مڪي جهڙو انقلاب وري ڪڏهن ۽ ڪيئن ممڪن آهي؟
انهيءَ ڳالهه جو دليل هي آهي ته سورت مزمل ۾ رسول الله ﷺ کي چيو ويو ته هو رات جو عبادت لاءِ اٿي بيهڻ کي گھٽائي ڇڏي، ڇو ته ڏينهن ۾ کين تمام ڳورو ڪم ڪرڻو آهي. اهو ڳورو ڪم ڪهڙو هو؟ اهو هو مشرڪ، يعني طبقاتي معاشري کي توحيدي، يعني غير طبقاتي معاشري ۾ بدلائڻ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ.
قرآن ڪريم توحيدي معاشري جي تعمير لاءِ ڪهڙو دليل ڏنو آهي؟ سوره قصص جي پنجين ۽ ڇهين آيت ۾ انهيءَ معاشري جو نقشو هن طرح ڏنو ويو آهي:
”اسان جي مرضي هئي ته انهن ماڻهن تي مهرباني ڪريون جن کي زمين تي هيڻو ڪري ڇڏيو ويو هو، انهن کي اڳواڻي ڏيون ۽ انهن کي ئي وارث ڪيون ۽ زمين تي انهن کي اقتدار بخشيون ۽ کانئن فرعون ۽ هامان ۽ انهن جي لشڪرن کي اهوئي ڏيکاريون جنهن جو کين ڊڄ هو.“ (ترجمو تفهيم القرآن )
هاڻي مولانا آزاد جي ”ترجمان القرآن “ جو ترجمو ڏسو:
ائين اسان جو فيصلو اهو هو ته جيڪا قوم سڀ کان وڌيڪ هيڻي سمجھي ويندي هئي تنهن تي احسان ڪريون. انهيءَ قوم جي ماڻهن کي سرداري ۽ رياست عطا ڪريون، ملڪ جو وارث بڻايون ۽ انهن جي ئي حڪومت ملڪ ۾ قائم ڪري ڇڏيون. فرعون ۽ هامان ۽ حڪمران قوم کي، جنهن کي ڏٻري قوم جي طرف کان بغاوت ۽ ڀڄي وڃڻ جو کٽڪو رهندو هو ۽ جنهن جي لاءِ اهي کين هيڻو رکندا هئا، انهيءَ کي ئي سندن اڳيان آڻيون.
انهيءَ آيت جي تشريح ۾ مولانا آزاد لکيو آهي ته هتي فرعون جي بادشاهت جو ذڪر آهي، پر غور ڪبو ته هن آيت ڪريمه جي اندر قرآن ڪريم هڪ غيرمتبدل الاهي قانون جي ڄاڻ ڏني آهي. هو ٻڌائي ٿو ته دنيا هڪ پاسي طاقت ۽ عزت آبرو جي نمائش جو هنڌ ته ٻئي پاسي وري مزدورن جي بربادي ۽ انهن جو ڪوس گھر آهي. طاقتور قومون هيڻين قومن کي پنهنجو غلام ۽ زيردست بڻائينديون آهن. منجهن ڦيٽاڙو وجھنديون آهن، مختلف قومون ۽ ٽولن کي پاڻ ۾ گڏجڻ ناهن ڏينديون. ڇو ته جيڪڏهن اهي پاڻ ۾ گڏجي هڪ ٿي وڃن ته اهي هيڻا نه رهندا. سندن پاڻ ۾ ٻڌي ۽ هڪ ٿي وڃڻ واري طاقت ظالمن جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيندي.
جاگيردارن ۽ صنعتي سرمائيدارن جو حال به ساڳيو ئي آهي. اهي مزدور طبقي ۾ ڏار وجھڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن، ته جيئن اهي ٻڌي ڪري پيداواري وسيلن تي قبضو نه ڪري وڃن. پر خدائي قانون چوي ٿو ته جيڪڏهن مزدور پنهنجي سمجھه کي طبقاتي فلسفي سان هٿياربند ڪري وٺن ۽ ٽريڊ يونين يا گڏيل سهڪار جي صورت ۾ گڏ ٿي وڃن ته اهي پيداواري ذريعن کي، استحصال پسند طبقي کان ڦري، انهيءَ تي قبضو ڄمائي وٺندا. جيئن ته الله تعالى اهي پيداواري وسيلا سمورن انسانن جي لاءِ پيدا ڪيا آهن، تنهن ڪري ٿورڙن ماڻهن جو انهن وسيلن تي قبضو ڪري، گهڻن انسانن کي انهيءَ مان فائدو ماڻڻ کان محروم ڪري ڇڏڻ، خدائي قانون ۽ مرضيءَ جي ابتڙ پڻ آهي.
تنهن ڪري اسلام ختم نبوت جي حوالي سان هڪ بين الاقوامي تحريڪ آهي، جنهن جو مقصد دين جي دعوت جي بنياد تي، انساني وحدت ۽ خلافت آدم جو قيام آهي. ان جو مقصد هڪ اهڙي معاشري جي جوڙجڪ آهي جيڪو ڊپ، ڳڻتي ۽ محنت جي استحصال کان پاڪ هوندو. اهڙي معاشري کي توحيدي يا غير طبقاتي معاشرو به چيو ويندو آهي.
اهڙي معاشري جي جوڙجڪ لاءِ مديني ۾ ئي ڪوشش شروع ٿي وئي هئي. رسول الله ﷺ خيبر جي فتح واري موقعي تي يهودين جي زمينن ۽ باغن کي رياست جي ملڪيت ۾ وٺي ڇڏيو هو ۽ انهن کان پيداوار جي صورت ۾ حصو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو. اهو وهنوار اها ڪڙمت نه هئي، جنهن ۾ زمين جو مالڪ ڪڙمي کي پوکيءَ لاءِ زمين ڏئي ٿو ۽ پيداوار جي اڌ کان به وڌيڪ حصو ان کان وٺي لائيندو آهي. خيبر جي فتح کان پوءِ زمينن ۽ باغن جي ملڪيت يهودين وٽ نه هئي، پر اها بيت المال کي ڏني وئي هئي، تنهن ڪري اها ڪڙمت نه هئي.
نبي ڪريم ﷺ جن ڪڙمت کي وياج تي مبني (ربوا) ڪاروبار سڏيو آهي. حضرت رافع بن خديج ۽ ٻين اصحابن جون روايتون انهيءَ تي شاهد آهن. حضرت عمر فاروق ؒ عراق، مصر ۽ شام جي زمينن کي رياستي ملڪيت ۾ وٺي ڇڏيو هو ۽ ڪڙمين کان ڍل ورتي هئي. اهو ئي سبب آهي جو امام ابوحنيفه ؓ ، امام شافعيؓ ۽ امام مالڪ ؓ سور سٺا پر ڪڙمت جي اجازت نه ڏني. امام يوسفؓ ملوڪيت جي دٻاءَ هيٺ ڪجھه شرطن سان انهيءَ جي اجازت ڏني هئي. اهڙيءَ طرح امت ۾ جاگيرداري نظام قائم ٿيڻ جو موقعو ملي ويو. اڳتي هلي مشينن جي ايجاد کان پوءِ، مسلمانن صنعتي سرمائيداريءَ کي پنهنجائي ورتو.
اقبالؓ پنهنجي تصنيف ”فلک مریخ میں مرغد ینی معاشرہ اور محکمات عالم انسانی“ ۾ انهيءَ ئي اشتراڪي معاشري جو خاڪو ڏنو آهي ۽ ڊاڪٽر خليفي عبدالحڪيم، مدني رياست کي اشتراڪي جمهوريت سڏيو آهي.
مڪي ۾ ته پوکيءَ لائق زمين ئي نه هئي، جڏهن ته مديني ۾ به تمام ٿورڙي هئي. ٻئي پاسي اسلامي انقلاب مديني جي حدن مان نڪري مصر، شام ۽ عراق تائين پهتو ته حضرت عمر فاروق ؒ زمين کي عوامي ملڪيت قرار ڏئي بيت المال ۾ شامل ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ حضرت عثمان ؒ جي رياستي سيڪريٽري مروان بن حڪم حضرت عمرؒ جي خلافت راشده واري نظام کي ختم ڪري پنهنجو نظام قائم ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڪري ئي شاهه ولي الله ؓ ”ازالة الخفا“ ۾ حضرت عثمان جي رياست جي آخري ڇهن سالن واري عرصي کي خلافت راشده ناهي سڏيو.
اهو ئي سبب هو جو اقبال پنهنجي الهه آباد واري تقرير ۾ چيو هو ته ملوڪيت جي ڪري دنيا اسلام جي معاشي نظام مان لاڀ نه ماڻي سگھي. ملوڪيت جهڙي طرح غلامي جي اداري کي دائمي بڻائي ڇڏيو هو، اهڙيءَ طرح پيداواري وسيلن تي (جيڪي انهيءَ زماني ۾ رڳو زمين جي صورت ۾ موجود هئا) پڻ ماڻهن جي ذاتي ملڪيت قائم ڪري ورتي. اهو عمل اصل ۾ دمشق جي خلافت کان ئي شروع ٿي چڪو هو. تصوف جي تحريڪ رڳو نفس جي پاڪائيءَ تي زور ڏنو، پر معاشري جي تبديلي کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري ماڻهن جي گھڻائي نفس جي پاڪائيءَ کان به محروم ٿي وئي.
انهيءَ ڪري مڪي واري انقلاب جو ورجاءُ ان وقت ئي ممڪن آهي جڏهن پيداواري وسيلا جهڙوڪه زمين، ڪارخانا، کاڻيون، پيٽرول، گيس جا ذخيرا وغيره، ذاتي ملڪيت مان نڪري مزدور طبقي جي ملڪيت ۾ اچي ويندا. اهوئي هڪ طريقو آهي جنهن سان محنت جي استحصال واري عمل جو خاتمو ٿي ويندو، جنهن ۾ هڪ ڪارخانيدار ٿوري ئي عرصي ۾ هڪ مان چار ڪارخانا ٺاهي وٺي ٿو، جڏهن ته انهن ئي ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ وارن جي هڪ ڏينهن جون بنيادي ضرورتون به پوريون نٿيون ٿين ۽ اهي نسلن کان مزدور ئي رهن ٿا.
مڪي جهڙو انقلاب وري آڻڻ لاءِ جاگيردارن، ڪارخانيدارن، وڏن وڏن واپارين جي وجود کي ۽ انهن جي معاشي نظام کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڳاٽي ٽوڙ ٽڪر کائڻو پوندو، جنهن جو مثال روس، چين، ويٽنام ۽ ڪيوبا وغيره جي انقلابن ۾ موجود آهي.
شروع کان ئي مڪي واري انقلاب جي عمل کي روڪڻ جي لاءِ پهريان پهريان حضرت عمرؒ کي شهيد ڪيو ويو. جڏهن ته حضرت ابوبڪرؒ کي انهن طاقتن سان خونخوار جنگ وڙهڻي پئي جن اسلام جي معاشي نظام کي نٿي مڃيو. ان کان پوءِ حضرت عثمانؒ کي شهيد ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ جنگ جمل ۽ جنگ صفين جي صورت ۾ گھرو ويڙهه شروع ٿي وئي. ائين پوءِ خلافت جي اداري کي مديني مان کڻي دمشق پهچايو ويو جتي نبوي طريقي واري عليءَ جي خلافت کي ملوڪيت جي طريقي واري عليءَ جي خلافت ۾ بدلايو ويو. عباسي سلطنت ۾ ملوڪيت پنهنجي عروج تي هئي. جهڙي طرح دمشق ۾ حڪمران ۽ مٿين طبقي جي مفادن جي حفاظت جي لاءِ ڏاڍ جو فلسفو تخليق ٿيو هو، بغداد ۾ به اهو ئي ڪم ابوالحسن اشعري جي فلسفي ڪيو. مڪي واري انقلاب جي ورجاءَ لاءِ اشعري فلسفي جي بدران، علحدگي واري فلسفي کي، جديد زماني جي گھرجن هيٺ، ڪجھه سڌارن سان گڏ واپس آڻڻو پوندو. علحدگي واري فلسفي کي موجوده دؤر ۾ ”تحقيق جي سائنسي طريقي“ سان نسبت ڏني پئي وڃي. قرآن علحدگي واري فلسفي جي سڌاري لاءِ عَلَمَ بِالقَلم چيو آهي، يعني اهو علم جيڪو رڳو قياس تي ٻڌل نه هجي، جيئن ڇنڊڇاڻ يا استخراجي پر اهو علم جيڪو تجربي ۽ مشاهدي تي ٻڌل هجي.
اقبال قرآني جهان جي شعبن ۾، آدم جي خلافت جي قيام لاءِ جتي تحقيق يعني سائنسي طريقي تي زور ڏنو آهي، اتي تخليق کي سمجھڻ ۽ پنهنجائڻ جي تلقين پڻ ڪئي آهي. تخليق جو مثال حرا واري غار ۾ فڪرمندي آهي، جنهن جي ڪري نئون معاشرو، نئين رياست ۽ نوان انسان پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي. اولهه وارن سائنسي تحقيق جي دٻاءَ ۾ ايثار ۽ احسان کي ختم ڪري ڇڏيو، جنهن سان انهن جو معاشرو اخلاقي گڻن ۽ نفس تي ضابطي واري عمل کان محروم ٿي ويو آهي.
اها ڳالهه چڱيءَ طرح سمجھي ڇڏڻ گھرجي ته مڪي واري انقلاب جو ورجاءُ، ذڪر ڪيل گھرجن کي پورو ڪرڻ کان سواءِ ناممڪن آهي، پوءِ ڀلي ته اسلام ۽ شريعت کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ ڪيترو ئي هُل ڇو نه مچايو وڃي.
نئين سيرت طيبه لکڻ جي ضرورت
سيرت طيبه تي اڻ ڳڻيا ڪتاب لکيا ويا آهن پر انهن مان ڪنهن به انهيءَ سماجي انقلاب جي واضح نشاندهي نه ڪئي آهي، جيڪو مديني جي معاشري ۾ ظاهر ٿيو هو. سڀني ليکڪن رڳو واقعن کي ورجايو آهي، پر انهيءَ انقلابي تبديليءَ تي روشني نه وڌي آهي جنهن جي بنياد تي ڊاڪٽر خليفه عبدالحڪيم مديني جي رياست کي ”اشتراڪي جمهوريت“ چيو آهي. انهيءَ جو بنيادي سبب هي آهي ته لکڻ وارن انهيءَ ڳالهه کي بلڪل ئي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي ته اسلام جو بنيادي ڪارنامو طبقاتي معاشري کي توحيدي معاشري ۾ تبديل ڪرڻ هو. نبين جي بعثت جي شروعات ئي اُن وقت ٿي، جڏهن زرعي دؤر جي شروعات کان وٺي معاشرو ٻن مخالف معاشي طبقن ۾ ورهائجي ويو هو. شروع کان ئي مالڪ ۽ ٻانهي جا ٻه طبقا وجود ۾ اچي ويا هئا. ٿورڙن هوشيار ۽ چالاڪ ماڻهن، معاشري تي پنهنجو قبضو ڄمائڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ۽ پيداواري ذريعن تي، جيڪو ان وقت ”زمين“ هئي (ڇاڪاڻ ته مشينون ان وقت ايجاد ڪونه ٿيون هيون)، پنهنجي ذاتي ملڪيت قائم ڪري ورتي. انهن ماڻهن غلامن جي محنت جي استحصال سان حاصل ڪيل دولت جي زور تي رياست قائم ڪري ورتي. قبيلي جي چڱي مڙس آهستي آهستي بادشاهه جي حيثيت اختيار ڪري ورتي ۽ جنگين جي ذريعي غلامن جي تعداد ۾، جيڪي حقيقت ۾ قيدي هئا، واڌارو ڪرڻ شروع ڪيو. رياستي ادارا جهڙوڪ، فوج، پوليس، عدالتون ۽ قانون وغيره وجود ۾ اچڻ لڳا، جن جو بنيادي ڪم مالدار طبقن جي دولت ۽ اقتدار جي حفاظت ڪرڻ هو.
هي اهو وقت هو جڏهن غلام پنهنجي انساني حيثيت وڃائي هڪ وکر بڻجي ويو هو. کيس قتل توڙي وڪرو ڪري سگھجي پيو. ان کان سخت پورهيو وٺي سگھجي پيو ۽ ناقابل برداشت سزا ڏئي سگھجي پئي. اهڙيءَ طرح انسان جو انسان تي ظلم وڌندو ويو. غلام جي محنت جي استحصال سان حاصل ڪيل دولت ۽ اقتدار کي قائم رکڻ ۽ ان ۾ اڃا به واڌاري جي لاءِ جنگ ۽ فساد عام ٿيندو ويو. بابلي، سميري، ڪلداني، آشوري، ايراني، مصري ۽ روما جهڙين شروعاتي تهذيبن تي ٻڌل سلطنتن انسانن تي جيڪي ظلم ڪيا، سي تاريخ جي ورقن ۾ لکت جي شڪل ۾ موجود آهن. دولت ۽ اقتدار جي نشي جنسي ڪميڻائپ کي جنم ڏنو. پيداواري ذريعن تي ٻڌل تهذيب بابت موجوده زماني ۾ اقبالؓ چيو آهي ته:
خواجہ نان بندهء مزدور برد
آبروءِ دختر مزدور برد
انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڇڙواڳ بادشاهن ۽ حاڪمن جي دور ۾ انسانيت جو ڪهڙو حال هوندو هو. قرآن نبوت جي بعثت جو هڪ سبب ”بعضکم لبعض عدو“ واري صورتحال کي سڏيو آهي. يعني جڏهن انسان مالڪ ۽ ٻانهي جي طبقن ۾ ورهائجي ويو ۽ ٻنهي طبقن جا مفاد ھڪٻئي جا سخت مخالف ٿي ويا، معاشري جي ارتقا سان گڏ مالڪ ۽ ٻانهي، جاگيردار، هاري ۽ مشين جي ايجاد کان پوءِ ڪارخانيدار ۽ مزدور جي شڪل اختيار ڪري ورتي ۽ اهي ٻئي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا دشمن ٿي پيا.
عام تاريخدانن تاريخ ۽ ان جي واقعن کي بادشاهه ۽ اميرن جي واقعن سان واڳي ڇڏيو آهي. اهڙي طرح تاريخ عوام جي بدران بادشاهن ۽ حاڪمن جي اڳيان پويان ڦيرا پائڻ لڳي. عوام جون حالتون ڇا هيون؟ انهن جي محنت ڇا ڇا پيدا ڪيو ۽ ڪهڙيون شڪليون اختيار ڪيون؟ انهن جي محنت جو ڪهڙن ڪهڙن حيلن سان استحصال ڪيو ويو؟ غلامن تي ڪهڙا ڪهڙا ظلم ڪيا ويا؟ وغيره؛ انهن سڀني ڳالهين کي مؤرخ نظرانداز ڪندو رهيو. غلامن جي پنهنجي آزاديءَ جي لاءِ جدوجهد ۽ بغاوتن جو ذڪر نه ڪيو ويندو هو، پر جيڪڏهن ائين ٿيو به، ته اهو به بادشاهن جي مفادن جي حوالي سان ٿيو آهي.
انهيءَ تاريخي پس منظر سان اهو واضح ٿي وڃي ٿو ته، نبوت ۽ نبين جي بعثت جو اصل مقصد حقيقت ۾ غلام ۽ مالڪ تي ٻڌل معاشري جي اُن ڍانچي کي بدلائڻ هو يعني توحيد الاهي واري نظريي کي. سماجي لحاظ کان معاشرتي موافقت پيدا ڪندي، مخالف معاشي طبقن جي معاشري کي ختم ڪري، توحيدي ۽ غيرطبقاتي معاشرو قائم ڪرڻ هو، جيڪو خوف يعني جنگ، فساد، بغاوتن ۽ ڏک يعني غربت، بک، مسڪيني، جهالت ۽ غلاميءَ کان پاڪ معاشرو هجي، ته جيئن پيداواري ذريعن (جهڙوڪ زمين، ٻيلا،کاڻيون، سمونڊ ۽ پوءِ مشينون ۽ ڪارخانا جن ۾ محنت اجتماعي شڪل ۾ موجود آهي) کي ڏهه سيڪڙو ماڻهن جي ملڪيت جي قبضي مان ڪڍي ڪري، عوام جي (جيڪو نوي سيڪڙو هو) قبضي ۾ ڏنو وڃي. الله تعاليٰ اهي سڀئي ذريعا ”الخلق عيال الله“ جي حوالي سان سڀني انسانن جي لاءِ پيدا ڪيا هئا، جيئن ته قرآن چيو آهي:
ھُوَالَّذِىْ خَلَقَ لَكُمْ مَّا فِى الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۰ۤ (البقره:٢٩)
”اهو (الله) ئي آهي جنهن جيڪو ڪجھه زمين ۾ آهي (سو) توهان (سڀني) جي لاءِ پيدا ڪيو.“
قرآن مطابق سامي، آريائي ۽ زرد قومن جي هر وسنديءَ ۾ نبي موڪليا ويا ۽ انهن سڀني نبين جي بعثت جو مقصد توحيد الاهي جي تصور موجب معاشري جي برخلاف مفاد رکڻ واري معاشي طبقي کي غير طبقاتي يا توحيدي معاشري ۾ تبديل ڪرڻ هو، ته جيئن نوي سيڪڙو ماڻهو پنهنجي مادي، جسماني، تهذيبي ۽ علمي ضرورتن کي آسانيءَ سان حاصل ڪري، عبادت ۽ خدا جي ياد جي ذريعي خدا سان ويجھڙائپ حاصل ڪري سگھن. پر ٿيو ائين جو مذهبي پيشوائن نبين جي انهيءَ سماجي نصب العين، يعني معاشري جي نئين سر جوڙجڪ واري تصور کي، مراعات يافته طبقي جي مفادن کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ، عوام جي نظرن کان پاسيرو ڪري ڇڏيو. مٿان وري اها ڳالهه ديني نقطه نظر کان انهن جي ذهنن ۾ ويهاري وئي ته دولت جي ورهاست الله تعالى ڪندو آهي؛ مالڪ، جاگيردار ۽ ڪارخانيدار جي دولت مزدور جي محنت جي استحصال جو نتيجو نه آهي، پر اها الله جي جوڙيل تقدير آهي!
هر مذهب، ويندي اسلام جي مذهبي پيشوائن به انهيءَ مسئلي کي نظرانداز ڪيو ۽ آخرت جي ڇوٽڪاري کي رڳو ظاهري عبادتن جي ادائگي، عبادتگاهن جي تعمير و آرائش ۽ صبر شڪر سان واڳي ڇڏيو ۽ اها ڳالهه واعظن ۽ خطبن ۾ ور ور ورجائي ويندي آهي ته خدا جي طرفان امير ۽ غريب جي قائم ڪيل طبقن کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش حقيقت ۾ خدائي حڪمن جي خلاف بغاوت آهي، جنهن جي سزا جهنم آهي! امير جيڪڏهن عبادتون ڪن ۽ پنهنجي دولت سان خيراتون ۽ صدقا ڏيندا رهن ته اهي محنت جي استحصال واري ڏوهه ۾ ملوث هجڻ جي باوجود به جنت ۾ داخل ٿيندا!
هي هو اهو تاريخي پس منظر، جنهن کي سيرت نگار نظرانداز ڪندو رهيو آهي. هو اسلام جي ظاهر ٿيڻ وقت عرب معاشري ۾ زنا ۽ شراب يا قتل ۽ خون خرابي جا قصا ته بيان ڪندو رهيو آهي پر هُن اسلام جي ظاهر ٿيڻ کان اٺ هزار سالن کان به وڌيڪ عرصي تي ٻڌل آڳاٽي تاريخ کي، جنهن جي ابتدا زرعي دؤر جي شروعات سان ٿي هئي، محمد عربي ﷺ جي بعثت ۽ اسلام کي الڳ ڪري ڇڏيو. هُن کي غلام ۽ زرعي غلام جي محنت جي استحصال سان حاصل ڪيل دولت جا ڍير نظر ڪونه آيا، جن تي جاگيردار ۽ مالڪ جي آسائشن جو دارومدار هو.
اسلام جي ظاهر ٿيڻ وقت عرب معاشرو دنيا جي ٻين معاشرن جو حصو هو، جن ۾ غلام ۽ مالڪ تي ٻڌل معاشي طبقا موجود هئا. غلام جي محنت جي استحصال سان، عظيم الشان سلطنتون قائم ٿينديون هيون. قرآن ڪريم اسلام کان اڳ وارن معاشرن جي جوڙجڪ تي روشني وجھندي، نموني طور حڪمران طبقي (فرعون)، مالدار طبقي (قارون) ۽ انهن طبقن کي مذهبي جواز عطا ڪرڻ واري مذهبي پيشوائيت (بلعم باعور ۽ هامان) جي نشاندهي ڪئي آهي. رسول الله ﷺ پنهنجي واپاري سفرن دوران، انهن معاشرن جي بچي ويل آثارن کي پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ انهن جو مطالعو ڪيو هو. پاڻ غار حرا جي اڪيلائين ۾ انهن جي تباهه ڪندڙ نتيجن ۽ انهن جي ازالي جي طريقن تي ويچار ڪيو هو. حقيقت ۾ غار حرا ۾ نازل ٿيڻ واري پهرين وحي جو، جيڪا سورت علق جي شروعاتي پنجن آيتن تي مشتمل هئي، تاريخي پس منظر به محنت جي استحصال سان حاصل ڪيل دولت ۽ ان جي ڪثرت کان خوف ۽ ڳڻتي تي ٻڌل حالتن تي ٻڌل هو. ايتري تائين جو حبشه ڏانهن حجرت واري وقت تائين نازل ٿيل آيتن ۽ سورتن جو مخاطب اميرن جو طبقو آهي ۽ قرآن جو لهجو انهن جي خلاف انتهائي سخت ۽ طوفاني آهي.
قرآن انساني معاشري کي، جنهن جي شروعات آدمؑ کي زمين تي لاهڻ واري وقت کان ٿئي ٿي، ڏاڍائي ۽ وڏائي ڪندڙن جي مقابلي ۾ هيڻن ۽ نوڙت سان هلڻ وارن ٻن مخالف طبقن تي مشتمل قرار ڏنو آهي پر سيرت نگارن ۽ مفسرن ڄاڻايل ٻنهي طبقن ۽ انهن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ جي منطقي نتيجن کي بنيادي طور تي نظرانداز ڪري ڇڏيو. انهن زنا ۽ شراب وغيره جي قصن کي ته هر هر ورجايو آهي پر غلام جي محنت جي استحصال مان گڏ ڪيل دولت، جيڪا حقيقت ۾ انهن بڇڙن ڪرتوتن جو بنيادي سبب آهي، تنهن جو ذڪر ئي نه ڪيو آهي.
قرآن جڏهن اهو چوي ٿو ته قومن جي تباهيءَ جو سبب (بني اسرائيل) ۽ نبين کي ايذائڻ وارو طبقو (السباء) ڏاڍ ڪندڙ (مالدار) آهي ته انهيءَ جي معنى ئي اها آهي ته دولت جي ججهائيءَ جو بنيادي سبب محنت جو استحصال آهي پر اسان جو تاريخدان ۽ مفسر دولت جي ججھائي مان پيدا ٿيندڙ بڇڙائيءَ کي هٿي ڏيڻ واري منطقي نتيجي جو ذڪر ته ڪري ٿو پر ان جي بنيادي سبب، محنت جي استحصال جو ذڪر نٿو ڪري. هو انهيءَ ڳالهه تي ڌيان ئي نٿو ڏئي ته هڪڙو تمام ننڍڙو طبقو، جيڪو ڏهه سيڪڙو انسانن تي ٻڌل آهي، تنهن وٽ دولت جي جھجھائي اچي ڪٿان ٿي؟ جڏهن ته نوي سيڪڙو انهيءَ کان محروم آهن. نتيجو اهو آهي ته سڀني تفسيرن ۽ سيرت طيبه جو مطالعو، مسلم معاشري ۾ ڪابه انقلابي تبديلي نه آڻي سگھيو آهي ۽ مسلم معاشرو اڃا تائين غربت، جهالت ۽ بد امني جو شڪار نظر اچي پيو.
اِهو آهي اُهو تاريخي پس منظر، جنهن کي نظرانداز ڪندي، سيرت طيبه لکڻ وارو ذهن، اسلام کي معاشري جي طبقاتي ورڇ کي ختم ڪري غير طبقاتي يا توحيدي معاشرو جوڙڻ واري انقلابي تحريڪ جي بدران هڪ اصلاح پسند مذهب سڏي ٿو، جنهن جو مقصد رڳو ظاهري عبادتن جي ادائگي ۽ وعظ ۽ خطبي جي ذريعي اخلاق کي پنهنجائڻ جي تلقين ڪرڻ آهي يا وري رڳو مسجدن جي تعمير و آرائش کي ئي عبادت قرار ڏنو ويندو آهي. هو انهيءَ ڳالهه کي نظرانداز ڪري ڇڏي ٿو ته فرد جي تربيت ۽ پرگھور خلا ۾ نه ٿيندي آهي پر معاشري ۾ ٿيندي آهي ۽ معاشرتي قوتون ان جي اخلاقي ۽ ذهني تربيت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿين ٿيون. جيڪڏهن معاشرو طبقاتي هوندو ته فرد يا ته ڏاڍائي ڪرڻ وارن جي طبقي مان هوندو، جيڪو محنت جي استحصال کي قدرت جو قانون سمجھندي پنهنجي دولت ۾ واڌارو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ انهيءَ دولت جي جھجھائي سان پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد جي اعلى ماحول ۾ علمي ۽ تهذيبي تربيت ڪندو ۽ معاشري ۾ اعلى مقام حاصل ڪندو؛ يا وري اهو فرد مزدور ۽ ڏتڙيل طبقي ۾ اک کوليندو جتي محرومي، غربت، بک، جهالت ۽ پستي ان جي تقدير بنجي ويندي.
ڇا اسلام انهن طبقن کي قائم رکڻ جي لاءِ آيو هو؟ يا انهن طبقن کان پاڪ ۽ صاف معاشرو قائم ڪرڻ گھري پيو؟ اسان جو تاريخدان ۽ مفسر اِن سوال جو جواب اڄ تائين نه ڏئي سگھيو آهي، اڃا به هو انهيءَ ڳالهه تي ڳنڍ ڏيو بيٺو آهي ته معاشري جي طبقاتي ورڇ خدائي تقدير آهي، جنهن کي بدلائي نٿو سگھجي.
جڏهن سيرت طيبه جو قرآن پاڪ جي نزول واري ترتيب سان مطالعو ڪيو وڃي ٿو ته، تاريخي پس منظر ۾ صاف نظر اچي ٿو ته نه رڳو اسلام پر دنيا جا سڀئي مذهب، پوءِ ڀلي اهي سامي، آريائي يا زرد قومن سان واسطو رکندڙ ئي ڇونه هجن، معاشري جي طبقاتي ورڇ کي تبديل ڪرڻ، پنهنجي ظهور جو بنيادي سبب ٻڌائين ٿا. ٿيو ائين جو هزارين سالن جي عرصي ۾ مذهبي پيشوائن نبين يا مذهبن جي بانيڪارن جي انقلابي تعليم کي، مراعات يافته طبقي جي مفادن ۾ بدلائي ڇڏيو. اڄ حالت اها آهي ته نه رڳو ٻين مذهبَن پر اسلام جي انقلابي تعليم کي به بدلايو ويو آهي، ايتري تائين جو لفظ انقلاب کي دين جو دشمن سڏيو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته اسلام ۽ ٻين مذهبن جو اصل منصب رڳو دعوت ڏيڻ ۽ مسئلا ٻڌائڻ آهي، نه ڪه انقلاب! ٻين لفظن ۾، مذهب اصلاح جي لاءِ آيا آهن نه ڪه انقلاب جي لاءِ!!
سيرت طيبه جو، جڏهن انهيءَ تاريخي پس منظر ۽ قرآن جي نزول جي ترتيب سان مطالعو ڪيو وڃي ٿو ته نتيجا سيرت جي روايتي تاريخدان جي اخذ ڪيل نتيجن کان مختلف، اڃا به مخالف نڪرن ٿا. جنت، جنهن مان نڪرڻ کان پوءِ انساني نسل شڪار ڪري پيٽ پاليندو هو، تنهن جو شڪار دريائن مان مڇي ۽ ٻيا جانور پڪڙي ۽ ٻيلن مان ميوا ۽ جانورن جو گوشت حاصل ڪرڻ هوندو هو. انسان قبيلن جي شڪل ۾ رهندا هئا ۽ قبيلن کي جتي کاڌ خوراڪ ملندي هئي اتي رهائش اختيار ڪري وٺندا هئا. دريائن ۽ ٻيلن تي ڪنهن قبيلي يا ماڻهوءَ جو ذاتي قبضو نه هوندو هو. ٻين لفظن ۾ اڃا روزيءَ جي وسيلن تي فردن جي ذاتي ملڪيت قائم نه ٿي هئي. قرآن انهن حالتن کي ”وَکُلَا مِنۡہَا رَغَدًا حَیۡثُ شِئۡتُمَا “ جي لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. اڳتي هلي زراعت واري دؤر ۾ فصل تي فردن جو ذاتي قبضو ٿي ويو ۽ انهيءَ آزاد زندگي جو، جنهن کي جنت چيو ويو آهي، خاتمو ٿي ويو. زراعت سان زمين تي ذاتي ملڪيت جي شروعات، هڪٻئي سان جھيڙي جھٽي ۽ فساد جي شڪل اختيار ڪري ورتي. قرآن انهيءَ حالت کي استعاري طور آدم جي ٻن پٽن هابيل ۽ قابيل جي قصي جي صورت ۾ بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ قابيل زبردستي هابيل کي قتل ڪري ان جي زال ۽ مال ملڪيت تي قبضو ڪري ورتو. هابيل شڪار واري زماني جي علامت آهي، ڇو ته هو قربان گاهه ۾ ڏاچي يا ٻيو ڪو جانور وٺي آيو هو ۽ قابيل اَنَ جا داڻا کڻي آيو هو جيڪا زراعت واري دؤر جي نشاني آهي، جنهن ۾ ڪڻڪ جي پوکي شروع ٿي وئي هئي. هابيل جي قتل يعني شڪار واري دؤر جي خاتمي کان پوءِ قابيل وارو دؤر شروع ٿيو جيڪو پيداواري ذريعن تي ذاتي ملڪيت تي مشتمل هو ۽ اڄ تائين جاري آهي. هن دؤر ۾ قابيلي فطرت يعني ڦرمار ۽ ٻين جي دولت تي ڏاڍ سان قبضو، جنسي ڇڙواڳي، هڪ طبقي ۾ دولت جي ڪثرت ۽ گھڻن ئي انسانن جو محروم ۽ لاچار ٿيڻ، شراب نوشي، جوا بازي جهڙين بڇڙين عادتن معاشري کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. قرآن چيو هو ته توهان وٽ نبي ايندا رهندا، پوءِ جيڪو معاشرو انهن جي تعليم تي عمل ڪندڙ ٿيندو سو خوف ۽ ڳڻتي، يعني مخالف طبقن جي ويڙهه جهيڙن کان بچيل رهندو ته اها حالت نبين جي وفات سان گڏ ئي ختم ٿي ويندي رهي، ايتري تائين جو اسلام ۾ به اها حالت رڳو ٽيهن سالن تائين ئي رهي. ان کان پوءِ ملوڪيت ۽ ان جي منطقي مخالفت جو دؤر شروع ٿي ويو. ويهين صديءَ جي شروعات ۾ اشتراڪي انقلاب جنتي معاشرو جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر مذهب کي بلڪل ئي نظرانداز ڪري ڇڏڻ جي ڪري، اشتراڪي معاشرو انهن اخلاقن ۽ عادتن کي حاصل ڪرڻ کان محروم رهيو جيڪي هڪ غيرطبقاتي معاشري جي جوڙجڪ لاءِ اڻٽر هوندا آهن.
ٻئي پاسي مذهبي پيشوائن پنهنجن ڪجھه ذاتي مفادن خاطر، مراعات يافته طبقي جي مفادن جي تائيد ڪري، ديني نقطه نظر کان جنتي معاشري جي جوڙجڪ کي تقريباً ناممڪن بڻائي ڇڏيو آهي. آدم کي زمين تي موڪلڻ جو مقصد اهو هو ته هاڻي انسان زميني زندگي ۾ جنت جي جوڙجڪ ڪري پر جيستائين مذهبي پيشوائيت جو ادارو قائم آهي، جنت جي جوڙجڪ ناممڪن نظر اچي ٿي ۽ هي ادارو اُن وقت تائين ختم ڪونه ٿيندو جيستائين پيداواري ذريعن تي عوام جي ملڪيت قائم نٿي ٿئي ۽ پاڪ ڪتابن جو مطالعو مذهبي پيشوائن جي بدران عالمن جي ذريعي نٿو ڪيو وڃي. انهن ٻنهي تبديلين سان ئي انساني وحدت ۽ خلافتِ آدم جو قيام ۽ وحدت دين جو تصور عملي جامو پهري سگھندو ۽ انسان ملٽن جي لفظن ۾ ٻيهر پنهنجي گم ٿيل جنت کي حاصل ڪري وٺندو.