ڀاڳ جو ڀونڊو
”ڪڪو! تو وارو صاحب ڪيئن آهي....اڄڪلهه ته ڏاڍو مصروف هوندو.....پاڻي به اچي ويو آهي.“
”صاحب ٺيڪ آهي.....رات ڏينهن رَئي پئي پوي...سڄي رات ٿا هلون....پاڻيءَ جي چوري بند ڪرائڻ لاءِ صاحب وڏي ڪوشش ٿو ڪري.... دڙڪو داٻ....منٿ ميڙ.....ننڍا ته خير داٻي ۾ اچيو وڃن، پر صاحب، وڏا زميندار ته اهڙيون ٿا اکيون ڦوٽارين....جو صاحب....سچ پڇو ته ايس.ڊي.اي صاحب جو ساهه مُٺ ۾ هوندو آهي....فون مٿان فون....فلاڻي رئيس جي.....فلاڻي وڏيري جي.....فلاڻي ناظم جي پارت.....صاحب!“
”ڀلا ڪڪو! تو وارو ايس.ڊي. او صاحب، اسان وارين زمينن ڏانهن ته ڪو نه ٿو وڃي نه....ڪجهه ڪَٽون اسانجون به لڳل آهن.“
”نه صاحب! اوهانجي زمينن ڏانهن ڪيئن لڙندو....مونکي رڳو چئي ڏسي....گاڏيءَ سميت بئراج ۾ نه ٻوڙي ماريانس ته صاحب منهنجو نالو به ڪڪو ڪونهي. پپو صاحب! هونئن به ايس.ڊي.او صاحب اوهانجي بابا.....وڏي صاحب جو گهڻو لحاظ ڪندو آهي، وڏو صاحب جڏهن چيف هو ته اسان واري ايس.ڊي. اي کي انڪوائريءَ مان ڪيئن نه آجو ڪرائي واپس پوسٽنگ ڪرائي هئائينس....صاحب، آئون اکين ڏٺو شاهد آهيان...“
”ڪڪو! اها گهڻي جي گهوٻي هئي.....جنهن مان بابا کيس بچايو هو....“
”پپو صاحب! هزار ٻن جي هجي ها ته ڪر ڳالهه ئي ٻي هئي.....پورن ٽيهن لکن جي هئي....بند تي روڙي وجهڻي هئي. پر ايس.ڊي. اي صاحب......هي.....هي....هي پپو صاحب ڇا ٻڌايانوَ....سڀ ڪوڙا بل ٺاهي.....ٻه ٽي ٽرڪون وجهرائي......ويو....هي هي هي.......پپو صاحب جي رڳو ڏهه لک روپيا بند تي خرچ ڪري ها ته به بچاءُ ٿي وڃي ها....پوءِ ته پپو صاحب بند به اتان ٽٽو.....سورجاڻيءَ وٽان....ماڻهن جو الهه تلهو......مال، وجهو ڍور، ڍڳا.....ٻنيون ٻارا.....سڀ لڙهي ويا.....ڪيترن جا ته لاش به ڪو نه مليا......روئي پٽي ماٺ ڪري ويهي رهيا.....ڪنهن کي دانهن ڏين.....صاحب، بس صاحبن کي ڇا چئجي......ڪروڙن جو نقصان ٿيو....“
”ڪڪو! مون ته ٻڌو هو ته اهو گهارو ئي تو واري صاحب وجهرايو هو، هٿ وٺي، جيئن سندس گهوٻيءَ جي خبر پئجي نه سگهي....“
”صاحب! اهي ڳالهيون به ٿين ٿيون....پوءِ انڪوائري به ٿي.....ٿيو ڪجهه به ڪو نه.......ماڻهو ويچارا مفت ۾ تباهه ٿي ويا....صاحب ٿورو خرچ ٿئي ها....روڻيون بند ڪجن ها ته ڪر صاحب....مسڪين ڪو نه ٻُڏن ها...“
”ڪڪو! اهي رمزون تنهنجي سمجهڻ جون ناهن.....صاحبن جون به ضرورتون آهن.....تو واري ايس.ڊي.اي جي انهيءَ قرباني گهڻن جا گهر ڀريا.....پوءِ فلڊ جا ۽ بند واسطي پورا ٻارنهن ڪروڙ آيا هئا.....وارا نيارا ٿي ويا هئا.....“
”صاحب صحيح ٿو چوين........! خدا وڌايئي.....لکڻ ۾ کيڏين......موجون ڪرين........صاحب ڀلا اڃا ڪرڪيٽ کيڏو......واهه جا ڇڪا هڻندا هئا.......بال اصل گرائونڊ کان ٻاهر.....ڳولهيو نه لڀندو هو.....صاحب، اوهان ٻاهر به ويا هئا نه ڪرڪيٽ کيڏڻ....“
”ها ڪڪو! انگلينڊ ويو هئس.....پر هاڻ زمينون پيو سنڀاليان.....بابا جي رٽائرمينٽ کانپوءِ زمينون منهنجي حوالي آهن.....ڪرڪيٽ جو شوق بس هاڻ شوق ئي آهي.“
”واهه صاحب واهه! هيستائين ته اوهين پاڪستان جي وڏي ٽيم ۾ ضرور چونڊجي وڃون ها......پر صاحب اهو به صحيح.......زمينون به اوهانجون........ٻيو ڪير سنڀالي ها........ها صاحب..........وڏو صاحب ته هاڻ خوش آهي نه......“
”ڪڪو ڀلا اهو سين ياد اٿئي.......گرائونڊ مان کڻي بنگلي تي پهچائڻ جو........“
”هي هي هي.....پپو صاحب! ڪهڙيون ٿا ڳالهيون ياد ڏياريو.......بس اوهانجي اشاري جي دير هئي.......ڇوريءَ کي ٻانهن مان جهلي کڻي پوئين سيٽ تي سٽيم ۽ پوءِ.......هئي اوهانجي ڪڇ ۾..........سڀ ڏسندا رهجي ويا.........سڙي پچي ويا.........هي هي هي.“
”ڀلا تو وارو ايس.ڊي.او ڪيئن آهي.......مال ٻال مليس ٿو يا نه ڪڪو؟“
”صاحب! هڪ ڀيري چيائين ته ڪا هٿ ڪري ڏي.......بس پوءِ صاحب اهڙي ته رهڙ پٽي مانس جو بس......چيومانس ڪو ڀڙوو آهيان ڇا.........ڪو بي غيرت آهيان ڇا.......وري ڪو نه چيائين.“
”ڀلا! ڪڪو تون اهو پاڻ کي بُجو ڪيئن ڏيندو هئين؟“
”هي هي.......صاحب....هاڻ ته هٿ ئي ڪو نه ٿا ورن.........او هيئن (هو ڀونڊو گهروڙي پنهنجي منهن تي رکي ٿو) هو هو هو...“
”ائين نه.........ڪڪو........سڄو...“
”ها صاحب!.....(هو پنجئي آڱريون کولي منهن تي ٿو رکي ۽ صاحب کلڻ ٿو لڳي....) صاحب ائين منهنجو ڦوٽو به نڪتل آهي...“
”ڀلا انهيءَ فرمائش تي ناراض ته ڪو نه ٿينءَ نه....!؟“
”صاحب! ناراض ڇو ٿيان......ها صاحب.......اهي ته اسانجي ڀاڳ جا ڀونڊا آهن جيڪي سڄو ڏينهن ٿا اسانکي ملن.......پوءِ جي اوهان صاحبن جي دل خوش ڪئيسين ته ڇا ٿي پيو.....ها صاحب!“
”ڀلا جڏهن ڊاڪٽر وٽ ڪراچيءَ ۾ هئين........تڏهن هو توکي ڪيئن تنگ ڪندو هو.“
”اڙي پپو صاحب! ڪهڙيون ٿا پراڻيون خبرون پڇو......کڻي ڇڏيو...“
”نه نه ڪڪو ٻڌاء!“ِ
”ڇا ٻڌايان......آئون ڊرائيور ماڻهو.....ڊاڪٽر صاحب وڏو ڪنجوس.....سو ٻيو ڪو نوڪر رکڻ بدران ٿانو به مون کان ڌئاريندو هو. صفائي به سڄي گهر جي مون کان ڪرائي......ٻاهرين ڊوڙ ڊڪ به آئون ڪريان.....اصل ڇتو ڪري ڇڏيائين......ڏيندو وري هڪ روپيو به خرچي ڪو نه هو....صاحب وڏو آيو ته مون کڻي ليسن کولي اڳيان رکيومانس ته صاحب ڏسو هن ۾ ڇا لکيل آهي......هن ۾ ڊرائيور لکيل آهي يا ڀنگي ۽ بورچي....“
”پوءِ صاحب ڇا چيو....“
”پپو صاحب! صاحب وڏو وري ڇا چوندو........سڄي ڳالهه ٻڌي کلي کڻي ماٺ ڪيائين ۽ ڪڍي ٻه سؤ روپيا خرچي ڏنائين.“
”ها تو ڊاڪٽر کي گاڏي ڪيئن سيکاري هئي....“
”ڏسو نه صاحب! ڊاڪٽر صاحب هوندو هو صفا ڦونڊ ۾.......چيائين ڪڪو گاڏي سيکار......سو سيکاري مانس....“
”اهو ايڪسيڊنٽ ڪيئن ٿيو هو؟“
”بس صاحب! وري ڇا ڪيائين جو رش ۾ گاڏي وٺي هلائڻ لڳو......مون گهڻي ئي منع ڪئي مانس، پر نه مڃيائين ۽ چوڻ لڳو هاڻ هٿ جو پڪو ٿي ويو آهيان، پوءِ هڪ موڙ مڙندي.....مٿو ويس ڦري ۽ ٺڪا وڃي اڳيان ويندڙ گاڏي جي پويان هنيائين........ٺا......هي هي هي....“
”پوءِ ڇا ٿيو؟“
”پپو صاحب! ڇا وري ڇا ٿيو! اصل گيسي ڪري جند ڇڏائيسين....ٻه هزار ڪڙڪ ڪڙڪ ٻيا ڀرياسين.....صاحب! سچ ته اندر ئي ٺري ويم.....مرچوٽ کي وڏي مار ملي، سا به پئسي جي.....باقي ڊاڪٽر، سو ته هفتو کن ڦوڪيو وتيو.....منهنجو ته ڏوهه ڪو نه هو......واهه جو مزو آيو......“
”ڪڪو! ڀلا ڀونڊو وري ڏيئي ڏيکار....“
”صاحب! مونکي دير پئي ٿئي.....ايس.ڊي.او صاحب انتظار ڪندو هوندو....خرچي ڏيو ته وڃان....!“
”پئسا کليا ڪونهن ڪڪو.“
”گهڻا آهن صاحب!“
”پنج هزار روپيا.“
”پنج هزار روپيا....نوٽ آهي؟.“
”هائو...“
”ڏيو ته کليو ڪرائي اچان.“
”کليو نه ٿيندو!“
”پوءِ صاحب! ڪجهه ته ڏيو صفا خالي هٿين ته نه ڇڏيو.“
”ترس ڀلا ڏسان....ها.....سؤ روپيا آهن.“
”صاحب خدا وڌائيندو! سدا سکيا هوندؤ.“
”ها، پر ائين ڪو نه ملندئي....“
”پوءِ ڪيئن ڀلا صاحب!“
”ڏهه روپيا في ڀونڊو.......ڀاڳ جو ڀونڊو.“
”ٺيڪ آهي صاحب! هي ڏسو....(هو بُجو کولي پنهنجي منهن تي رکي ٿو ۽ ڳڻڻ ٿو لڳي.) هڪ ٻه ٽي چار....“
27 جولاءِ 2002ع