جو واسطو زمان متسلسل سان رهندو آهي، جيڪو رات ۽ ڏينهن ۾ ورهائبو آهي. زمان خالص جو تعلق وجدان سان هوندو آهي. زمان متسلسل شيءِ (Thing) کي ان جي جزن ۾ ڏسندو آهي. اُن جي پهچ سڀ (Whole) تائين ناهي هوندي. جڏهن ته زمان خالص حقيقت کي سڀ جي حيثيت سان ڏسندو آهي. تنهن ڪري ڪانٽ ۽ غزالي جو هيءُ موقف صحيح آهي ته عقل ۽ حواس حقيقت تائين پهچ حاصل نٿا ڪري سگھن، ڇو ته انهيءَ جي لاءِ وجدان جي ضرورت آهي. وحي الاهي وجدان سان تعلق رکي ٿي پر هيءَ حقيقت ياد رکڻ گھرجي ته وجدان جو تعلق به تجربي ۽ مشاهدي سان آهي. اهو غير عقلي نه آهي جيتوڻيڪ ظاهر ۾ عقل کان مٿاهون آهي.
جيئن ته هن کان پهريان بيان ٿي چڪو آهي ته انقلاب جي جزن مان سڀ کان پهريون جز نظريو هوندو. انهيءَ نظريي ۾ انقلاب جو فلسفو ۽ نصب العين جو تفصيل هوندو آهي. نظريي تي سهمت ٿيڻ وارن فردن جي جماعت يا پارٽي جوڙي ويندي آهي جيڪا سياسي جاکوڙ سان انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.
غار حرا ۾ نازل ٿيڻ وارين پنجن آيتن ۾ اسلامي انقلاب جو مڪمل نظريو ۽ نصب العين ڏنو ويو هو. جيئن ته ايران ۽ روم جي پاڻ ۾ جنگين جي ڪري واپاري رستا بند ٿي ويا هئا. قريش جي سردارن جي معاش جو ذريعو رڳو حج جو ميلو ۽ واپاري قافلا هئا. انهيءَ ڪري پاڻ ڪريم ﷺ جن سوچيو ته جيڪڏهن هن وقت کين بت پرستي کي ڇڏي ڏيڻ جي صلاح ڏني وئي ته اهي سمجھندا ته انهن جي روزيءَ جو آخري سهارو به ختم ڪيو پيو وڃي، تنهن ڪري فيصلو اهو ڪيو ويو ته ڪجھه عرصي تائين چپ چپات ۾ ڪم ڪيو وڃي ۽ جيڪي به ماڻهو انقلاب جا ٻانهن ٻيلي هئا، انهن تي ٻڌل هڪ جماعت جوڙي وڃي. ان کان پوءِ حالتون بدلجندي ئي عليٰ الاعلان جاکوڙ شروع ڪئي وڃي.
ڪوهه صفا جي ڪڇ ۾ ابو الارقمؒ (اسدي) جي گھر ۾ نبي ڪريمﷺ جن نويڪلائي اختيار ڪئي ۽ هتان کان ئي ڳجھي دعوت پکيڙي پئي وئي. حضرت ابو بڪرؒ جي ڪوششن سان ڪجھه آزاد ۽ غلام ماڻهن انهيءَ دعوت کي قبولي ورتو. شروع ۾ مؤمن يا مسلم جي بدران سچار جو لفظ استعمال ٿيندو هو. دعوت هيءَ هوندي هئي:
(1) گھڻن ئي پالڻهارن جي جاءِ تي رڳو هڪڙي ئي پالڻهار جي پوڄا ڪئي وڃي ۽ ارباب من دون الله جي ٻانهپ ۽ غلاميءَ جي خلاف بغاوت ڪئي وڃي. مقصد هيءُ هو ته الله جي جوڙيل نظام حيات جي مقابلي ۾ اهي مشرڪ آهن جن زندگيءَ جو نظام پنهنجي مرضي موجب بڻائي ورتو هو. خدا جي نظام ۾ رزق حاصل ڪرڻ جا ذريعا سڀني لاءِ کليل ۽ عام هئا. هر ماڻهو پنهنجي جسماني ۽ ذهني قابليت موجب انهن مان فائدو ماڻي سگھي پيو. انساني معاشري ۾ متضاد معاشي مفاد رکڻ وارا طبقا ڪونه هئا. يعني آقا ۽ مالڪ جو وجود نه هو پر انهن ”ارباب من دون الله“ معاشري کي آقا ۽ غلام ۾ ورهائي ڇڏيو هو. انهيءَ ورڇ مطابق گھڻائي غلامن تي ٻڌل هئي جڏهن ته آقائن جو تعداد تمام ٿورو هو. جيئن ته انهن آقائن جو رزق، علم ۽ تهذيب جو وسيلن تي قبضو هو، اِن ڪري انسانن جي گھڻائي غربت، جهالت، غلامي، مسڪيني ۽ ڪسمپرسي جي حالت ۾ جڪڙيل هئي.
”ارباب من دون الله“ اهي مالڪ هئا، جن کي مذهبي پيشوائن، بتن ۽ انهن تي قائم ڪيل مذهبي اڳواڻيءَ واري نظام کي سردارن تائين محدود ڪري ڇڏيو هو ته جيئن آقائن جا مفاد محفوظ رهن. ان کان پوءِ معاشري جي ارتقا سان گڏوگڏ اهي آقا، جاگيردار، صنعتڪار ۽ ڪارخانن جي مالڪن واري حيثيت اختيار ڪري ويا ۽ غلام، زرعي غلام ۽ پگھاردار غلام جي شڪل اختيار ڪري ورتي.
”ارباب من دون الله“ جي خلاف بغاوت اصل ۾ معاشي طبقاتي نظام ۽ بتن جي حمايت ۽ حفاظت ڪرڻ واري مذهبي اڳواڻي واري نظام جي خلاف بغاوت هئي، جنهن اڄ بت پرستيءَ جي خاتمي کان پوءِ هاڻي مذهبي پيشوائيت جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي. گڏوگڏ اهو به ته اڄ جا ”ارباب من دون الله“ جن جي قبضي ۾ رزق جا وسيلا، جهڙوڪ زمين، ڪارخانا، ڪوئلو ۽ ٻيون معدني کاڻيون، پيٽرول ۽ گيس جا ذخيرا، ٻيلا ۽ دريا وغيره آهن، سي انهيءَ جاگيردار، صنعتي سرمائيدار، وڏن واپارين جيڪي اسٽاڪ ايڪسچينج جي وڏي جوئاخاني سان تعلق رکن ٿا، شاهوڪار نظام رکندڙ بينڪرن ۽ سمگلرن وغيره جي نالن سان به سڏيا وڃن ٿا. اڄ به انسانن جي اڪثريت هارين ۽ مزدورن تي مشتمل آهي، انهن سان گڏ وڏو تعداد پوئتي پيل ۽ نادار انسانن جو آهي.
معاشي طبقن تي ٻڌل هن نظام انسانن جي وچ ۾ هڪجهڙائيءَ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ نظام خود غرضي، حسد ۽ نفرت کي هٿي ڏني، جنهن جي نتيجي خوف، ڳڻتي ۽ بک جو هر طرف راڄ آهي. نيڪي ۽ شرافت جا جذبا دٻجي ويا آهن.
(2) جيڪي ماڻهو انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪري وٺن ته رڳو رب الخالق المعلم جي پوڄا ڪئي وڃي، انهن کي گهرجي ته ٻين کي به شرڪ ۽ ڪفر جي اونداهيءَ مان ڪڍن ته جيئن انساني هڪجهڙائي قائم ٿي سگھي ۽ طبقاتي معاشرو توحيدي معاشري ۾ بدلجي وڃي. پيداواري وسيلا ٿورڙن ماڻهن جي قبضي مان نڪري مزدورن ۽ عوام جي ملڪيت ۾ اچي وڃن ۽ ائين ڪيني، نفرت ۽ خودغرضي جي جاءِ محبت، نيڪي ۽ شرافت والاري وٺي. اهڙي قسم جي تبديلي ئي بک، خوف ۽ جهالت کي ختم ڪندي.
(3) هن دعوت کي عام ڪندڙن جي جماعت جا امام نبي ڪريم ﷺ جن پاڻ هئا، جيڪي رب الخالق والمعلم جا موڪليل پيغمبر هئا. اهو رحماني پيغام انسانيت کي اونداهي ۽ ڪفر مان ڪڍي سوجهري ۽ ايمان ڏانهن، اڻڄاڻائيءَ مان ڪڍي علم ڏانهن ۽ اڻ ڳڻين آقائن جي غلامي ۽ ذلت مان ڪڍي رڳو هڪ آقا (الله) جي غلامي جي شرف ڏانهن وٺي وڃي ٿو. اها ئي ڳالهه اسان جي دؤر ۾ جاگيردارن ۽ صنعتي سرمائيدارن جي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ماڻڻ آهي. اسلام جي شروعاتي دؤر ۾ مڪي جا پيداواري وسيلا واپار تي مشتمل هئا. مڪي ۽ مديني ۾ زمين پيداواري وسيلو نه هئي. ان جي باوجود به نبي ڪريم ﷺ جن زمين جي باري ۾ اهو فيصلو ڏنو ته پوکي ڪرڻ جي بدران جيڪڏهن زمين کي هارپي تي ڏنو وڃي ته اهو معاملو ربوا (وياج) جو آهي، تنهن ڪري ڪڙمت کي ناجائز سڏيو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته زمين جو مالڪ اهو آهي جيڪو ان کي پاڻ کيڙي ٿو... پر بادشاهي نظام جي دٻاءَ ۾ اچي، جنهن ۾ غلامن جي ادارن کي مستقل بڻايو ويو هو، جڏهن ته قرآن فديي يا احسان سان غلام کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، امام ابو يوسفؓ ڪڙمت جي اجازت ڏئي ڇڏي، جنهن سان مسلمانن ۾ جاگيرداري نظام قائم ٿي ويو. اصل ۾ انهيءَ جي شروعات دمشق جي خلافت کان ئي ٿي وئي هئي پر انهيءَ جي تڪميل عباسي خلافت ۾ ٿي.
نبي ڪريم ﷺ جن ڪڙمت کي وياج تي مبني ڪاروبار سڏيو هو جنهن جو نتيجو اهو ٿيو ته حضرت عمرؒ جي زماني ۾ جڏهن عراق، شام ۽ مصر وغيره جي زمينن جي ورهاست جو مسئلو اڳيان آيو ته حضرت عمرؒ انهيءَ ورهاست مان مطمئن نه ٿيو، ايتري تائين جو کين قرآن حڪيم مان ڄاڻ ملي ته اِنهن زمينن ۾ انهن جو به حصو آهي، جيڪي هن کان پوءِ اچڻ وارا آهن. تنهن ڪري سڀئي زمينون گڏيل ملڪيت ۾ ورتيون ويون ۽ خلافت راشده تائين مسلم معاشرو جاگيرداري جي لعنت کان محفوظ رهيو.
جن ماڻهن حضرت رسول الله ﷺ جي دعوت تي ڪن ڏنو ۽ ڳجھي پارٽيءَ جا ميمبر بڻجي ويا، انهن جا نالا هيٺ ڏنا ويا آهن. انهن اصحابن جي باري ۾ تفصيل سيرت جي عام ڪتابن ۾ ملي ويندو. انهن ۾ ڪيترا ته اهڙا ماڻهو به آهن، جن تي لڱ ڪانڊاريندڙ ظلم ڪيا ويا:
1. حضرت خديجة الڪبرىؒ ، نبي ڪريم ؐ جي شريڪ حيات.
2. حضرت زيدؒ بن حارث، نبي ڪريم ﷺ جو آزاد ڪيل غلام.
3. حضرت عليؒ بن ابي طالب، نبي ڪريم ؐ جو سؤٽ.
4. حضرت ابوبڪرؒ بن قحافه، نبي ڪريمؐ جو ننڍپڻ جو سنگتي ۽ ساٿي.
5. حضرت عثمان بن عفان (4 محرم 24 هه ۾ حضرت عمرؒ کان پوءِ خليفا چونڊيا ويا ۽ 8 ذي الحج 35 هه ۾ شهيد ڪيا ويا).
6. حضرت زبير بن العوام (اسدي) رسول الله ﷺ جي پڦيءَ جو پُٽ. هن سخت سور سٺا. 36 هه ۾ سجدي جي حالت ۾ شهيد ڪيو ويو.
7. عبدالعزى بن عوف (زهري) اسلام کان پوءِ ان جو نالو عبدالرحمان رکيو ويو. حضرت عمرؒ جي خلافت کان پوءِ ڪنڊائتو ٿي ويهي رهيو.
8. طلحه بن عبيد اللهؒ (تميمي) حضرت ابوبڪرؒ جو مائٽ هو. احد جي جنگ ۾ رسول الله ﷺ کي بچائيندي سندس آڱريون ڪٽجي ويون. حضرت عليؒ جي زماني ۾ خلافت جو اميدوار هو پر حضرت زبيرؒ جي الڳ ٿي وڃڻ سان هي به پاسي تي ٿي ويو. شهيد ڪيو ويو.
9. ابو عبيده عامر بن الجراحؒ (فهري). نجران وارن جي لاءِ معلم ٿي ڪري ويو. شام جي فوجن جو سالار بڻيو. بيت المقدس کي صلح سان فتح ڪيو. 8 هه ۾ وفات ڪيائين.
10. سعد بن ابي وقاصؒ (زهدي) فاتح ايران.
11. عمير بن ابي وقاصؒ، مائٽيءَ ۾ پاڻ سڳورن ﷺ جو مامو هو. ڪوفي کي آباد ڪيائين ۽ 55 هه ۾ مديني کان ٻاهر ڪنڊائتو رهندي وفات ڪيائين.
12. ابو سلمه عبد الله بن عبدالاسدؒ. رسول الله ﷺ جو پڦاٽ ۽ رضاعي ڀاءُ هو. جنگ احد ۾ زخمي ٿيو ۽ 4 هه ۾ وفات ڪيائين.
13. ام سلمهؒ. ام المؤمنين هئي. پاڻ سڳورن ﷺ سان نڪاح ۾ اچڻ کان اڳ ابوسلمه جي زال هئي.
14. عثمان بن مظعونؒ.
15. سائبؒ ۽ ان جا ٻه ڀائر
16. قدامهؒ.
17. عبد اللهؒ. سؤٽ هو.
18. معمر بن الحارثؒ 2هه ۾ وفات ڪيائين. هو تهجد گذار ۽ روزا رکندڙ هو.
19. عامر بن فهيره (ازدي) حضرت ابوبڪرؒ ان کي خريد ڪيو ۽ آزاد ڪيو هو. غار ثور وارن ڏينهن ۾ اهو ئي ٻڪريون چاريندي هجرت جي موقعي تي کير پياريندو هو. 4 هه ۾ جڏهن ستر (70) قاري شهيد ٿيا ته هيءُ به انهن ۾ شامل هو.
20. ابو حذيفهؒ بن عتبه شروع ۾ اسلام جو سخت مخالف هو پر ايمان آندائين. 54 سالن جي عمر ۾ مسيلمه ڪذاب سان وڙهندي شهيد ٿيو.
21. رقمؒ بن ابي ارقم (اسدي) پيءُ جو نالو ابو ارقم هو. صفا جبل جي هيٺان سندس گھر هو. اتي ئي رسول الله ﷺ جن پناهه ورتي هئي. 83 سالن جي عمر ۾ وفات ٿيس. 140هه ۾ خليفي منصور عباسي سندس يادگار گهر کي خريد ڪري ورتو هو.
22. غلامن ۽ عورتن جي طرفان تصديق. وقفي وقفي سان ٿورڙا غلام ۽ عورتون به انهيءَ انقلابي برادريءَ ۾ شامل ٿيند رهيا. غلامن مان:
(أ) عمار بن ياسرؒ 20 هجريءَ ۾ ڪوفي جو والي بڻيو. هن پنهنجي پر اثر تقريرن سان تقريباً ڏهه هزار ڪوفين کي حضرت علي ؒجو حامي بڻائي ورتو. 90 سالن جي عمر ۾ جنگ جمل ۾ شهيد ٿيو.
(ب) صهيبؒ بن سنان (رومي) موصل جو رهاڪو هو. حضرت عمرؒ جي شهادت کان پوءِ خلافت جي فيصلي تائين خليفو رهيو. 38هه ۾ مديني ۾ 72 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائون.
(ت) بلال حبشيؒ، اميه بن خلف جو غلام هو جيڪو مٿس لڱ ڪانڊاريندڙ انداز سان ظلم ڪندو هو. حضرت ابوبڪرؒ کيس خريد ڪري آزاد ڪري ڇڏيو هو.
(ث) ان کان سواءِ ڪيترائي غلام هن انقلابي هلچل ۾ شامل ٿي ويا ۽ تڪليفون برداشت ڪرڻ کان پوءِ به حق تي قائم رهيا. اسلامي دؤر ۾ انهن کي عزت ۽ مرتبو مليو.
(ج) اسماء بنت عميس، حضرت جعفر بن ابي طالب سان گڏ حبشه ڏانهن هجرت ڪئي. هن، ڪيترن ئي سالن تائين جلاوطني برداشت ڪئي. 7 هجريءَ ۾ رنڙ ٿي وئي ۽ حضرت ابوبڪرؒ جي نڪاح ۾ آئي.
(ح) ام الفضلؒ زوجه عباسؒ، عورتن مان حضرت خديجه ؒ کان جلد پوءِ مسلمان ٿي وئي هئي. ياد رهي ته هيءَ ۽ ٻيون عورتون پنهنجن مڙسن کان پهريان ئي انهيءَ جماعت ۾ شامل ٿي ويون هيون ۽ پنهنجي خلاف هر قسم جي خانداني مخالفت کي برداشت ڪيائون.
(خ) اسماء بنت حضرت ابوبڪرؒ جو ايمان آڻڻ وارن ۾ ارڙهون نمبر آهي. هي انهيءَ عبدالله بن زبير جي ماءُ آهي، جنهن يزيد جي خلافت جو انڪار ڪيو ۽ شهيد ڪيو ويو.
(د) رسول الله ﷺ جون ٻه نياڻيون بي بي رقيهؒ ۽ بي بي ام ڪلثومؒ به انهيءَ ٽولي ۾ شامل هيون جيڪي اسلام آڻڻ کان پوءِ سخت تڪليفن ۾ مبتلا ٿيون.
(ذ) عائشه ؒ بنت ابي بڪرؒ پاڻ پيدائشي مسلمان هئي. پاڻ نبي ڪريمﷺ جي سڀ کان ننڍي عمر واري گھرواري هئي. جنگين ۾ زخمين کي پاڻي پياريندي ۽ انهن جي ملم پٽي ڪندي هئي. 11 هه ۾ نبي ڪريم ﷺ جن سندن ڪوٺيءَ ۾ ئي دفن ٿيا. بيواهيءَ جا 48 سال گذارڻ کان پوءِ 62 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين. پاڻ وڏي فقيهه هئي.
(ر) فاطمهؒ بنت خطاب، حضرت عمرؒ جي ڀيڻ هئي. هن حضرت عمر ؒ کان پهريان اسلام قبوليو هو.
(ز) امينهؒ بنت خلف به شروعاتي مسلمانن مان هئي. پنهنجي ڀاءُ اميه بن خلف جي سخت مخالفت جي باوجود مسلمان ٿي وئي. پنهنجي مڙس خالد بن سعيد سان گڏ حبشه ڏي هجرت ڪيائين.
هن فهرست تي هڪ نظر وجھڻ سان اها ڳالهه چٽي ٿي وڃي ٿي ته اسلامي انقلاب هڪ عوامي انقلاب هو. اهو رعايت يافته طبقي جي مفادن جي حفاظت جي لاءِ نه آيو هو. ڪڙمت کي ربوا (وياج) سڏڻ جو مطلب ئي اهو هو ته انهيءَ دؤر ۾ جيئن ته پيداواري ذريعو صرف زمين هئي، تنهن کي مزدور يعني عوام جي قبضي ۽ ملڪيت ۾ ڏنو وڃي ته جيئن جاگيرداري نظام قائم نه ٿي سگھي. رعايت يافته طبقي جا ڪجھه فرد، جيڪي انقلابي جاکوڙ ۾ شامل هئا سي نيڪ دل ۽ انسان دوست هئا ۽ هيءُ ٿورڙو تعداد هر عوامي انقلاب ۾ شامل رهيو آهي. اهي ماڻهو اصل ۾ زمين جا مالڪ نه هئا جيڪي محنت جي استحصال جو ذريعو بڻبا رهيا آهن، پر واپاري هئا. هن دؤر جي واپار ۾ محنت جي استحصال جو تمام ٿورڙو شبهو هو. اهو واپار قافلن جي صورت ۾ هوندو هو، جنهن کي حڪومت پنهنجي قبضي ۾ وٺي نٿي سگھي.
اسلامي انقلاب تي، رعايت يافته طبقي حضرت عثمانؒ جي خلافت جي آخري سالن ۾ قبضو ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڏني هئي. سندن شهادت کان پوءِ جنگ جمل ۽ جنگ صفين ۾ انهيءَ طبقي خلافت تي قبضو ڪري ورتو ۽ انهيءَ کي مديني کان دمشق کڻي ويا، جتي انهيءَ عوامي انقلابي جمهوريت کي بادشاهت ۾ بدلائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي وئي.
ڳجھي دعوت جو دؤر لڳ ڀڳ ٽي سال جاري رهيو. انهيءَ عرصي ۾ غلام، عورتون ۽ مرد سڀئي هن نئين اڀرندڙ انقلابي تحريڪ ۾ شامل ٿي رهيا هئا. خوف، بک، جهالت ۽ نالي چڙهين مذهبي پيشوائن کان آزاديءَ جو پروگرام بڻجي چڪو هو ۽ الله تعالى، جيڪو پالڻهار، خالق ۽ ڪريم هو، تنهن جي ٻانهپ جي ڳجھي تياري ٿي رهي هئي.
اُن دؤر ۾ وحي الاهي جي ذريعي جيڪي سورتون نازل ٿيون، انهن جو خطاب نه ته اميرن سان هو ۽ نه عام ماڻهن سان. اهي رڳو رسول الله ﷺ جي دل کي ڏڍ ڏيڻ ۽ کين انقلاب جي ڏکين مرحلن مان گذارڻ جي لاءِ دل ٻڌائڻ خاطر هيون. اهي سورتون والضحى، الم نشرح، الفلق، الفيل ۽ القدر وغيره هيون، جن جو مفهوم هيءُ هو ته انقلاب جي مقصد ۽ حڪمت عمليءَ جي باري ۾ رسول الله ﷺ جي دل کي ڪشادو ڪيو وڃي. پڪ سان سندن ڳالهه مٿانهين هوندي. ڏک ۽ سک جو اچڻ انساني زندگيءَ جو حصو آهي. کين يتيميءَ جي حالت ۾ پناهه ملي. انقلاب جو دڳ نه ملڻ تي کين دڳ ڏسيو ويو. مسڪينيءَ کان شاهوڪاري ملي. اهڙي طرح هر اچڻ وارو دؤر پهرين دؤر کان ڀلو ٿيندو ويندو. خدا جادوگرن ۽ حاسدن کان کين پنهنجي پناهه ۾ رکندو ۽ اهي هاٿين وارن وانگر تباهه ٿي ويندا. جادوگرن وغيره جو مقابلو انهيءَ سلامتيءَ واري تعليم سان ڪيو ويندو، جيڪو الروح آهي، يعني قرآن سان. ساڻن گڏ ملائڪ آهن جيڪي امن، سڪون ۽ سلامتي پيدا ڪندا آهن.