ڪھاڻيون

نه وڃڻ جو پڇتاءُ

ڪتاب ”نه وڃڻ جو پڇتاءُ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ پبلشر يوسف سنڌيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.

نذير ڪهوٽ لکي ٿو:
”يوسف سنڌي جون بي باڪ لکڻيون پڙهي مون کي ان ڳالهه جي اڃا تائين حيرت آهي ته کيس منٽوءَ جيان اڃان سوڌي ڪنهن ڪينگرو ڪورٽ ۾ ڇو ناهي گهليو ويو. ڪوڙ، منافقت ۽ دوکي تي ٻڌل هن ڳجهه جهڙي سماج تي ليکڪ جي گهري نظر آهي. هن پنهنجي تجربي، مشاهدي ۽ فڪر مان جنم وٺندڙ مواد کي وڏي نفاست سان لفظن جي قالب ۾ وڌو آهي. هو سڌو سنئون لکي ٿو، پر سٺو لکي ٿو، اوهين سندس ڪهاڻين کي پڙهڻ شروع ڪندا ته ختم ڪرڻ کان اڳ رهي نٿو سگهجي. انساني فطرت جون ڪهاڻيون اعتماد ۽ گهري ذهانت سان تخليق ڪيون ويون آهن، اهي ڪهاڻيون هن تشدد تي آماده سماج ۽ ان سان گڏ هن سماج جو الميو ۽ اعمال نامون آهن، تنهن ڪري اسين انهن کي مقصديت جو علمبردار ادب به چئي سگهون ٿا. اسين سڀ اهڙا ئي آهيون، جهڙو يوسف سنڌي پنهنجي ڪهاڻين جي ذريعي اسان کي پيش ڪيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2465
  • 877
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نه وڃڻ جو پڇتاءُ

مهاڳ ڪهاڻيون: جيڪي اسين پڙهڻ چاهيون ٿا..!

سنڌي ٻولي ۽ ادب سان منهنجي گهري دلچسپيءَ جا ڪيترائي سبب آهن، پر ان جو بنيادي سبب يا مرڪزي نقطو ”سنڌي ڪهاڻي“ آهي، جيڪا ڏاڍي تيزيءَ سان نه رڳو قومي ادب ۾ نمايان اهميت والاري چڪي آهي، پر اعليٰ تخليقي معيار جي حامل هئڻ سان گڏ هوريان هوريان معياري عالمي ادب ۾ پنهنجي جاءِ پيدا ڪري رهي آهي. سٺي ڪهاڻي پڙهڻ ۽ جيڪڏهن ڪا وڌيڪ سٺي لڳي ته اها ٻيهر پڙهڻ منهنجي ڪمزوري آهي.
يوسف سنڌي جي يارهن ڪهاڻين، جو اردو ترجمو منهنجي سامهون آهي، جن ۾ ”ورهاست“ ، ”صليب تي ٽنگيل زندگي“ ۽ ”مارڪو“ اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جن کي مون ورائي ورائي پڙهيو. ”ورهاست“ کي پڙهي منهنجو ڌيان سعادت حسن منٽوءَ جي ذاتي زندگيءَ ڏانهن ويو. منٽو به وفات کان پوءِ پويان پنهنجي لازوال تخليقن جي، ٻيو ڪو به ورثو نه ڇڏيو هو، جيڪي اسان جا ڪجهه يار ورائي ورائي ڇاپي امير بنجي چڪا آهن. ناانصافي، بي قدري، بي حسي ۽ مايا جي موهه ۾ چريو ٿي ويل اسان جي هن سماج ۾ جڏهن ڪو مفڪر، اديب ۽ فنڪار پنهنجي سڄي زندگي جي ميڙي چونڊي، يعني پنهنجو تخليقي سرمايو ورثي طور ڇڏي هن جهان مان موڪلائي ٿو وڃي ته ان جا پونئير ”ورهاست“ جي شاعر جي ميڙي چونڊي جيان ان تي ڳجهن جيان ڪيئن نه جهپا ٿا هڻن، اوهين به پڙهو:
”هونهه! هيڏانهن ڪر... هن ۾ هڪ هڪ ڪلام لک روپين جو آهي، ڪروڙ روپيا هن جي قيمت آهي... ٻڌو ڪو نه اٿئي... هاٿي جيئرو لک، مري ته سوا لک.“
ان هڪڙي ئي مڪالمي ۾، هڪ سڄي زوال پذير سماج جو ڪارو منهن اسان کي سڙندو نظر ٿو اچي. مايا جي موهه ۾ چريو ٿي ويل هن فسادي معاشري جا مختلف ڪردار پاڻ کي ”ورهاست“ ۾ اگهاڙا نظر اچن ٿا. ٻي ڪهاڻي ”هڪ ڏينهن جو نوحو“ جو مرڪزي ڪردار ”همير“ سهپ ۽ درگذر کان ڪم وٺندڙ هڪ شخص آهي، ڳوٺان، شهر ڏانهن ڀاڳ آزمائڻ جي لاءِ ايندڙ... آئون ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته ڳوٺن مان شهرن ڏانهن لڏي ايندڙ هر ”بهادر“ يا هر ”مهم جو“ جو انجام هڪجهڙو ڇو ٿو ٿئي. اهي ماڻهو پنهنجي روح ۾، پنهنجي ڌرتي، پنهنجو ڳوٺ، پنهنجي وسندي ۽ ويڙهو ڇڏي، سڄي زندگي پل صراط تي هلندا رهن ٿا، ۽ جڏهن ڪاميابي جي منزل جي ويجهو پهچن ٿا ۽ جڏهن پويان مڙي ڏسن ٿا ته هو پنهنجو سڀ ڪجهه هارائي چڪا هوندا آهن. ڀاڳ ته ڪنهن ڪنهن کي ئي ڀيڙو ڏيندو آهي.
”هڪ ڏينهن جو نوحو“ انساني جذبن، قدرن ۽ انسانيت جي احترام جي ڪهاڻي آهي. ڪهاڻيءَ جي مرڪزي ڪردار جي نظر ۾ ”جذبن جو قتل مها پاپ هوندو آهي.“ کيس سڀ ڪجهه خبر هئي، پر هو اڻ ڄاڻ بنيو رهيو، جو ان ڪهاڻيءَ ۾ آفيسن ۾ هلندڙ گندي سياست، تنگدلي، حسد، ڪينو ۽ بغض جي مختلف ڪردارن جي ذريعي انساني فطرت جي اونداهن پهلوئن جي مڪالمن جي صورت ۾ وڏي مهارت سان تصوير ڪشي ڪئي ويئي آهي. ”هڪ ڏينهن جو نوحو“ ۾ هڪ مختصر ناول جو روپ ڏيڻ جا سڀيئي ترڪيبي جزا موجود آهن.
ساڳئي نموني ”فلرٽ“ به هڪ دلچسپ ڪٿا آهي. هن معاشري جي، جنهن ۾ دل لڳي ۽ دلربائي جي دوران سامهون دريءَ ۾ نظر ايندڙ چنڊ جهڙو چهرو وڏو غضب ٿو ڪري. فلرٽ ۾ ٻارهن فوٽن جي فاصلي تي لکين ميلن جي دوريءَ وارو اصطلاح واهه جو ٺهي ٿو اچي، جو اسين ان نازنين جي جدائي جي غم ۾ ٿڌا ساهه ڀريندي، پاسا ورائيندي زندگي جو وڏو قيمتي حصو گذاري ٿا ڇڏيون، جنهن رڳو دريءَ مان مکڙو پسايو هوندو آهي، يا هن جي ڪا ٻي قاتل ادا زندگيءَ جي دفتر ۾ داخل ٿيندڙ جي سڄي زندگي درهم برهم ڪري ٿي ڇڏي ۽ پوءِ نوس نوس جي بنيادن تي هڪ اهڙي زندگي گذارڻ جي عادت پئجي ٿي وڃي، جيڪا بهادر شاهه ظفر چواڻي:
عمر دراز مانگ کے لائے تھے چار دن،
دو آرزو میں کٹ گئے دو انتظار میں۔
فلرٽ جي هيري جي زندگي ۾، جڏهن ڪتاب جي جاءِ تي سامهون دريءَ مان ايندڙ فلرٽيه گولي بازيءَ اچي والاري ته، هوش ۽ هواس گم، پر جڏهن هڪ وک اڳتي وڌيو ته هن جو مٿو حيرت جي پهاڙ سان ٽڪرائجي وڃي ٿو. ان ڪهاڻي جي پڄاڻي بي حد ڇرڪائيندڙ آهي. اها ڏاڍي سٺي ڪهاڻي آهي، جنهن کي پڙهڻ سان مون کي موپاسان جي ڪهاڻي ”هيرن جو سيٽ“ ياد اچي ويئي، جنهن کي پڙهي مون کي خوشگوار حيرت ٿي. عملي زندگيءَ جي دفتر ۾ داخل ٿيندڙ جڏهن دفتر جو وقت ختم ٿيڻ کان پوءِ به زبردستي اوور ٽائيم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو سندس لاءِ ڪو خوشگوار تجربو نه هو. تجربي ۾ ڪڏهن شڪست ته ڪڏهن فتح ٿيندي آهي. ’شڪست‘ ڪهاڻي جي ”رضا صاحب“ جهڙن ڪردارن سان سڄو سماج ڀريو پيو آهي. اسان کي وک وک تي ”رضا برمنافقت“ جهڙن روشن ۽ ”مهربانن“ سان واسطو پوي ٿو. اڃا تائين دنيا ۾ اهڙو ڪو قانون نه ٺهيو آهي، جيڪو انساني روح کي زخمي ڪندڙ انسان نما حيوانن کي سزا ڏيئي سگهي. يوسف اها ڪهاڻي لکي انسانيت تي اسان جي ٽٽندڙ ايمان کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا هڪ وڏي اديب جي اندر موجود هڪ وڏي انسان جي به هڪ جهلڪ ڏيکاري ٿي.
”نه وڃڻ جو پڇتاءُ“ غربت، بي وسي ۽ محرومي جي باهه ۾ جلندڙ هن ملڪ جي ڪروڙين ماڻهن جو نوحو آهي، جن کي پنهنجي انا، خودداري، غيرت ۽ شرم اڏوهيءَ جيان کائي رهي آهي. ”ڀاڳ جو ڀونڊو“ اسان جي سماج جي انهن بدڪردار ماڻهن جي آرسي آهي، جيڪي ڪجهه سِڪن جي عيوض پنهنجو ضمير ته ڇا، پنهنجو پاڻ کي به وڪڻڻ جي لاءِ تيار ٿي ويندا آهن. ”مارڪو“ ڪهاڻي ۾ يوسف سنڌي طبقاتي ڇڪتاڻ ۽ مٿينءَ طبقي جي مڪروهه چهري کي ظاهر ڪيو آهي ۽ دل کي ڇهندڙ ڳالهه ڪئي اٿئين ته: ”هر شخص پوءِ اهو امير هجي يا غريب، هاري هجي يا وڏيرو، مالڪ هجي يا نوڪر، ڪٿي نه ڪٿي ٽٽي ٿو پوي.“ جيئن مارڪو جي ”سانئڻ“ نيٺ به ٽٽي پوي ٿي. ”پولار ۽ پاتال جي وچ ۾“ هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جيڪا جنهن به زاويي کان پڙهبي، هڪ اعليٰ ۽ عمدي ڪهاڻي لڳندي، جنهن ۾ سٺائي يا برائي جي رستي جي چونڊ به ڪهاڻيڪار وڏي ذهانت سان پڙهندڙ تي ڇڏي ٿو ڏي ۽ پنهنجي پڙهندڙ کي غير محسوس طريقي سان اهو موقعو ٿو ڏي ته هو پنهنجي اندر جي سٺائي يا خرابيءَ کي پنهنجي هٿن سان ئي بي نقاب ڪري سگهي، ۽ اهو موضوع به اهڙو آهي، جنهن تي لکڻ جي ڪري منٽوءَ کي عدالت ۾ گهيليو ويو.
يوسف سنڌي جي اندر هڪ وڏو ڪهاڻيڪار لِڪو ويٺو آهي، پتو ڪونهي ته ڪڏهن، اوچتو سندس قلم مان ڪو لافاني شاهڪار جنم وٺي. هڪ وڏي ڪهاڻيڪار جيان هو به پنهنجي پڙهندڙ کي چوواٽي تي آڻي بيهاري ۽ کيس فيصلو ڪرڻ جو اختيار ڏيئي اڳيان وڌي ٿو وڃي. ”مئل نوڙيون“ هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ انهن حوا زادين جي ڪٿا آهي، جن کي هن سماج ۾ جانورن ۽ غلامن کان به خراب حالت ۾ رکيو ۽ استعمال ڪيو ويندو آهي. اهو سماج جيڪو نڪاح جا ٻه ٻول پڙهائي ڄڻ عورت کي بازاري وکر يا ٻانهيءَ جيان استعمال ڪرڻ جو لائسنس حاصل ڪري ٿو وٺي، ٻنهي صورتن ۾ نقصان ۾ وري به عورت ئي هوندي آهي. ٿڌي عورت گهر جي نارمل مرد کي اندران ئي اندران کوکلو ڪري ٿي ڇڏي ۽ هو بازاري عورت ڏانهن يا ڪنهن ٻي عورت ڏانهن ڏسڻ ٿو لڳي، ۽ ٿڌو مرد پنهنجي گهر جي شريف زاديءَ کي پنهنجي ڪوڙي مردانگي جي زور تي مئل مڙهه ۾ بدلائي، جيئرو ئي قبر ۾ پوري ٿو ڇڏي، متان وري ظلم اهو به آهي ته مٿس ڪاري هئڻ جي ڪهاڙي به هر وقت اُڀي هوندي آهي. ”مهديءَ جو انتظار“ پڙهي احساس ٿيو ته اسان جا مسيحا ڪهڙا ڪهڙا نه ماڻهو آهن، جيڪي رهبرن جي روپ ۾ رهزن آهن. ڪوڙ، مڪر، دوکي، ڪرپشن ۽ ظلم جي بنيادن تي بيٺل هن سماج جي منهن تي هيءَ ڪهاڻي هڪ زوردار ٿـڦـڙ آهي. هن ڪهاڻي ۾ يوسف سنڌي سماج جي انهن بي عمل ماڻهن کي آرسي ڏيکاري آهي، جيڪي سڀ ڪجهه ”الله“ جي حوالي ڪري، پنهنجي حالت بدلائڻ جي لاءِ تيار نه آهن ۽ جنهن جي نتيجي ۾ تباهي سندن ڀاڳ بنجي چڪي آهي، بي همت ۽ بي عمل ماڻهو زواليت جو شڪار سماجن ۽ قومن جي علامت هوندا آهن، جيڪي ”گم ٿيل خواب“ ڏسڻ جا عادي هوندا آهن. هيءَ ڪهاڻي مرد جي آوارگي ۽ هوس پرستيءَ جي ختم نه ٿيندڙ ڪهاڻي آهي، جنهن جو شڪار هن سماج جي مظلوم ۽ بي وس عورت آهي. جيڪي به گم ٿيل خوابن کي وساري ٿا ڇڏين، تن کي ڪجهه به نٿو پلئه پوي. انهن جي ساڀيان وري ڪهڙي؟ اسين ته پنهنجا قدر، سڀيتا، سچ ۽ نيڪي سڀ وساري چڪا آهيون... اسان جي سامهون ”صليب تي ٽنگيل زندگي“ اسان جي زندگي آهي، جنهن ۾ زندگي واقعي ئي هڪ پيالو آهي، جيڪو سقراط بنا ڪنهن هٻڪ جي پي ڇڏيو.
”تو ڪڏهن سوچيو آهي ته اوهان مردن وٽ اڌ قوم غلام آهي. اوهين پهرين انهن کي آزاد ڪريو، کين پنهنجا حق ڏيو.“ هي مڪالمو، هن ظالم رياست کي دوڏيءَ ڇڏيندڙ اڌ آبادي جي ڀوائتي رڙ آهي، جيڪا هن ديس ۾ تصور کان به وڌيڪ تباهي، بربادي ۽ پرماريت جو شڪار آهي. هن هڪ جملي ۾ ڏسو.
”صليب تي ٽنگيل زندگي“ جي مرڪزي ڪردار ”سيمي“ جي موت ۽ زندگي جو ڳجهه لڪيل آهي. جنهن جي زندگي جو تصور انيڪ رعناين سان ڀرپور هو. يوسف سنڌيءَ، سنڌي ۽ پاڪستاني سماج ۾ عورت جي مجبوري ۽ بيوسيءَ جي ڪهاڻي دل جي رت مان قلم ٻوڙي لکي آهي، سنڌ ۾، اسان جي ملڪ ۾ اڻ ڳڻيون ”سِيميون“، اڻ ڳڻيون ”بختاورون“، دريائن، پلين، ٽرينن ۽ ريلن تان ٽپا ڏيو، اڻ ڳڻيون ڪهاڻيون پنهنجي دلين ۾ دفن ڪري پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻي ٿيون ڇڏين، پر عورت جو گلو دٻائي رکندڙ هي ذليل سماج پنهنجي ڪرتوتن تي ڦڪو ٿيڻ جي بدران پنهنجو رويو بدلائڻ جي لاءِ تيار ڪونهي. ”صليب تي ٽنگيل زندگي“ ان ناڪام سماج جي هڪ دکدائڪ ڪهاڻي آهي. اها مرد جي اسهپ هئي؟ جيڪڏهن نه ته سيمي ۽ سندس ڌيءَ جي موت جي پويان ڪهڙي ڪهاڻي لڪيل آهي؟ اها ئي ته هوءَ پڙهيل ڳڙهيل هئي ۽ پنهنجو حق گهريو هوندائين. ان سان جهيڙو ٿيو هوندو، ذهين ۽ پڙهيل لکيل عورت ڪن ”مردن“ جي مردانگي جي لاءِ موت هوندي آهي. نڪاح وجهڻ کان پوءِ مرد جيڪو هڪ وڏيرو هوندو، سيميءَ کي پنهنجي جتيءَ جي نوڪ سمجهي ٻانهي يا داشته جيان استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي. هن پنهنجي مردانگي جو جهنڊو، هن جي زبان بند ڪري هن جون روح ڇني کوڙڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي، ۽ اهڙو اهو سڀ ڪجهه برداشت نه ڪري سگهي هوندي يا سمجهوتو نه ڪري سگهي هوندي ۽ پنهنجي ڌيءَ سميت پاڻ کي درياءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو هوندائين. ڇا ڪنهن مرد ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته سندس هڪ ڊزن ٻارن جي ماءُ، ڪنهن آشنا سان ڇو ٿي ڀڄي وڃي يا هن اڌ ڊزن ٻارن سان گڏ آپگهات ڇو ڪيو؟ هڪ سوال هيءَ به آهي ته هن مئل ضمير واري سماج ۾ ڇا اسان جو سماج هڪ عورت لاءِ ڳجهن جهڙو سماج نه ٿي چڪو آهي؟ ان ڳالهه مان ثابت ٿئي ٿو ته ايڪيهين صديءَ جو مرد پٿر جي دور جي وارثي ڪري رهيو آهي، ۽ وڏي بي حيائي ۽ نڪ جي پڪائي سان پاڻ کي سڌارڻ جي بدران، پنهنجن ڪِنن ڪرتوتن کان توبه ڪرڻ جي بدران، پنهنجن ڪِنن ڪرتوتن کان جند آجي ڪرائڻ لاءِ تيار ڪونهي. سِيميءَ خودڪشي ڪئي ته اها به پنهنجي ڌيءَ بختاور سان گڏ، ڇو؟ ان جي جانچ جونچ ڪرڻ پڙهندڙ جو ئي ڪم آهي. اهو ئي انجام ان ڪهاڻي جو ڪلائمڪس آهي، جيڪو کيس هڪ وڏي ڪهاڻي بنائي ٿو.
آئون بنا ڪنهن هٻڪ جي يوسف جي تخليق ڪيل ڪهاڻين جي هن مجموعي جو شمار هڪئي وقت معياري ۽ ترقي پسند ادب ۽ قومي ادب ۾ ڪندس. انهن ڪهاڻين سنڌي ادب کي تخليقي موڙي فراهم ڪئي آهن. انهن ڪهاڻين جو خالق ڪٿي خلا ۾ نٿو ڀٽڪي، هن جي سامهون چؤڏس پکڙيل تلخ ۽ اڻ وڻندڙ حقيقتون آهن، جن کان هو پنهنجو دامن بچائي نه سگهيو آهي. اهڙيون حقيقتون، جن تي قلم کڻڻ جي لاءِ هڪ منٽو جي ضرورت هوندي آهي، ۽ جن تي کُلي لکڻ سان گهڻن ئي وڏن وڏن جو پتو پاڻي ٿيڻ لڳندو آهي. يوسف جي قلم مان هي جيڪي خوبصورت ۽ اثرائتيون ڪهاڻيون تخليق ٿيون آهن، اهي پڙهندڙ جي دل ۽ دماغ تي هڪ جهڙو اثر وجهن ٿيون. يوسف انهن ڪهاڻين ۾ زندگي جو ڪڙي کان ڪڙو رستو طئي ڪيو آهي، هو لفاظي کان ڪم نٿو وٺي، ڪو يوٽو پيائي (خيالي) محل نٿو اڏي، پر سادي سوڌي، پر انتهائي محتاط ۽ چونڊيل مڪالما ڪردارن جي زبان سان ادا ڪري ميلو مچائي ٿو ڇڏي. يوسف سنڌي جي ڪهاڻين ۾ تهذيب، سياست، معاشرت، انسانيت، نيڪي، بدي، شرافت مطلب ته هر شئي جو ڪڙو احتساب ٿئي ٿو، پر احتساب ۽ اصلاح جي جوش ۾ هوش جو پلئه به هٿن مان نٿو ڇڏيو وڃي، ۽ نه ئي پنهنجي قلم کي ڀٽڪڻ ٿو ڏي. سنڌي سماج ۾ عورت سان نا انصافي جي ڪهاڻي بيان ڪندي هن سنڌي عورت جي گهايل روح تي مرهم رکڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي ۽ سبب ڳولهي پاڙ تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. منٽو به سبب ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندو هو. يوسف حقيقت جي دنيا جو راهي آهي، هن جي لکڻين ۾ حقيقت نگاري جو چٽو عڪس ملي ٿو. هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ زندگي کي مسئلو بنائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، پر ان جو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. يوسف جي لکڻ جو بيان سماجي حقيقت نگاري، خاص ڪري هيٺين طبقي، وچولي ۽ مٿين طبقي جي باري ۾ اعليٰ درجي جي آهي. سندن ڪهاڻين کي پڙهي ايئن ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ هو سنڌ نه پر سڄي پاڪستان جي سماج جي عڪاسي پيو ڪري ته بدي، ۽ بڇڙائي يا شيطانيت جو منهن مهانڊو ڪراچي کان وٺي خيبر تائين هڪجهڙو آهي، هم شڪل آهي، هم نفس آهي، انتهائي مڪروهه ۽ ڊيڄاريندڙ آهي. يوسف سنڌيءَ جي سماج تي ڳوڙهي نظر آهي. هن جي ڪهاڻين جا ڪردار اهڙا آئينا آهن، جن ۾ اسين سڀ پنهنجا پنهنجا چهرا ڏسي سگهون ٿا، ۽ ڪردارن جي زبان مان ادا ٿيندڙ مڪالما اهڙا لفظ آهن، جيڪي هر وقت اسان جي ڪنن ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پوندا رهندا آهن. لفظن جي چونڊ ۾ هو بي حد محتاط آهي، جنهن جي ڪري هن جي ڪهاڻين ۾ ڪٿي به دلچسپي جو عنصر گهٽجي نٿو. انساني نفسيات کي سمجهائڻ جي ڪوشش ۾ هو پنهنجي قلم يا ڪردارن يا انهن جملن کي آپي مان ٻاهر نڪرڻ نٿو ڏي، پر انهن تي سخت پڪڙ رکي ٿو. ڪهاڻين جي خوبصورتي ۽ انفراديت سان هو کهري بيانيا انداز ۾ پنهنجي ڳالهه ڪرڻ جو گُر ڄاڻي ٿو. ڪردارن جي زبان جو خاص بيانيا انداز سندس لکڻين جي خاص خوبي آهي. هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ فڪري ميلان سان گڏ سماجي حقيقت نگاري، شهري ۽ ڳوٺاڻي سماج ۽ انساني جبلتن ۽ حقيقت جي تصوير ڪشي ڏاڍي ڀرپور انداز ۾ ڪئي آهي. سماج جو ناڪاري پهلو هن جي قلم جي نوڪ جي زد ۾ آهي، جنهن تي هو ڀرپور وار ڪرڻ کان پاسو نٿو ڪري. منٽو به اهو ئي ڪندو هو، اوهينري ۽ موپا سان به ان ئي راهه جا پانڌيئڙا هئا. يوسف سنڌي سماج جي گهر جو شاهد آهي، هن جون ڪهاڻيون پڙهي شدت سان اهو احساس ٿئي ٿو ته هو عصمت چغتائي جيان اک ٻوٽ کان ڪم نٿو وٺي، پر سعادت حسين منٽوءَ جيان سڌو دل ۽ دماغ تي وار ٿو ڪري، فساد جي پاڙ تي حملو ٿو ڪري ۽ انساني ضمير کي جهنجهوڙي ٿو ڇڏي. اها ئي سندس هڪ وڏي اديب هئڻ جي علامت آهي. انهن ڪهاڻين ۾ لڪل مقصديت ظاهر ڪري ٿي ته لکندڙ هن سماج جي سڌاري جو خواهشمند آهي، جيڪو لفط حقيقت نگاريءَ سان ٻڌل لکڻين جي مطالعي مان حاصل ٿئي ٿو، اهو ٻي ڪنهن لکڻيءَ ۾ نٿو ملي. يوسف سنڌي جون لکيل ڪهاڻيون روز مرهه زندگي جون ڪهاڻيون آهن، اهي سماجي سچايون آهن، جن سان اسين اڪثر منهان منهن ٿيڻ کان لنوائيندا آهيون. سنڌي ادب، پاڪستان جو قومي ادب آهي، ۽ يوسف جون اردو ۾ ترجمو ٿيل ڪهاڻيون به پاڪستاني ادب ۾ نه رڳو وڏي اهميت واريون آهن، پر ان ۾ هڪ خوبصورت ۽ نئين باب جو واڌارو به آهي. يوسف علائقي يا تجريدي ڪهاڻين ۾ پناهه نه ڳولهي آهي، پر هو حقيقت نگاري جي راهه جو پانڌيئڙو آهي. هو ڪردارن جي زبان مان ادا ٿيندڙ چئن جملن جي ذريعي برائي جي احتساب جي زبردست عوامي عدالت لڳائي ٿو ۽ فيصلو ڪرڻ کان سواءِ عدالت ختم ٿيڻ نٿو ڏي. سندس ڪردار گهرائي جي زبان ڳالهائين ٿا ۽ جدوجهد ۾ رڌل، جيئڻ يا مرڻ جي دل ۾ خواهش سانڍيو ويٺل اهي ڪردار، مونجهاري جو شڪار ناهن، پر پنهنجي پلئه ۾ هڪ سڄي سماج جو الميو سمايو ويٺا آهن. يوسف به اڪثر لکندڙن جيان هيٺين ۽ وچولي طبقي کي پنهنجي افسانن جو موضوع بڻايو آهي، جيڪو هر جائز ۽ ناجائز طريقي سان، هڪ ڏاڪو وڌيڪ مٿي چڙهڻ جي لاءِ ناجائز هٿڪنڊا استعمال ڪن ٿا. اهو وچولو طبقو جاڳ ۾ خواب ڏسندو آهي ۽ گهڙيال جي پينڊولم جيان خلا ۾ لڙڪيل رهندو آهي، پر تجربي ۽ مهم جوئي کان باز نٿو اچي، جو مهم جوئي، وچولي طبقي جي فطرت ۽ سرشٽ ۾ شامل آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان جي اها ئي خوبي يا خامي ڪن سماجن ۾ بنيادي تبديلي يا انقلاب جو سبب بنجي ويندي آهي.
يوسف سنڌي جون بي باڪ لکڻيون پڙهي مون کي ان ڳالهه جي اڃا تائين حيرت آهي ته کيس منٽوءَ جيان اڃان سوڌي ڪنهن ڪينگرو ڪورٽ ۾ ڇو ناهي گهيليو ويو. ڪوڙ، منافقت ۽ دوکي تي ٻڌل هن ڳجهه جهڙي سماج تي ليکڪ جي گهري نظر آهي. هن پنهنجي تجربي، مشاهدي ۽ فڪر مان جنم وٺندڙ مواد کي وڏي نفاست سان لفظن جي قالب ۾ وڌو آهي. هو سڌو سنئون لکي ٿو، پر سٺو لکي ٿو، اوهين سندس ڪهاڻين کي پڙهڻ شروع ڪندا ته ختم ڪرڻ کان اڳ رهي نٿو سگهجي. انساني فطرت جون ڪهاڻيون اعتماد ۽ گهري ذهانت سان تخليق ڪيون ويون آهن، اهي ڪهاڻيون هن تشدد تي آماده سماج ۽ ان سان گڏ هن سماج جو الميو ۽ اعمال نامون آهن، تنهن ڪري اسين انهن کي مقصديت جو علمبردار ادب به چئي سگهون ٿا. اسين سڀ اهڙا ئي آهيون، جهڙو يوسف سنڌي پنهنجي ڪهاڻين جي ذريعي اسان کي پيش ڪيو آهي. سندس ڪهاڻين جي زبان روز مره جي زبان آهي، بيان جو ڍنگ منفرد ۽ نرالو آهي، ڪٿي سڌو ته ڪٿي تکو، ڪٿي تکو ته ڪٿي ڪڙو ۽ ڪٿي مٺو، پنهنجي پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي جي ڳالهه آهي، جنهن جو اظهار يوسف جي افسانن ۾ ٿئي ٿو ۽ پڙهندڙ انهن جي اثر کان بچي نٿو سگهي. سڄي ماحول تي ان جي گهري پڪڙ آهي ۽ پڙهندڙ ڪردارن سان گڏ هلندو ٿو هلي، بي شڪ يوسف اهڙين ڪهاڻين جو خالق آهي، جيڪي اسين سڀ پڙهڻ ٿا چاهيون.
ادب انساني زندگيءَ جو آئينو، حقيقت جو علمبردار ۽ مقصديت جو سرچشمو هوندو آهي ۽ يوسف سنڌي بجا طور تي ان ميدان جو شهه سوار آهي. منهنجي دلي تمنا آهي ته ان کيتر ۾ وڏيون ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون يوسف جو ڀاڳ بنجن.


نذير احمد ڪهوٽ
ڪراچي
31 مارچ 2009ع