مون کي به جيئڻ ڏيو....!
هي جڏهن ڌڪجي پويان ٿيو ته همت هاري ڇڏيائين ۽ بيهي رهيو. ٽرڪ آهستي آهستي هلندي ويئي، ماڻهو ٽرڪ جي پويان هوڪا ڏيندا ، رڙيون ڪندا، نعرا هڻندا، ڊوڙندا ويا ۽ ٽرڪ جي مٿان بيٺل ٻه همراهه سامان جون ٿيلهيون انهن ڏانهن ايئن اڇليندا ويا، جيئن ڀونڪندڙ ۽ رومڙ ڪري ايندڙ ڪتي کي اڳيان وڌڻ کان روڪڻ لاءِ، ڪو مانيءَ ڀور اڇلي ڏبو آهي. جيئن هو ان ۾ لڳو رهي ۽ ماني اڇليندڙ همراهه اڳتي نڪري وڃي. پر هتي اها ترڪيب به نه هلي، ماڻهو ٽرڪ کي ماڪوڙين وانگر ورائي ويا... ماڻهن جي حملي جي سٽ نه سهي ٽرڪ تي بيٺل همراهن ڀڄي جند ڇڏائي ۽ ٽرڪ منٽن ۾ سامان کان ايئن خالي ٿي ويئي، جيئن ماڪڙ جي حملي کان پوءِ وڻ پنن کان خالي ٿي ويندا آهن.
هي، اهو سڀ ڪجهه ڏسندو رهيو.
ٽي ڏينهن اڳ جڏهن هو ڳوٺان نڪري اچي مڪلي تي پهتا هئا ته درياءَ شاهه دادلي کان فقط بُت تي پاتل ڪپڙا ۽ ٻه چار ڪپڙن جا ٻيا پُچ ۽ پنهنجون زندگيون بچائي سگهيا هئا. اَسر ويل هو اڃان روزو رکي مسجد ۾ نماز لاءِ وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هو، جو مسجد مان اعلان ٿيو ته ”ڳوٺ وارؤ! درياءَ جو بند ٽٽي پيو آهي... پاڻي تيزيءَ سان ڳوٺ ڏانهن پيو وڌي، جيترو جلد ٿي سگهي، ڳوٺ خالي ڪري محفوظ هنڌن تي پهچو...“
اعلان ڇا ٿيو، ڄڻ ڳوٺ ۾ قيامت برپا ٿي ويئي.
هيءَ به پنهنجي زال، ننهن ۽ ڏهن سالن جي پوٽيءَ کي وٺي نڪتو. پٽهنس اَدلو مزدوريءَ جي سلسلي ۾ وڏي شهر ويل هو. ماڻهن جون قطارون هيون، جيڪي بدحواسيءَ ۾ ڳوٺ خالي ڪري رهيا هئا، زائفائون هيون، جن مان ڪن جي مٿن تي هڙون هيون ته ڪن جي هٿن ۾ ٻارڙن جون آڱريون... ۽ ٻارڙا هئا، جيڪي اسر ويل اوچتو ايئن ننڊ ڦـٽڻ کان پوءِ مائٽن جي بدحواسي ۽ ڀڄ ڀڄان ڏسي زور زور سان رڙيون ڪندا ويا، پر کين ڪو به پرچائي ماٺ نه ڪرائي رهيو هو. هن ڏٺو ته ڪيترائي ٻار مائٽن کان وڇڙي ويا هئا ۽ ڪن مائٽن وري چرين وانگر پنهنجن ٻارڙن کي پي ڳولهيو.
عجيب بدحواسي هئي چوڌاري!
”هيءَ ته ڪاري قيام آهي.“ هن هلندي سوچيو. ”مسيت ۾ ملئون واعظ ڪندي اڪثر چوندو آهي ته قيامت جي ڏينهن نفسا نفسي جي حالت هوندي... نه پُٽ پيءَ جو، نه زال مڙس جي، نه ماءُ ٻار جي واهرو هوندي... هر ڪو پنهنجي اعمالن جو چٺو کڻندو ڀڄندو وتندو.“
وڏي شهر ڏانهن ويندڙ رستي تي ڪارين، سوزوڪين، موٽر سائيڪلن، سائيڪلن، بيل گاڏين ۽ گڏهه گاڏين جي ڊگهي قطار روان دوان هئي، ۽ انهن ۾ ويٺل ڇا سٿيل هئا ماڻهو، سامان، ٻڪريون... ماڻهو پاڻ بچائڻ ۽ محفوظ هنڌ تي پهچڻ لاءِ سڀ رشتا، ناتا، قدر ۽ انسانيت وساري چڪا هئا... ڪارن وارن ڪارون ايڏيون ته زور سان ٿي هلايون، جو ماڻهن کي رستي تان هٽڻ جو موقعو به نٿي ڏنائون... ايئن ڪيترائي ماڻهو پاڻ بچائيندي ڪارن سان ٽڪرجي زخمجي به پيا.
وڏي شهر ڏانهن ويندڙ رستي تي هلندي هن جي نظر سائين، دادن شاهه، ميلا مار تي پيئي، جيڪو به ڇوهه مان وڃي رهيو هو. پٽهنس، قادن شاهه، بلا ٽار به لٺ هٿ ۾ کڻيو، ان ۾ ٻڌل گهنگهرين کي زور سان پٽ تي هڻندو وڃي رهيو هو. اڄ کيس ”حيدر حيدر“ جا نعرا هڻڻ به وسري ويا هئا، هنن جي پويان حويليءَ جون بيبيون به هيون، جن مان ڪن جي هٿن ۾ ننڍيون هڙون ته ڪن جي ڪڇن تي ٻارڙا هئا... کين صحيح پردو به ڪيل ڪو نه هو... ”اڃا ٻي ڪهڙي ڪاري قيام چئبي، جو سادات ويچارا به ٽلڪي ويا... انهن ساداتن جي حويليءَ مٿان نر پکيءَ جي اڏرڻ تي به پابندي هئي...“ هي سوچي ٿو ”اي رب سائين! تون اسان مشڪين ٻچڙيوالن تي ڪو قياس ڪر... هي ٻوڏ واري بلا اسان تان ٽار....“ اهو چئي هو توبهه توبهه ڪري اکيون ٻي پاسي ڪري ٿو ڇڏي... هو بي خياليءَ ۾ ساداتن جي حرم تي پنهنجي پيل نظر تي پڇتائڻ ٿو لڳي، ”الله مون کي معاف ڪر...“ هو دل ئي دل ۾ چوي ٿو.
وڏي شهر ڏانهن ويندي پنڌ ئي پنڌ، سخت اُس، مٿان وري روزو، هن ايئن محسوس ڪيو هو، ڄڻ هو پنهنجو لاش گهليندو پيو وڃي ڪنهن قبر ۾ ڦٽو ڪرڻ جي لاءِ... هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن جي رش ۾ هن ڇا ڇا نه ڏٺو... کيس سٺ سال اڳ وارو منظر ياد اچي ويو، جڏهن واڻيا ڀڳا هئا.. تڏهن هو اڃا ٻار هو ۽ پڻهنس پنهنجي ننڍپڻ جي سنگتي ڪرمونءَ کي الوداع چوڻ جي لاءِ ڪراچي ويو هو ۽ هن کي به پاڻ سان وٺي ويو هو ۽ پڻهنس ڪراچيءَ ۾ تيستائين ڪرمون ۽ سندس گهر وارن سان ڪئمپ ۾ گڏ رهيو، جيستائين هو پاڻيءَ جي جهاز ۾ چڙهي روانا نه ٿيا... ان وقت به هن ماڻهن کي ايئن ئي ٽولين جي صورت ۾ بدحواس، ويگاڻون ۽ ويچارو ٿي ڊپ ۾ سفر ڪندي ڏٺو هو... هن جي تصور ۾ به ڪو نه هو ته ڪو هو هڪ ڀيرو ٻيهر نه رڳو اهڙا نظارا ڏسندو، پر خود به انهن ۾ شامل هوندو.
ڳچ پنڌ هلڻ کان پوءِ جڏهن زالهنس دانهن ڪئي، ”ادلوءَ جا پيءَ! ٿورو ڍرو هل... اسين ٿڪي پيا آهيون.“ ته هن کي هوش آيو هو ۽ هو رستي جي پاسي ۾ هڪ ڪَنڊ جي وڻ هيٺان ٿي ويٺا... هاڻ سندس پوٽيءَ اُڃ سبب رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ هي پريشان ٿي ويو ته ننڍڙيءَ لاءِ ڪيئن پاڻي هٿ ڪري. ماڻهو قطارن ۾، زل ڪاڙهي ۾ پگهر ڳاڙهيندا وڃي رهيا هئا. هن انهن کي ڏسڻ شروع ڪيو ته ڪنهن وٽ پاڻي هجي ته پوٽيهنس لاءِ گهري.
”ادلو پيءَ! ادلوءَ جي ڪا خبر ورتي ٿئي...!؟“ زالهنس پنهنجي پُٽ جي اُلڪي ۾ ڀڻڪي.
”ڪٿان خبر وٺان... جيئن اُٿيا آهيون، تيئن کڙين تي زور اٿئون.... ڪنهن کان پُڇان؟“
”پوءِ.... به...“
”ڪنهن ڪنڌيءَ ڀيڙا ٿيون ته ڪٿان خبر ڪڍندوس ادلوءَ جي.“
تيسين هن جي نظر هڪ جوان مڙس تي پيئي، جنهن جي هٿ ۾ پاڻيءَ سان ڀريل ڪولر هو ۽ هن تڪڙو وڌي ان کي ٻانهن مان جهليو ”ابا پاڻي ڍڪ ڏي.... ننڍڙيءَ جو اصل ساهه ٿو وڃي.“
”حاضر چاچا...“ جوان مڙس بيهندي وراڻيو ۽ هي کيس پاڻ سان وٺي آيو ۽ جوان مڙس ڪولر جو ڍڪ کولي ان ۾ پاڻي ڀري ننڍڙيءَ کي ڏنو، جيڪا ايئن پيئڻ لڳي، ڄڻ ٻيهر پاڻي نه ملندس.
”ڏي خبر چاچا.... ڪهڙي ڳوٺ جو آهين؟“ جوان مڙس پڇيس.
”ارباب سانول خان جي ڳوٺ جو...“ هن وراڻيو.
”سانول خان ته وڏو ماڻهو آهي. تعلقي جو ناظم به رهيو آهي، هن اوهان کي سواري ڪا نه ڏني ڇا...؟“ جوان پڇيس.
”ابا! اسين ته ايئن ئي رات جي اونداهيءَ ۾ گهر ڇڏي نڪتا آهيون.“
”اوهين ڪنهن جا ماڻهو آهيو.“ جوان وري پڇيس.
”ارباب سانول جا... ابا اسين سدائين کيس ئي وونٽ ڏيندا آهيون.“
”بَلي بَلي.... ارباب سانول خان... اڳوڻا تعلقه ناظم بَلي...“ جوان مڙس طنز ڪندي چيو ۽ پوءِ پڇيو: ”ارباب سانول خان جي گهر ڀاتين به لڏيو يا هو اتي ڳوٺ ۾ رهيا پيا آهن.“
”ابا ڪلهه شام ٻڌوسين ته پنهنجي گاڏين ۾ ڪراچي هليا ويا...“
”واهه! ته چئبو کين ملائڪن اڳواٽ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته رات جو بند ٽٽندو.“
هي ماٺ ۾ رهيو.
”۽ اهو اوهان وارو اربابڙو سانول؟“
”نه، اهو تبليڪ تي ويو آهي.“
هن جي جواب تي جوان مڙس هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو، جنهن سبب ويندڙ ماڻهن گُهور ڪري جوان مڙس ڏانهن ڏٺو، ڄڻ چئي رهيا هجن: ”صفا ڪو بلا کاڌو آهين. ماڻهو پنهنجي ساهه بچائڻ جي چڪر ۾ آهن ۽ تون نڀاڳا پيو ٽهڪ ڏينءَ.
”ته چئبو چاچا... پاڻ وارو ارباب تبليغ تي ويو آهي، جيئن سندس لاءِ جنت ۾ جايون ٺهن، حورون ۽ غلمان بُوڪ ٿين.“
جوان مڙس جي ان ڳالهه جو هن کان ڪو به جواب نه ٺهيو ۽ هي ماٺ ۾ رهيو.
”چاچا! اهي وڏا ماڻهو سڀ حرامي آهن... پنهنجي مطلب جا... هينئر ته اوهان کي پڇئون به ڪونه.... باقي ڪم پوندن... ووٽ کپندن ته مائـٽاڻان ماڻهو آهيون، چئي ڪتن وانگر اچي اوهان جا پير چٽيندا.“
”هائو ابا...“ هن مڙيئي جوان مڙس کي سُر جهلايو.
”ڏسين ڪو نه پيو چاچا... اهي وڏا ماڻهو، وڏيرا ۽ آفيسر... ڪيڏين نه وڏين گاڏين ۾... هڪ هڪ ٻه ٻه چڙهيو پيا وڃن... دل ۾ ڪو قياس هجين ته ڪر اوهان جهڙن جهونن کي پاڻ سان گڏ کڻي اڳڀرو ڪر نه ڪن... ڪنهن ڪنڌيءَ تي نه پهچائين... پر انهن حرامين کي اوهان مان ڌپ ٿي اچي ڌپ...“
هي خاموش رهيو. جوان مڙس ننڍڙي کان ڪولر جو ڍَڪ ورتو ۽ ڀري اڳيان وڌايو، جيڪو نهڻس وٺي پيتو.
”چڱو چاچا... ڪجهه اڳڀرا ٿيون.“ جوان مڙس ڪولر جو ڍڪ بند ڪندي چيو ۽ ڪولر کڻي روانو ٿي ويو.
ماڻهن جي رش، جيئن پوءِ تيئن وڌندي ويئي، ڳوٺن جا ڳوٺ لڏي آيا هئا، هي انهن ويندڙن کي ڏسڻ لڳو، جيڪي هن جيان ئي غريب هئا، بي وس هئا، ويڳاڻا هئا... ۽ کين خبر ڪو نه هئي ته هاڻ سندس آئيندو ڇا آهي؟
ان مهل اتان سندس اڳيان هڪ ڊبل ڪئبن گاڏي ”پان پان“ ڪندي، لنگهي ويئي، جنهن جا شيشا بند هئا، ان ۾ فقط ٻه ڄڻا ويٺل هئا، هن گاڏيءَ ڏانهن ڏٺو ۽ دل ۾ خواهش ڪر کنيس ته ”ڪاش! هو کين پويان ويهاري کڻي هلن... جيئن هي پنڌ کان ڇٽي پون.“
پر ٻي گهڙي ڪجهه دير اڳ جوان مڙس جا چيل جملا ذهن ۾ تري آيس. ”چاچا! هنن کي غريبن مان ڌپ ٿي اچي، تڏهن ته هو گاڏين جا شيشا به چاڙهيو ٿا ڇڏين...“ ۽ هي سڄو هَڄي ويو ۽ دل ۾ اُڀريل خواهش ٻي گهڙيءَ دم ٽوڙي ويس... ۽ ذهن ۾ اچيس ٿو ”غريبن جو ڪير به ڪونهي ادا... هنن کي ته ڄمڻ ئي نه کپي ها...“
هنن ٻيهر هلڻ شروع ڪيو، ڄڻ محشر جي ميدان ڏانهن وڌي رهيا هجن! رستي ۾ ماڻهن جي ڀُڻ ڀڻ ۽ وڏي سڏ ڳالهائڻ، زائفائن پاران ولين ۽ باشاهه پير کي سڏڻ ۽ ٻارن جي رڙين ۽ ڪيڪن... سخت اُس، اُڃ، مٽيندڙ گاڏين جي ڌوڙ... هو ڪيئن مڪلي پهچندا؟، هو سوچي ٿو. ”اسان مردن جو ته خير آهي، پر زالن ۽ ٻارن جا ته لاهه ئي نڪري ويا آهن. مٿان وري راتوڪي گرهه تي...“ روزو به پاڻيءَ لپ ۽ ڪنهن کان مليل مانيءَ ڳڀي تي کوليائين.
هو جڏهن مڪلي پهتا ته سج ڪڏهوڪو لهي چڪو هو. مڪليءَ تي ماڻهن جا هشام اچي گڏ ٿيا هئا. ماڻهن جي ايڏي ته رش هئي، جو هن کي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ اڄ محشر جو ڏينهن آهي ۽ صدين کان مڪلي جي قبرستان ۾ سُتل سڀ مردا، حساب ڪتاب ڏيڻ جي لاءِ جاڳي پيا هجن.
هن مڪلي پهچي هڪ وڻ جي هيٺان پوتارو وڇائي ٻارن کي ويهاريو. اها رات هنن بُک تي گذاري. هي هِتان هُتان ڀڄ ڊڪ ڪري رڳو ايترو ڀت مس هٿ ڪري سگهيو، جنهن مان رڳو ننڍڙي پوٽيهنس جي ڪک ڀرجي سگهي. هو ٻهراڙي جو ماڻهو هو، بک، ڏک، مسئلا هن جي گهر جا ڀاتي هئا، پر هن اهڙي عذابن ڀري، ڏکي ۽ کليل آسمان جي هيٺان، مڇرن سان وڙهندي، پيٽ ۾ بُک جا چڪ سَهندي ڪڏهن به رات نه گذاري هئي. هو غريب ماڻهو هو، سندس گهر ۾ دنياوي سکن ڪڏهن ڀلجي به پير نه پاتو هو، ڪجهه هارپي ۽ ڪجهه هِتي هُتي مزدوري ڪرڻ کان پوءِ ڇڪي تاڻي رکا سکا ٽي ويلا مانيءَ جا مس کائي سگهندا هئا. هاڻ ڪجهه ادلوءَ جي مزدوري ڪرڻ جي ڪري، جيڪو هن ئي شهر ۾ ڪٿي مزدوري ڪندو هو، ۽ هر جمع جي رات ڳوٺ ايندو هو، ۽ کيس مزدوري مان بچايل ايترا پئسا ڏيئي ويندو هو، جو گهر جو چرخو ڇڪي تاڻي هلڻ لڳو هو.
جڏهن هي وٺ پڪڙ ۾ ڳوٺان نڪتا هئا ته هن جي کيسي ۾ پيل رومال ۾ ويڙهيل ويهين روپين جو نوٽ ئي هن جو ڪُل اثاثو هو. ”ويهن روپين مان ڇا ٿيندو؟“ هن سوچيو ”۽ سڀاڻي شهر ۾ ادلوءَ کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندس....“ پوءِ خيال آيس ته ادلو پاڻ هنن لاءِ پريشان هوندو ته ڪٿي آهن، کيس هنن جي لاءِ اُلڪي ته سمهڻ ئي نه ڏنو هوندو... ڇو ته کيس خبر پئجي ويئي هوندي ته سندس ڳوٺ ٻُڏي چڪو آهي... جنهن هنڌ تي اڳ سندن گهر هو... سايون ٻنيون هيون... چهچ ساوا وڻ هئا، اُتي هاڻ رڳو پاڻيءَ جي اڇ ئي اَڇ آهي...
هن سڄي رات پنهنجي پُٽ جي اُلڪي ۾ گذاري ۽ ٻي ڏينهن هو چاهيندي به ادلوءَ جي خبر چار وٺڻ جي لاءِ ڪيڏانهن وڃي نه سگهيو، جو کيس ڊپ هو ته ڪٿي ماڻهن جي وڌندڙ انبوهه ۾ سندس ننڍڙو ڪٽنب گم ٿي نه وڃي. اُهو سڄو ڏينهن هن وڻ جي هيٺان ويهي آس پاس ويٺل ٻين ٻوڏ ستايلن سان خبرون چارون ڪندي گذاريو. سندن ڪو به حال ڀائي نه هو، سڀني جي ڪٿا ساڳئي هئي، سڀني کي پيٽ ۽ پٺتي جي ڳڻتي ۽ نظر سامهون روڊ تي هئي، جتي ڪنهن ڪنهن مهل وڏيون گاڏيون بيهي ماڻهن ۾ کاڌي پيتي جو سامان ورهائڻ ٿي لڳيون، پر هن جي اوستائين پهچڻ کان اڳ، سڀ ختم ٿي ويو ٿي... شام ڌاري ڪٿان ڪو ڀت جي ديگ کڻي اچي هنن ۾ ورهائي ويو ۽ هنن جي پيٽ ۾ پوندڙ بک جي چڪن کان جند آجي ٿي.
ايئن ٻيو ڏينهن به گذري ويو... ڪو به سندن اوهي واهي نه ٿيو... بس منجهند ڌاري ڪجهه وڏين گاڏين وارا آيا ۽ هنن کي ڪجهه بسڪوٽن جا پاڪيٽ ۽ پاڻيءَ جون بوتلون ڏيئي، فوٽو ڪڍي... سندن مووي ڀريندا روانا ٿي ويا.
هاڻ بک هنن جي سهپ کان ٻاهر ٿي ويئي هئي. پنهنجي پوڙهي زال ۽ ننهن جي لٿل ۽ مايوس چهرن، هن جي اندر ۾ وڍ وجهڻ شروع ڪيا هئا. سندس پوٽي، جيڪا گهر ۾ سڄو ڏينهن ٺينگ ٺپا پيئي ڏيندي هئي، ايئن خاموش ۽ هر ايندڙ ويندڙ کي گهوري ڏسي رهي هئي، ڄڻ ڪنهن ٻي دنيا جي مخلوق هجي.
هن کان اهو سڀ ڪجهه ڏٺو نه ٿيو ۽ هي اُٿي روڊ تي آيو ۽ ماڻهن جي ان انبوهه ۾ شامل ٿي ويو، جيڪو سامان کڻي ايندڙ هر گاڏي تي رومڙ ڪري، ان کي چهٽي ٿي ويو، پر پنهنجن هيڻن هڏن سبب ڪجهه حاصل ڪري نه سگهيو هو ۽ هاڻ هو ٿڪي اچي رستي جي ڀر ۾ ويٺو هو ته هاڻ ڇا ڪري ۽ خالي هٿين ڪيئن وڃي؟
هڪ ڀيرو ٻيهر ماڻهن ۾ چر پر پيدا ٿي ۽ هوليرو مچي ويو. سامان سان ڀريل ٽرڪ کي سڀ ماڻهو ايئن ورائي ويا هئا، جيئن ڍونڍ تي ڳجهون حملو ڪنديون آهن. هن هڪ ٻن لمحن لاءِ انهن کي ڏٺو ۽ پوءِ منجهس ڪا از غيبي سگهه اچي ويئي ۽ هو ”متان ويا آهيو“ چئي ڊوڙندو وڃي ٽرڪ کي پهتو ۽ سامهون ايندڙ ٻن همراهن کي ايئن ڌڪا ڏيئي پري ڪيائين، جيئن جوانيءَ ۾ ڪوڏي ڪوڏي کيڏندي، سامهون واري کي کانچائڻ لاءِ اوچتو ڌڪ هڻبو آهي. ٻي گهڙي سامان سان ڀريل ٿيلهي هو پاڻ ڏانهن ڇڪڻ لڳو...
دڙو: 27 سيپٽمبر 2010ع