مارڪو
”سانئڻ! اجهو پهتيس....“ خطوءَ سانئڻ جو سڏ ٻڌي رنڌڻي مان جواب ڏنو.
”اَئي نپٽي! ڪلاک ٿي ويا اهيني....اڃان سانجهاڻ ڪانه لاٿي اهيني.“
”سانئڻ! سڄي عيال جي ماني ڪرڻي ٿي پُوئيم...سانئڻ وڏيءَ لاءِ اڦراٽا ۽ بنا مرچن وارو ٻوڙ الڳ رڌڻون ٿو پوئيم.“ خطوءَ رنڌڻي مان نڪرندي گنديءَ جي پلاند سان منهن تان پگهر جا ڦڙا اگهندي وراڻيو.
”خير خطو، ڇڏ انهن ڳالهين کي....ڀلا سڻائي ڪا کبر....“
”کبرون ته گهڻيون ٻُڌيون آهينم....پر تون الائجي ڪهڙي ٿي چُوئين....“
”اَئي اها حليمان جي ڇوريءَ جي ٻيو وري ڪهڙي...“
”اَئي سانئڻ حليمان جي ڇوريءَ کي ڪڄا ٿيو...ڪوکناهه ڪيو اٿائين ڇا....؟“ خطوءَ سانئڻ جي ويجهو ايندي، راز داريءَ واري انداز ۾ پڇيو.
”اَئي خطل!....تون به گهرن جا گيس مارا ڪري اچي اڇن ۾ پيئي آهين....مونجو پير ته هونءَ ئي قبر ۾ آهي....بس ڪاري قيام آئي ٻيو ڇا....؟“
”اَئي سانئڻ!...رڳو پئي ڳجهارتون ڏيندين يا ڪي ٻڌائيندينءَ به.....“.
”ديجان! ٻڌايان ته پئي.“
”اَئي لٽي! ڳالهه ڪي مشڪري حليمان جي اها ڇوري ڦاپان جيڪا ڊاخترياڻي ڪ الائجي منڊم ٿي آهي، سا سالگرا پئي ملهائي، ڪالهه ماڻس آئي هوئي مونکي ڪانڊ ڏيڻ...ائي خطل اهڙو ڪو ويل ڏٺئي...اڃان ڪالهه اسان جا ٽڪر ٽانبا کائي وڏي ٿي آهي....سالگرائون ملهائين ته اسان شاهن ۽ رئيسن جا پُٽ ۽ ڌيئرون .....ڪه هيءَ چوڪ چنڊي اچي کري آهي...تونجو ڪو اهو نخرو ٺهي ٿو ڇا.....اَئي ! مون، حليمان جي اهڙي کر- کنئي جو منهن ڦلڙو ڪري اُٿي رواني ٿي...هان هان....“ سانئڻ يڪ ساهي چئي ويئي.
”آئي سانئڻ! نڀاڳيءَ وريءَ جا ڪم ڏٺا اهيني....سڄو ڏينهن اڇو کفڻ پايو پئي اسپتال ۾ مايون تپاسي....جيجل اَمان ! کُٽيءَ جو کنيم سو تنهن ڏينهان چيلهه جي سور ڪنا هلاک ٿي جا وڃان اسپتال ته ڇا رنگ ڏسان....تيل ڦليل ڪريو موئي ڌارين ڊاڪٽر جي سامهون ويٺي آهي.... مونکي جو ڏٺائين ته اُتان اُٿي اچي در وٽ کيڪاري هٿ ڏنائينم...۽ ماسي خطو، ماسي خطو چئي کبرون وٺڻ لڳي.....ائي امان آئون به. زماني جي آهيان، سو سمجهي ته ويس، ڪو کرميٽ ضرور آهي، پر سور ڪنا هُيس هلاڪ، سو ٻنهي ٻانهن ۾ ٻه ڀالا ٽنبائي موٽي آيس...باقي سانئڻ.....آئون سينڌ جلهي ٿي ڏياني ته اهو قصو اڄ ٻُڌي يا سڀان....!“
”اَئي امان تڏهن ته چُوان ٿي نه ته زمانو خراب آهي....شل ڪو نه کري....“
شون شون...رنڌڻي مان آواز آيو.
”ائي مٽو کڏس...داغ ئي سڙي ويو.....“ ايئن چئي خطل رنڌڻي ڏانهن ڀڳي ۽ سانئڻ ڪنجهندي آهلجي پيئي.
*
”خطو او خطو!“
”جي سانئڻ....“
”باهه لڳئي....آئون اڪيلي ويٺي آهيان ۽ تون الائجي ڪٿي ڦسي پيئي آهين.“
”اجهو آيس سانئڻ ....“ ائين چئي خطو تکي تکي هلندي، سانئڻ جي پيرانديءَ کان کٽ تي اچي ويٺي ۽ گنديءَ جي پلاند سان منهن تان پگهر اگهڻ لڳي.
”ڏي کبر.....“
”کوڙ کبرون.....تون الائجي ڪهڙي ٿي چُوئين.“
”اَئي اها ڦآپان جي سالگرا جي.....ٻُڌو هوم تون وئي هئينءَ!“
”ها سانئڻ! گس هلندي حليمان اچي ٻانهن مان ورتم....سوچيم وڃي دنيا جا رنگ ڏسي اچان....۽ سانئڻ هئا به رنگ ذات ذائفان هئي...اوڙي پاڙي واريون به گهڻيون هيون...ڊاڪٽرياڻين جو به سڄو ملڪ اچي مڙيو هو....پهرين ڦاپان ڪاتيءَ سان ڪيڪ وڍيو....ميڻ بتين کي ڦوڪون ڏيئي اجهائين......پوءِ ڇورين جي تاڙين جو ڦهڪو....کيس ڳرائڙي پائي انگريچيءَ ۾ الائي ڪُڄا چوڻ لڳيون...پوءِ ٽيپ تي پٽي چاڙهي اچي جو جهڙيون وڌائون ....لنگهين کي به مِٽي ڇڏيائون....“
”پوءِ خطل!“
”پوءِ وري ڪُڄا سانئڻ!....کاڌي پيتي کان وانديون ٿي هڪ ڏاڪترياڻيءَ کي ڪرسي ۽ ٽپائي وجهي وچ تي ويهاريائون ...جيڪا وري اوڙي پاڙي جي ماين کي تپاسڻ لڳي....چئون پي ته شهر جي ڪا وڏي ڊاڪٽرياڻي هئي....هن ماين کي ڏسي ٿي لاٿو ته ٻين وري ڀالا ٿي هنئين...دوائون به مفت ۾ پي ڏنائون.....“ مونکي آيو ريچڪ سو سُري وڃي ڀر وريدمانس......ٻه ڀالا هنيائين ۽ ڪجهه ٽڪيون ۽ هڪ شربت جي شيشي ڏنائينم....
”ائي ڪوفرق به ٿيو ني يا ائين ئي پئي زهر جو ٽڪيون ڦڪينءَ....“
” ڳالهه ڪنديس الله لڳ....اڄ ٽيون ڏينهن آهيم....حرام ڪو سور سنڀران...
”هونهه....!“
”امان جيجل! منهنجي مڃينءَ ته تنهنجو سَنڌن جو سور به انهيءَ تيل مالش سان ڪونه لهندئي....هلي ڦاپان کي ڏيکار....“
”چئين سچ ٿي خطل.....“
”پوءِ سانئڻ آئون هلان ٿي.....مونکي اڃا ڏهن گهرن جا گيس ماراڪرڻا آهن.“