هڪ ڏينهن جو نوحو
هو سوچي ٿو. ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن هو هن آفيس ۾، هڪ ماهوار رسالي جو ايڊيٽر هو ته آفيس جو هر ماڻهو سندس اڳيان پويان پيو هلندو هو، نوان ۽ سيکڙاٽ اديب، پنهنجيون لکڻيون ڇپرائڻ لاءِ، هن جون تعريفون ڪندي نه ٿڪبا هئا. کيس چوندا هئا ته توهان جهڙو، محنتي ۽ ڄاڻو ماڻهو هن آفيس ۾ ٻيو ڪو آهي ئي ڪو نه! تنهنجي اچڻ سان رسالي کي چار چنڊ لڳي ويا آهن.
پر هاڻي آفيس جي هر شئي، آفيس جا پٽيوالا، آفيس ۾ ساڻس ڪم ڪندڙ ٻيا دوست، هن لاءِ اجنبي ۽ هو انهن لاءِ اجنبي بنجي چڪو هو. جڏهن هو نوڪريءَ مان نڪرڻ کان هفتو پوءِ پنهنجي رهيل پگهار وٺڻ آفيس ويو ته آفيس جي در تي پٽيوالي کيس اهي لفظ چيا ۽ هو در تي ئي بيهي رهيو. ڪي گهڙيون ته بيٺو رهيو. پوءِ پٽيوالي کي چيائين، ”صاحب کي چئو ته همير آيو آهي، سندس رهيل پگهار کيس ملندي يا نه....!“
پر پٽيوالو سندس اها ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري، در تي بيٺل ٻي همراهه سان ڳالهائيندو رهيو.
ڪجهه گهڙيون ته هو بيٺو رهيو. هن وري به پٽيوالي کي چيو، پر ڪو به کڙ تيل نه نڪتو. ايتري ۾ اڪائونٽنٽ ايندو ڏٺائين، هن کيس پنهنجي رهيل پگهار جو چيو، پر هن به سندس ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي.
”ڇا ڪيان.....!؟“ هو پٽيوالي ۽ اڪائونٽنٽ جي رويي تي سوچي ٿو. ”ڇڏي ڏيان.....ٻن هزارن کي ڪير ٿو پُڇي....!“ پر گهڙي کن کان پوءِ وري خيال ٿو اچيس. ”بي روزگاريءَ جي حالت ۾ ٻه هزار ڇڏڻ پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻڻ جي برابر آهي...!“
اهو سوچي هو ٻاهر اُس ۾ پيل ڪرسيءَ تي وڃي ويهي ٿو. گهڙي کن کان پوءِ، آفيس جو هڪ ٻيو ملازم جيڪو آفيس پئي ويو، کيس ٻاهر ويٺل ڏسي، وڌي اچي ساڻس ملي ٿو ۽ کانئس حال احوال وٺِ ٿو.
”يار حڪيم! اندر وڃين ٿو نه....جي رسول بخش هجي ته کيس ٻاهر موڪل......چئينس همير آيو آهي...“
”ٻيو ڪم هجي ته حاضر آهيان.“
”نه بس! رڳ رسول بخش کي موڪل!“
ٿوري دير کان پوءِ رسول بخش اچي ٿو. ڏاڍي حب ۽ اڪير مان ساڻس ملي ٿو. ”ڇو همير! هتي ٻاهر ويٺو آهين؟.“ هو پڇيس ٿو.
”بس يار ائين ئي سيءَ هو. سو هتي اُس ۾ ويهي رهيس.“
”ٻيو ته خير آهي نه، پگهار ورتئي...!“
”نه يار! ان لاءِ ته آيو آهيان.....مهرباني ڪري صاحب کان پڇي ته ٻڌاءِ....“
”ها، هڪ منٽ ترس! اجهو ٿو پڇي اچان!“
ائين چئي رسول بخش اندر وڃي ٿو. سوچي ٿو ماڻهن جي روين تي. ڪلهه تائين اهو پٽيوالو ۽ اڪائونٽنٽ سندس اڳيان پويان پيا ڦرندا هئا، ۽ اڄ هڪ خسيس ڪم لاءِ ڄڻ ليلائي پيو. کيس ياد آيو ته غير سنڌي رفيق پٽيوالي جي جڏهن زال بيمار ٿي هئي ته رفيق کانئس ڪجهه پئسا اُڌارا گهريا، ته هن پنهنجو سڄُو پگهار. کيس ڏيئي ڇڏيو هو. ان ڳالهه کي هڪ سال اچي ٿيو آهي. پر نه هن پاڻ پئسا واپس ڪرڻ جي ڪئي ۽ نه وري هن کيس واپس ڏيڻ لاءِ چيو. هو هر مهيني پگهار وارن ڏينهن تي کانئس اهي پئسا گهرڻ لاءِ سوچيندو هو، پر وري اهو سوچي نه گهرندو هوس ته، غريب آهي، شايد ڏيئي نه سگهي....ڀلا هن جي زور ڀرڻ تي ڏي به کڻي، ته پوءِ هن جو گذران ڪيئن ٿيندو...ٻن هزارن جي ڳالهه آهي. ڏکيو سکيو وقت پيو گذرندو، ڪنهن کي تنگ ڪرڻ ٺيڪ ڪونهي. اڄ اُن ساڳئي رفيق پٽيوالي جو رويو ڏسي، کيس سخت ڌچڪو لڳو. کيس پنهنجي دوست هالار جا اهي لفظ ياد آيا، جيڪي هن کيس نوڪري تان برطرف ٿيڻ کان پوءِ هڪ هوٽل تي چانهه پيئندي چيا هئا. ”همير! توکي پنهنجي اصل حيثيت جي خبر هاڻي پوندي. جو بيٺل جو هر ڪو آهي. پر ڪريل جو ڪير به ڪونهي.“
”همير! هليا اندر اچ!“ رسول بخش کيس سڏي ٿو. ڪريمي صاحب چوي ٿو، ته، ”ٿورو انتظار ڪيو. هيڊ آفيس مان پگهار گهرائي ٿو ڏيانءِ....!“
۽ هو ٻئي مٿي وڃي ويهن ٿا. ٿوري دير کان پوءِ رسول بخش کانئس گهڻي ڪم هئڻ جو چئي، موڪلائي ٿو ۽ هو اتي پيل اخبارون ڏسڻ لڳي ٿو.
ڪجهه دير کانپوءِ هو اخبارون ڇڏي، اکيون پوري ڪرسيءَ تي آهلجي پوي ٿو ۽ هن جي ذهن جي اسڪرين تي آفيس ۾ گذاريل اڍائي سالن جي يادن جي ريل هلڻ شروع ٿئي ٿي.
سندس ڪجهه لکڻيون، جيڪي رسول بخش پنهنجي رسالي ۾ ڇپيون هيون. پڙهندڙ، کي ايترو ته وڻيون، جو ڪريمي صاحب رسول بخش کي سندس ڳوٺ موڪلي کيس گهرائي پنهنجي اداري جي هڪ مئگزين جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چيو ۽ رسول بخش تي اهم ڪم رکيائين ته هو کيس هر حال ۾ بورڊ ۾شامل ٿيڻ لاءِ راضي ڪري. جنهن ۾ پوءِ هو رسول بخش سان صلاح ڪري، ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ شامل ٿيو هو. پوءِ هو ڏينهن رات محنت ڪندو رهيو. کيس اداري جي مختلف رسالن ۽ اخبارن جي صفحن جون ذميواريون ڏنيون ويون، جيڪي هو ڪاميابيءَ سان نڀائيندو رهيو. نيٺ گذريل مهيني کيس ايڊيٽر جي عهدي تي ترقي ڏني ويئي، جيڪا ڳالهه هن اداري ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن لاءِ حيرت جو باعث هئي، ۽ هو اهو سوچي به نه ٿي سگهيا.
پر هو هڪ آدرشي ۽ فقيرتن ماڻهو هو، عهدا هن جي نظر ۾ اچڻا وڃڻا هئا. هن وٽ عهدن جي ڪا به اهميت نه هئي، پر سندس اڳيان اصل اهميت انساني جذبن جي هئي. هن عهدي جي آڌار تي ڪنهن جا جذبا قتل ڪرڻ نه ٿي چاهيا. ان حد تائين جو هو پنهنجي نائب کي رڳو ان ڪري ڪو ڪم نه وٺندو هو. جو هن کي سزا طور بدلي ڪري سندس هيٺان رکيو ويو هو ۽ هو ان سزا سان سهمت نه هو. ۽ هو فل فليج هوندي به هر ڳالهه ۾ پنهنجي نائب نثار جي گهڻي رکندو هو ۽ پنهنجا فيصلا بدلائي نائب جي فيصلن کي اهميت ڏيندو هو. رڳو ان ڪري ته هن پنهنجي نائب جي ان احساس کي ختم ڪرڻ ٿي چاهيو ته سندس ڪا به اهميت ڪونهي ۽ وڏي ڳالهه ته هو جذبن جي قتل جو قائل نه هو. هن جي نظر ۾ جذبن جو قتل ”مهاپاپ“ هو. کيس خبر هئي ته، جذبا قتل ٿي وڃڻ کان پوءِ ماڻهو ماڻهپي ۾ نه رهندو آهي.
پنهنجي نائب سان اهو رويو ڏسي سندس دوست کيس ٽوڪيندا هئا. ته تنهنجو نائب نثار دوستي جي روپ ۾ ڪارو نانگ اٿئي، وجهه ملندس ته ڏنگي وجهندئي ۽ کيس نائب جي ڪيترين ئي حرڪتن جا مثال به ڏنائون. پر هو اهو چئي دوستن کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته ”ٺيڪ آهي، هو ڇا به آهي، سندس ذهنيت ڪيتري به سازشي ڇو نه هجي، پر هو هن جو نائب آهي ۽ نائب کي تنگ ڪرڻ يا اهميت نه ڏيڻ سندس اصولن جي ابتڙ آهي.“
جنهن ڏينهن هن چارج ڇڏي ته اول هو پنهنجي نائب کي ڪرسي ڏني ۽ پوءِ ٻيو سامان سندس حوالي ڪيو. هن ڏٺو ته هو من ۾ ڏاڍو سرهو هو ۽ هو به نائب جي، جيڪو هاڻ سندس جاءِ تي انچارج هو. تنهن جي خوشيءَ تي خوش هو. جو هن جي نوڪري وڃڻ سان ڪنهن جي اندر جي خواهش پوري ٿي ۽ سندس خوشي نکرجي پئي هئي. اها خوشي هن کي سڪون بخشي رهي هئي. هفتو اڳ جڏهن هڪ مضمون لکڻ ۽ ڇپڻ جي ڏوهه ۾ آمريتي سرڪار جي سخت اعتراض تي، کيس بنا ڪنهن نوٽيس جي ڪڍيو ويو ۽ چارج وٺڻ مهل سندس نائب نثار کانئس پڇيو هو. ”همير صاحب! ڀلا ڊائريڪٽر صاحب سان ملاقات ۾ وري اچڻ جو ڪو آسرو مليو يا نه....“ هن سوال تي نائب ڏانهن ڏٺو. جڏهن هن جون اکيون پنهنجي نائب جي اکين سان مليون ته هو ان سوال جي تهه تائين پهچي ويو ۽ کلندي وراڻيو هئائين. ”ها! هڪ مدو مقرر ڪيو اٿن، تنهن کان پوءِ وري موٽي اچبو.....جيسين گوڙ ختم ٿئي.“
هن ڏٺو ته سندس ان جواب تي نائب جو ٻهڪندڙ منهن هڪدم ڪومائجي ويو ۽ هن کي بيحد ڏک ٿيو. جو هن جو جواب، نائب جي اندر ۾ ٻرندڙ خوشيءَ جي ديپن کي، ڦوڪ ڏيئي اجهائي ڇڏيو هو.
هن جي ذهن جي اسڪرين تي هلندڙ فلم جو هڪ ٻيو پارٽ شروع ٿيو. جڏهن نثار ۽ ابرار گڏجي مرتضيٰ کي نوڪريءَ مان ڪڍرائڻ يا کيس ٻي شعبي ۾ بدلي ڪرائڻ جي رٿا رٿي هئي. ۽ مرتضي جي ڪم کان ناڪام قرار ڏيئي، هو ٻئي صاحب وٽ پنهنجو منصوبو کڻي ويا هئا ته کين مرتضيٰ وارو پراجيڪٽ ڏنو وڃي. صاحب بس ٻڌندو ئي رهيو ۽ معاملي جي تهه تائين پهچي، کين سوچڻ جو چئي ٽاري ڇڏيو هئائين.
پوءِ هنن ٻنهي ساڻس رابطو ڪيو ۽ کيس چيو ته هو ان معاملي ۾ هنن جو ساٿ ڏئي جيئن هو مرتضيٰ کان اهو پراجيڪٽ کسي سگهن.....کيس اهو به ياد ڏياريائون ته مرتضيٰ سندس دوست هالار کي نوڪريءَ مان ڪڍائي، پنهنجي دوست بخاريءَ کي ان جي جاءِ تي رکايو هو.
پهرين ته هو ساڻن ساٿ ڏيڻ تي راضي ٿي ويو هو، پر پوءِ سوچيائين، ”جيڪڏهن آئون رڳو ان ڪري هنن جو ساٿ ڏيان، جو مرتضيٰ منهنجي دوست هالار کي نوڪريءَ مان ڪڍرايو آهي.....اهو ته ذاتي بدلو ٿيندو. پر مجموعي طرح ڏٺو وڃي ته نثار کان وڌيڪ مرتضيٰ اهو پراجيڪٽ هلائڻ جي اهل هو ۽ هو ڪنهن اهل ماڻهو کي ڪڍرائڻ جي سازش ۾ ڪنهن نا اهل ماڻهوءَ سان شامل ٿئي، اهو عمل اخلاقي لحاظ کان غلط هو. ڪاغذن ۾ پلان ٺاهڻ ۽ ان کي عملي طرح پورو ڪرڻ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي....۽ ٻيو ته نثار جنهن پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي. اهو اداري جي سڀني پراجيڪٽن کان وڌيڪ ناڪام وڃي رهيو آهي.....۽ هو پنهنجي ناڪاميءَ کي لڪائڻ لاءِ ٻي جي ڪاميابيءَ سان هلندڙ پراجيڪٽ تي راتا هو هڻڻ ٿو گهري، سو به، پنهنجي روايتي سازشي طبيعت جي آڌار تي....۽ هو ٻئي سندس ڪلهي تي بندوق رکي هلائڻ ٿا چاهين....۽ پوءِ هن ساڻن شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ هنن ٻنهي جي منهن لهي ويا هئا.
ڪجهه وقت کان پوءِ هن جو اندازو صحيح ثابت ٿيو. نثار کي، سندس پراجيڪٽ کي ناڪام قرار ڏيئي. ان پراجيڪٽ تان هٽائي، سندس نائب مقرر ڪيو ويو ۽ هن کي ترقي ڏيئي ايڊيٽر ڪيو ويو.
ڏاڪڻ تي ڪنهن جي چڙهڻ جي آواز، سندس ذهن جي اسڪرين تي هلندڙ فلم کي اڌ ۾ ڪٽي ڇڏيو. هو سامهون در ڏانهن نهاري ٿو. شايد پٽيوالو پگهار کڻي پيو اچي، پر در کلڻ سان کيس پنهنجي نائب نثار جو چهرو نظر آيو، جيڪو هاڻ سندس جاءِ تي مقرر هو.
”هيلو همير صاحب! ڪهڙا حال اٿو!“ هن کي اتي ويٺل ڏسي نثار توائيءَ مان پڇي ٿو.
”بس ٺيڪ آهيان!“ هو جواب ڏيڻ سان گڏ اٿي بيهي ساڻس هٿ ملائي ٿو ۽ گڏوگڏ هن جي چهري جا تاثرات پڙهڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. جنهن انداز سان ڏاڪڻ تي پيرن جي ٿڦ ٿڦ پي ٿي، ان مان لڳو ٿي ته هو بيحد خوشيءَ مان مٿي اچي رهيو هو ۽ هينئر هن جي منهن مان ڳوٺ ئي لڏي ويو هو. ”نثار صاحب آئون پنهنجو رهيل پگهار وٺڻ آيو آهيان.“ هن چيو ۽ ڏٺائين ته نثار جي منهن جي رونق موٽڻ شروع ڪيو.
”وقت ڪيئن پيو گذري.“
”تنهنجي دعا آهي. “
”صاحب سان ملاقات ٿي يا اوهانجي واپسي جو ڪو آسرو.؟“ نثار پڇيس ٿو. پهرين سوچي ٿو ته وراڻيانس، بس هفتي کانپوءِ ٻيهر اچان پيو پر وري سوچي ٿو ته ان سان هن جي منهن مان ٻيهر ڳوٺ لڏي ويندو. هو چويس ٿو: ”نه في الحال ان موضوع تي ڪچهري نه ٿي.“
پوءِ خاموشي ڇائنجي وڃي ٿي، هو نثار ڏانهن ڏسي ٿو جيڪو ميز جو خانو کولي رهيو هو. هن محسوس ڪيو ته هٿ هن جو ساٿ نه پيو ڏي. هو اتان نظرون هٽائي دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ ٿو لڳي ۽ ڪافي دير ڏسندو رهيو، ان وچ ۾ هن محسوس ڪيو ته نثار هر ٻي گهڙي، هن ڏانهن چور نظرن سان ٿي ڏٺو.
ٻاهر نهاري جڏهن ٿڪجي ٿو ته هو نثار کي چئي ٿو ”يار نثار پٽيوالي کي گهراءِ ۽ چوينس ته صاحب کان پڇي ته منهنجي پگهار جو ڇا ٿيو؟“
”ها ها.......ڇو نه!“ ائين چئي نثار هٿ وڌائي گهنٽي وڄائي. گهڙي کن کانپوءِ رفيق پٽيوالو آيو.
”رفيق چاچا!.....صاحب کان پڇو ته همير صاحب جي پگهار جو ڇا ٿيو؟“ نثار چويس ٿو.
”حاضر صاحب....!“ ائين چئي پٽيوالو هليو ٿو وڃي ۽ هو وري دري کان ٻاهر ڏسڻ ٿو لڳي......۽ ائين هو ڪافي دير تائين دري کان ٻاهر ڏسندو رهيو. سندس ذهن خالي ٿو ۽ سندس نظرون سامهون مسجد جي منارن تي کتل هيون.
”ڪافي دير ٿي ويئي آهي.....ڪو جواب ئي نه مليو آهي.“ هو ڀڻڪي ٿو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ ٿو لڳي.”هن آفيس ۾ ڪافي يار دوست آهن ۽ هن وقت سڀ موجود هوندا، ڪو ته اچي کانئس حال احوال وٺي ها....کانئس پڇي ها ته همير هاڻ ڇا پيو ڪرين.....ڪهڙا حال اٿئي.....رسول بخش کي به ٻه ڪلاڪ ٿيا آهن هيٺ ويندي.......متان هو اهو سوچي نه آيو هجي ته ايتري دير ۾ همير پگهار وٺي هليو ويو هوندو.“ سوچون هن جي ذهن جي ڪئنواس تي اچڻ ۽ وڃڻ لڳن ٿيون، هو وري نثار ڏانهن ڏسي ٿو ۽ کيس ٻيهر گهنٽي وڄائي پٽيوالي کي گهرائڻ لاءِ چوي ٿو.
”رفيق چاچا......صاحب کان پڇ ته منهنجي پگهار جو ڇا ٿيو؟ ۽ ها رسول بخش ۽ يعقوب کي مون ڏانهن موڪلج!“ هو گهنٽي جي آواز تي آيل پٽيوالي کي چئي ٿو، ”ها صاحب....!“ چئي پٽيوالو ويو ته هو وري دري کان ٻاهر ڏسڻ ٿو لڳي.....هو نثار جي بدليل رويي تي سوچڻ ٿو لڳي. اڳ ته جيتري دير ويٺا هوندا هئاسين، هو هروڀرو مونسان ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي ڳالهائيندو رهندو هو، پر اڄ الائجي ڇو ايترو بدلجي ويو آهي، کيس شايد ڊپ آهي ته متان آئون ٻيهر موٽي نه اچان، هن سوچيو ته کيس ٻڌايان ته في الحال منهنجي اچڻ جا ڪي به امڪان نه آهن ۽ تون دل لڳائي ڪم ڪر. پر هو چئي نه سگهيو ”همير صاحب! مون رسول بخش کي چيو آهي ۽ هو معلوم ڪرڻ صاحب ڏانهن ويو آهي....باقي يعقوب صاحب چوي ٿو ته ڪو ڪم هجي ته ٻڌائي واندو نه آهيان.....“ پٽيوالي مٿي ايندي چيو.
”ٺيڪ آهي!“ هو وراڻي ٿو. يعقوب جي نه اچڻ ڄڻ کيس ابتي لپاٽ وهائي ڪڍي هجي. هو سڄو وسامي وڃي ٿو......خواهه مخواهه يعقوب کي سڏايم.....کيس خبر هئي ته آئون آيل آهيان. جي اچڻو هجيس ها ته پاڻهي اچي ها.....خواهه مخواهه نثار جي سامهون بي عزتي ٿيم. هو سوچي ٿو.
”همير گهڙي کن ويهه بس اجهو همراهه پئسا کڻي ٿو اچي.“ رسول بخش در مان منهن ڪڍي چئي وري هليو ٿو وڃي. هو وري به نثار ڏانهن ڏسڻ لڳو، جنهن جي اندر جي آنڌ مانڌ ۽ هورا کورا سندس منهن مان پڌري هئي. هو هر هر خانو کولي ۽ بند ڪري رهيو هو. من ۾ اچيس ٿو هليو وڃان.......ڇڏ کڻي ٻن هزارن کي.....خواهه مخواهه منهنجي ڪري همراهه جو ساهه ئي سُڪو پيو آهي.. وري ٻي گهڙي کيس بي روزگاريءَ جي رڃ ياد ٿي اچي ۽ هو اهو خيال ذهن مان ڪڍي ٿو ڇڏي.
”اچو همير صاحب هيٺ پگهار وٺو!“ پٽيوالو در کولي کيس چئي ٿو ۽ هو جهڙپ ڏيئي ٿيلهي کڻي اٿي ٿو ۽ بنا ڪجهه ڪڇڻ پڇڻ جي هيٺ وڃي ٿو ۽ صاحب جي روم جو در کولي اندر گهڙي ٿو. کيس ڪريمي صاحب باٿ روم جو در کولي اندر ويندو نظر آيو. هو هلندو ڊگهي ميز جي سامهون بيهي ٿو. هڪ پاسي اڪائونٽنٽ ۽ ٻي پاسي صاحب جو پي اي ويٺو هو. ٻنهي مان ڪنهن هڪ اک کڻي به هن ڏانهن نه ڏو. هن کي ايندو ڏسي اڪائونٽنٽ پي اي کان پڇي ٿو. ”همير صاحب جا گهڻا ڏينهن آهن.؟“
”28 ڏينهن!“ پي اي ڪنڌ کڻڻ کان سواءِ وراڻي ٿو.
”ٻن ڏينهن جو پگهار ڪٽبو!“ اڪائونٽنٽ ڀڻڪي ٿو. هو ڪابه ورندي نه ٿو ڏي.
اڪائونٽنٽ ٿوري دير ڪلڪيوليٽر تي حساب ڪندو رهيو ۽ پوءِ ٿيلهي مان پگهار ڪڍي ٻن ڏينهن جو ڪٽي کيس ڏيئي ٽڪلي تي صحيح ڪرڻ لاءِ چوي ٿو. هو صحيح ڪري در کولي ٻاهر نڪرڻ لڳو ته اوڏي مهل باٿ روم جو در کليو ۽ کيس ڪريمي صاحب اتان نڪري ڪرسيءَ طرف ويندو نظر آيو.
هو هوريان هوريان ڪنهن کان موڪلائڻ کانسواءِ هلندو آفيس کان ٻاهر نڪتو، سندس ذهن ۾ رفيق پٽيوالي جا لفظ ٻري رهيا هئا،” توهان کي آفيس جي قاعدن جي ته خبر آهي....هاڻ توهان آفيس لاءِ اجنبي بنجي چڪا آهيو.“
***